پرديس ۾ ديس واريون محبتون
آمريڪا يا ڪيناڊا جهڙي مصروف ترين ملڪ ۾ سڀ کان مهانگو ۽ اهم ترين ڪنهن دوست لاءِ وقت ڏيڻ هوندو آهي. الحمدلله مان ان خوش نصيب ماڻهن مان هڪ آهيان، جنهن لاءِ منهنجي دوستن مون کي پنهنجو قيمتي وقت ڏنو، جنهن لاءِ الله سائين جو جيترو احسان ڳائجي اهو تمام گهٽ آهي. سائين احسان الله ميمڻ صاحب سان جيترا ڏينهن مان اتي رهيس، ڏينهن رات پنهنجا سڀ ڌنڌا ڌڙا ڇڏي دل و جان سان گڏ رهيو. جيڪڏهن احسان صاحب جهڙو قربدار دوست نه هجي ها ته شايد ته ڇا پر يقيني طور مان ايتريون جايون فلوريڊا رياست جون ڏسي ڪونه سگهان ها، جنهن لاءِ مان احسان صاحب ۽ انجي دوستن جو خاص ڪري سائين رحيم بخش ميمڻ صاحب ۽ سائين جي هردلعزيز ۽ سٻاجهڙي ڀاڻيجي سائين نور صاحب جن جو شڪرگذار آهيان، جن مون کي پرديس هجڻ جو احساس به ڏيڻ ڪونه ڏنو.
سائين مبين جماڻي صاحب جو مان انتهائي شڪرگذار آهيان، جنهن منهنجي لاءِ پنهنجي طرفان اورلينڊو ۾ رهڻ لاءِ بندوبست ڪرائي ڇڏيو هيو. سائين جماڻي صاحب جيڪڏهن اتي هجي ها ته مان ضرور وڃي سندس قدم بوسي ڪيان ها ۽ اتي رهڻ ۾ لطف اچي ها. ان شاءَ الله ٻئي دفعي جڏهن وڃڻ ٿيو ته ضرور جماڻي صاحب جي خدمت ۾ پيش پئبو.
اڄ اسان جمعي جي نماز سنفرڊ (Sanford) جي هڪ مسجد ۾ ادا ڪئي، جيڪا مون کي خوبصورت ڳالهه لڳي اها هئي ته سڀ مسلڪ جا ماڻهو هڪ ئي صف ۾ پيش امام جي پويان پنهنجي پنهنجي مسلڪ مطابق فرض ادا پيو ڪري. خطبي ۾ مولوي صاحب اسلام جي عين روح مطابق سڀ کان ڀاري ۽ وزندار عمل يعني اخلاقيات متعلق زور پيو ڏئي، جنهن شيءِ جي امت مسلمه کي تمام سخت ضرورت آهي. پاڪستان جا مولوي صاحبان ان نُڪتي ڏانهن ڪڏهن به ڌيان ڪونه ڏيندا آهن، جنهن ڪري اسانجي قول ۽ فعل ۾ تضاد هوندو آهي.
نماز کان جڏهن فارغ ٿي ٻاهر نڪتاسين ته ڪائونٽي جي طرفان هڪ پوليس وارو ٽريفڪ ۽ هڪ سيڪيورٽي لاءِ مقرر ٿيل هيا، جن جي ذميواري هئي ته اهي نماز جي وقت سيڪيورٽي جو خيال رکن ۽ نماز کان بعد مسجد مان فارغ ٿي واپس ويندڙن لاءِ ٽريفڪ جو ڪوئي مسئلو نه ٿئي. جنهن وقت مسجد جي علائقي مان گاڏيون نڪرن پيون ته سڀ کان اول انهن گاڏين کي رستو ڏيڻ خاطر ٻين گاڏين کي روڪي پيا رکن ۽ اهي گاڏيون تيستائين رڪيل رهيون، جيستائين مسجد جو علائقو گاڏين کان خالي نه ٿي ويو.
اڄ اسان لاس اينجلس ڏانهن وڃڻ خاطر اسان سائين ميمڻ صاحب سان گڏجي اورلينڊو ايئرپورٽ (Orlando Airport) ڏانهن تيار ٿي تقريباً صبح جو نائين وڳي ايئرپورٽ تي پهچي وياسين. احسان صاحب کان ڳراٺڙي پائي موڪلايو پر اسان جيڪو هفتو کن ميمڻ صاحب سان گڏ گذاريو، اهي خوبصورت گهڙيون ڄڻ ته اک ڇنڀ ۾ گذري ويون. دل نه پئي گهريو ته اسان احسان صاحب جي قرب ڀري محفل ڇڏي، ڪنهن ٻئي پاسي وڃون، پر دنيا جو نظام اهڙو آهي، جو ڪير به هڪ جاءِ تي گهڻو وقت ڪونه ٿو بيهي سگهي. تنهنڪري وڏڙا چوندا آهن ته: ”راند رتل ۽ ميلو متل ڇڏجي، ته جيئن سٺيون يادون گهڻو وقت ساڻ رهن.“ انهيءَ چوڻي تي عمل ڪندي اسان سائين احسان صاحب کان موڪلايو. الله سائين احسان الله ۽ انهن جي دوستن ۽ عزيزن کي آباد رکي. آمين.
ايئرپورٽ تي پهچي وڃي ڪائونٽر تي بورڊنگ ڪارڊ وٺي سيڪيورٽي جي مرحلي مان پار ٿي وڃي لائونج ۾ پهتاسين. فلائيٽ جي اڏام جو وقت صبح جا 11 هيو ۽ فلائنگ ٽائيم تقريباً ڇهه ڪلاڪ هيو. لاس اينجلس جي ٽائيم مطابق منجهند جي 2 وڳي وڃي ايئرپورٽ تي پهچڻو هيو. اورلينڊو (Orlando) ۽ لاس اينجلس(Los Angels) جي وچ ۾ ٽن ڪلاڪن جو فرق آهي. جنهن وقت لاس اينجلس ۾ منجهند جا 2 ٿيا هيا ته ان وقت اورلينڊو ۾ شام جا 5 ٿيا هيا. اورلينڊو کان لاس اينجلس جي وچ ۾ اڍائي هزار ميل ۽ چار هزار ڪلوميٽر جو فاصلو آهي. باقي موسم جي لحاظ کان تقريباً ساڳيا آهن. لائونج ۾ پهچي اسان پنهنجي قائدين يار مسٽر حفيظ الله کي فون ڪري ٻڌايو ته فلائيٽ ٽائيم تي آهي ۽ ان شاءَ الله توهان جي لوڪل ٽائيم مطابق 2 وڳي ايئرپورٽ تي پهچنداسين. حفيظ صاحب قائد اعظم يونيورسٽي ۾ اسان کان هڪ سال سينئر هيو ۽ پاڻ ماسٽرس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي فزڪس ۾ ڪئي ۽ ڪجهه عرصو قائداعظم يونيورسٽي جي فزڪس ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهايو. تقريباً 35-37 سال اڳ ڪيلفورنيه يونيورسٽي ۾ ٽيچنگ جاب سان لڳي ويا ۽ پروفيسر جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيا، رورسائيڊ ڪائونٽي (Riverside County) ۾ پنهنجو بنگلو ٺاهي اتي مستقل ٺڪاڻو اڏيو اٿن، جيڪو لاس اينجلس کان تقريباً سئو ڪلو ميٽر پري، فرحت بخش مقام تي آهي. حفيظ صاحب جو تعلق آزاد ڪشمير سان آهي.
آمريڪا چاهي ڪيناڊا ۾ ملڪ جي اندروني پرواز دوران ماني وغيره جي صلاح ڪونه ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪنهن کي ضرورت کائڻ پيئڻ جي پوي ته پيسه ڀري کاڌي جي شيءِ وٺي سگهي ٿو. ڪيتري به ٽائيم جي فلائنگ هجي، صرف هڪ دفعو ڪافي يا چانهه ۽ هڪ بسڪٽ ڏيندا آهن، تنهنڪري اسان پنهنجي پيٽ جي پوڄا جهاز تي چڙهڻ کان اڳ ئي ڪري ڇڏي هئي. جنهن وقت اسان جي جهاز لاس اينجلس جي سرزمين تي قدم رکيو ته حفيظ صاحب جو فون آيو ته مان فلاڻي گيٽ جي ٿنڀي نمبر فلاڻي وٽ بيٺو آهيان. اسان جيئن ايئرپورٽ جي ڏسيل گيٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته گرم ۽ جهولي واري هوا کلي دل سان خوش آمديد ڪيو. هيڏانهن هوڏانهن لوندڙي ڦيرائي حفيظ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته نظر ڪونه آيو، فون تي رابطو ٿيو، ٻڌايائين مان سڌي گاڏي پڪ ۽ ڊراپ واري قطار ۾ آيو هيس، توهان ٻاهر اچڻ ۾ ٿوري دير ڪئي، تنهنڪري مون کي اتان نڪرڻو پيو، ڇو ته اتي گهڻو وقت بيهڻ ڪونه ڏيندا آهن، بس توهان صرف ٻه منٽ صبر ڪري اتي بيهو، مان ڄاڻ اچي پهتس. ٿوري دير ۾ اچي حفيظ صاحب بي ايم ڊبليو (BMW) گاڏي ۾ سوار ٿي اچي اسان جي اڳيان روڪي ۽ پاڻ لهي اچي ٻکين پئجي ويو. سامان ڊگي ۾ وجهي گاڏي ۾ ويٺاسين ۽ پڇيائين ته اڳ ۾ اهو ٻڌايو ته ماني جهاز ۾ کاڌي آهي يا نه؟ اسان انڪار ۾ جواب ڏنو. پاڻ به ٻڌايائين ته اڄ کين روزو ناهي، ڇو ته اڄ ڊاڪٽر وٽ وڃڻو هيس. پوءِ چيائين ته جيڪڏهن مونکي ڊاڪٽر وٽ دير ٿئي ها ته منهنجي پياري نياڻي توهان کي ايئرپورٽ تان کڻڻ اچي ها. گهر فون ڪري ٻڌايائين ته جمن کي روزو ناهي ۽ اسين حلال چائنيز تان ماني کائي پوءِ اچون ٿا. ويهه پنجويهه منٽن کان بعد چائنه اسلامڪ ريسٽورنٽ (China Islamic Restaurant) تي پهچي وياسين. ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيڻ سان محسوس ٿيڻ لڳو ته واقعي بلاشڪ حلال ريسٽورنٽ آهي ۽ هوٽل جو مالڪ ۽ ڪم ڪرڻ وارا سڀ چيني هيا، پر ماحول سٺو ۽ دلفريب هيو. کاڌو به تمام مزيدار هيو. عموماً انهيءَ علائقي ۾ جيڪي به افطار پارٽيون ٿينديون آهن، اهي سڀ انهيءَ ريسٽورنٽ ۾ ٿينديون آهن.
دلبر پيٽ کي راضي ڪري حفيظ صاحب جي ماڳ ڏانهن راهي ٿياسين، تقريباً ڪلاڪ کان بعد وڃي گهر جي ڏيڍي تي لٿاسين. ماشاءَ الله حفيظ صاحب جو تمام وڏو وسيع بنگلو ۽ اتان جي پوش لوڪلٽي ۾ هيو. گهر ۾ ڪل چار ڀاتي پنج ڇهه وڏا ڪشاده بيڊ روم اسان کي گهر جي مٿين پورشن ۾ رهڻ لاءِ حڪم ڪيائين. سامان رکي هٿ منهن ڌوئي هيٺ اچي لائونج ۾ ڪچهري ڪرڻ ويٺاسين ۽ ستر ڏهاڪي واري ۽ اڄ جي يونيورسٽي واري حالات کي ڀيٽڻ لڳاسين ته يار ان وقت ڪيترو نه پرسڪون ۽ پڙهائي وارو ماحول هيو، باوجود انهيءَ جي ته انهي وقت به اسٽوڊنٽ پاليٽڪس هئي، جنهن ۾ جمعيت ۽ پروگريسو اسٽوڊنٽس جون پاڻ ۾ تنظيمي لحاظ سان مخالفت هوندي هئي، پر هڪٻئي جو احترام هوندو هيو. انهي زماني ۾ حفيظ صاحب جمعيت جو سرڪرده اسٽوڊنٽ ليڊر ٽائيپ هيو ۽ اسين انجي خلاف پروگريسو اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن ۾ هوندا هياسين، ليڪن هڪ ٻئي جي عزت ڪندا هياسين، جيڪا اڄ تائين قائم آهي. گهڻي دير تائين ڪجهه يونيورسٽي ته ڪجهه بعد واري وقت متعلق ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي. تقريباً روزي جي افطاري وقت حفيظ سائين جي گهر تي ڪجهه فيمليز افطاري واسطي اچي پهتيون ۽ حفيظ صاحب تمام سٺي انداز ۾ منهنجو انهن سڀني سان تعارف ڪرايو. حفيظ صاحب ڪجهه ٻين قائدين کي به پاڻ وٽ گهرايو هيو ۽ انهن کي چيو هيائين ته افطاري سان گڏ توهان کي انمول سرپرائيز به ڏيندس. جڏهن اهي دوست آيا ته ٽيبل تي سڀ ويٺا هياسين، انهن دوستن حفيظ کان پڇيو ته اسان کي هتي ڪا سرپرائيز نظر نٿي اچي! جنهن تي مون ڏانهن اشارو ڪندي انهن دوستن کي ٻڌايائين ته هي محمد جمن ڄامڙو قائدين آهي ۽ اڄ مهرباني ڪري مون وٽ مهمان ٿي آيو آهي ۽ اسين هڪ ئي وقت يونيورسٽي ۾ هياسين. جيئن ته اهي قائدين اسان کان ڏهه پندرهن سال بعد ۾ قائداعظم يونيورسٽي آيا هيا، تنهنڪري انهن سان اڳ ملاقات ڪانه هئي. اهي قائدين وڏي ادب ۽ احترام سان وري ڀاڪر پائي مليا. مغرب کان بعد حفيظ صاحب ۽ اسان پاڻ ٻئي ڏينهن سن فرانسسڪو (San Francisco) وڃڻ لاءِ هوائي، ريل ۽ روڊ رستي آپشنن تي غور ڪيو، هوائي جهاز ۽ ريل گاڏي جون ٽڪيٽون نه ملي سگهيون، تنهنڪري روڊ رستي گري هائونڊ بس سروس (Grey Hound Bus Service) جون ٽڪيٽون ملي ويون، جنهن جي بڪنگ حفيظ صاحب پنهنجي کيسي مان ڪرائي ۽ منهنجي اسرار جي باوجود پيسه ڪونه ورتائين.
ll