ڪتاب جو نالو: جي وڃين تون جپان
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 30 آڪٽوبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 441 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 145 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو جپان بابت سفرنامو آهي. آصف رضا موريو لکي ٿو:
”الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن ۾ دنيا ڀر جي علاقائي، سياسي، ادبي، جاگرافيائي معلومات سان گڏ عالمي ڄاڻ ڏيندو گهٽ گهير، روڊ گهٽيون، رستا گهمائيندو، فلمون ڏيکاريندو، کاڌا رڌائيندو، کارائيندو پڙهندڙن کي هو پنهنجي سٽن، سٽائن، حاشين، لفظن ۽ جملن سان گڏ وٺي هلڻ جو فن خوب ڄاڻندو آهي. سندس سفرنامن ۾ تاريخ، تهذيب ۽ تمدن پنهنجي تمام جولانين سان گڏ سينگاريل ملندي آهي ته ريتن، رسمن ۽ روايتن جا سمورا رنگ روپ جهاتيون پائيندا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا: سائين باغ علي سھاڳ جي نالي
  • سنڌ سلامت پاران
  • ساموندي سياح ۽ مصنف الطاف شيخ سان پهرين ملاقات
  • الطاف سنديون چند يادون
  • دنيا جو مهانگو ترين ملڪ: جپان
  • ملائيشيا جي شاگردن سان جپان بابت ڳالهه ٻولهه
  • چندرو آڏواڻي ۽ جپان جو 1923 وارو زلزلو
  • جپان جي جاگرافي ۽ هوڪئدو
  • جپان بابت ڪجهه مختصر ڳالهيون . . . .
  • جپان جون وينڊنگ مشينون ۽ ڇوڪرين جا چٻا ۽ ڪارا ڏند
  • ڪارو منهن ۽ اڇو منهن ڪرڻ جو فئشن
  • جپان جي اَيُومي ۽ ٻيون سدا سهڻيون
  • ڏک ۽ غلطيءَ جو علاج خودڪشي
  • موت تي ڪجهه خوبصورت شعر
  • ٽائٽانڪ جهاز تان بچڻ تي ٿڪ لعنت
  • سَهن ۽ ٻلين جا ٻيٽ
  • اِنيموري (قيلوله)، جپاني زالون ۽ هيلو ڪِٽي
  • جپان ۾ موبائيل مسجدون ۽ اسلام جي آمد
  • ڪجهه جپاني مسلمان ...
  • جپان جو انوڪي پهلوان ۽ رتنا ديوي
  • پئسو بچائڻ ۾ انگريز به هوشيار آهن
  • ٽوڪيو ۽ بئنڪاڪ جي هوٽلن ۾ رهندڙ اديب
  • فرينچ ڇوڪريءَ جو ويٽنامي سان عشق
  • مختلف هوٽلن ۾ رهندڙ مشهور اديب .....
  • جپان جو ٻيٽ هونشو
  • فيوجي جبل ۽ سُميدا ندي
  • جپاني ٻولي جا ڪجهه اهم لفظ
  • جپان جي سفرنامي جو مقصد
  • جپان جا مختلف علائقا ۽ مشهور جايون
  • ڪيوٽو جو سونو مندر ڏسڻ بنا رهي نه سگهيس....
  • ڪيوٽو جا ڪجهه ٻيا مندر
  • جپان جا اوچايا، اوڪي يا ۽ چڪلا
  • اسان جا شاگرد جپان ۾
  • جپان ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر سفر
  • جپان ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ريل پاس
  • ٽوڪيو جي اسٽيشن......
  • ٽوڪيو اچڻ وارن لاءِ ڪم جي ڳالهه
  • روپئي جو قدر ڪِرڻ ڪري اسان لاءِ نقصان ...
  • ٽوڪيو شهر جو نظام ....
  • ٽوڪيو جون اهم اسٽيشنون ...
  • ٽوڪيو ۾ موجود مسجدون ...
  • اڪيبوڪورو ۽ ٻيون اسٽيشنون ...
  • ٽوڪيو جون ڪجهه ٻيون اسٽيشنون ...
  • ناريتا ايئرپورٽ کان ٽوڪيو شهر
  • شيبويا اسٽيشن تائين گڏ هلڻ.....
  • دنيا جو مشهور ڪتو- هاچيڪو
  • هاڻ بس هلايان ٿو......

  • ارپنا: سائين باغ علي سھاڳ جي نالي

    منھنجي خيال ۾ پڙھائڻ جھڙو ٻيو نيڪ پيشو ناھي. توھان جي نيڪ نيتي، محنت ۽ ايمانداريءَ سان پڙھائڻ تي شاگرد توھان کي سڄي زندگي ياد رکندا. سچ آھي تہ استاد جو درجو والدين برابر آھي. سلجهيل سوسائٽي ۽ ملڪن ۾ استاد جي عزت سڀ کان گهڻي ڪئي وڃي ٿي. ان جا مثال نہ فقط اوھان کي يورپ جي پر ايشيا جي ملڪن ۾ پڻ ملندا. ملائيشيا جي وزيراعظم مھاتير محمد جي عزت ۽ مان مرتبو پنھنجي جاءِ تي پر ان جي والد جي عزت ان کان بہ وڌيڪ آھي جيتوڻيڪ ھو پرائمري اسڪول جو ٽيچر ھو.
    ھي ڪتاب پنھنجي ھڪ پياري استاد جناب محمد باغ علي سھاڳ کي ارپيان ٿو جنھن مون کي ھالا جي مخدوم غلام حيدر ھاءِ اسڪول ۾ 1955-56ع ۾ پڙھايو. اڄ 60 سال کان مٿي گذرڻ باوجود سندس شفقت ڀريون ڳالھيون ۽ بنا دڙڪي جي پڙھائڻ ياد ٿو اچي.
    پاڻ جون 1932ع ۾ دادوءَ ۾ جنم ورتو ۽ ھينئر بہ اتي رھن ٿا.

    الطاف شيخ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جي وڃين تون جپان“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري سفرناما نگار ۽ مئرين انجنيئر الطاف شيخ جو جپان بابت سفرنامو آهي. آصف رضا موريو لکي ٿو:
    ”الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن ۾ دنيا ڀر جي علاقائي، سياسي، ادبي، جاگرافيائي معلومات سان گڏ عالمي ڄاڻ ڏيندو گهٽ گهير، روڊ گهٽيون، رستا گهمائيندو، فلمون ڏيکاريندو، کاڌا رڌائيندو، کارائيندو پڙهندڙن کي هو پنهنجي سٽن، سٽائن، حاشين، لفظن ۽ جملن سان گڏ وٺي هلڻ جو فن خوب ڄاڻندو آهي. سندس سفرنامن ۾ تاريخ، تهذيب ۽ تمدن پنهنجي تمام جولانين سان گڏ سينگاريل ملندي آهي ته ريتن، رسمن ۽ روايتن جا سمورا رنگ روپ جهاتيون پائيندا آهن. اهڙي ريت ثقافتون، آثارِ جديده و قديمه، لوڪ ادب به ملندو. انقلاب، سماجي تبديلين، معاشي اُٿل پُٿل سان گڏ انهن تبديلين جا ڄاڻايل مُلڪ تي پوندڙ اثرن ۽ لاڙن جي به ڄاڻ ڏيندو رهندو آهي. سندس لکڻين مان سيلاني کان وڌيڪ محقق جهاتيون پائيندي ملندو آهي جو سيلاني ته اهو ڪجهه ڏيکاريندو آهي جيڪو هو ڏسي ٿو پر الطاف شيخ اهو پڻ ڏسيندو هلندو آهي ته اهو اهڙو ڪيئن ٿيو ۽ ڪهڙن مرحلن مان گذري ٿيو ۽ اهو ائين نه هجي ها هيئن هجي ها وغيره وغيره.“
    ھي ڪتاب 2019ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ صاحب جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ساموندي سياح ۽ مصنف الطاف شيخ سان پهرين ملاقات

    سيٽمبر 2018ع جي ٻئي هفتي ۾ منهنجي فون تي ڳالهه ٻولهه دنيا جي مشهور و معروف سونهين، سفرنامه نگار ۽ جهازي انجنيئر الطاف شيخ سان ٿي جيڪو پنهنجي دل جي بيماري جي علاج سببان اسپتال ۾ هيو. ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن تي به پاڻ فون ڪري ڪلاڪ کن ڳالهايائين ۽ ٻڌايائين ته “ڊاڪٽر ڳالهائڻ کان منع ڪئي آهي”، پر پوءِ به اسان کي اوڀاريون لنهواريون ڪندي اڌ منو ڪلاڪ گذري ويو. تنهن کان پوءِ اهو چئي فون بند ڪندي چيائين ته “هاڻي توسان چڱو وقت فون تي ته ڳالهايو آهي پر ڪافي وقت تڪليف ڀوڳڻي پوندي”.
    الطاف شيخ انتهائي سٻاجهو، ملنسار ۽ محبتي ماڻهو آهي جنهن به لکاري جو ڪتاب خريد ڪندو آهي ته کيس شابس ڏيڻ لاءِ خط لکڻ يا فون ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿو ۽ انهن کان وقتِ ضرورت معلومات ڏيڻ وٺڻ ۾ به عار محسوس ڪونه ڪندو آهي. ايتري قدر جو ليکڪن جي همت افزائيءَ خاطر هو پنهنجن پنج ڇهه فيس بڪ اڪائونٽن تي مليل ڪتاب جي تصوير ڏئي پنهنجن 20 هزار کن فيس بڪ فرينڊس کي اطلاع ڪندو آهي ته هي ڪتاب پڙهڻ لائق آهي. مون ڪجهه سال اڳ پنهنجي ڇپرايل انورڏنگڙائي واري ڀٽائي ڊڪشنري کيس موڪلي هئي ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ فون ڪري ڀٽائي جي هڪ شعر جو مطلب پڇيائين. مون عرض ڪيو “سائين ڀٽائي اسان جهڙن ڄٽن ڄاموٽن کان چڙهيل آهي”. کيس انور ڏنگڙائي جو نمبر ڏئي ساڻس ڳالهائڻ لاءِ عرض ڪيم. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ فون ڪري چيائين “آصف انور سان رابطو ڪرائي واهه جو ڪم ڪيو اٿئي جو ڀٽائي ڪڏهن ڪڏهن منجهائي وجهندو آهي هاڻي پيو انور ڏنگڙائي کي تڪليف ڏيندم”.
    الطاف شيخ جي سفرنامن سنڌ ته ڇا پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پڙهندڙن جو تمام وڏو حلقو جوڙڻ سان گڏ دنيا جي تمام ساڃاهه وند سنڌين کي پنهنجي ڪتابن ۾ پڻ ڪٺو ڪيو آهي. هو هڪ اهڙو تخليق ڪار آهي جنهن جو هر ڪتاب سندس ٻيو ڪتاب پڙهڻ لاءِ اتساهيندو آهي. الطاف شيخ سدائين جوان همتي، لگن، محنت ۽ پورهئي سان معياري ادب تخليق ڪندو رهيو آهي. جيتري سندس عمر آهي ان کان وڌيڪ عمرن ۽ نسلن ان کي پڙهيو پڙهايو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته ڌرتي تي جنم وٺندڙ هزارين نسلون سندس محنت ۽ مشقت مان مستفيض ٿينديون رهنديون.
    اسان جهڙي جيتامڙن لاءِ الطاف شيخ جو ادبي وجود ڪنهن اڏول پربت ۽ وشال سمنڊ کان به مٿاهون رهيو آهي پر حيرت آهي جو ايتري وڏي نالي، ڏانوءُ، مقام، شهرت ۽ هنر واري ڪاريگر کي تر جيتري به وڏائي ۽ غرور ڪونه آهي. مون سندس پهريون ڪتاب لاڙڪاڻو جي ريلوي اسٽيشن واري بوڪ اسٽال تي اڄ کان ارڙهن ويهه سال اڳ خريد ڪيو هيو جنهن جي قيمت ڏيڻ جي منهنجي حيثيت ان وقت ڪونه هئي جيڪا منهنجي دوست اعظم عباسي ادا ڪئي هئي جنهن جو اسٽيشن تي چانهن جو ٺيلو هوندو هيو.
    الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن ۾ دنيا ڀر جي علاقائي، سياسي، ادبي، جاگرافيائي معلومات سان گڏ عالمي ڄاڻ ڏيندو گهٽ گهير، روڊ گهٽيون، رستا گهمائيندو، فلمون ڏيکاريندو، کاڌا رڌائيندو، کارائيندو پڙهندڙن کي هو پنهنجي سٽن، سٽائن، حاشين، لفظن ۽ جملن سان گڏ وٺي هلڻ جو فن خوب ڄاڻندو آهي. سندس سفرنامن ۾ تاريخ، تهذيب ۽ تمدن پنهنجي تمام جولانين سان گڏ سينگاريل ملندي آهي ته ريتن، رسمن ۽ روايتن جا سمورا رنگ روپ جهاتيون پائيندا آهن. اهڙي ريت ثقافتون، آثارِ جديده و قديمه، لوڪ ادب به ملندو. انقلاب، سماجي تبديلين، معاشي اُٿل پُٿل سان گڏ انهن تبديلين جا ڄاڻايل مُلڪ تي پوندڙ اثرن ۽ لاڙن جي به ڄاڻ ڏيندو رهندو آهي.
    سائين الطاف شيخ سان فون تي ته رابطو ڪيترن ئي سالن کان رهندو پئي آيو پر ساڻس ملاقات جي سبيل نڪري ڪونه سگهندي هئي جو هو سيلاني ماڻهو ڪڏهن ڪنهن ديس ته ڪڏهن ڪنهن پرديس. 2014 جي سردين ۾ مان ڪراچي هيم جتي فون تي رابطو ڪرڻ مهل سائين ٻڌايو ته هو ڪراچي ۾ آهي ۽ شام تائين هتان ڪنهن ٻئي ديس نڪرڻ وارو آهي. پر حڪم ڪيائين ته “آصف ڪلاڪ اڌ ۾ اچي سگهين ته تڪڙي ئي سهي ملاقات ڪري سگهجي ٿي جو توسان ملڻ ضروري آهي”. مان ان وقت پنهنجي دوست قمر پنهور جي آفيس ۾ ويٺو هيم تنهن کي ساڻ کڻي ڊفينس هائوسنگ ڏانهن گاڏي کي ڀاڄ ڏياري” رستي ۾ سائين فون ڪئي ته “مان توهان جي انتظار ۾ آهيان”. رابطو هلندو رهيو آخر سائين به تڪڙو هيو سو هو گهران نڪري آيو ۽ اسان رستي ۾ ئي ڊفينس واري مسجد بيت الاسلام وٽ ملياسين.
    بيٺي بيٺي پندرهن ويهه منٽ ڪچهري ٿي. ان وقت منهنجي وڏي ۾ وڏي لالچ اها هئي ته ساڻس هڪ اڌ تصوير ڪڍرايان پر همت ڪونه پئي ٿئي. حال احوال ڪندي ڪندي سوچيم ته هاڻي سائين کي تصوير ڪڍرائڻ لاءِ چوان ته هن پنهنجي ڊرائيور کي سڏيندي چيو ”ابا گاڏي مان ڪيميرا ۽ بيگ به کڻي آ“. ۽ پوءِ مون کي مخاطب ٿيندي چيائين ”آصف توسان تصوير ڪڍرائڻي آهي.” منهنجو دل سندس سادگي، وڏائي ۽ معتبرائپ تي حيران ته ٿيو ئي پر مون زندگي ۾ پاڻ سان متعلق جيڪڏهن ڪي انتهائي خوبصورت اتساهي جملا ٻڌا هوندا ته انهن مان هڪ جملو سائين الطاف شيخ جو اهو هيو ته “آصف توسان تصوير ڪڍرائڻي آهي.” تنهن کان پوءِ هن پنهنجو هڪ ڪتاب “ملائيشيا ڪي دن” مون کي هٿ ۾ ڏئي ان سان منهنجي تصوير پڻ ڪڍي. موقعي جو فائدو وٺي مون به پنهنجو انگريزي ۾ لکيل ڪتاب Moriro, Fisherman and the Shark of Kalachi گاڏيءَ مان ڪڍي کيس ڏنو جنهن جو بيڪ ٽائيٽل به سندس لکيل هيو ۽ هڪ اڌ تصوير به ڪڍرائي.
    مزي جي ڳالهه اها آهي ته سيارو هيو مون کي باس جي ٽي شرٽ مٿان جينز جي ڪارڙي جيڪٽ پاتل هئي ته سائين کي چيڪ واري اڇيرڙي شرٽ تي نيوي بليو رنگ جو اوور سائيز ڪوٽ پهريل هيو جنهن تي اڳيان ٻه وڏا سنهري بٽڻ لڳل هيا ممڪن هيو ته اهوڪوٽ ڪنهن دور ۾ سندس يونيفارم جو رهيو هجي. اڇي سونهاري واري ديوتائي چهري تي دوستاڻي پر موناليزائي مرڪ هئي جيڪا سندس شخصت جو خاصو رهي آهي. مونکي هيڏي وڏي پروفائيل واري شخصيت جي سادگي تي حيرت هئي جو هو ڪنهن ضروري ڪم سان وڃي رهيو هيو پر سندس شرٽ استري به ڪونه ٿيل هئي. مان سائين سان ڪجهه تصويرون جيڪٽ پهري ڪڍرايون ۽ پوءِ جيڪٽ لاهيندي کيس عرض ڪيم ته “سائين هڪ تصوير ٻي به ٿئي”. تنهن تي سائين پڇيو ته “ڀلا جيڪٽ ڇو لاٿئي؟”. مون عرض ڪيو “سائين هاڻي ٻه وينيو لڳندا ته ٻن جڳهن تي ملاقات ٿي آهي”. تنهن تي الطاف شيخ ٽهڪ ڏيندي پنهنجو ڪوٽ به لاهي ڊرائيور کي ڏيندي چيو “يار واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي”. ڪجهه تصويرون ٻيون به نڪتيون. تنهن کان پوءِ سائين موڪلائيندي چيو “هاڻي معاف ڪجانءِ ٻي ڪا صلاح ڪونه ٿو ڪيانءِ جو ڪنهن ضروري ڪم سان وڃڻو آهي”. ۽ پوءِ هڪ ننڍڙو ڏيڍ فٽ باءِ فٽ جو ڀاري بيگ مون کي ڏيندي چيائين “هي منهنجي طرفان تنهنجي لاءِ گفٽ آهي” ۽ پوءِ موڪلائڻ ٿيو.
    الطاف شيخ جو ڏنل ڪوريئن ڪمپني ACKOLITE جو ٺهيل هلڪي سامونڊي رنگ جو مظبوط بيگ چڱيرڙو وزني هيو جنهن کي قمر پنهور جي آفيس پهچي کوليم ته ان ۾ سندس لکيل ٽي ڪتاب “ملائيشيا ڪي دن، سمندر ڪي دن ۽ سي ئي جوڀن ڏينهن“ سان گڏ هڪ ننڍڙو جاپاني گلدان، هڪ عدد 6 باءِ 8 جو ڪاري رنگ جو خوبصورت ڦوٽو فريم به هيو جنهن ۾ هڪ جاپاني دوشيزه جي تصوير پيل هئي جنهن جي سفيد لباس تي صوف يا آڙو ٺهيل هئا ۽ هوءَ ڪا دعا گهري رهي آهي. فريم ۾ مڙهيل ان ڇوڪريءَ جي پٺيءَ کان Best wishes from Altaf Shaikh, Malacca, Malaysia پرنٽ ٿيل هيو. ان بيگ ۾ ٻه نئون نياپو ميگزين رسالا پڻ هيا جنهن جي ٽائيٽل تي الطاف شيخ جي خوبصورت تصوير سندس هن جملي جي سونهن وڌائي رهي هئي ته “هاڻ هن پوڙهائپ ۾ پاڻ کي لکڻ پڙهڻ جو عادي نه پر ايڊڪٽيڊ سمجهان ٿو، جيئن ڪو نشئي ماڻهو نشي بنا رهي نه سگهندو آهي تيئن منهنجي به دل هر وقت لکڻ پڙهڻ تي چوندي آهي”.
    ان پهرئين ملاقات ۾ الطاف شيخ مون لاءِ ته اوپرو نه پر هڪ هيرو، اتساهه ۽ تمام خاص هيو بلڪه مان هن لاءِ سندس لکين ٻين پرستارن جيان ويڳاڻو، عام ۽ ننڍڙو هيم پر ان ملاقات ۾ هن مون کي نه رڳو خاص جيان وهنوار ڪيو پر مون کي پنهنجي اخلاق ۽ قرب سان خريد ڪرڻ سان گڏ مون کي منهنجي پنهنجي نظرن ۾ به مٿاهون بڻائي ڇڏيو. مون کي ان ڳالهه تي اڃان تائين به حيرت ٿيندي آهي ته “جيڪڏهن الطاف شيخ پنهنجي سڀني چاهيندڙن کي ايترو مان ڏيندو آهي ته پوءِ اهڙي مهذب ماڻهوءَ کي هن مطلبي، گورک ۽ هوڏي دنيا ۾ ڪٿي رکجي يا بيهارجي”. بحرحال ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته الطاف شيخ جهڙا ماڻهو اسان جهڙي لکارين جي لفظن، جملن، معنائن، نيتن ۽ سوچن کان به مٿاهان ۽ مانائتا هوندا آهن.
    مون جهڙي جيتامڙي ۽ عام ماڻهو کي سنڌ جي هڪ ليجنڊ انسان طرفان ايترو مان اڃان تائين سمجهه ۾ ڪونه ايندو آهي پر ايترو ضرور سمجهندوآهيان ته اڳيان هڪ عمده ظرف وارو انسان هيو. مون جهڙي ماڻهن لاءِ ته الطاف شيخ جهڙن انسانن جو ملڻ ئي تمام وڏي ڳالهه هوندي آهي ۽ ان سوچ جو نشو به عجيب هوندو آهي ته “الطاف شيخ جهڙو ماڻهو مونکي سڃاڻي ٿو”. ان رات خوشيءَ وچان مونکي ننڊ ئي ڪونه آئي بلڪه سائين الطاف شيخ سان ٿيل اها ملاقات هن وقت تائين بيشمار معاملن ۾ منهنجي پٺي ٺپيندي مون کي اتساهيندي رهندي آهي.
    مان تاريخ جو هڪ ننڍڙو شاگرد آهيان جنهن جي پيرن ۾ به گهمڻ گهتڻ متعلق باهه لڳل هوندي آهي ٻه اڍائي ڊزن ڪتاب به لکيا آهن. منهنجون ملاقاتون دنيا جي هزارين بين الاقوامي اديبن، سياحن، محققن، مورخن سان ٿيون هونديون پر مان نهايت ايمانداري سان راءِ ڏيان ٿو ته “هن وقت تائين سواءِ الطاف شيخ جي ڪوبه اهڙو اديب ڪونه مليو جنهن کي اسان جيئن سندس لکيل ڪتابن مان سمجهيو سو اهڙو ئي نڪتو هجي ۽ جن وٽ پنهنجي اندر جيان ڌرتي ۽ انسانن لاءِ انتهائي سادي، سهڻي ۽ مثبت اپروچ هجي”.
    الطاف شيخ جيڏاهن ويندو آهي چاهي اهو ڪو ملڪ هجي يا ٻيٽ، سمنڊ هجي يا دريائي گهيڙ واپسي تي ڄڻ ته اهو سمورو ماڳ پنهنجي ذهن ۾ کڻي ايندو آهي جيڪو ڪنهن امانتدار جيان ڪاغذ تي لاهي مون جهڙي لکين قارين تائين پهچائيندو آهي جيڪي اتي رسڻ جو ڪو چارو ڪونه ڀائيندا آهن. مون کي هو ڪڏهن ڪڏهن ته سياح کان وڌيڪ مورخ، فلاسفر ۽ نوجوانن ۽ انهن جي والدين لاءِ صلاحڪار لڳندو آهي جو سندس عقابي اک کان ننڍي کان ننڍي ڳالهه، عام ماڳ، منظر ۽ ماڻهو ڇيڻو به نڪرندي ڪونه ڏٺو ويو آهي. االطاف شيخ جي مشاهداتي حس ڪنهن وڻجاري کان تمام گهري ۽ ڪنهن مشاق تجزئي نگار يا مبصر جهڙي لڳندي آهي. سندس تعليمي واهپي ۽ تجربي مان دنيا جي ڪيترن ئي شاگردن لاڀ حاصل ڪيو هوندو.
    سندس لکڻين مان سيلاني کان وڌيڪ محقق جهاتيون پائيندي ملندو آهي جو سيلاني ته اهو ڪجهه ڏيکاريندو آهي جيڪو هو ڏسي ٿو پر الطاف شيخ اهو پڻ ڏسيندو هلندو آهي ته اهو اهڙو ڪيئن ٿيو ۽ ڪهڙن مرحلن مان گذري ٿيو ۽ اهو ائين نه هجي ها هيئن هجي ها وغيره وغيره. الطاف شيخ جو هر ڪتاب هڪ اهڙي دري کولي ٿو جنهن مان بيشمار نين تهذيبن، تمدنن، دورن، شخصيتن، ماڳن، مڪانن، ملڪن، بحرن، ديسن وغيره جا هزارين منظر پسمنظر ڪَر کڻي اسان جي من کي لڀائيندا رهندا آهن.

    آصف رضا موريو
    asifrazamorio@gmail.com
    Tel no. 03113543329


    الطاف سنديون چند يادون

    ياد اهو مٺڙو نانءُ آهي، جنهن جي ياد اچڻ سان انسان، بي آب مڇيءَ وانگي ڦٿڪڻ شروع ٿو ڪري. ياد چاهي ڪنهن خوبصورت چهري جي هجي يا ڪنهن حسين ڌرتيءَ جي، ڏکن ڀري ڏوليءَ جي هجي يا سکن سندي سيج جي - پر ياد، ياد آهي. اها زندگي جو اڻمٽ سرمايو بڻجي وڃي. اهڙي ئي قسم جي مٺڙي ياد کي ياد ڪندي، منسوب ڪيان ٿو هن ڪچي ڦڪي لکڻيءَ کي، الطاف شيخ جي شخصيت سان.
    شخصيت جي حوالي سان ياد اچن ٿا، هدايت بلوچ صاحب جا الفاظ جيڪي هن پنهنجي مضمون ”مٺڙو ماڻهو - الطاف شيخ“ ۾ چيا آهن. پاڻ لکي ٿو ته: ”الطاف نه ڪميونسٽ آهي، نه ڪامريڊ آهي، نه سوشلسٽ آهي، نه ڪيٽلسٽ نه فاشٽ آهي. هن ۾ ڪوبه ”ازم“ ناهي. هو هڪ سچو ۽ صاف سنڌي آهي ۽ سندس سموري ڪمٽمينٽ سنڌ سان آهي.“ جناب حسن درس پڻ پنهنجي لکڻي ”الطاف شيخ - پراڻو جهازي“ ۾ سؤ في صد درست فرمايو آهي ته: ”الطاف شيخ پنهنجي طبيعت ۾ جپانين جيترو محنتي، انگريزن وانگي اصول پرست، فرينچن جهڙو مهذب، جرمن جهڙو قومپرست، ايرانين جهڙو مغزمار، ترڪن جهڙو ڊپلوميٽ، ۽ پڙهيل لکيل پٺاڻن جهڙو مذهبي آهي.“
    هي ته هئا ڪجھه مهربانن جا Comments مٺڙي الطاف جي باري ۾. پر مون تي، هِڪَ ئي ڳوٺ بلڪ، هڪ ئي برادري جي فرد هئڻ جي ناتي، ڪجھه زياده ئي فرض ٿو عائد ٿئي ته پنهنجي محسن جي باري ۾ ڪجھه لکان. اُهو ڪِي ڪجھه لکان جيڪي ڪجھه مون حقيقت جي دنيا ۾ ڏٺو ۽ وائٺو.

    شَلَ ياد رهن آباد رهن
    الطافَ سنديون هي يادون

    هالا جو مخدوم خاندان ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي. مخدوم نوح رحمة الله عليه جهڙا بزرگ، مخدوم غلام محمد جهڙا درويش، مخدوم غلام حيدر جهڙا علم دوست ۽ مخدوم طالب الموليٰ جهڙا خادم الادب ڪنهن کان به نه وسربا. مخدوم خاندان جي وڏن جي اِها پَر هوندي هئي ته هو هالا ۾ وسندڙ قومن ۽ ماڻهن تي سندن مزاج مطابق مخصوص نالا رکندا. مثلاً محمد يعقوب ڪهڙو؟ ته جي بي بي سي (BBC). بي بي سي ان ڪري جو مرحوم، شهر جو حال احوال ڪچهرين ۾ ائين اچي پيش ڪندو هو ڄڻ، BBC تان خبرون پيون نشر ٿين. عبدالشڪور ڪهڙو؟ ته جي ”ٽَلي“ ڇو جو مرحوم، هر ڳالهه ۾، هر ڪم ۾ اٽڪلون پيو ويڙهائيندو هو. هالا ۾ اڄ به نسل در نسل، سهوليت ۽ سڃاڻپ خاطر، مخدومن جي طرفان مختلف ذاتين تي رکيل نالا هلندا پيا اچن. ڪي ڀوتا ته ڪي ڀتر، ڪي ککڙا ته ڪي مرچ، ڪي موڏر ته ڪي مجاور، ڪي ڪسيرا ته ڪي ريڊيا، ڪي گدڙ ته ڪي بگھڙ، ڪي جُمڙا ته ڪي جمناڻي، ڪي متقي ته ڪي زاهداڻي، ڪي ٽِٽَ ته ڪي ٽنڊڻ، ڪي قاضي ته ڪي ڪنهاڙ، ڪي ڊِمرَ ته ڪي ڊاسوڙي ۽ ڪي ٻوڙ ته ڪي ٻاجھنئاڻي سڏبا پيا اچن.
    ٻين ذاتين وانگر هالا جا ابڙا ۽ شيخ به ”ملان برادري“ جي نالي سان سڃاڻا وڃن ٿا. مخدوم خاندان وٽان انهن کي ”وڪيلاڻي ملان“ جو لقب ان ڪري مِليو جو، اِهي ٻئي قومون علم دوست سمجھيون ٿي ويون. چيو وڃي ٿو ته ابڙو محمد عيسى جنهن جي مزار، مخدوم نوح رحمة الله عليھ جي درگاهه شريف ۾ آهي، سو مخدومن جي لکپڙهه جو ڪم سنڀاليندو هو. هالا جي ابڙن ۽ شيخن هميشھ پاڻ کي هڪ ئي برادري تصور ڪيو آهي. مرڻو پرڻو، اٿڻ ويهڻ، ريتون رسمون، هڪ ٻئي جي منهن تي ويهڻ، هڪ ٻئي سان سڱاونديون ڪرڻ. هر ڳالهه ۾ اِهي هڪ رهيا آهن. ڀَتُ چاهي ڪاڄ جو هجي يا ڪُنيءَ جو. ابڙا ۽ شيخ هميشھ پاڻ ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ لائي هليا آهن. انهيءَ ملان برادري جو بي بها موتي آهي الطاف شيخ.
    الطاف شيخ مون کان عمر ۾ چار سال کن وڏو آهي. منهنجي مامي مرحوم افضل قاضي سان گڏ ننڍو ٿي وڏو ٿيو. افضل هڪ غريب ڪلارڪ ۽ الطاف هڪ ناميارو انجنيئر. پر هُن ڪڏهن به غريبي اميري جو فرق محسوس نه ڪيو. مون وارو مامون جيڪو بهترين آرٽسٽ هو، اُن جي اڳيان پويان ”ماملُو ماملُو“ يا ”ادا محمد“ ڪري پيو هلندو هو. طبيعتاً الطاف ڏاڍو سلڇڻو هو جڏهن ته سندس ڀاءُ اشفاق شيخ ذرا ڏنگو هوندو هو. کيس جي ڪڏهن ڪنهن راند يا ڊرامي ۾ نه کڻندا هئا ته همراهه ماٽو کڻي اچي ”وڏي گھر“ (اُها جاءِ جتي اهي کيل تماشا ٿيندا هئا) ۾ ڀڃندو هو يا گھر جي پوڙهين پَڪين کي گڏ ڪري کڻي گھرکي مٿي تي کڻندو هو. پوءِ اوهان کي خبر آهي ته: ”ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا.“
    سٻاجھڙي الطاف جي باري ۾ مون کي ياد آهي ته جڏهن هُو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو پڙهڻ لاءِ پئي ويو ته پوري ملان برادري بلڪ، سڄي شهر ۾ اهو ئي چرچو عام هو ته گل محمد شيخ جو پٽ ٻاهر پيو پڙهڻ وڃي. مائٽن کي شاباس هجي جو هيڏڙي ٻار کي کڻي پرديس ڇڏيو اٿن. (ان وقت جي ماڻهن لاءِ پيٽارو ڪنهن پرديس کان گھٽ نه هو) جي ڪڏهن آئون غلطي تي نه هجان ته هالا جو پهريون ڪئڊيٽين الطاف شيخ ئي سمجھيو وڃي ٿو يا شايد ڪو انصارين منجھان به کڻي هجي.
    مون کي اُهو ڏينهن چٽي طرح ياد آهي جڏهن الطاف جي انٽر جي رزلٽ آئي هئي. تقريباً شام جو پهر هو. الطاف منهن تي ٻانهن ڏيئي، روئڻهارڪي انداز ۾ عيدن شاهه جي اوطاق جيڪا ان وقت الطاف جي ڀيڻوئي ڊاڪٽر محمد عابد ميمڻ جي اسپتال هئي، ان طرف وڃي رهيو هو. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته انٽر پري انجنيئرنگ ۾ الطاف سيڪنڊ ڪلاس ۾ آيو آهي جنهن جي ڪري هُو نراس ۽ اُٻاڻڪو آهي. شايد ان ڪري به پريشان هو ته ماڻهو ڇا چوندا ته ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهڻ واري به کنيو سوئي سيڪنڊ ڪلاس. پوءِ باقي ايڏن خرچن ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور هو. خير، الطاف ڀاء جي لاءِ اِهي ڪاغذي ڊگريون ڪا اهميت نٿيون رکن، هُن جي اندر جي صلاحيت هُن کي مئرين جي دنيا ۾ کڻي ويئي ۽ الله تعالى هن کي جا ناموس ڏني آهي سا ڪن ڪن کي نصيب ٿيندي آهي.
    اها ڳالهه آئون پهرين به ٻڌائي چڪو آهيان ته هالا ۾ ابڙا ۽ شيخ علمي گھراڻا تصور ڪيا وڃن ٿا. انهن ۾ ننڍپڻ کان وٺي شاعري، افسانه نگاري ۽ ٻين ڪيترن ئي ادبي صنفن جي سُتي پيل هوندي آهي. ڀلو ٿئي منصور ويراڳي، استاد غلام رسول غلام ۽ انور هالائي جهڙن مانجھي مردن جو، جن گھٽين ۾ به ادبي محفلون مچائي ٿي رکيون. آئون مئٽرڪ ۾ هوندس جڏهن ”الخالق ادبي ادارو“ جيڪو مرحوم استاد غلام هالائي جي سرپرستي ۾ هلندو هو، اُتي هڪ ادبي روح رهاڻ ٿي جتي ڊاڪٽر سليمان شيخ، الطاف شيخ، عبدالحميد شهيد ۽ ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي جهڙا ليکڪ موجود هئا. مون کي ياد آهي ته اُتي الطاف شيخ ”اناميڪا“ نالي ڪهاڻي پڙهي هئي. تڏهن هو تازو مشرقي پاڪستان (بنگلاديش) مان وريو هو. مون پڻ پنهنجي پهرين ڪهاڻي ”اڃا آرياڻي اڳي ٿيو“ پڙهي ته ادي الطاف منهنجي پٺي ٺپري مون کي شاباس ڏني. شايد ان ڪري، جو آئون سڀني ۾ ننڍي عمر جو ليکڪ هوس ۽ اهڙي طرح وقت بوقت ادي الطاف سان مختلف محفلن ۾ ملاقاتون ۽ ادبي رهاڻيون ٿينديون رهيون.
    مون کي اڄ به ياد آهي ته انٽر سائنس پري انجنيئرنگ ڪرڻ کان پوءِ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ چونڊجي ويس پر ڪن سببن جي ڪري اتي Join ڪري نه سگھيس ۽ اڃا ارڙهن سال عمر به ڪانه هئي ته وڃي ڪلارڪي سان لڳس. اتائين خبر پئي ته آرمي ۾ Junior Commission Officers لاءِ انٽرويو آهن. حجت ساري، ادا الطاف سان ميٺارام هوسٽل ۾ وڃي مليس. انهيءَ ئي گھڙيءَ، ياماها موٽرسائيڪل کنيائين ۽ سڌو آيو ڀرتيءَ واري دفتر ۾. انچارج آفيسر ڪاغذ جمع ڪري الطاف شيخ کي چيو ته: ”هاڻي تون ئي کڻي انٽرويو وٺ. ڀلا تنهنجي هوندي اسين ڇوڪري کان ڇا پڇئون؟“ ته اِها هئي ادي الطاف جي عزت ۽ احترام. خير، عمر جي چڪر جي ڪري آئون چونڊجي ته نه سگھيس پر منهنجي خيال ۾ ادا الطاف پاڻ ملهايو نه ته ڪٿي اسين غريب ۽ ڪٿي الطاف جهڙا تونگر پر نه هٺ نه وڏائي اهڙا ماڻهو ورلي ملندا.
    ڪهڙيون ٿا خبرون پڇو الطاف ڀاءَ جون. ايم اي انگريزي ادب ۾ ڪيم ته الطاف شيخ پاڻ هلي آيو گھر مبارڪون ڏيڻ. همراهه کي خوشي ائين پئي ٿي ڄڻ سندس سڳي ڀاء ڪو وڏو کيڄ کٽيو هجي. هن کي خوشي ان ڳالهه جي به هئي ته هڪ غريب جي ٻار پنهنجي همت سان انگريزي ادب جهڙي ڏکئي مضمون ۾ First Attempt ۾ سيڪنڊ ڪلاس کڻي ملان برادري جو ڪَرُ مٿي کنيو آهي ۽ انگريزي ادب ۾ هالا جو پهريون ”سيڪنڊ ڪلاس پوسٽ گريجوئيٽ“ هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو اٿس. ان کان پوءِ الطاف شيخ جڏهن به ٻاهرئين ملڪ کان ايندو هو ته ڪلهن تي ڪتابن جون ڀَريون کڻي اچي پنهنجي هٿن سان ڏيندو هو. هڪ دفعي چيومانس ته: ”ادا الطاف، هيءَ هيڏي تڪليف ڇو ٿا ڪريو. خرچ ڪري اچيو در تي ڪتاب ٿا پهچايو. ٻيو نه ته مون کي ئي نياپو ڪريو ها ته اچي حاضر ٿيان ها.“ ان تي الطاف مسڪرائيندي وراڻيو: ”ادل (خانداني ڪوڏاڻي جو نالو) تو تي ڪو ٿورو ڪونه ٿو ڪريان. اسان ڪتابن جون ڳوڻيون تور تي ائين وٺندا آهيون جيئن ڪي پٺاڻ ڳٺڙين ۾ لُنڊا جو ڪپڙو خريد ڪن. پوءِ جنهن جنهن ڪتاب جا هڪ کان وڌيڪ Piece نڪرندا آهن ته اوهان جهڙن ادب دوستن کي اُهي ڪتاب پهچائيندو آهيان.“ قمر شهباز پنهنجي لکڻي ”پيار جو پانڌيئڙو الطاف“ ۾ بجا فرمايو آهي ته: ”(الطاف) فٽ پاٿ تان مفت جا ڪتاب ميڙي اچي جهاز ۾ مطالعو ڪندو، اهي ڪتاب بعد ۾ ملڪ موٽڻ تي گاڏي ڀري هرهڪ دوست جو در کڙڪائي تحفي طور ورهائيندو ويندو.“
    ”الطاف شيخ - ماڊرن سنڌ باد“ ۾ حسن مجتبى صاحب لکيو آهي ته: ”الطاف شيخ ٻين ٻولين ۽ ٻاهرين دنيا وٽ گھڻو ڪري ”گمنام ليکڪ“ طور رهجي ويو. هُو جيڪڏهن سنڌيءَ سان گڏ پنهنجا سفرناما اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکي ها ته هو اڄ ملڪ جو سڀ کان وڏو ۽ مهانگو Travel Writer هجي ها.“
    مون کي اها ته خبر ناهي ته الطاف شيخ جي سفرنامن جا ترجما انگريزي يا اردو ۾ ڇپيا به آهن يا نه. پر ايتري ضرور ڄاڻ اٿم ته الطاف اِنَ ڏَسَ ۾ ڪوششون ضرور ورتيون آهن. ڪافي سال اڳ جي ڳالهه آهي ته ادا الطاف شيخ مون وٽ پنهنجو ڪتاب ”بندر ۽ بازاريون“ کڻي آيو ۽ مون کي ان جي انگريزي ۾ ترجمي ڪرڻ لاءِ چيائين. Offer ته تمام ڀلي هئي. بين الاقوامي سطح تي هڪ سٺو Platform مهيا پئي ٿيو پر سچ ڪري پڇو ته الطاف جي غير روايتي ۽ محاوراتي اندازِ تحرير کي ڏسي ڪري سينو ساهي نه سگھيس. تنهن سان به تجرباتي طور تي ڪتاب جا ٻه باب انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڏنامانس. آئيني ۾ مون کي پنهنجي ئي شڪل نه پئي وڻي ته ڀلا ٻئي کي ڪيئن وڻندي؟ هونئن به آرٽسٽ ٿيڻ لاءِ ڪنهن سٺي آرٽ کي ڏسڻ ضروري آهي ۽ سٺي مترجم ٿيڻ لاءِ سٺا ترجما پڙهڻ انتهائي ضروري آهن. بهرحال، ادي الطاف جا وڏا وڙ جو مون نماڻيءَ کي نوازئين. مون سان مڙيئي ادا الطاف جو قرب ڪجھه زياده ئي رهيو آهي. ايتري قدر جو ڏيساور ۾ به اسان ڏوٿين کي نه وساريائين. مون کي اڄ به ياد آهي ته: ” 1984 برونائي دارالسلام نئون نئون آزاد ٿيو هو. انهن ڏينهن ۾ الطاف شيخ ملائيشيا ۾ پڙهائيندو هو جڏهن ته آئون سروري اسلاميه ڪاليج ڊگري هالا ۾. اوچتو، الطاف شيخ جو خط مليو. خوشي به ٿي جو هن پهريون دفعو مون ڏانهن خط لکيو هو. کوليان کڻي ته منجھائنس چند تصويرون نڪتيون جن ۾ الطاف شيخ، مرحوم محمد خان جوڻيجو وزير اعظم پاڪستان سان گڏ هو. (جوڻيجو صاحب ان وقت مليشيا جي دوري تي آيل هو.) انهن تصويرن سان گڏ هڪ ائڊورٽائيزمينٽ به ڏياري موڪليائين جنهن ۾ برونائي وارن کي ليڪچرر گھربل هئا. الطاف مون کي به Apply ڪرڻ لاءِ لکيو. ڀلا، ڪير ٿو ائين ڪنهن کي ياد رکي؟؟“
    ته سڄڻو! هي آهن اُهي چند يادون جيڪي منسلڪ آهن پيار جي پانڌيئڙي، نمرتا ۽ نماڻائي جي پتلي، ڏات ۽ ڏانءَ جي ڌڻي، سچ ۽ سونهن جي سيلاني، سفرنامن جي سرواڻ، سنڌ جي سنڌباد، ابن بطوطه ۽ مارڪوپولو ۽ سنڌ جي جوزف ڪانرڊ الطاف شيخ سان. جن يادن کي ياد ڪندي هڪ خاص قسم جو سرور ٿو محسوس ٿئي شايد ان ڪري جو بقول Keats:
    A thing of beauty is a joy forever.
    (هر حَسين شيءِ، هميشھ لاءِ قابلِ تسڪين هوندي آهي.)

    ابڙو عبدالفتاح عبد هالائي
    Tel no. 0336 281 6987


    دنيا جو مهانگو ترين ملڪ: جپان

    جپان دنيا جو مهانگو ترين ملڪ آهي جتي هر شيءِ مهانگي آهي. پيئڻ جي پاڻيءَ جي بوتل کان وٺي ڀَتَ جي پليٽ تائين.... هوٽل جي ڪمري کان وٺي عام بس جي ٽڪيٽ تائين.... هر شيءِ هر ڳالهه لاءِ پئسن جا ٻڪ ڏيڻا پون ٿا ۽ اسان جهڙي غريب ملڪ جي امير ماڻهوءَ کي به جپان گهمڻ لاءِ ٻه دفعا سوچڻ کپي جو اسان جي ملڪ جو سِڪو ايترو ڪري پيو آهي جو هاڻ اسان کي انڊيا ۽ سري لنڪا جهڙي ملڪ ۾ به هر شيءِ مهانگي لڳي ٿي. باقي اسان جي ملڪ جا اهي ماڻهو جيڪي جپان ۾ نوڪري ڪن ٿا، يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا يا بزنيس ۽ پورهيو ڪن ٿا يا هوائي جهازن ۽ پاڻيءَ وارن جهازن تي نوڪري ڪن ٿا، اهي خوش نصيب آهن جن کي سندن نوڪري، تعليم يا پورهئي جي ناتي جپان جهڙو سهڻو، باحفاظت ۽ ماڊرن ملڪ گهمڻ نصيب ٿئي ٿو.
    جپان مهانگو ملڪ ضرور آهي پر دنيا ۾ امير ماڻهن جي به ته کوٽ ناهي. هينئر هڪ تازي رپورٽ پئي پڙهيم ته دنيا جي 141 ملڪن مان جتي ماڻهو گهمڻ ۽ سير سپاٽي لاءِ گهڻا وڃن ٿا، انهن ۾ جپان چوٿين نمبر تي آهي. پهرين نمبر تي پڪ ٿائلينڊ، انڊيا، مصر يا اسپين جهڙو ملڪ هوندو. گذريل سال جپان ۾ 25 ملين يعني اڍائي ڪروڙ ٽوئرسٽ مختلف ملڪن کان آيا. ڏٺو وڃي ته ٽوئرزم مان وڏي ڪمائي آهي. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هر سياح فقط هڪ هزار رپيا خرچ ڪري ته به ملڪ کي اربين رپيا انڪم ٿيو وڃي .... جيتوڻيڪ هڪ هزار ته ڪجهه به نه آهي.... انڊيا گهمڻ واري جو ئي هوٽل، ٽئڪسين، کاڌي پيتي تي لک رپيا خرچ اچيو وڃي ۽ سوچيو ته انڊيا ڪيڏو فائدي ۾ رهي ٿو.... اسان جو ملڪ به انڊيا وانگر ٽوئرزم مان ڪمائي سگهي ٿو جو ٽوئرسٽن جي ڏسڻ ۽ گهمڻ لاءِ جهڙيون انڊيا ۾ تاريخي جايون، مندر مسجدون، پهاڙي اسٽيشنون، جبل، جهنگل آهن اهڙيون شيون اسان جي به ملڪ آهن جو انڊيا، پاڪستان، سري لنڪا، بنگلاديش هڪ ئي ننڍي کنڊ، هڪ ئي ڪلچر ۽ ثقافت جو حصو آهن پر اسان وٽ امن امان، ٽوئرسٽ لاءِ سفر، رهائش ۽ کاڌي پيتي جو سهولتون نه آهن. ان ڪري ڌاريان ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ اچڻ کان لنوائين ٿا.
    جپان ۾ مهانگائي آهي پر بيحد امن امان آهي ۽ انسانيت جو خيال رکيو وڃي ٿو - سعودي عرب ۽ ڪويت کان به وڌيڪ! کاڌي پيتي جي به هر شيءِ نج، صاف سٿري ۽ تازي آهي. ٽوئرسٽ کي اهو ڊپ نٿو رهي ته پاروٿي مڇي، مردار ڪڪڙ يا ڪني تيل ۾ فراءِ ٿيل شيون کائي پرديس ۾ بيمار ٿي پوندس. افسوس جو اعليٰ معيار جي اميد اسان جي فائيو اسٽار هوٽلن مان به رکي نٿي سگهجي.
    جپان ۾ ڌارين ملڪن جا ماڻهو ڇا ڇا ڏسڻ اچن ٿا؟ جپان ۾ ڪيترائي تاريخي يادگار ۽ مندر آهن جن مان 21 ته World Heritage Sites آهن. ڪيوٽو ۽ نارا جهڙا تاريخي شهر آهن جتي گولڊن مندر کان گوتم ٻڌ جو وڏو مجسمو آهي. ٽوڪيو، هيروشيما، ناگاساڪي جهڙا شهر آهن. ماڻهو فيوجي جبل ڏسڻ لاءِ اچن ٿا، هتي جي تيز رفتار ريل گاڏين (Shinkansen) ۾ چڙهڻ جو شوق پورو ڪن ٿا، هتي جي روايتي مسافر خانن ۾ رهڻ جو تجربو حاصل ڪن ٿا، چمڙيءَ جي مختلف بيمارين کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ جپان مان نڪرندڙ مختلف ڪيميڪلز وارن چشمن ۾ وهنجن ٿا، بهار جي موسم ۾ سَڪورائي گلن کي ڦٽندو ۽ ڪيوٽو جي رستن تي چوڏهن سينگار ڪري هلندڙ گيشائن کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا.
    ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ ٽوئرزم هاڻ صدي ڏيڍ کان شروع ٿي آهي نه ته دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ ٽوئرزم هئي؟ ڪٿي هئي سواري ۽ پرديس ۾ رهڻ جو بندوبست؟ ماڻهو مجبوريءَ جي حالت ۾ پيرين پيادو يا وڌ ۾ وڌ گهوڙي تي سوار ٿي ڀر واري ڳوٺ ۾ ويو ٿي سو به سج لٿي کان اڳ پنهنجي ڪکن ۾ موٽي آيو ٿي.... هو ڪنهن حڪيم کان دوا درمل وٺڻ يا ڪنهن ڀوپي کان ڌاڳو وٽائڻ يا فال ڪڍرائڻ لاءِ ويو ٿي يا پنهنجي ڪنهن دوست يا عزيز کان اڌارا ورتل پئسا واپس وٺڻ لاءِ ڀر واري ڳوٺ ۾ ويو ٿي. قدرت جا نظارا پسڻ ۽ Sight Seeing لاءِ جنهن پهرين جپانيءَ جو پراڻو احوال ملي ٿو اهو جپاني شاعر ماتسو باشو (Matsuo Basho) آهي. هو هائيڪو (جپاني شاعريءَ) کان دنيا ۾ مشهور آهي. هن 1644ع ۾ انهن ڏينهن جي ايڊو شهر (جيڪو هاڻ ٽوڪيو سڏجي ٿو) ان مان وهندڙ ندي سميدا جي ڪناري تي هڪ جهوپڙيءَ ۾ جنم ورتو ۽ ان ۾ 1694ع ۾ وفات ڪئي. پاڻ روزگار خاطر ٽيچر ٿي رهيو پر سندس شوق شعر و شاعري ۽ زين ڌرم سان هو. هن کي هيڏانهن هوڏانهن اوڀر اولهه ۽ اتراهن علائقن جي ويرانن ۾ گهمڻ ڦرڻ جو ڏاڍو شوق هو، جيئن مختلف نظارا پَسي هن کي دماغ ۾ لکڻ لاءِ مواد پيدا ٿئي. انهن ڏينهن ۾ يعني سترهين صديءَ ۾ جپان ۾ ائين نڪري پوڻ ڪو باحفاظت طريقو نه هو. چورن ڌاڙيلن کان علاوه جهنگلي جانورن جو به خوف هو. چون ٿا ته ماتسو باشو پنهنجي زندگيءَ مان ايڏو بيزار هو جو چوندو هو ته ڪو جانور مون کي کائي ته ڀلي کائي وڃي. ماتسو شاعر جو هڪ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب The Narrow Road To the Deep North آهي، جيڪو جپاني ڪتاب Oku No Hosomichi جو ترجمو آهي. ان ۾ ماتسو جي سفر جو احوال آهي، جيڪو هن 1643ع ۾ ايڊو (ٽوڪيو) کان شروع ڪيو ۽ 150 ڏينهن اتر طرف 1500 ميل پري اوگاڪي (Ogaki) تائين جاري رکيو. هن سفر دوران ماتسو باشو رستي تي نظر آيل مندرن ۽ يادگار جاين جو احوال پنهنجي هائيڪو شاعريءَ ۾ لکيو.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ماتسو جي ڏينهن ۾ ماڻهن ۽ سوداگرن جو ٻاهر نڪرڻ شروع ٿيو هو ۽ جپان جي چئن پنجن مشهور رستن (Routes) تي انهن جي رهائش لاءِ مختلف هنڌن تي مسافر خانا ٺهڻ شروع ٿي ويا هئا ۽ انهن سان گڏ گهوڙن لاءِ اصطنبل ۽ ٻيون وندر جون شيون...... جهڙوڪ ماني ٽڪيءَ جون هوٽلون، مئخانا، ناچ گهر، رنڍي خانا وغيره پڻ هئا. هڪ هنڌ لکي چڪو آهيان ته انهن ڏينهن ۾ هي عورتون امير مسافرن کي پاڻ ڏي ڇڪڻ لاءِ پنهنجي رهائش گاهه جي دڪين تي لوڻ ڇٽي ڇڏينديون هيون جيئن هنن جا گهوڙا لوڻ جي ڪشش تي هنن عورتن جي در تي بيهي لوڻ چَٽين تيسين مٿن سوار ان گهر جي عورت وٽ رات رهڻ جو معاملو طيءِ ڪري وٺن.
    اسان وٽ سنڌ هند ۾ به سترهين صديءَ ۾ يعني مغل شهنشاهه اورنگزيب جي ڏينهن ۾ (1707-1618)، گروگوبند سنگهه (1666)، يا ايران جي نادر شاهه (1688) جي ڏينهن ۾ ڪٿي هيون ريل گاڏيون يا موٽر ڪارون؟ ڏاند گاڏيون هلڻ لاءِ به پورا رستا نه هئا! اڄ جي دور ۾ ته روز ڪراچيءَ کان پشاور يا اسلام آباد بسون وينديون رهن ٿيون. اونهاري جي موڪلن ۾ والدين ٻارن کي چترال ۽ گلگت تائين وٺيو وڃن. انهن شهرن کان ويجها شهر ته احمدآباد بڙودا، بيڪانير، ممبئي آهن پر سياسي سرحدن ۽ ويزا پاسپورٽن ڪري اسان جو اوڏانهن پهچڻ ايڏو سولو ناهي. پر سترهين صديءَ ۾ جڏهن يڪو هندوستان هو ۽ جيتوڻيڪ پاسپورٽن جا چڪر نه هئا پر سواري به اڄ واري نه هئي. ماڻهو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پنڌ ويا ٿي يا وڌ ۾ وڌ گهوڙي يا گڏهه تي. اسان جي سنڌ جي ماڻهن لاءِ لاهور يا پشاور ڏي پنڌ وڃڻ بدران اڄ جي انڊيا جي گجرات، ڪڇ ۽ راجستان جي شهرن ۾ پهچڻ سولو ڪم هو.
    جپاني شاعر ماتسو باشو جو احوال پڙهي مون کي پنهنجو سنڌ جو شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي ياد ايندو آهي. هن کڻي ماتسو وانگر پنهنجي سفر جو ڪو سفرنامو نه ڇپرايو پر سندس بيتن مان صاف لڳي ٿو ته شاهه لطيف تمام گهڻو سفر ڪيو، ويندي دريائي ۽ سامونڊي پڻ جنهن جي ثابتي ان مان ملي ٿي ته شاهه لطيف کي مختلف شهرن، ماڻهن، تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي وڏي ڄاڻ هئي. مزي جي ڳالهه ته شاهه لطيف کڻي ماتسو باشو جو هم عمر نه هو پر همعصر ضرور هو. شاهه لطيف ماتسو جپاني شاعر کان 45 سال ننڍو هو. ماتسو 1644ع ۾ ڄائو هو ۽ شاهه لطيف 1689ع ۾! ماتسو باشو پنهنجي هائيڪو نما شاعريءَ ۾ فقط جپان جي مختلف جاين جو احوال لکيو آهي پر شاهه لطيف نه فقط سنڌ جو پر اوسي پاسي جي شهرن استنبول (ترڪي)، مدينه، جاوا (انڊونيشيا)، لنڪا (سلون)، عدن (يمن) وغيره جو پڻ. جپاني شاعر جپان کان ٻاهر جي دنيا کان ان ڪري اڻ واقف هو جو انهن ڏينهن ۾ جپان سخت Isolation ۾ هو. جپان جي حڪومت نه ڌارئين کي جپان ۾ گهڙڻ ڏنو ٿي ۽ نه پنهنجن کي ٻاهر وڃڻ ڏنو ٿي. هوڏانهن اسان ڏي ٺٽو، ديبل وغيره مشغول بندرگاهه هئا جتان عربستان ڏي يا سريلنڪا، جاوا، سماترا، ملايا توڙي چين ڏي ويندڙ جهاز ترسيا ٿي جن سان مڪاني ماڻهن جي خبر چار ٿي ٿي. اسان جا سنڌي (خاص ڪري هندو) ڪاروبار خاطر جهازن ذريعي ڪولمبو ۽ جاوا ويا ٿي ته گڏهن گهوڙن تي خشڪي ذريعي بصري بخارا کان وڃي نڪتا ٿي.
    جپان دنيا کان الڳ ٿلڳ- جنهن کي انگريزيءَ ۾ Isolated ۽ جپانيءَ ۾ Sakoku (ساڪوڪُو) سڏين ٿا، يعني بند ملڪ هو، سو به ڪو ڏهه ويهه سالن لاءِ نه رهيو پر پورا 220 سال 1633 کان 1853 تائين رهيو. جنهن ۾ نه ڪو جپاني پنهنجو ملڪ ڇڏي چين، ڪوريا، ملايا يا فرانس، انگلنڊ وڃي سگهيو ٿي ۽ نه ڪو ڌاريون جپان جي سرزمين تي قدم رکي سگهيو ٿي. ماتسو باشو ڏهه کن سالن جو هو ته ان وقت جي حاڪمن توڪوگاوا شوگنيٽ (Tokugawa Shogunate) گهراڻي جپان کي بند ملڪ بنايو. شاهه لطيف واري سڄي عمر 1689ع کان 1752ع تائين ته جپان بند رهيو. ٿي سگهي ٿو جپان کليل هجي ها ۽ اسان جو ڪو سنڌي هندو واپاري جاوا ۽ لنڪا وانگر جپان به وڃي پهچي ها ۽ ان کان يا ڪنهن گجراتي، عرب يا پورچوگالي واپاري/ ناکئي کان معلوم ڪري هو ضرور جپان جو ذڪر به پنهنجي بيتن ۾ ڪري ها. يعني ممڪن ٿي پوي ها. پر شاهه لطيف جي ڄمڻ کان 56 سال اڳ ئي جپان ڌارين لاءِ دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا، جيڪي ڪڏهن کليا، 1853 ڌاري .... يعني شاهه لطيف جي وفات بعد پورن سئو سالن کانپوءِ! سو جپان جي خبر نه شاهه لطيف کي پئجي سگهي نه سچل سرمست کي جيڪو 1739ع ۾ ڄائو ۽ جنهن 1827ع ۾ وفات ڪئي.
    جيتوڻيڪ اڄ اهي ڳالهيون سوچي عجيب ٿو لڳي جو اڄ اسان بند ڪمري ۾ رهي ٽي وي نيٽ ذريعي سڄي دنيا جي خبر معلوم ڪري سگهون ٿا پر انهن ڏينهن ۾ سورهين، سترهين، ارڙهين صديءَ ۾ ڪٿي هو ريڊيو ٽرانسٽر يا اخبار؟ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين جي خبر ملاحن، ناکئن، وڻجارن کان پئي ٿي. يعني ٻيڙا هلائڻ وارن جهازرانن ۽ انهن تي سودو کڻي وڪڻڻ وارن واپارين کان! ارنيسٽ هيمنگوي جهڙو ڪهاڻيڪار دنيا جون خبرون هٿ ڪرڻ لاءِ سنگاپور جهڙي بندرگاهه جي هوٽل ۾ اچي ڏينهن جا ڏينهن رهيو ٿي جيئن مختلف هنڌن تان آيل جهازي سوداگر پنهنجو حال احوال ٻڌائي سگهن.
    جپانين کي جتي ان تنهائيءَ مان فائدو رهيو .... کڻي چئجي ته هنن جي ٻولي، ڪلچر، ثقافت تي ٻي ڪنهن جو اثر نه ٿيو، هنن وٽ سالن کان هلندڙ پنهنجي رسم ۽ رواج رهيو، اتي کين اهو به نقصان رسيو ته دنيا خبر ناهي ڪٿان وڃي نڪتي - خاص ڪري ٽيڪنيڪل شين ۾ پر جپاني اهو ئي پنهنجي طريقي جو پاڻيءَ پسيو ڀت کائي خوش ٿيو ويٺا هئا جيڪو هنن وٽ ابن ڏاڏن، بلڪه پڙ ڏاڏن تڙ ڏاڏن کان هلندو پئي آيو. دنيا وٽ ڪوئلي ۽ باهه تي آگبوٽ (اسٽيمر جهاز) ۽ ٻاڦ گاڏيون (ٽرينون) هلڻ شروع ٿي ويون پر جپاني اهي ئي سڙهه ۽ چپوئن تي هلندڙ ٻيڙيون استعمال ڪري رهيا هئا ۽ پاڻ کي اهو ئي پراڻي زماني جو پهلوان سمجهي رهيا هئا. آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن هنن کي ساڻن واپار وڙو شروع ڪرڻ لاءِ سمجهايو پر جپان وارن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي آئي. آمريڪا جا جهاز پئسفڪ سمنڊ لتاڙي فلپين ۽ چين پاسي آيا ٿي ته رستي تي جپان وٽ طوفانن ۾ ٻڏڻ تي به جپانين هنن جي ڪا مدد نٿي ڪئي. آمريڪن کي جپان تي باهيون ته ڏاڍيون آيون ٿي پر هڪ ڏورانهين ملڪ کي ڇا ٿي ڪري سگهيا. جپانين هر وقت اهو ئي سوچيو ٿي ته آمريڪا کان جهازن رستي سپاهي آيا ته هنن کي سندن سپاهي سندن ٻيڙين ۾ چڙهي ٽوڪيو جي بندرگاهه ٻاهران ئي ڀالن ۽ تيرن سان ڪُٽي رکندا. پر اها ته نه دنيا کي خبر هئي نه جپان کي ته آمريڪا لڪ ڇپ ۾ نه رڳو ٻاڦ تي هلندڙ جهاز پر بارود ۽ بندوقون به ايجاد ڪري ورتيون. 54-1853ع ۾ آمريڪن ڪموڊور مئٿيو پيري پنهنجن 1600 کن ماڻهن سان ٻاڦ تي هلندڙ جهازن ذريعي ايڊو بندرگاهه (جيڪو هاڻ ٽوڪيو ٿو سڏجي) ان ۾ اندر گهڙي رڳو ٻه ٽي اندر جا چڪر هنيا. جپاني اڃان تائين رڳو پنهنجن خاموش سڙهه وارن جهازن تي هريل هئا اهي ڪلَ تي هلندڙ هنن جهازن جي انجڻين ۽ بارود بندوقن جي تڙ تڙاهٽ جا آواز ٻڌي بتال ٿي ويا. هو يڪدم سمجهي ويا ته هنن کي هر ڳالهه هنن ڌارئين جي مڃڻي آهي جيڪي بنا اجازت سندن بندرگاهه ۾ ڌوڪي آيا آهن.
    آمريڪن جپانين جو هيءُ 220 سالن کان دنيا کان ڪٽجڻ ختم ڪرايو ۽ کين سمجهايو ته ماڻهو ٿيو ۽ ساڻن واپار وڙو ڪيو جنهن ۾ ٻنهي جو فائدو آهي. هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ هڪ ٻئي جي ماڻهن کي اچڻ وڃڻ جي موڪل ڏيو جيئن هڪ ٻئي کان نيون نيون ڳالهيون سکون. جپانين پاڻ به پنهنجي غلطي محسوس ڪئي ته ان اڪيلائپ ۽ دنيا کان ڪٽيل هجڻ ۾ هو ڄٽ ۽ پٺتي رهجي ويا آهن ۽ پوءِ هنن کي اهڙي غيرت آئي جو ايندڙ سئو سالن اندر نه فقط دنيا جا ماڊرن پاڻيءَ جا جهاز ٺاهيائون پر هوائي جهاز پڻ. 1853۾ جڏهن پيري ڪَلَ جي ٽن جهازن سان سندن بندرگاهه (ٽوڪيو) ۾ گهڙي پيو ته جهازن ۽ بندوقن جي آواز تي هو هٿ ٻڌي ڏڪندا رهيا. پر اهو آهي ته هنن غيرت ۾ اچي ايڏي ترقي ڪئي جو هڪ سئو سالن کان به گهٽ عرصي ۾ پنهنجو پاڻ کي هڪ طاقتور ۽ ماڊرن قوم بنائي ٻي جنگ عظيم ۾ انگريزن کي چين، هانگ ڪانگ، ملايا، سنگاپور کان ڀڄائي اچي برما جي ويجهو پهتا هئا. وري به آمريڪن جو لڪ ڇپ ۾ ٺهيل ائٽم بم ڪم آيو، جنهن جپانين جون هڪ دفعو وري وايون بتال ڪيون ۽ هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ جي تباهي بعد جنگ ۾ ٺاپر آئي. ملٽري پاور ۾ هڪ طاقتور ملڪ جپان، ڏتڙيل ۽ غريب ٿي ويو. جن ڏينهن ۾ اسان جپان وڃڻ شروع ڪيو انهن ڏينهن ۾ به جپان کي مسڪيني واري حالت ۾ ڏٺوسين ۽ پوءِ پنهنجي اکين اڳيان اليڪٽرڪ ۽ اليڪٽرانڪ جي شين ۾ ترقي ڪندو ڏٺوسين. اڄ جپان معاشي طور امير ملڪ آهي ۽ صحت، صفائي ۽ امن امان کان دنيا جي ٽاپ ملڪن مان هڪ آهي.


    ملائيشيا جي شاگردن سان جپان بابت ڳالهه ٻولهه

    مون لاءِ توهان جو ملڪ ملائيشيا ۽ جپان ذري گهٽ برابر آهي جو مون کي انهن ٻنهي ملڪن جي بندرگاهن ۾ جهاز کي وٺي اچڻ جا تمام گهڻا موقعا مليا آهن ۽ انهن ملڪن ۾ ڪناري تي رهڻ جا به ڪيترائي موقعا مليا. ٻنهي ملڪن جي غربت جا ڏينهن به مون ڏٺا جڏهن 1960 واري ڏهاڪي ۾ ملائيشيا هاڻ هاڻ آزاد ٿيو ۽ ملائيشيا ڪو يورپ جهڙو ملڪ نه هو. اسان جي انڊيا پاڪستان کان به پٺتي هو. تعليم لاءِ به توهان اسان جي ملڪ ڏي آيا ٿي. ملائيشيا توڙي سنگاپور جون شپنگ ڪمپنيون، ايئر لائينون، ميرين اڪيڊميون وغيره وغيره قائم ڪرڻ ۾ اسان جي پاڪستانين جو وڏو هٿ رهيو ۽ اڃان تائين آهي. اهو ئي حال جپان جو هو. اڄ به مون کي جپان جي غربت وارا ڏينهن ياد اچن ٿا. ٻي جنگ عظيم ختم ٿيڻ ۾ ٻه ڏهاڪا سال ٿيا هئا ۽ اڄ به منهنجي اکين اڳيان جسم سڙيل ۽ معذور جپاني ڦرن ٿا جن تي هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي ڦٽا ڪيل ائٽم بمن جي شعائن (Radiation) جو اثر ڇڏيل هو. هيروشيما ۾ ته جهاز پهتو ٿي ته اڃان به ڪيترن محلن ۽ گهٽين جون عمارتون ڊٺل نظر آيون ٿي. بهرحال هوڏانهن جپانين ۽ هيڏانهن توهان ملائيشين، بنا شڪ جي، تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ کي اهڙو ٺاهي ڇڏيو جو ايشيا ۽ آفريڪا جا ملڪ توهان جي ملڪ ۽ سياستدانن جو مثال ڏين ٿا. جپان وانگر ملائيشيا به اڄ يورپ جو هڪ ماڊرن، صاف سٿرو ۽ امن امان وارو ملڪ لڳي ٿو ۽ جيئن فرانس، جرمني، انگلينڊ يا سئٽزرلئنڊ جي ملڪن کي جپان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪنهن ويزا جي ضرورت ناهي تيئن خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته گذريل مهيني جپان حڪومت توهان جي ملڪ ملائيشيا لاءِ به اهو اعلان ڪيو آهي ته ملائيشيا جو ڪو به شهري چاهي هتي جا ملئي مسلمان (ڀومي پترا) هجن يا چيني، انڊين يا اهي پنجابي پٺاڻ، تامل ۽ شڊول ذات جا هندو جيڪي انگريز راڄ ۾ هتي رهي پيا ۽ کين ملائيشيا جو پاسپورٽ آهي، اهي بنا ويزا جي جپان اچي وڃي سگهن ٿا. جپان اهو ملڪ آهي جنهن ۾ ڪنهن ايشيا يا آفريڪا جي ملڪ جي ماڻهوءَ کي هفتو کن گهمڻ لاءِ به ويزا وڏي مشڪل سان ملي ٿي. پر توهان جي جڏهن دل چاهي ايئر لائين جي آفيس مان ان ئي وقت ٽڪيٽ وٺي هوائي جهاز ۾ سوار ٿي ٽوڪيو يا اوساڪا جي هوائي اڏي تي لهي سگهو ٿا.
    سچ ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا وارن کي ملائيشيا کان جپان وڃڻ جي ڀاڙي جو به فڪر نه ڪرڻ کپي جو ملائيشيا جي “ايئر ايشيا” هوائي جهاز ڪمپني دنيا جي سستي ترين هوائي ڪمپني آهي جنهن جو ڀاڙو تمام گهٽ رکيو ويو آهي. ايئر ايشيا جا هوائي جهاز نه فقط ملائيشيا جي مختلف شهرن ڏي وڃن ٿا پر دنيا جي ڪيترن ئي ويجهن ملڪن ڏي وڃن ٿا. آئون هميشه انڊيا وارن کي چوندو آهيان ته هو خوش نصيب آهن جو ايئر ايشيا جا هوائي جهاز انڊيا وڃن ٿا ۽ هنن جو ڀاڙو بچيو پوي. پاڪستان وڃن ته اسان پي آءِ اي، ٿائي ايئر لائين، MAS ۽ ٻين ايئر لائينن کي ڇڏي ڏيون جو ايئر ايشيا جو ڀاڙو ٻين اوچين ايئر لائينن جي اڌ کان به گهٽ آهي. جپاني اسٽوڊنٽ جيڪي موڪلن ۾ جپان جي مختلف شهرن جو رخ ڪندا هئا اهي هاڻ ڪوالالمپور (ملائيشيا) اچن ٿا. ان جو وڏو سبب اهو آهي جو هيروشيما يا فڪوڪا کان ٽوڪيو يا سپورو بليٽ ٽرين جي ڀاڙي کان گهڻو گهٽ ته ايئر ايشيا جي هوائي جهاز جي جپان کان ملائيشيا تائين ٽڪيٽ آهي. هن هوائي ڪمپني Air Asia جي مائينس پوائنٽ فقط اها آهي ته جهاز مِس ڪرڻ تي يعني ايئرپورٽ تي وقت تي نه پهچڻ تي توهان جي ٽڪيٽ جو ڪجهه حصو به Refund ٿي نٿو سگهي. هڪ دفعو خريد ڪيل ٽڪيٽ واپس نٿي ٿي سگهي. ٻي ڳالهه ته ايئر ايشيا جي هوائي جهاز ۾ هڪ ئي اڪانامي ڪلاس آهي ۽ ڪنهن به مسافر کي جهاز وارن طرفان ماني يا چانهه پاڻي مفت نٿو ملي. ماني گهران کڻي اچو يا اسٽيورڊ کي پئسا ڏئي خريد ڪريو. منهنجي خيال ۾ ٽڪيٽ جي سستائي ٿي ڏسجي ته اهي ڪي وڏيون ڳالهيون ناهن. منهنجو هڪ ملئي شاگرد ايئر ايشيا ۾ اڏام کان هڪ ڏينهن اڳ رات جو ٻارهين کان پوءِ مئڪڊونالڊ تان برگر وٺي ڇڏيندو آهي جو ڪوالالمپور توڙي ٽوڪيو جي ڪيترن فاسٽ فوڊ اسٽورن تي آڌي رات کان پوءِ هر شيءِ جي قيمت اڌ يا چوٿون حصو ٿئي ٿي.


    چندرو آڏواڻي ۽ جپان جو 1923 وارو زلزلو

    توهان مان جن کي جپان جي جاگرافي يا دنيا جي نقشي تي ان جي بيهڪ جي خبر نه آهي انهن جي ڄاڻ لاءِ ٻڌائيندو هلان ته جپان جو ملڪ ملائيشيا يا اسان جي پاڪستان، ايران يا افغانستان وانگر زمين جو هڪ چڪ نه آهي پر مختلف ٻيٽن جو مجموعو آهي جن ۾ ڪي وڏا پلين، ٽنلن (سرنگهن) ذريعي ڳنڍيل آهن ته ڪيترا ننڍا ننڍا چوڌاري سمنڊ ۾ پکڙيل آهن. جيئن انڊونيشيا آهي. انڊونيشيا به پاڪستان، بنگلاديش يا ايران وانگر ڌرتيءَ جو هڪ Piece ناهي. اهو مختلف ٻيٽن جو مجموعو آهي جيئن ته سماترا، جاوا، بورنيو ٻيٽ جو وڏو حصو جيڪو ڪاليمنتان سڏجي ٿو، سلاويزي (Sulawesi)، سنڊا ٻيٽ، ملوڪو، بالي وغيره. اهي ته ٿيا وڏا وڏا ٻيٽ. انهن کان علاوه انهن جي چوڌاري ننڍا ننڍا سوين نه پر هزارين ٻيٽ آهن جن جو تعداد 13000 کن آهي ۽ انڊونيشيا دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٻيٽن وارو ملڪ آهي. اهڙي طرح فلپين آهي جيڪو 7641 ٻيٽن جو مجموعو آهي. پر سواءِ ٽن وڏن ٻيٽن: لوزون، وساياس ۽ منڊانو جي باقي ننڍا ننڍا آهن جن مان ڪيترا ته ايترا ننڍا ۽ گهٽ اوچائيءَ وارا آهن جو جڏهن 24 ڪلاڪن ۾ ٻه دفعا سامونڊي وير چڙهي ٿي ته ٻڏيو وڃن. ڪي وري ويران آهن، ڪي گهاٽن جهنگلن ۽ جانورن ڪري انسان ذات کان خالي آهن. بهرحال ٻيٽ ننڍا هجن يا وڏا، آباد هجن يا ويران، سمنڊ مٿان ظاهر هجن يا سمنڊ اندر ٻڏل پاڻيءَ جا جهاز هلائڻ وارن لاءِ وڏو مٿي جو سور هوندا آهن جو ٿوري بي خيالي يا حساب ڪتاب ۾ غلطي ڪرڻ سان جهاز انهن مٿان چڙهي تباه ٿي سگهي ٿو. اهڙن ملڪن جو ڪنارو ڏئي هلڻ کان بهتر آهي ته کليو سمنڊ وٺي هلجي. ڀلي کڻي ڪيڏيون به سامونڊي لهرون هجن، طوفاني هوائون (ٽائفون/ سائڪلون) هجن. گهٽ ۾ گهٽ جهاز جي هيٺان ته اونهو سمنڊ هوندو ۽ پاسي تي ڪنهن زير آب ٻيٽ تي چڙهي وڃڻ جو ته خطرو نه هوندو. مجبورن منيلا يا جڪارتا وڃڻو پوي ٿو ته پوءِ اهڙن فلپين ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ گهڙڻو پوي ٿو.
    اهو به لکندو هلان ته دنيا ۾ جپان، انڊونيشيا، فلپين جهڙا ڪي چار پنج ملڪ نه آهن. ڪيترائي آهن. بلڪ ڪي ته پاڻمرادو برمودا ۽ سيشلز جهڙا گهٽ ايراضي وارا ٻيٽ نما ملڪ ٿي ڪري به ننڍن ننڍن ٻيٽن جا جهڳٽا آهن. مثال طور هندي وڏي سمنڊ ۾ آفريڪا کنڊ جي ڪينيا ملڪ جي سامهون هڪ بيحد ننڍڙو ٻيٽ نما ملڪ سيشلز (Seychelles) آهي جنهن جي پکيڙ سکر ضلعو ته ڇا پر سکر شهر کان به گهڻي گهٽ فقط 244 چورس ڪلوميٽر آهي (سکر ضلعو 5170 چورس ڪلو ميٽر آهي)، پر سيشلز يونائٽيڊ نئشن جو ملڪ آهي ۽ سندس اها پکيڙ 244 چورس ڪلوميٽر سندس 115 ٻيٽن جي سڄي جهڳٽي جي آهي جن مان آباد فقط 42 ٻيٽ آهن. هر ٻيٽ تي هر گهر جي اڳيان سمنڊ جو ڪنارو آهي. ملڪ جي، يعني سڄي سيشلز جي آدمشماري هڪ لک کان به گهٽ، فقط 95000 آهي. دراصل اها به هاڻ آهي نه ته 1960ع واري ڏهاڪي ۾، يعني اڄ کان اڌ صدي اڳ جڏهن اسان ممباسا، زنجبار، موزمبق ۽ سيشلز وڃڻ شروع ڪيو هو ته ان وقت ٻين ملڪن وانگر سيشلز جي آدم شماري به گهٽ اٽڪل اڌ لک به نه هئي. انڊين جام رهيا ٿي پر پاڪستاني ڪو نظر نه ايندو هو. ڪجهه سنڌي هندو، بوهري ۽ آغا خاني ضرور هئا پر هنن پاڻ کي انڊين سڏرايو ٿي. هاڻ ڪافي پاڪستاني پڻ نظر اچن ٿا. خاص ڪري سنڌ جا مسلمان ۽ هندو ڊاڪٽر.
    بهرحال اسان جپان جي خبر چار ڪنداسين جيڪو دنيا جي ٻيٽن وارن ملڪن مان هڪ آهي. ان ڪري جپان کي Island Country يا آرڪپيلگو (Archipelago) سڏيو وڃي ٿو. يعني اهو ملڪ جنهن جي پويان يا جنهن سان گڏ ٻيٽن جي لانڍ هجي. جپان چئن وڏن ٻيٽن جو ملڪ آهي پر ننڍا ننڍا ٽي هزار ٻيٽ ٿيندا جن مان ڪجهه ساڄي کاٻي آهن ته ڪجهه اتر ۾ روس سان وڃي ملن ٿا ۽ ڏکڻ ۾ ته دمدار (پڇ واري) تاري وانگر ايترا آهن جو اسان جو جهاز جڏهن هانگ ڪانگ کان جپان لاءِ نڪرندو آهي ته ٻئي ڏينهن کان جپان جا ٻيٽ نظر اچڻ شروع ٿيندا آهن ۽ ڪاگو شيما تائين قطار ۾ پيا نظر ايندا آهن. سئو کن هي ٻيٽ ريوڪيو ٻيٽ سڏجن ٿا. آهن ته هي ننڍا ٻيٽ پر انهن ۾ به ڪجهه ڪافي وڏا ۽ مشهور آهن جيئن ته اوسومي، توڪارا، امامي، ساڪي شيما ۽ خاص ڪري اوڪيناوا (Okinawa) جنهن ٻيٽ تي آمريڪا جو وڏو عرصو قبضو رهيو ۽ آمريڪا جو فوجي بيس رهيو. ڪيترا سنڌي هندو واپاري جيڪي نه رڳو جپاني نئشنل ٿي ويا پر سندن اولاد اڄ پاڻ کي جپاني نالن ۽ ذاتين سان سڏائي ٿو هانگ ڪانگ مان لڏي پهرين هتي اوڪيناوا ۾ آيا ۽ آمريڪن فوجين کي يونيفارم ۽ ٻيو سامان وڪڻڻ جا دڪان کوليا جيئن هانگ ڪانگ ۾ برطانيا جي فوجين کي مختلف فوجي ۽ تحفي تحائف جو سامان وڪڻندا هئا. اوڪيناوا ۾ آمريڪن بيس ختم ٿيڻ تي ڪي سنڌي هندو واپاري آمريڪن سان گڏ آمريڪا هليا ويا ته ڪي جپاني پاسپورٽ حاصل ڪري جپاني شهري ٿي رهي پيا.
    جپان جي ڪجهه سفرنامن ۾ اهڙن ڪجهه سنڌي هندو واپارين بابت لکيو اٿم. هن وقت به يوڪوهاما جو هڪ سنڌي واپاري ”چندرو. جي. آڏواڻي“ ياد اچي رهيو آهي جنهن سان منهنجي 1980ع ۾ ملاقات ٿي هئي جڏهن هو 56 سالن جو هو ۽ منهنجي عمر 36 سال هئي. ساڻس منهنجي 2007ع ۾ به يوڪوهاما ۾ ئي ملاقات ٿي هئي جڏهن هو 83 سالن جو هو. چندروءَ ٻڌايو ته جپان ۾ هن جو ڏاڏو 1910ع ۾ آيو هو. ان بعد 1917 ۾ چندروءَ جو پيءُ يوڪوهاما ۾ آيو ۽ پنهنجي پيءُ جي هلندڙ ڌنڌي جي هڪ برانچ سنڀالي. انهن ڏينهن ۾ هند سنڌ جا واپاري پنهنجا ٻار ٻچا پنهنجي وطن ڇڏي پاڻ اڪيلي سر جاوا، جپان يا بصري بخارا واپار لاءِ نڪتا ٿي. هنن ڪاروبار جو ڪجهه حصو پنهنجي وطن ۾ به قائم رکيو ٿي جتي سندن اولاد ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ سکت ڪئي ٿي. چندرو سال 1924ع ۾ سنڌ ۾ ڄائو ۽ شروعاتي تعليم ۽ ڪجهه سالن لاءِ ڪاروبار اتي ڪري پوءِ پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي وٽ جپان آيو. انهن ڏينهن ۾ ننڍي کنڊ تي انگريزن جو راڄ هو ۽ هي سڀ برٽش انڊيا جي پاسپورٽ تي مختلف ملڪن ۾ آيا ويا ٿي. انهن ڏينهن ۾ انڊيا جي واپارين جون يوڪوهاما ۾ سئو کن ڪمپنيون هيون. چندروءَ جي پيءُ ڏاڏي سلڪ جو واپار ڪيو ٿي. هنن جپان جي سلڪ حيدرآباد، شڪارپور ۽ انڊيا جي ٻين شهرن ۾ موڪلي ٿي۽ ڏاڍو سٺو ڪاروبار هلي رهيو هو.
    هتي اها حقيقت لکندو هلان ته هي جيڪي ولايتن ۾ اسان جا سنڌي سيٺ رهيا ٿي انهن جو بزنيس ۾ هر وقت ڪو فائدو ئي فائدو نه پئي ٿيو. بزنيس ۾ وڏا وڏا نقصان به ٿيا ٿي جيئن ”وايون وڻجارن جون“ سفرنامي ۾ هري ليلا جهڙن سيٺين جو احوال لکيو اٿم ته هو هڪ دفعو نه پر ٻه دفعا تر پٽ ٿي ويا هئا. اهڙي طرح يوڪوهاما ۾ واپار ڪندڙ هنن سيٺين سان به ٿيندو رهيو. مثال طور سلڪ جي واپار ۾ چندروءَ جي وڏن خوب پئي ناڻو ڪمايو پر پوءِ Synthetic شيون، نائلان، ٽيٽران وغيره جي ايجاد بعد سلڪ جو اگهه ايترو ڪري پيو جو ڪاٺ جي کوکن جا پئسا به نٿي نڪتا جنهن ۾ سلڪ کي بند ڪري انڊيا موڪليو ويو ٿي. چندرو وارن عقل کان ڪم وٺي اهو ڪاروبار ڇڏي اليڪٽرانڪ جي سامان جو ڌنڌو شروع ڪيو جنهن ۾ جپان ڪافي ترقي ڪري ويو هو. اهڙي طرح هنن وري ساهه پٽيو. پر ان کان گهڻو اڳ، اڃان چندرو ڄائو به نه هو ته چندرو جي ڏاڏي ۽ ٻين انڊين کي 1923ع ۾ جپان ۾ لڳل زلزلي ڪري نقصان رسيو هو. هن زلزلي ۾ سڄو يوڪوهاما تباهه ٿي ويو هو. اسان جا انڊين سوداگر جپان ڇڏي پنهنجي وطن موٽي آيا. سندن الهه تلهه سڀ چٽ ٿي ويو.
    منهنجي خيال ۾ هن جهڙو زلزلو- جيڪو “ڪانٽو دائي شن سائي” جي نالي سان سڏجي ٿو، پهرين سيپٽمبر 1923ع تي چار پنج منٽ لڳاتار هلندو رهيو، اڄ ڏينهن تائين نه لڳو آهي. هن زلزلي ٽوڪيو، يوڪوهاما ۽ اوس پاس جي علائقن چيبا، ڪاناگاوا ۽ شيزواوڪا کي تباهه ڪري ڇڏيو. يعني جپان جو ڪانٽو (Kanto) وارو علائقو ويران ڪري ڇڏيو. ٽوڪيو کان ”ڪاما ڪورا“ شهر 44 ڪلوميٽر کن آهي جتي گوتم ٻڌ جو ڌاتوءَ جو هڪ وڏو مجسمو رکيل آهي جيڪو نارا شهر واري گوتم ٻڌ جي مجسمي بعد ٻئي نمبر تي آهي. هي ڪاماڪورا شهر وارو مجسمو به ڪافي وڏو ۽ وزندار آهي جنهن جي اوچائي 34 فوٽ ۽ وزن 90 ٽن آهي. هڪ ٽن ۾ سمجهو ته هڪ هزار ڪلو گرام وزن ٿئي ٿو. هي ڪانٽو وارو جڏهن زلزلو لڳو ته ان ۾ جهڙيون تهڙيون عمارتون ته ڊهي تر پٽ ٿي ويون پر هي گوتم ٻڌ جو هيڏو ڳرو مجسمو به پنهجي جاءِ کان ٻه فوٽ پري اڇلجي ويو هو. مٿين ٻن ٽن شهرن ۾ اٽڪل ڏيڍ لک ماڻهو مري ويا. 1923 ۾ انهن شهرن جي آدم شماري ئي ڇا هئي! زلزلي بعد چوڌاري جهڙو راڪاس گهمي ويو. ڪيترا ماڻهو پکڙندڙ باهين ۾ سڙي ويا. شهر جا ڏامر وارا رستا باهه گرميءَ ڪري اهڙو وٽڙي ويا جو ڪيترن ماڻهن جا انهن تي پير اچڻ تي اهي چنبڙي پيا ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويا. وچ ٽوڪيو ۾ هڪ آرمي ڪلاٿ ڊپو ۾ جتي 38000 ماڻهن پناهه ورتي، ان کي باهه جي واچوڙي اهڙو ورايو جو سڀ سڙي ڀسم ٿي ويا. زلزلي ڪري ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما شهرن جا پاڻيءَ جا سڀ پائيپ ڀڄي پيا ۽ باهه وسائڻ لاءِ ته پاڻي موجود نه هو پر ماڻهو اڃ اجهائڻ لاءِ به پريشان ٿي ويا. اهي باهيون ٻه ڏينهن هلنديون رهيون. 3 سيپٽمبر تي وڃي اجهايون. نيبو ڪاوا نالي جابلو ڳوٺ ۽ اتي بيٺل پئسينجر ٽرين Landsliding ڪري پنهنجي جاءِ کان ڇڄي اڳيان سمنڊ ۾ غرق ٿي وئي. چون ٿا ته ريل گاڏي ۽ پليٽ فارم تي اٽڪل هڪ سئو کن مسافر هئا جيڪي ريل گاڏي ۽ اسٽيشن جي سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃڻ تي سڀ ٻڏي ويا. زلزلي واري ڪانٽو علائقي ۾ ڇهه لک کن گهر تباهه ٿي ويا ۽ ويهه لک ماڻهو بي گهر ٿي کلئي آسمان هيٺان ويهي رهيا. پاڻيءَ جي جهاز ذريعي ماڻهن کي يوڪوهاما بندرگاهه مان کڻي ڪوبي بندرگاهه ۾ پهچايو ويو. اڳ ۾ ڪوبي ۾ انڊين جا دڪان نه هئا. اڄ هي جيڪي توهان کي ڪوبي ۾ سکن ۽ پموءَ جهڙن سنڌين جا دڪان نظر اچن ٿا اهي 1923 واري زلزلي بعد وجود ۾ آيا. بهرحال جپان ۾ تعليم، نوڪري يا گهمڻ لاءِ ويندڙن کي اها ڳالهه دماغ ۾ هجي ته جپان زلزلن جو ملڪ آهي پر 1923 جهڙو خطرناڪ زلزلو ان کان اڳ يا پوءِ ڪڏهن به نه لڳو.
    هن 1923 واري “دي گريٽ ڪانٽو ارٿ ڪئيڪ” تي ڪيتريون ئي فلمون، ٽي وي سيرل، ڪهاڻيون، ڪامڪ ۽ ناول آهن. جپان جي مشهور ڪهاڻيڪار ”ياسوناري ڪواباتا“ جي 1930 واري ناول The Scarlet Gang of Asakusa جا ڪيترائي چئپٽر هن زلزلي سان واسطو رکن ٿا. Japan Sinks فلم ۾ به هن زلزلي کي ڏيکاريو ويو آهي. اوسولڊ جي انگريزي ناول “دي جنجر ٽري” ۽ جپاني تاريخي فنٽسي ناول “تائيتو مونو گاتاري” ۾ به هن زلزلي جو احوال آهي.
    يوڪوهاما جي سنڌي واپاري چندرو آڏواڻيءَ ٻڌايو ته کين ٻي جنگ عظيم ۾ به ڪافي نقصان ٿيو. هيءَ لڙائي جپانين جي جيتوڻيڪ انگريزن سان هئي پر جيئن ته انڊيا انگريزن جي هٿ ۾ هو ۽ اسان جپان ۾ برٽش پاسپورٽ تي واپار ڪري رهيا هئاسين سو 1939ع ۾ جنگ جا افواهه شروع ٿيڻ سان اسان انڊيا ڀڄي آياسين جو انڊيا ۽ جپان جي وچ ۾ هلندڙ اسٽيمر شپ آمدرفت به بند ٿي رهي هئي. چندروءَ ٻڌايو ته هو سنڌ ۾ سر بچائي پهچي ته ويا پر اهي سال سخت بيروزگاري جا هئا. وڏي لڙائي ختم ٿيڻ بعد سگهو ئي هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ اسان گهرگهاٽ سنڌ ۾ ڇڏي ڏکڻ هندستان ۾ لڏي آياسين.”
    چندروءَ اهو به ٻڌايو ته هن ڪجهه سال پانڊيچيريءَ ۾ بزنيس ڪيو جتي فرينچن جو قبضو هو، جيئن گوا ۾ پورچوگالين جو رهيو. “آئون سخت پورهيو ڪري ايترو ڪمائڻ لڳس جنهن مان مون پنهنجي ماءُ پيءُ کي به کارايو ٿي. انهي دوران مون کي جپان ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو جنهن لاءِ مون اڳواٽ Apply ڪيو هو ۽ چونڊجي ويس. مون کي يوڪوهاما ۾ هڪ ٽريڊنگ ڪمپنيءَ جو مئنيجر ڪري رکيو ويو. هي 1950 واري ڏهاڪي جا شروع وارا سال هئا. مون کي لڳو ته سخت پورهيو ڪرڻ تي مون کي ان جو اجورو ملي سگهي ٿو.”
    چندروءَ ٻڌايو ته ڪجهه سال لڳي محنت ڪرڻ سان هن ايترو ڪمائي ورتو جو هن پنهنجي ڪمپني کولي واپار جو Risk کنيو. “مون ان ڪمپنيءَ جو نالو Nephews International رکيو جنهن نالي سان انڊيا ۾ منهنجي چاچي جي ڪمپني هئي.” چندروءَ جي ڪوششن سان نه فقط يوڪوهاما ۽ ممبئي جي ميئرن جي هڪ ٻئي سان دوستي ٿي پر يوڪوهاما ۽ ممبئي شهر Sister Cities قرار ڏنا ويا. چندرو اڄ ڪلهه پنهنجي ڌيءَ ۽ پٽ سان گڏ يوڪوهاما ۾ رهي ٿو جيڪا سمجهو ته هن آڏواڻي فئمليءَ جي جپان ۾ چوٿين پيڙهي آهي. چندروءَ ٻڌايو ته هو ستن ڀائرن ۽ چئن ڀيڻن ۾ ٻيو نمبر آهي. جپان ۾ فقط هن جي فئملي رهي ٿي باقي ڀائر ڀينر انگلينڊ، آمريڪا ۽ انڊيا لڏي ويا.
    ***


    جپان جي جاگرافي ۽ هوڪئدو

    پاڻ وري جپان جي خبر چار تي اچون جيڏانهن جيڪڏهن توهان پهريون دفعو وڃي رهيا آهيو ته آئون چاهيندس ته اتي پهچڻ کان اڳ توهان کي ان بابت ٿوري گهڻي Idea هجي ته هي ملڪ ۽ هن جا ماڻهو ڪيئن آهن ۽ توهان جي ملڪ کان ڪهڙين ڳالهين ۾ هڪ جهڙو ۽ ڪهڙين ڳالهين ۾ مختلف آهي.
    بيهڪ ۾ جپان ملائيشيا وانگر نه پر پاڪستان وانگر چئي سگهون ٿا. ملائيشيا نقشي تي ليٽيل ملڪ آهي يعني اوڀر اولهه طرف تقريبن ساڳي ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي آهي. ملائيشيا خط استوا جي ويجهو هجڻ ڪري سندس موسم ٻارهوئي گرم آهي ۽ سڄو سال ڏينهن رات ۾ ڪو خاص فرق نٿو ٿئي. سڄو سال، سڄي ملائيشيا ۾ سڀني نمازن جا وقت ساڳيا رهن ٿا. بس مغرب نماز جي ٻانگ ۾ ڪو ڪجهه منٽن جو فرق رهي ٿو نه ته هر سال عيد نماز به ساڳي وقت تي ٿئي ٿي. چاهي عيد نومبر، ڊسمبر ۾ ٿئي يا جون، جولاءِ ۾. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ ٻارهوئي آفريڪا جي ملڪن جهڙي گرمي هجڻ کپي پر هر وقت بارش پوڻ ڪري ۽ وڻ وڻڪار هجڻ ڪري فرحت رهي ٿي. سڄي ملائيشيا ۾ ساڳي موسم، گرمي ۽ مينهن هجڻ ڪري ان جي هر حصي ۾ ساڳيو ميوو: انناس، ليچي، رمبوتان، دورين، ڊوڪو، منگو اسٽين ٿئي ٿو، جنهن ۾ پاڻيٺ ته گهڻي آهي پر شيلف لائيف تمام گهٽ رهي ٿي.
    جپان يا پاڪستان هڪ ته خط استوا کان ڪجهه مٿڀرو آهن ۽ ٻيو جاگرافيائي طور سندن بيهڪ اڀي آهي. يعني پاڪستان جو سنڌ وارو حصو ڏکڻ ۾ آهي جتي مينهن گهٽ ۽ گرمي ٿيڻ ڪري انب، گدرا، ڇانهين جهڙا ميوا ٿين ٿا ته پنجاب جي اتراهين حصي، خيبر پختونخواهه ۽ وڌيڪ اتراهن حصن ۾ ٿڌڪار ٿيڻ ڪري صوف، ڏاڙهون، انگور ۽ موسمين جهڙا ميوا ٿين ٿا، جيڪي پوءِ سنڌ تائين وڪامندي نظر اچن ٿا. اهو ئي حال جپان جو آهي پر ملائيشيا جي مارڪيٽن ۾ توهان کي صوفن يا سنگتڙن جهڙو ميوو نظر نه ايندو جو اتي ٿڌ ناهي ۽ نه کجور آهي جو هر وقت مينهن پيو وسي. هاڻ مڙيئي ملائيشيا ۾ پئسو اچڻ ڪري اهي دنيا جي مختلف ملڪن مان مختلف ميوو گهرائين ٿا جيئن گدرن ۽ کارڪن جي ملڪ سعودي عرب ۾ توهان کي هر قسم جا انگور، مالٽا، صوف، ڪيوي جهڙو ميوو به ٻارهو ئي ملي ٿو .... جيڪو هو پڻ درآمد ڪن ٿا.
    جپان کڻي 3000 ٻيٽن جو ملڪ آهي پر سندس چار ٻيٽ تمام وڏا ۽ هڪ ٻئي ويجهو آهن ۽ اسان ڌارين جو تعليم، واپار، پورهئي يا ٽوئرزم لاءِ انهن چئن ٻيٽن تي ئي وڃڻ ٿئي ٿو. اهي چار اهم ٻيٽ هن ريت آهن. بلڪل اتر ۾ “هُڪئدو” ٻيٽ آهي. ان کان هيٺ ٻيڻي ٽيڻي سائيز جو “هونشو” آهي ۽ پوءِ هيٺ وڌيڪ ڏکڻ ۾ “شڪاڪُو” ۽ “ڪيوشو” آهي. جپان کي ويجهي ۾ ويجهو ملڪ ڪيوشو ٻيٽ جي اتر ۾ ڏکڻ ڪوريا آهي نه ته چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ آهي. اوڀر ۾ پئسفڪ سمنڊ، اتر ۾ جپاني سمنڊ جيڪو East Sea به سڏجي ٿو ۽ هيٺ ڏکڻ ۾ “ايسٽ چائنا سي” (اوڀر چيني سمنڊ) آهي. ڏٺو وڃي ته جپان دنيا کان الڳ ٿلڳ ۽ ڪٽيل آهي. ائين ناهي ته جيئن اسان جي ملڪ ۾ انڊيا، افغانستان، ايران کان به ماڻهو داخل ٿي سگهن ٿا يا ملائيشيا ۾ ٿائلينڊ، سنگاپور يا انڊونيشيا کان خشڪيءَ رستي يا ٻيڙين ذريعي لڪ چوريءَ پهچي سگهن ٿا پر جپان ۾ ائين ڪنهن ڌارئين جو داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي جو چوڌاري سوين ميل سمنڊ آهي ۽ ويجهي ۾ ويجهي ڌرتي ڏکڻ ڪوريا جو ڪنارو به ڪافي پري آهي.
    جپان جا جيڪي چار وڏا ۽ اهم ٻيٽ آهن انهن ۾ سڀ کان اتراهون ٻيٽ هُڪئدو (Hokkaido) آهي جيڪو ٻئي نمبر تي وڏو آهي. سڀ کان وڏو ٻيٽ هونشو (Honshu) آهي جيڪو هُڪئدو جي هيٺان يعني ڏکڻ ۾ آهي. هُڪئدو اتر ۾ هجڻ ڪري اتي سياري ۾ تمام گهڻو سيءُ پوي ٿو ۽ سياري ۾ برف جي راندين ڪري دنيا ۾ مشهور آهي. يورپي ٽوئرسٽ ضرور اچن ٿا پر اسان جي ايشيائي ملڪن پاڪستان، انڊيا، ايران يا عرب ملڪن جا هُڪئدو ڏي لڙڻ کان پري ڀڄن ٿا. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن خط استوائي ملڪن جا ماڻهو جتي سال جا ٻارهن مهينا سيءُ نٿو پوي .... ايتري قدر جو هنن کي سڄي عمر نه ڪوٽ سئيٽر جي ضرورت پوي ٿي ۽ نه رلهي سوڙ جي، اهي هن ٻيٽ ڏي نه گهمڻ لاءِ اچن ٿا ۽ نه نوڪري يا تعليم لاءِ. هونءَ به هُڪئدو گهڻو جابلو هجڻ ڪري ان جي آدم شماري گهٽ آهي. روس جو مشهور ٻيٽ سخالن (Sakhalin) جنهن جي آب هوا سمجهو ته سائيبيريا جهڙي ٿڌي آهي اهو هن ٻيٽ جي اتر ۾ فقط 43 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ۽ هن ٻيٽ جي اوڀر ۾ ڪورِل (Kuril) ٻيٽ آهي جيڪو هن وقت جپان جي هٿ ۾ آهي پر هنن ۽ سخالن ٻيٽن جي وچ ۾ مالڪيءَ تي هميشه جپانين ۽ روسين جو ڦڏو لڳو رهي ٿو جو انهن جي ٻئي پاسي روس آهي. هونءَ ته اهڙن ڏورانهن ۽ ويران ٻيٽن کي ڪنهن به پڇيو ڪو نه ٿي ۽ انهن تي رهندڙن ڀلي پئي جپاني ۽ روسي ڳالهائي ۽ واجهايو ته من ڪو ملڪ سندن سارسنڀال لهي ۽ اهڙي طرح ملائيشيا، چين، فلپين ۽ ٻين ملڪن جي وچ ۾ به ڪيترائي ٻيٽ آهن جن کي انهن جي ڀروارن ملڪن پڇيو به ڪو نه ٿي. ٻي ڪا سهوليت ته پري پر پيئڻ جي پاڻي پهچائڻ جو به بندوبست نٿي ڪيو پر هاڻ انهن يتيم ۽ لاوارث ٻيٽن تي مارمارا ان ڪري ٿي پئي آهي جو ڪنهن مان پيٽرول ۽ گئس نڪرڻ شروع ٿي آهي ته ڪنهن مان ڪو ڪمائتو ۽ قيمتي ڌاتو.
    جپان جي هن اتراهين ٻيٽ هُڪئدو جو وڏو ۽ گاديءَ وارو شهر سپورو (Sapporo) آهي ان کان علاوه ٻه ٻيا وڏا شهر آهن: هاڪو داتي (Hakodate) ۽ اساهي ڪاوا. هاڪو داتي هن ٻيٽ جي بلڪل ڏکڻ واري پوڇڙ تي آهي جتان آبناءِ ”سُوگارُو“ لنگهي ٿي ۽ هونشو ٻيٽ کي هُڪئدو کان ڌار ڪري ٿي. آبناءِ، نار يا انگريزي لفظ Strait ، اهو سوڙهو سامونڊي درياهه آهي جيڪو ٻن وڏن سمنڊن کي ڳنڍي ٿو ۽ سندس پاسن کان ڌرتي ٿئي ٿي. جيئن هيءَ سُوگارو نار (Tsugaru Strait) جپاني سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ کي ڳنڍي ٿي. سندس هڪ پاسي هُڪئدو ٻيٽ آهي ته ٻئي پاسي هونشو. جيئن ملاڪا نار (Malacca Strait) ڏکڻ چيني سمنڊ ۽ هندي وڏي سمنڊ کي ڳنڍي ٿي. سندس هڪ پاسي مغربي ملائيشيا جي سر زمين آهي ته ٻئي پاسي انڊونيشيا جو ٻيٽ سماترا. يا جيئن آبناءِ جبرالٽر (نار- ڳچي سمنڊ) جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ کي ميڊيٽرينين سمنڊ سان ملائي ٿي. جنهن جي هڪ پاسي يورپ کنڊ جو ملڪ اسپين آهي ته ٻئي پاسي آفريڪا کنڊ جو موراڪو.
    هونءَ ته ٻن سمنڊن کي ڳنڍڻ واري آبناءِ يعني سوڙهو درياهه (Strait) تمام پرسڪون رهي ٿو جو پاسن کان ڌرتي هجڻ ڪري ۽ چئنل سوڙهو هجڻ ڪري پاڻيءَ ۾ اٿل پٿل نٿي رهي ۽ اسان جهاز هلائڻ وارن جو اهو آبناءِ وارو سفر مزي جو گذري ٿو. پر ضروري ناهي ته هر آبناءِ (Strait) پُرسڪون هجي. ائٽلانٽڪ سمنڊ مان ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ گهڙڻ وقت يا ان مان نڪرڻ وقت جبرالٽر واري سوڙهي گهٽيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن سمنڊ اهڙو ڇتو هوندو آهي جو ان جي اٿل پٿل اسان جي جهازن توڙي ان ۾ موجود اسان ماڻهن جو سر رلائي رکندي آهي. خاص ڪري هاءِ ٽائيڊ وقت ائٽلانٽڪ سمنڊ جو پاڻي ايڏي ته پريشر سان ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ڌوڪي ٿو جو جهاز پچنگ هڪ طرف ڪري ٿو ته رولنگ ٻئي طرف! پِچنگ معنيٰ جهاز جو اڳيون حصو سمنڊ ۾ هليو وڃي ٿو ۽ پويون مٿي هوا ۾ کڄيو اچي. وري ٻي گهڙيءَ پويون حصو سمنڊ اندر هليو وڃي ٿو ته اڳيون مٿي هوا ۾ کڄيو اچي. رولنگ معنيٰ جهاز ڪڏهن کاٻي پاسي جُهڪي وڃي ته ڪڏهن ساڄي پاسي. انهن ٻنهي صورتن، پچنگ ۽ رولنگ ۾، جهاز تي موجود ماڻهن کي مختلف جسماني ۽ نفسياتي تڪليف پهچي ٿي جنهن کي Sea Sickness سڏجي ٿو.
    جپان جي هُڪئدو ٻيٽ ۽ هونشو ٻيٽ جي وچ ۾ جيڪا سمنڊ جي سوڙهي پٽي آبناءِ (سوگارو نار) آهي اها ڪڏهن ته ماٺو آهي ڪڏهن الله امان! جيتوڻيڪ سندس ٻنهي پاسي ڪي اهڙا خوفناڪ سمنڊ به نه آهن. پئسفڪ ته پنهنجي مزاج موجب ماٺو سمنڊ آهي پر جپان جي چوڌاري ڇِتي سمنڊ کان وڌيڪ طوفاني هوائون جهازن ۽ انهن کي هلائڻ وارن کي منجهائين ۽ وايون بتال ڪن ٿيون. جپان جي چئني ٻيٽن جي وچ ۾ هيڏانهن هوڏانهن سامونڊي گهٽيون ۽ گهيڙاٽا آهن ۽ جپان جي اندرئين حصي جو اهو سمنڊ Inland Sea ٿو سڏجي ۽ اصولن ان سمنڊ ۾ جهاز هلائڻ هڪ پرسڪون ڪم هئڻ کپي ۽ واقعي گهڻي ڀاڱي اهو اندريون سمنڊ ماٺو هجڻ کپي پر دنيا جي طوفانن، ٽائفونن، سائڪلونن کان سونامين تائين جو گهر هي علائقو آهي. اهي سڀ ڪم هتي ٿين ٿا. هاڻ ته هونشو ٻيٽ تان هُڪئدو وڃڻ لاءِ ٽرين هلي ٿي نه ته اڳ ۾ ٻه ٽي دفعا هُڪئدو گهمڻ لاءِ فيريءَ ۾ وڃڻو پيو هو. هي فيريون جيتوڻيڪ وڏن جهازن جيڏيون ٿين جن تي نه رڳو ماڻهو پنهنجين موٽرڪارن سان گڏ سوار ٿين پر سڄي سڄي ريل گاڏي مسافرن سوڌي سوار ٿئي ٿي جيئن يورپ جي ملڪن ۾ عام آهي. ايڏين وڏين فيرين (جهازن) جي باوجود ڪڏهن ڪڏهن هي سمنڊ اهڙو ته بگڙيل هوندو آهي جو چئن ڪلاڪن جو سفر عذاب ٿي پوندو آهي ۽ ڪيتريون ئي فيريون ٻڏي ويون آهن. خاص ڪري جپاني قومي ريلوي جي ”ٽويا مارو“ نالي ريل گاڏيءَ واري فيري جيڪا 1954ع ۾ هونشو ٻيٽ کان هُڪئدو ويندي هن آبناءِ سوگارو (Tsugaru) ۾ ٻڏي وئي ۽ مٿس 1172 سوار مسافر مري ويا هئا. منهنجي خيال ۾ هن حادثي کان پوءِ جپانين هونشو ۽ هُڪئدو وچ ۾ “سي ئي ڪان سرنگهه” (Seikan Tonnera) ٺاهڻ جو سوچيو. اهو ڪجهه سال اڳ تائين دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو زير زمين ٽنل هو جنهن مان ريل گاڏي لنگهي ٿي. اهو 52 کن ڪلوميٽر آهي ۽ سطح سمنڊ کان 240 ميٽر هيٺ زمين اندران گذري ٿو ۽ مني ڪلاڪ اندر بليٽ ٽرين هونشو ٻيٽ کان هُڪئدو، پهچائي ٿي. 2016 تائين ته جپان جو هي ٽنل (Seikan Tonnera) دنيا جو وڏي ۾ وڏو هو پر هاڻ سئٽزرلئنڊ جو گوٿارڊ بيس ٽنل آهي جيڪو اتي جي جبلن Alps جي هيٺان لنگهي ٿو ۽ 57 ڪلوميٽر آهي.
    اڄ ڪلهه هونشو ٻيٽ کان هُڪئدو ٻيٽ ڏي ماڻهو Seikan سامونڊي سرنگهه ذريعي باءِ روڊ ايندا ويندا رهن ٿا پر ساڳي وقت تفريح خاطر، سٺي موسم ۾ جڏهن ماٺو سمنڊ آهي ۽ هوا سانت ۾ آهي ته فيريءَ ۾ سفر ڪن ٿا جيڪا رفتار مطابق چار پنج ڪلاڪ وٺي ٿي. هونءَ به جپان جي چئني ٻيٽن مان هُڪئدو ۾ سڀ کان گهٽ ماڻهو رهن ٿا. اسان جي ملڪ جا شاگرد به ٽوڪيو، اوساڪا، ڪيوٽو، هيروشيما، نگويا، ڪوبي، فڪوڪا ته وڃن ٿا پر هُڪئدو جي شهرن سپورو، هاڪو داتي ڏي نه برابر وڃن ٿا ۽ هُڪئدو ٻيٽ تي ايترا تعليمي ادارا به نه آهن جيترا هونشو، شِڪاڪو ۽ ڪِيوشو ٻيٽن تي آهن. پر يارو گهٽ ۾ گهٽ ته به هُڪئدو ٻيٽ تي 37 اعليٰ قسمن جون يونيورسٽيون آهن، جن مان ڪيترائي جپان جا اعليٰ تعليم يافته، سائنسدان ۽ نوبل پرائيز کٽيندڙ تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. سپورو جي هُڪئدو يونيورسٽي (هُڪئدو دائي گاڪو) ته دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ آهي، جنهن ۾ مقامي ۽ ڌارين ملڪن جا شاگرد انگريزيءَ ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا. ناسا جو جپاني ائسٽروناٽ ۽ راڪيٽ ۾ ٻه دفعا خلا ۾ ويندڙ مامورو موهري (Mamoru Mohri) به هن يونيورسٽي جو گرئجوئيٽ آهي. هن هتان ڪيمسٽريءَ ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد آسٽريليا مان ڊاڪٽوريٽ ڪئي. 1975ع کان 1985 تائين هو هُڪئدو يونيورسٽيءَ جي نيوڪليئر انجنيئرنگ فئڪلٽيءَ جو ميمبر رهيو ۽ هن جو نيوڪليئر فيوزن سان واسطو رکندڙ پروجيڪٽن تي وڏو ڪم ٿيل آهي. پاڻ 1948ع ۾ هتي هُڪئدو ئي ۾ ڄائو هو.
    جپان جي هن ٻيٽ هُڪئدو جي هڪ ٻي اهم شخصيت ”تاڪيئو اري شيما“ ياد ٿو اچي جيڪو 1923ع ۾ گذاري ويو هڪ مشهور ناول نويس، افسانا نگار ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي. هن جا ٻه ننڍا ڀائر اڪُوما ۽ ٽان ساتومي پڻ جپانيءَ جا مشهور ليکڪ ٿي گذريا آهن ۽ سندس پٽ ماسايوڪي موري بين الاقوامي شهرت جو فلم ۽ اسٽيج جو ائڪٽر هو.
    مسٽر تاڪيئو سپورو جي ائگريڪلچر يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪئي. تعليم دوران هن خودڪشيءَ جي به ڪوشش ڪئي پر بچي ويو. تاڪيئو جو سماجي ڪمن ۾ وڏو نالو آهي جو هن جپان ۾ ڪيترائي عورتن جا اسڪول کوليا. تاڪيئو اري شيما جا ڪجهه جپاني ناول جيڪي انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿيا، هن ريت آهن:
    A Certain woman (Aru Onna)
    Descendents of Cain (Kain No Matsuei)
    “اي سرٽن وومئن” جو انگريزي ترجمو ڪينٿ اسٽرانگ ڪيو آهي. هي ڪتاب 1978 ۾ يونيورسٽي آف ٽوڪيو پريس وارن ڇپرايو جيڪو 382 صفحن تي آهي. 1980 ۾ هن ڪتاب جو وڏو ٻول چال هو ۽ ان جي ڪاپي اسان جي جهاز تي به ڪيترا سال موجود رهي. ادب جي شاگردن کي تاڪيئو جو هي ڪتاب ۽ هڪ ٻيو The Agony of Coming In to the World پڙهڻ جي صلاح ڏيندس.
    مٿين همراهن کان علاوه هُڪئدو جو هڪ ٻيو همراهه ”اڪيرا سوزڪي“ به مشهور آهي جنهن کي 2010 ۾ نوبل پرائيز مليو. هن هُڪئدو يونيورسٽي مان ڪيمسٽريءَ ۾ Ph.D ڪئي ۽ اتي ئي پروفيسر ٿي رهيو ۽ توهان يوئيچيرو مييورا جو نالو ته ٻڌو هوندو جيڪو 70 ورهين جي ڄمار ۾ 2003ع ۾ دنيا جي وڏي عمر وارو ٿي ڪري ايوريسٽ جبل جي چوٽيءَ تي پهتو. ان بعد 2006 ۾ هن دل جون ٻه آپريشنون ڪرايون ۽ 2013ع ۾. يعني 80 ورهين جي ڄمار ۾ هن هڪ دفعو وري ايوريسٽ جبل جي چوٽي پار ڪئي، اها ڳالهه “گنيز بڪ آف رڪارڊس” ۾ به آئي.
    آخري دفعو يوئيچيرو جبل جي چوٽيءَ تي پهچي ويو پر هيٺ لهي نه سگهيو. مس مس 6500 ميٽرن تائين پهتو ان بعد کيس ايئرلفٽ ڪيو ويو. پاڻ 1970 ۾ ايوريسٽ جبل تي اِسڪنگ جو رڪارڊ پڻ ڀڳو هئائين. سندس اهو ڪارنامو 1975 جي انگريزي فلم The Man Who Skied Down Everest ۾ فلمايل آهي.
    يوئيچيرو جو جپاني ٽي ويءَ تان مون هڪ انٽرويو ٻڌو هو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هن پاڻ کي انهن ڪمن لاءِ تيار ڪرڻ لاءِ هڪ ته سادو کاڌو پسند ڪيو ۽ ٻيو روزانو پنهنجي هر هڪ ٽنگ سان پنج پنج ڪلو ۽ پٺيءَ سان ٽيهه ڪلو جو وزن ٻڌي ڏهه ڏهه ڪلوميٽر واڪ ڪيو ٿي ۽ اهڙي ڪمري ۾ ويٺو ٿي جتي آڪسيجن جي ليول گهٽ هجي. اهو ان ڪري جو جبل تي جيترو مٿي چڙهجي ٿو اوتري آڪسيجن ليول گهٽجي ٿي ۽ بنا عادت وارو يڪدم ساڻو ٿيو پوي.


    جپان بابت ڪجهه مختصر ڳالهيون . . . .

    ھتي مختصر ڳالھيون پيش ڪجن ٿيون.


    جپان جون وينڊنگ مشينون ۽ ڇوڪرين جا چٻا ۽ ڪارا ڏند

    اسان غير جپاني ته جپان کي جپان سڏيندا رهون ٿا پر جپاني ٻوليءَ ۾ جپان کي نِهان يا نِپان سڏيو وڃي ٿو. اسان جا ماڻهو جيڪي جپاني ٻوليءَ کان ٿورو گهڻو واقف آهن اهي ان مان ئي اندازو لڳائي سگهن ٿا ته جڏهن ڪنهن کان جپانيءَ ۾ پڇبو آهي ته توکي جپاني اچي ٿي ته هيئن ئي پڇبو آهي ته: ”نهان گو وڪاري ماسڪا؟“ هونءَ نهان يا نپان جي معنيٰ آهي “اڀرندڙ سج جي ڌرتي” (Land of the Rising Sun) ڪنهن زماني تائين ماڻهن اهو ئي سمجهيو ٿي ته اوڀر ۾ پهريون ملڪ جيڪو صبح جو سڀ کان اڳ سج کي ڏسي، ٿو اهو جپان آهي.
    جپان ۾ هوا، پاڻي ۽ کاڌي پيتي جي صفائي سٿرائيءَ ڪري ۽ ماڻهن ۾ صحت جي اصولن تي هلڻ ڪري، هنن جي عمر (Life Expectancy) وڏي ٿي ٿئي. سراسري طور جپاني مرد 81 سال جيئرو رهي ٿو ۽ عورت 88 سال. جپان دنيا جي انهن چند ملڪن مان آهي جتي ٻارن کان وڌيڪ پوڙها نظر اچن ٿا. هڪ ٻه ملڪ جنهن کان پڻ آئون واقف آهيان ۽ جتي مون تعليم حاصل ڪئي اهو سئيڊن ۽ ناروي آهن. جپان وانگر انهن ملڪن ۾ به ڄم جي Rate گهٽ آهي. حڪومت طرفان صحت ۽ اسپتالن ۾ مفت علاج ڪري ماڻهو وڏي عمر جيئندو رهي ٿو. ٻيا ڪجهه ملڪ جن جي ماڻهن جي عمر 80 سالن کان مٿي رهي ٿي، هن ريت آهن: آسٽريا، ڊئنمارڪ، فنلئنڊ، فرانس، اٽلي، جرمني، آئسلئنڊ، هالينڊ، اسپين، سئٽزرلئنڊ، انگلينڊ وغيره. سڀني ۾ جپان ٽاپ تي آهي. پاڪستان جي ماڻهن جي سراسري عمر 66 سال آهي ۽ دنيا ۾ 148 نمبر تي آهي. انڊيا اسان کان ڪجهه بهتر آهي جتي ماڻهن جي عمر 68 سال آهي. بنگلاديش 118 نمبر تي آهي جتي ماڻهن جي عمر 71 سال چئي وڃي ٿي. ايران ۽ ترڪيءَ جي ماڻهن جي 75 سال آهي.
    اڄ ڪلهه وينڊنگ مشينون هر ملڪ ۾ عام ٿي ويون آهن. ڪنهن به وقت، آڌي رات جو به توهان کي ڪيڪ بسڪيٽ کپن يا گرم گرم ڪافي يا چانهه، ته توهان ان جي قيمت جيترا پئسا ان دٻي Vending Machine جي چير (Slot) ۾ وجهو ۽ اها شيءِ نڪريو اچي. ويندي دبئي، دوحا جهڙن ويران عرب ملڪن ۾ ۽ آفريڪا جي رستن تي اهي مشينون (ڪٻٽ) نظر اچن ٿا. پر 1960 ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ اهي مشينون اسان کي فقط آمريڪا ۽ جپان جي شهرن ۾ نظر آيون ٿي. بنا شڪ جي انهن مشينن جي شروعات آمريڪا ڪئي پر جپان ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو وٺي اهڙيون ته مشينيون ڪڍيون جن مان ڪلفي ۽ آئس ڪريم جهڙيون ٿڌيون شيون به مليون ٿي ته گرم گرم چانهه، ڪافي ۽ فراءِ ٿيل شيون ۽ ڀت به مليو ٿي. اڄ به دنيا ۾ سڀ کان گهڻيون وينڊنگ مشينون- اٽڪل 60 لک، جپان ۾ آهن. سمجهو ته جپان جي هر شهر جي هر گهٽيءَ جي ڪنڊ تي اها مشين نظر اچي ٿي ۽ ڪي ڪي شيون جپان جي انهن مشينن مان اهڙيون به نڪرن ٿيون جيڪي دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نظر نٿيون اچن. آئون ته هر بندرگاهه کان ٻاهر نڪري انهن مشينن ڏي نظر ڪندو آهيان ته ڪهڙيون ڪهڙيون شيون هن اوڙي پاڙي جا جپاني خريد ڪن ٿا - ٻين لفظن ۾ انهن کي ضرورت پوي ٿي. توهان مان ڪو اتي پهچي ۽ پهريون دفعو ڏسي حيرت کائي ان کان اڳ ڪجهه شين جا نالا آئون لکان ٿو جيڪي گذريل دفعي يوڪوهاما جي ٻن ٽن گهٽين جي وينڊنگ باڪسز تان نوٽ ڪيون اٿم: بيئر، گرم ۽ ٿڌي ڪافي، سگريٽ، وائين (شراب)، ڪنڊوم، ڪامڪ بُڪس، هاٽ ڊاگ، لائيٽ جا بلب، چانورن جون ٿيلهيون، ٽوائليٽ پيپپر، ڇَٽيون (Umbrellas)، مڇي ڦاسائڻ جو چوڳو (Bait)، تازا بيضا، پورنو (اگهاڙن فوٽن وارا) رسالا ۽ ويندي عورتن جا استعمال شده ڪڇا (انڊرويئر).
    هونءَ ته جپاني پاڻ کي وڏا ساڌ پات سڏائين ٿا. سندن بندرگاهه ۾ اسان جو جهاز پهچندو آهي ته ڪسٽمس وارا جهاز تي موجود ”پلي بئاءِ“ جهڙو رسالو به ضبط ڪري ڇڏيندا آهن يا جهاز تي موجود بانڊ اسٽور ۾ Seal ڪري ڇڏيندا آهن پر جپان جي گهٽين ۾ چڪر هڻو ته توهان کي هر قسم جا اگهاڙا ڪتاب ۽ رسالا نه فقط دڪانن تي نظر ايندا پر گهٽين ۾ لڳل وينڊنگ مشينن ۾ به. مٿي لکيل شين جي لسٽ جو آخري آئٽم به هتي خوب ٿو هلي. ٺڙڪي قسم جا جپاني، ڇوڪرين جي استعمال ٿيل ڪڇن کي حاصل ڪري ان مان طرح طرح جي فئنٽسي حاصل ڪن ٿا. مون کي به پهريون دفعو 1973ع ۾ اسانجي نگويا بندرگاهه واري شپنگ آفيس جي ڪلارڪ ڇوڪريءَ ٻڌايو ته هن کي اسان واري آفيس ۾ نوڪري ملڻ کان اڳ هن پيٽ گذر لاءِ پنهنجا استعمال شده ڪڇا پوسٽ ذريعي وڪيا ٿي جنهن جو هن اخبار ۾ اشتهار ڏنو ٿي. اڄ به جپان ۾ (۽ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾) ان آئٽم جو ڪاروبار On Line خوب هلي ٿو.
    اڄ کان اڌ صدي کن اڳ جڏهن اسان تعليم ختم ڪري جهاز هلائڻ شروع ڪيا ۽ جپان وڃڻ ٿيو ته اسان جپاني ڇوڪرين جي هئڊن ۽ چٻن سٻن ڏندن تي کلندا هئاسين. هو پاڻ به پنهنجن ڏندن تي شڪي ٿينديون هيون جو ٻين سان ڳالهائيندي يا انهن اڳيان کلندي، خاص ڪري اسان ڌارين اڳيان، پنهنجي وات اڳيان هٿ پيون رکنديون هيون. سئيڊن ۾ ڏندن جي ڊاڪٽريءَ جا اعليٰ تعليمي درس گاهه آهن. خاص ڪري آرٿو ڊينٽسٽري جا، يعني چٻن ڏندن کي سڌو ڪرڻ جي علم جا. اتي جپاني ڊاڪٽرن جي وڏي تعداد کي تعليم حاصل ڪندو ڏسي اسان جا جهازران ساٿي چوندا هئا ته جپانين کي آرٿو ڊونٽسٽ ڊاڪٽرن جي واقعي وڏي ضرورت آهي. خاص ڪري جپاني ڇوڪرين کي.
    اڄ اهو معلوم ڪري حيرت ٿي ٿئي ته ماضيءَ جي اها شيءِ يعني چٻا ڏند، جيڪا عيب سمجهي ويندي هئي اها اڄ ڪلهه فئشن ٿي پئي آهي. جنهن به جپاني ڇوڪريءَ جو اڳيون هڪ يا ٻه ڏند ڊراڪولا وانگر اڳيان ٿيل آهن يا نانگ جي ڏنگ ... يعني نانگ جو اهو چٻو ڏند (Fang) جنهن سان هو زهر inject ڪري ٿو، وانگر ٿورو مڙيل آهن، اها پاڻ کي خوش نصيب سمجهي ٿي. اهڙي ڦڏي (Crooked) ڏند کي جپاني يائيبا (Yaeba) سڏين ٿا ۽ اهڙو ڏند اڄ ڪلهه سونهن جي نشاني سمجهيو وڃي ٿو جيئن اسان وٽ ڪونج جهڙي ڊگهي ڳچي يا ايران ۾ سنهو نڪ آهي. ايران جون ڇوڪريون آپريشن (پلاسٽڪ سرجري) ذريعي پنهنجي نڪ کي سنهو ڪرائين ٿيون ۽ تهران جهڙن شهرن ۾ اهڙي آپريشن لاءِ سوين ڪلينڪون کلي پيون آهن. تيئن جپان جي مختلف شهرن ۾ ڏندان سازن جون ڪيتريون ئي ڪلينڪون نظر اچن ٿيون جن جا اشتهار ٽي وي ۽ Net تي به ايندا رهن ٿا ۽ اهي آرٿو ڊونٽسٽ جيڪي ڦڏن ڏندن کي سڌو ڪرڻ جو علم سکيا هئا اڄ ڪلهه نوجوان ڇوڪرين جي سڌن ڏندن کي ڦڏو ڪري خوب پئسو ڪمائي رهيا آهن. ڪٿي ڪٿي اهڙي قسم جا ڪرائون (ٽوپيون) ٺاهيون ويون آهن جيڪي ڏندن، خاص ڪري اڳين مٿين ڏندن (Upper Canines) تي چاڙهڻ سان چٻا ۽ ٿورو مڙيل نظر اچن ٿا. ان قسم جا ڏند يعني Yaeba جپان ۾ جواني (Youthfullness) جي نشاني سمجهيا وڃن ٿا. سڌي ڏند تي ٽوپي چاڙهي ان کي ڦڏو ڏند يعني Yaeba بنائڻ جي پروسيجر کي جپان ۾ Tsuke Yaeba سڏجي ٿو ۽ ٽوڪيو جا گنزا ۽ شنجوڪو جهڙا ماڊرن علائقا اهڙين ڊينٽل سئلونن سان ڀريا پيا آهن جتي گهٽ قيمت جي آفر تي “تسوڪي يائيبا” ڪئي وڃي ٿي ۽ اها گهٽ ۾ گهٽ قيمت به 400 آمريڪن ڊالر آهي يعني اڌ لک رپين جي لڳ ڀڳ، بقول هڪ ٽوئرسٽ جي ته اها ڪيڏي ته حيرت جي ڳالهه آهي ته What’s ugly and hideous to one person is attractive and sexy to the next
    ٻُڪَ ٽڪن جا ڏئي پنهنجي ٻن ڏندن کي چٻو ڪرائڻ واري هڪ جپاني ڇوڪريءَ کي کلي چيم ته “اڄ کان 50 سال اڳ جڏهن اسان جوان هئاسين ته اسان کي خبر ئي نه هئي ته اهڙا چٻا ڏند سونهن جي نشاني آهن ۽ اهڙن ڏندن واريون جپاني ڇوڪريون Sexy سمجهڻ کپن.”
    “ٺهيو اهو به سٺو ته مرڻ کان اڳ توهان کي خبر پئجي وئي.” هن وراڻيو.
    “ها پر اهو ڏک ته دل مان نه ويندو ته اهڙن ڏندن وارين توهان جي ڏاڏين ۽ نانين تان جڏهن هو اسان وانگر جوان هيون، اسان اجايو چٿرون ڪندا هئاسين ۽ هو هر وقت ڳالهائڻ يا کلڻ مهل منهن تي کڻي هٿ رکنديون هيون.”
    جپاني ڇوڪرين جي ڏندن جي ڳالهه نڪتي آهي ته اهو به لکندو هلان ته چين ۾ عورتون ننڍا پير سونهن جي نشاني سمجهي پنهنجا پير ننڍي هوندي کان ائين ٻڌي رکنديون هيون جيئن اهي نه وڌن. دراصل ڪنهن زماني ۾ چين جي هڪ بادشاهه جي ڌيءَ عذر واري ڄائي يعني هن جا پير ننڍا هئا. راڻي ۽ بادشاهه سلامت کي ان جو وڏو فڪر رهيو ٿي، سو ان کي خوش ڪرڻ لاءِ سندس چمچن درٻارين اهڙن ننڍن پيرن جي تعريف شروع ڪئي ۽ پنهنجي ڌيئرن جا پير سوڙهن بوٽن ۾ وجهي ننڍا ڪرڻ لڳا. اهو ڪم سئو سال کن اڳ ختم ٿيو آهي. جهاز هلائڻ وارن شروع جي سالن ۾ مون پاڻ چين ۽ ملائيشيا ۾ ڪيتريون پوڙهيون چيني عورتون ڏٺيون جن جا پير ٻارن جيڏا ننڍا هئا ۽ اهي ائين ٿي لڳيون ڄڻ پٻن تي هلي رهيون هجن.
    اهڙي طرح چون ٿا ته جپان ۾ به ڪنهن شهزاديءَ کي گهڻو مٺاڻ کائڻ ڪري سندس هڪ ڏند کي سرو لڳي ويو جنهن ڪري اهو ڪارو ٿي پيو. ان کي خوش ڪرڻ لاءِ ته اهو خوبصورتيءَ جو نشان ٿو لڳي ٻيون ڇوڪريون به پنهنجي هڪ ڏند کي ڪارو رنگ ڪرائڻ لڳيون. ڪن جو چوڻ آهي ته بدنظر کان بچڻ لاءِ جپاني ڇوڪريون هڪ ڏند کي ڪارو ڪرائين ٿيون جيئن اسان وٽ سرمي، ڪجل يا ڪاري رنگ سان ٻارن يا سهڻين ڇوڪرين جي چهري تي نشان ڪيو وڃي ٿو جيئن انهن کي نظر نه لڳي. يا پٽ ٻار جي مرڻ تي نئين ڄاول ٻار جا ڪن ٽوپيا وڃن ٿا بلڪه انهن مان هڪ ۾ والي به وڌي وڃي ٿي جيئن جن ڀوت دوکي ۾ رهن ته اهو ٻار ڇوڪرو نه پر ڇوڪري آهي ۽ ان جو نالو نه وٺن. بهرحال سنڌ ۾ اها رسم هاڻ وڃي ختم ٿي آهي نه ته ننڍي هوندي مون ڪيترن ٻارن جي ڪنن ۾ واليون ڏٺيون جن مان ڪيترا ته اڳتي هلي ڊاڪٽر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جا پروفيسر به ٿيا. ان مان اهو پڻ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسان وٽ مسلمانن جي عقيدي ۾ ڪيڏيون غلطيون هيون. جپان ۾ اها ڏند ڪاري ڪرڻ جي رسم اوهاگورو (Ohaguro) سڏجي ٿي. جپان ۾ اها رسم سوين سال هلي ۽ ميجي پيرڊ (1912ع- 1868ع) تائين ڏند کي ڪارو ڪرڻ سونهن جي نشاني سمجهيو ويو ٿي. اها رسم نه فقط جپان ۾ پر ڏکڻ چين، پئسفڪ سمنڊ جي ڪجهه ٻيٽن، لائوس ۽ ويٽنام جي ڪجهه قبيلن ۾ به عام هئي. اڄ به ڪجهه ڪجهه وڏي عمر جون عورتون ۽ نوجوان ڇوڪريون پنهنجي هڪ ڏند کي ڪارو رکن ٿيون يا ڪو ڏند ڀڄڻ تي ان جي جاءِ تي ڪنهن ڪاري رنگ جي ڌاتوءَ جو نقلي ڏند لڳرائين ٿيون جيئن اسان وٽ ڪي ڪي ماڻهو چاندي يا سون جو ڏند هڻائيندا هئا ۽ اڃان تائين هڻائين ٿا. هاڻ اها اوهاگورو جي رسم يعني ڏند کي ڪارو ڪرڻ جو فئشن نه فقط جپان ۾، پر ٻين ملڪن ۾ به ذري گهٽ ختم ٿي چڪو آهي هاڻ هر ڪو سمجهي ٿو ته سونهن جي نشاني اڇا ڏند آهن. البت ڏند کي ڪارو ڪرڻ (Ohaguro) جي روايت هاڻ فلمن، ڊرامن ۽ ڪجهه مستورين (فنڪشنن) ۾ ئي نظر اچي ٿي. ڪجهه گيشائون يا سيکڙاٽ (مائيڪو) به مڙيئي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي هڪ يا وڌيڪ ڏندن کي ڪارو ڪن ٿيون. ڪيوٽو شهر جتي جون ڪجهه گهٽيون گيشا گهرن کان مشهور آهن انهن گهٽين ۾ توهان کي اڄ به ڪا گيشا ڪاري ڏند واري نظر اچي سگهي ٿي.
    هونءَ ته هڪ ٻه ملڪ اهڙا آهن جيئن ته انڊيا جا ڪجهه علائقا، نيپال، مئڊا گاسڪر وغيره جتي ڪارن ڏندن وارا مرد ۽ عورتون نظر اچن ٿيون جيڪي ڏندن کي مِسي، مساڪ يا ٻيون اهڙيون شيون هڻن ٿيون يا پان، ڪَتُ ۽ سوپارين جهڙي شيءِ کائين ٿيون جنهن لاءِ هنن جو چوڻ آهي ته انهن شين سان ڏندن کي ڪينئون نٿو لڳي. اهي پيريءَ تائين مضبوط رهن ٿا.
    جپان ۾ ڏندن کي ڪارو ڪرڻ جي رسم تمام آڳاٽي آهي ۽ جنهن سالوشن (مڪسچر) سان اهي ڪارا ڪيا وڃن ٿا ان کي جپانيءَ ۾ ڪاني ميزو (Kanemizu) سڏين ٿا. ان ۾ لوهي ٽڪرا، سرڪو، چانهه ۽ چانورن جو شراب مليل ٿئي ٿو. جپاني پوڙهيون ٻڌائين ٿيون ته اها سالوشن پنج ڇهه ڏينهن هڻڻ بعد ڏند ڪارا ٿين ٿا ۽ ان ۾ بيحد اگري ڌپ ٿئي ٿي. جپاني تاريخ جا ڄاڻو ٻڌائين ٿا ته اها اوهاگورو رسم تمام گهڻي جهوني ڪوفن (Kofun) دور جي آهي. جپان جو ڪوفن دور 250ع کان 538ع تائين هليو. ڪوفن دور ۽ ان بعد اسوڪا دور کي ملائي ”ياماتو“ دور سڏيو وڃي ٿو. ان دور جي کوٽايل قبرن مان جيڪي مُردا نڪتا آهن انهن مان ڪجهه جا ڏند ڪارا نظر آيا آهن. جپان جي سڄي تاريخ Ohaguro رسم سان ڀري پئي آهي. چاهي جپاني جو ٻارهين صدي جو ناول ”گينجي مونو گاتري“ پڙهو يا جپاني لوڪ ڪهاڻيون ۽ جنن پرين جون ڪهاڻيون. توهان کي ڪٿي نه ڪٿي ڪاري ڏند جي ڳالهه ضرور ملندي.
    هن اوهاگورو رسم جو هڪ اهم سبب اهو به آهي ته صدين تائين جپان ۾ ڪاري رنگ جون شيون سهڻيون سمجهيون ويون ٿي. ڪجهه عرصو ته بالغ ٿيڻ تي اوهاگورو جي رسم ملهائي وئي ٿي ۽ ڇوڪرين پنهنجي ڏند کي ڪارو ڪرڻ ۾ فخر ٿي محسوس ڪيو يعني هو هاڻ جوان ٿي ويون آهن ۽ آزاد آهن. پنهنجي مرضي سان يار رکي سگهن ٿيون يا شادي ڪري سگهن ٿيون. اوهاگورو جي رسم کي اعليٰ معيار Status Symbol جي نشاني به سمجهيو ويو ٿي ۽ اعليٰ نوابن ۽ وڏن گهرن ۾ ڇوڪرين سان گڏ ڇوڪرن به اوهاگورو يعني پنهنجي ڏند کي ڪارو رنگ هنيو ٿي.
    جپان جي ايڊو (Edo) دور (1603ع کان 1868ع) تائين اوهاگورو جي رسم امير شادي شده عورتن ۾ تمام گهڻي هئي. گيشائن ۾ ته هر هِڪَ پنهنجو هڪ ڏند ڪارو ڪيو ٿي. ايڊو دور جي ختم ٿيڻ ۽ ميئجي دور شروع ٿيڻ تي يورپين جو جپان ۾ اچڻ شروع ٿيو جو ان کان اڳ 220 سال نه ڪنهن جپانيءَ کي ٻاهر وڃڻ ڏنو ويو ٿي ۽ نه ڪنهن ڌارئين کي جپان ۾ گهڙڻ ڏنو ويو ٿي. پوءِ جڏهن آمريڪن ۽ يورپين جپان ۾ اچڻ شروع ڪيو ته هنن کي ڪارن ڏندن سان جپاني عورتن کي رستن تي ٽهلندو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي ته هوڏانهن ته جپاني ڇوڪريون سونهن ۾ گڏيون ٻُڌجن ٿيون پر سندن ڏند ۽ مرڪ ته ڏسي خوف ٿو لڳي. ظاهر آهي مغرب جي ماڻهن لاءِ سونهن جو پنهنجو معيار آهي. هنن لاءِ سفيد موتين جهڙا چمڪندڙ ڏند سونهن جي نشاني رهي آهي. جپاني ڇوڪرين جا ڪارا ڏند ڏسي ڪي مغربي ته اهو سمجهڻ لڳا ته هنن ننڍين نيٽين ڇوڪرين جا ڏند خراب ڇو ٿي ويا آهن. يا اوهاگورو رسم هيٺ پنهنجا ڏند ڪارا ڪري ڇو پنهنجي سهڻي شڪل جي ستياناس ڪئي آهي؟ ڪن مغرب جي ماڻهن اها ٿيوري پيش ڪئي ته اوهاگورو رسم جپاني ڇوڪرين کي پنهنجن مڙسن کي دوکو نه ڏيڻ لاءِ قائم رکي وئي هئي جيئن هو ڌارين مردن کي نه وڻن ۽ ڪو هنن ڏي ڌيان نه ڏئي. پر ماڊرن جپاني سوشل سائنسدان ان ٿيوري کي Reject ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته ان دور ۾ جپاني عورتن کي مڪمل آزادي مليل هئي. اوهاگورو رسم جي پوئواري فقط ان ڪري ڪئي وئي ٿي ته جيئن جڳ جهان کي خبر پوي ته هو بالغ ٿي ويون آهن. بهرحال ميئجي حڪومت 1870ع ۾ اها اوهاگورو رسم بند ڪرائي ڇڏي ۽ هاڻ ڏندن کي ڪارو ڪرڻ جو آرٽ ڪيترن کان وسري ويو آهي. هاڻ رڳو، جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ڪاري ڏند واريون جپاني ڇوڪريون فقط فلمن ۽ ٿيٽرن ۾ نظر اچن ٿيون يا ڪيوٽو شهر ۾، جتي ڪي گيشائون ۽ مائڪو (سيکڙاٽ گيشائون) ڏند ڪارا ڪري واڪ ڪن ٿيون.
    هونءَ جپاني ڪلچر ۾ هڪ اهڙي به ڏائڻ (yokai) آهي جيڪا ڪارن ڏندن واري آهي ۽ اها “اوهاگورو بيٽاري” سڏجي ٿي. جيڪڏهن توهان کي رات جي وقت ڪنهن مندر يا خانقاهه وٽ ڪمونو ڊريس ۾ ڪا سهڻي ڇوڪري ملي وڃي ته خبردار رهجو جو اهائي “اوهاگورو ڏائڻ” (يوڪائي) اٿانوَ، هوءَ پٺيري سهڻي لڳي ٿي. توهان جي ويجهو وڃڻ تي، جيئن ئي هوءَ پنهنجو منهن ڦيري توهان ڏي ڏسي ٿي ته ان وقت توهان هن جو اکين بنا منهن ڏسي ڏڪي ويندائو. سندس منهن ۾ موجود وڏو وات ڪارن ڏندن سان ڀريل نظر ايندو.
    بهرحال ڪجهه به هجي پر ڪيترن لاءِ ته ڪارو رنگ به سونهن جي نشاني آهي تڏهن ته چيو وڃي ٿو ته (Black is Beautiful) چون ٿا ته مجنون جي محبوبا ليلا به ڪاري هئي. پر يارو! ڪاري رنگ جو هجڻ ٻي ڳالهه آهي پر ڪارا ڏند هجڻ خوف جي ڳالهه آهي.


    ڪارو منهن ۽ اڇو منهن ڪرڻ جو فئشن

    مختلف ملڪن ۾ ويندا هئاسين ته وقت سان گڏ ڪيترن ملڪن ۾ ڪپڙي گندي يا فئشن ۾ تبديلي نظر ايندي هئي. خاص ڪري ڇوڪرين ۾! ڇوڪرن کي به ڪڏهن هِپي (وڏن وارن وارا) ڏٺوسين ته ڪڏهن ٺوڙهه ڪرائي هلندو ڏٺوسين. پر ڇوڪريون ڪپڙن توڙي منهن جي فئشن ڏي وڌيڪ مائل نظر آيون ٿي. آفريڪا جي وڏن شهرن ۾ ڇوڪرين جي وارن ۾ تبديلي ايندي رهي ته يورپ جي بندرگاهن ۾ ميڪ اپ سان گڏ ڊريس ۾ اوگهڙ جو پهلو نمايان ٿيندو رهيو. ڪو فرق نظر نٿي آيو ته جپان ۾! اتي جون ڇوڪريون ان ئي فضيلت واري ڊريس ۽ پيلي رنگ جي چهري ۾ نظر آيون ٿي. ڪنهن شاديءَ جهڙي اهم فنڪشن ۾ هنن ڳرو مختلف رنگن وارو ڪِمونو پاتو ٿي ۽ چهري تي هلڪي سلڪي لالي سرخي ڪئي ٿي.
    گهڻو گهڻو پوءِ 1990ع ڌاري جڏهن ملائيشيا ۽ سعودي عرب ۾ به ڇوڪريون وارن کي رنگ ڪرائڻ لڳيون، بيوٽي پارلرن تان فئشل ڪرائي ميڪ اپ جا ليپ لڳرائڻ لڳيون ۽ جينز جون پتلونون پائڻ لڳيون ته ڪجهه جپاني ڇوڪرين جي دماغ ۾ خبر ناهي ڇا آيو جو هو پنهنجي چهري کي Tan ڪرڻ لڳيون. يعني ميڪ اپ لوشنن ذريعي ڪارسرو ڪرڻ لڳيون. اها ڪا نئين ڳالهه ناهي. اتر يورپ جي ملڪن سئيڊن، ناروي، فنلنڊ پاسي پنهنجي جسم جي ٽئننگ ڪرڻ هڪ عام ڳالهه آهي ۽ هڪ خيال کان هنن لاءِ صحيح به آهي جو ان پاسي جي ملڪن جون ڇوڪريون کير جهڙيون ايترو ته سفيد آهن جو هنن تي چٽيءَ جو شڪ ٿئي ٿو ۽ انهن ملڪن ۾ سال جو ڪو هڪ ٻه مهينا سج ٿو نڪري سو به جهڙو تهڙو. ان ڪري هو سج جي تپش ذريعي پنهنجي جسم کي ڪجهه گهٽ اڇو ڪرڻ لاءِ سمنڊ جي ڪناري تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اگهاڙيون ستيون رهن ٿيون يا قيمتي لوشن هڻن ٿيون. پر هيڏانهن جپان پاسي جپاني ڇوڪريون ملئي، پاڪستاني، انڊين ۽ برمي ڇوڪرين کان کڻي صاف رنگ جون آهن پر اهي اهڙيون به صاف رنگ جون نه آهن جو هنن کي Fair يا سفيد رنگ جو چيو وڃي. جپانين کان ته ايراني ۽ ٻين ايشين ملڪن جا ماڻهو سفيد آهن.
    بهرحال ڪجهه شوق ۽ ڪجهه تبديليءَ خاطر، يا کڻي چئجي ته پنهنجو پاڻ کي نمايان ڪرڻ لاءِ هو نه رڳو پنهنجي چهري کي ڪارو ڪرڻ لڳيون پر پنهنجي وارن کي به مختلف رنگن سان رڱڻ لڳيون. ان سان گڏ ڪپڙا به عجيب مسخرن وارا پائڻ لڳيون. “هي ڇا آهي؟” هڪ اديب، جرنلسٽ يا ٽوئرسٽ جي حيثيت ۾ رستي هلندي، عادت موجب، آئون به ڪيترين ڇوڪرين کان سوال ڪندو هوس.
    “هي گئنگورو (Ganguro) فئشن آهي.” هنن جواب ٿي ڏنو. گئنگورو شايد جپاني لفظ Gangankuro مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڪارو منهن. مون ته ان ئي وقت دل ۾ چيو ته ههڙي فئشن جو هلڻ مشڪل ئي لڳي ٿو. منهنجا پاڪستاني جهازران دوست به چوندا هئا ته بلڪل صحيح ٿو چوان. اڃان به اسپين، فرانس، فنلئنڊ، ايسٽونيا جهڙيون ڊگهيون ۽ سهڻيون ڇوڪريون پنهنجي چهري کي ڪارسرو يا ناسي ڪري هلن ته هنن جو ناز نخرو ضرور وڻندو. هي ڊينڊي قد جون جپاني ڇوڪريون شڪل ۾ ڪليڪٽر انب جهڙيون اجايو اچي انهن خفن ۾ پيون آهن. ماڳهين جيڪي ڪنهن جون من پسند آهن، اهي عاشق به رسو نه ڇنائي وڃن.
    اهو چهرو ڪارو ڪرڻ وارو فئشن Ganguro مون ڏٺو ته ٽوڪيو جي فقط ڪجهه فئشنبل ضلعن شِبويا، شِنجوڪو ۽ اَڪيبوڪُورو تائين ڪجهه سال محدود رهيو ۽ سال 2000ع کان اڳ ئي ختم ٿي ويو، جيئن ئي بِهاڪو Craze نموندار ٿيو. جپاني ڇوڪريون گئنگورو جو اٺ دماغ مان ڪڍي پنهنجو پاڻ کي گورو (سفيد) بنائڻ ۾ وڌيڪ عافيت سمجهڻ لڳيون ۽ ملڪ ۾ گوري ڪرڻ جون نت نيون ڪريمون ۽ لوشن نڪري پيا. هو پنهنجو پاڻ کي ملڪ جي خوبصورت ڳائڻين ۽ فلمي اداڪارائن کي فالو ڪرڻ لڳيون جنهن جو سڀ کان وڏو ڪريڊٽ جپان جي نوجوان، سهڻي ۽ اڇاڻ ۾ سڀ کان تيز ماڊل، سنگر ۽ ائڪٽريس ”ايومي هماساڪيءَ“ کي ڏئي سگهجي ٿو جيڪا سونهن توڙي اداڪاريءَ ۾ ائين تيزيءَ سان مشهور ٿي جيئن مغرب ۾ مائيڪل جئڪسن. ايوميءَ جي نه فقط سونهن پر هن جي بيحد گوري سفيد رنگ جپان جي نه فقط نوجوان ڇوڪرن کي پر ڇوڪرين کي به موهي رکيو ۽ هر ڇوڪِري ايومي هماساڪيءَ جهڙي رنگ جي ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي ۽ جپان ۾ بِيهاڪو (خوب صورت سفيدي) جو شوق جنم وٺڻ شروع ٿي ويو. جپاني ڇوڪرين محسوس ڪيو ته ڏند ڪارا ڪرڻ يا چهري کي ڪارو ڪرڻ پنهنجي سونهن چَٽ ڪرڻ آهي. اڇي کير جهڙي رنگ جي گهٽ سهڻي ڇوڪري به ڪشش رکي ٿي. هاڻ ته سائين جپان جي ميڪ اپ وارين ڪمپنين جي چاندي ٿي وئي آهي - شسيڊو کان شوائي مورا جهڙين ڪمپنين گوري رنگ ڪرڻ جا ڪيترائي لوشن ۽ ڪِريم کڻي ٺاهيا آهن. اهو به سٺو جو جپاني حڪومت انهن ڪمپنين تي سختيءَ سان نظر رکي ٿي ته ڪٿي رنگ گوري ڪرڻ وارين ڪِريمن ۾ ڪو نقصانڪار ڪيميڪل نه ملايو وڃي. ڇو جو ڪيترائي اهڙا ڪيميڪل آهن جيڪي انسان کي في الحال يڪدم بِليچ ڪري گورو بڻايو ڇڏين پر پوءِ اها چمڙي نه رڳو ڪومائجيو ڪاري ٿيو وڃي پر ان کي ڪيترن ئي قسمن جون بيماريون لڳيو وڃن. ان مصيبت ۾ جيڪي ملڪ مبتلا آهن، اسان جو ملڪ پاڪستان هڪ آهي جتي قاعدي قانون جي سختي نه هجڻ ڪري ۽ تعليم جي کوٽ ڪري ڪيتريون نياڻيون چمڙيءَ جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيون آهن ۽ ظالم واپاري پئسو ڪمائڻ خاطر غريب ماڻهن جو نٿا سوچين.
    جپان ۾ چڱو جو ايومي هماساڪي جهڙي گوري چٽي رنگ واري فلمي اداڪارا پئدا ٿي جنهن جپاني ڇوڪرين کي ڪاري منهن (Ganguro) مان ڪڍي اڇي چهري (Bihaku) ڏي مائل ڪيو. جيتوڻيڪ ايومي (Ayumi) جي ڄمڻ کان گهڻو اڳ جپاني پنهنجي ان پراڻي پهاڪي/ چوڻيءَ کان واقف هئا ته “Iro no Shiroi wa Shichinan Kakusu” يعني سفيد چمڙي، ست خاميون لڪايو ڇڏي.” (هن قسم جا جپاني پهاڪا آئون پنهنجي انگريزي ڪتاب “Proverbs of far East” ۽ سنڌي ڪتاب “رٺي آهي گهوٽ سان” ۾ به ڏئي چڪو آهيان. جيڪي ڪتاب 30 سال کن اڳ ڇپيا هئا).


    جپان جي اَيُومي ۽ ٻيون سدا سهڻيون

    گذريل مضمون ۾ رنگ گوري ڪرڻ جي سلسلي ۾ مون جپان جي هڪ ٽاپ ماڊل، ڳائڻي ۽ فلم ائڪٽريس ايومي (Ayumi Hamasaki) جو ذڪر ڪيو آهي. گذريل پنجاهه سالن کان جڏهن کان منهنجو جپان وڃڻ شروع ٿيو آهي ته جپان ۾ به انڊيا جي بالي ووڊ وانگر سهڻين ۽ ننڍين نيٽين فلمي اداڪارائن ۽ ڳائڻين جي کوٽ نه رهي آهي. هڪ ٻئي پويان ٽاپ جون اداڪارائون پيدا ٿينديون رهن ٿيون. اڄ کان پنجاهه سال اڳ جڏهن اسان جوان هئاسين ته ان وقت ٻيون ايوميون هيون جن کي جپان ۾ موجود اسان جهاز وارا ۽ ظفر شيخ، اشفاق ميمڻ ۽ ٻيا تن ڏينهن ۾ جپان ۾ رهندڙ، ٽي وي تي ڏسي ٺرندا هئاسين. اڃان اهي ئي جوڀن ۾ هيون ته وري ٻيون نموندار ٿيون ٿي. ٽن چئن مهينن کان پوءِ اسان جو جهاز وري جپان پهچندو هو ته پراڻين سان گڏ ٻي نئين کيپ نظر ايندي هئي. اهڙي طرح نيون نيون ڳائڻيون ٻڌڻ ۾ آيون ٿي جن جا ڪئسٽ ۽ بعد ۾ سي ڊيون وٺي جپان ۾ توڙي واپسي تي سمنڊ تي ٻڌي خوش ٿيندا هئاسين. اهو سلسلو اڄ تائين هلندو پيو اچي. اڄ ڪلهه جپان ۾ جيڪي ٽاپ تي اداڪارائون يا ڳائڻيون آهن انهن مان ٻن ٽن جو هتي مختصر ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. جپان جون جي ڏهه امير ترين شخصيتون کنيون وڃن ته پهرين نمبر تي ”ايومي هاماساڪي“ آهي جيڪا هن وقت چاليهه سالن جي ڄمار ۾ 450 ملين ڊالرن جي مالڪ آهي. يعني 45 ارب رپين کان به مٿي ملڪيت جي! اها دولت هن ڳائڻ ۽ اداڪاريءَ مان ڪمائي آهي. ايومي 1978ع ۾ فڪوڪا شهر ۾ ڄائي. هن بابت خاص ڳالهه اها آهي ته هن جيڪي به گانا ڳايا آهن اهي هن پاڻ لکيا آهن ۽ ڪيترن جي ته ميوزڪ به پاڻ ڪمپوز ڪئي اٿس. ايوميءَ جا هيستائين 50 ملين رڪارڊ وڪامي چڪا آهن. هن وقت، هي لکڻ مهل، سندس هڪ انگريزي عنوان وارو جپاني گانو ٻڌي رهيو آهيان جنهن جو عنوان آهي Dearest . توهان به يوٽيوب تي ايوميءَ جو اهو گانو يا ڪو ٻيو ٻڌي اسان جي پسند کي داد ڏئي سگهو ٿا. ايوميءَ 2011ع ۾ آسٽريا جي هڪ ائڪٽر سان شادي ڪئي پر پنجن سالن بعد هنن جي علحدگي ٿي وئي. ايوميءَ سان 2008ع ۾ اهو مسئلو ٿيو جو هن جو کاٻو ڪَنُ خراب ٿي پيو جنهن ڪري هوءَ ان ڪن کان اڄ تائين ٻوڙي آهي پر هوءَ ڳائڻ ۽ اداڪاريءَ کي قائم رکندي اچي. سندس سٺي ڳالهه اها آهي ته هوءَ خير خيراتن جي ڪمن ۾ دل کولي حصو وٺي ٿي. 2011ع ۾ توهوڪو جو زلزلو ۽ سونامي لڳي ان ۾ هن مجبورن جي مدد لاءِ 30 مِلين يين ڏنا جيڪي سمجهو ته ٽي ڪروڙ رپيا ٿين ٿا.
    اڄ ڪلهه هڪ ٻي جپاني اداڪارا ۽ ڳائڻي بيحد مشهور آهي، اها امورو (سڄو نالو Namie Amuro) آهي جيڪا جپاني راڳ جي راڻي ۽ مئڊونا به سڏجي ٿي. هوءَ 14 سالن جي هئي ته هن جو 1992ع ۾ پهريون گانو هِٽ ويو هو. امورو وٽ هن وقت 100 ملين آمريڪن ڊالر ملڪيت آهي ۽ جپان جي چوٿين نمبر تي Celebrity آهي، اهڙي طرح سان پنجين نمبر تي امير هِڪارو (Hikaru Utada) آهي. هن جي راڳن جا 52 ملين رڪارڊ وڪامي چڪا آهن. هن دور ۾ جڏهن هر ڳائڻي کي اسان يوٽيوب تي ٻڌي سگهون ٿا، ايترن رڪارڊن جو وڪرو واقعي وڏي ڳالهه آهي. پاڻ نه رڳو ڳائڻي آهي پر گانا به پاڻ ئي لکي ٿي. اڳتي هلي پاڻ جپان ۾ خودڪشين جي وڌندڙ رجحان جي ڳالهه ڪنداسين. پر هينئر هن ڳائڻي هِڪارو جو احوال لکندي اهو به ٻڌائيندو هلان ته هڪارو جي ماءُ ڪيڪو فوجيءَ خودڪشي ڪئي هئي. 2013ع ۾ هن ٽوڪيو جي هڪ خوبصورت علائقي شنجوڪو جي هڪ 28 ماڙ عمارت جي تيرهين ماڙ تان ٽپو ڏئي پنهنجو انت آندو.
    مٿين خوبصورت جپاني فلمي اداڪارائن ۽ ڳائڻين سان گڏ ٻه ٻيون به نوجوان ڇوڪريون ڳڻائڻ چاهيان ٿو. هڪ ڪيئيڪو ڪيٽاگاوا ۽ ٻي ڪيوڪو فوُڪادا. ڪيئڪو Keiko 1986ع ۾ ڄائي پاڻ 2003ع کان 2006ع تائين ڪيترين ئي رسالن جي ماڊل رهي. پوءِ ماڊلنگ ڇڏي اداڪاري شروع ڪئي. اڄ ڏينهن تائين هن ڪيترين ئي جپاني توڙي انگريزي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي. جهڙوڪ:
    Mizu ni Sumu Hana
    Mamiya Kyodai
    The fast & furious
    Heat Island
    وغيره وغيره
    اهڙي طرح 35 سالن جي اداڪارا ڪيوڪو (Kyoko Fukada) آهي جيڪا “فوڪا ڪيان” به سڏجي ٿي. هن کي تازو يوڪوهاما فلم فيسٽيول تي سندس فلم Kamikaze Girls تي بهترين اداڪارا جو ايوارڊ مليو هو. ڪيوڪو 1982ع ۾ ٽوڪيو ۾ ڄائي ۽ پهريون دفعو 1997ع ۾ جپاني ٽي وي تي “سوريگا ڪوتائي دا” ڊرامي ۾ آئي. پاڻ اداڪارا کان علاوه بهترين ڳائڻي به آهي. بهرحال مٿي جن پنج ڇهه ڄڻين جا نالا لکيا اٿم انهن کان اڄ ڪلهه هر هڪ جپاني واقف آهي.


    ڏک ۽ غلطيءَ جو علاج خودڪشي

    سئيڊن ۽ ناروي پاسي خودڪشي جو تعداد تمام گهڻو آهي خاص ڪري سياري ۾ جڏهن راتيون ڊگهيون ٿين ٿيون، لڳاتار اوندهه ۽ مائٽن مٽن يا دوستن سان تعلقات نه هجڻ ڪري سخت ڊپريشن ٿئي ٿي. انهن ملڪن ۾ خودڪشي يعني آپگهات جا اهي ئي سبب آهن. نه ته ڏٺو وڃي ته مٿين ملڪن ۾ سرڪار طرفان والدين توڙي ٻارن کي ايترو ته پئسو ملي ٿو جو هنن کي نه روزگار جو فڪر آهي ۽ نه بيماري علاج جو. انهن ملڪن جو خودڪشيءَ ۾ مقابلو جپان ئي ڪري ٿو جيڪو ڪنهن سال پهرين نمبر تي اچي ٿو ته ڪنهن سال ٻئي نمبر تي.
    سال 2014 ۾ سراسري طرح هر روز 70 جپانين خودڪشي ڪئي. يعني اهي سرڪاري انگ اکر آهن. انهن ۾ گهڻائي مردن جي رهي ٿي ۽ گهڻو ڪري نوجوان طبقو 22 سالن کان 40 سالن وارو ڪري ٿو.
    گذريل سال روزانو 90 جي حساب سان جپانين خود ڪشي ڪئي. جپان ۾ به ڪيترا ماڻهو ڊپريشن ڪري پنهنجو انت آڻين ٿا پر اهو ڪيترن سببن مان هڪ آهي. ڪيترا بيروزگاري جي حالت ۾ به ڪن ٿا. يا نوڪريءَ مان جواب ملڻ جي خوف کان به ڪن ٿا. جپان ٽائيمس جي هڪ اخباري نمائندي مسز نِشي هارا چيو ته “باوجود سٺين يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪرڻ جي توهان هميشه نوڪريءَ جي اميد رکي نٿا سگهو. نوجوان طبقي کي پنهنجي مستقبل جو ڏاڍو فڪر رهي ٿو.”
    هڪ پاڪستاني جنهن ڪيوٽو يونيورسٽيءَ مان فزڪس ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي ۽ جپان ۾ سٺي نوڪري ڪري رهيو آهي تنهن کي جڏهن مون چيو ته ”ظاهر آهي توکي اهڙي ئي سٺي نوڪري ملڻ کپي جو تو اعليٰ تعليم حاصل ڪئي آهي“، ته هن يڪدم چيو ته “نه. اها ڳالهه ناهي. آئون لَڪي آهيان، قسمت سٺي هئي جو هيءَ نوڪري ملي وئي نه ته ڪيترا جپاني ۽ ويندي يورپي مون کان وڌيڪ پڙهيل ۽ هوشيار هجڻ جي باوجود بيروزگار پيا ڦرن.”
    جپان ۾ خودڪشيءَ جو سبب شرم ۽ Guilt (احساس جرم) به آهي. ڪنهن ٻئي کي دوکو ڏنو جنهن جو هن کي بعد ۾ ڏک ٿيو، هو پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏيندو. ڳالهه اها آهي ته خودڪشي ڪرڻ، جپان ۾ هڪ باعزت ۽ فخر وارو ڪم سمجهيو وڃي ٿو. جپاني فوجي نوڪريءَ دوران جنگ هارائڻ يا ڪا مشن مڪمل نه ڪرڻ تي هو پنهنجو پاڻ کي هن دنيا ۾ جيئرو ڏسڻ پسند نٿو ڪري. ڪيترا ته ٽيچر، سرڪاري ڪامورا ۽ وزير سياستدان به ڪنهن ڪم جي پوئواري نه ڪرڻ تي پاڻ کي ماريو ڇڏين، جنهن جو تازو مثال جپاني سياستدان توشي ڪاتسو جو آهي جيڪو ائگريڪلچر، جنگلات ۽ فشريز جو وزير هو. هن جي آفيس جي سالياني خرچ 50 لک يين (اڄ ڪلهه هڪ يين هڪ رپئي برابر آهي) يعني اڌ ڪروڙ رپيا اچڻ تي پريس طرفان جڏهن هن کان پڇا ٿي ته هن جي ننڍڙي آفيس جي هن کي مسواڙ به نٿي ڏيڻي پوي ته پوءِ 50 لک رپيا خرچ ڇو آيو؟ هن ٻڌايو ته ان جو وڏو حصو مِنرل واٽر تي آيو جو آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ۽ ايندڙ ماڻهو نلڪي جو پاڻي نٿا پيئن ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد کائنس ان سوال جو جواب Diet (جپاني پارليامينٽ) ۾ پڇڻو هو. پر پارليامينٽ شروع ٿيڻ کان ٻه ٽي ڪلاڪ اڳ هن ڳچيءَ ۾ رسو وجهي پاڻ کي ڦاهي ڏئي ڇڏي. اسان وٽ ته ڪو وزير وڏي گهوٻي ٿو هڻي ته به ڦاهي ته ٿي پري جي ڳالهه هو پنهنجي پوسٽ تان استعيفيٰ به نٿو ڏئي. جن ڏينهن ۾ توشي ڪاتسو (Toshi Katsu Matsuoka) خودڪشي ڪئي هئي انهن ڏينهن ۾ ٽوڪيو ۾ پاڪستان کان آيل مهمانن ۾ هڪ اسان جو وزير به هو. مون کلي چيومانس ته “اسان جي سياستدانن ۾ اهڙي غيرت هجڻ کپي.”
    مون کان وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين ته “پوءِ سڄي پارليامينٽ يا اسيمبلي ۾ باقي رهندائي ڪيترا؟” جيئن آمريڪا ۾ خودڪشي ڪرڻ وارن جو دلپسند هنڌ سئن فرانسسڪو جي گولڊن گيٽ برج آهي تيئن جپانين لاءِ آئوڪي گاهارا (Aokigahara) ٻيلو آهي جيڪو فوجي جبل جي قدمن وٽ آهي. هي بيحد گهاٽو ۽ جهنگلي وڻن سان ڳتيل ٻيلو آهي جنهن ۾ ڪو هڪ دفعو گهڙي ٿو ته ان جو موٽڻ مشڪل آهي. جيتوڻيڪ پوليس جو وڏو تعداد پئٽرولنگ به ڪندو رهي ٿو. ڪيترا جپاني پنهنجو پاڻ کي مارڻ لاءِ پاڻ کي ٽرين اڳيان اڇلائين ٿا. جپان جي “چوئو ريلوي لائين” ان ڪم کان سخت بدنام آهي. ايتريقدر جو ان کي ڪيترا Chuo-cide سڏين ٿا. يعني Suicide واري ريلوي.
    جپان جي مڊل ۽ هاءِ اسڪول ۾ نئين ڪلاس جي ٻارن کي سخت تنگ ڪيو وڃي ٿو. ان خوف کان پڻ ڪيترا ٻار خودڪشي ڪن ٿا. سرڪاري انگ اکرن موجب 2000 ٻار پاڻ کي ماري چڪا آهن.
    هونئن جپاني پنهنجو انت پستول يا بندوق سان به آڻڻ ۾ ويرم نه ڪن پر جپان ۾ هٿيار رکڻ تي منع آهي. جپان ۾ خودڪشي ڪرڻ جو هڪ وڏو مسئلو اهو به آهي ته جتي ٻين ملڪن ۾ مذهب يا سوسائٽي ان شيءِ کي خراب ٿي سمجهي ۽ خودڪشي ڪرڻ وارو گيدي ۽ ڊڄڻو ٿو سمجهيو وڃي، اتي جپان ۾ پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ڏوهه جي سزا ڏيڻ واري کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ان ڏوهاري، ٻئي کي غم پهچائيندڙ يا پنهنجي ڊيوٽي صحيح طرح نه ڏيڻ واري جي موت بعد سندس اولاد فخر مان اوچو ڳاٽ کڻي هلي ٿو. ڪيترا پنهنجو پيٽ ڇري سان ڪپي پنهنجو انت آڻين ٿا جنهن کي جپانيءَ ۾ ”هاراڪري“ يا Seppaku سڏجي ٿو. ان عنوان تي تفصيل سان لکي چڪو آهيان ۽ اهڙي موت تي غمگين ٿيڻ بدران ان کي ڳائي وڄائي ويلڪم ڪيو وڃي ٿو. ڪيترا جپاني اديب، شاعر، مفڪر، پڙهيل ڳڙهيل موت کان اڳ ڪو شعر يا فلسفي جملو به لکي ويندا آهن جنهن کي جپانيءَ ۾ Jisei سڏجي ٿو. جنهن جي معنيٰ “موت جو شعر” يا “زندگيءَ کي الوداع ڪرڻ” جو شعر به چئي سگهون ٿا. هڪ اهڙو جپاني شعر (Jisei) ياد اچي رهيو آهي:
    Wakaishu ya
    Shinu ga iya nara
    Ima Shiniyare
    Hito- tabi shineba
    Mo shinanu zo ya.
    او نوجوانو
    جيڪڏهن توهان کي موت جو خوف آهي
    هينئر مرو!
    ڇو ته هڪ دفعو موت اچڻ تي
    توهان کي اهو وري نه ماريندو.
    مون موت جي جپاني شاعري انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل پڙهي آهي. ڪوزان اچيڪيو نالي ٻائي جي موت کان ڪجهه گهڙيون اڳ لکيل هي شعر تمام مشهور آهي. ڪوزان موت کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ پنهنجن چيلن مريدن کي سڏي اهو حڪم ڏنو ته هن جي موت بعد ڪو به ساٺ سوڻ يا رسم ادا نه ڪئي وڃي ۽ نه هن جي ياد ۾ ڪو جلسو جلوس ڪيو وڃي. پوءِ مرڻ واري ڏينهن صبح جي پهر جيڪو جپاني موت جو شعر لکيو ان جو ترجمو هن ريت آهي:
    هٿين خالي هن دنيا ۾ گهڙيس
    اگهاڙين پيرين ڇڏي پيو وڃان
    منهنجي آمد، منهنجي رواني
    ٻه مختصر وارداتون
    جيڪي هڪ ٻئي ۾ وچڙيل رهيون.


    موت تي ڪجهه خوبصورت شعر

    اهڙي طرح موت جو هڪ ٻيو خوبصورت شعر آهي.
    ڪنول جي پن تي
    ماڪ جي قطرن جيان
    آئون غائب ٿو ٿيان.
    مينا موتو يوري ماسا نالي هڪ جپانيءَ جو جيسيئي يعني موت جو شعر آهي:
    هڪ اهڙي اڏوهي کاڌل بنڊ وانگر
    جنهن جو اڌ زمين ۾ کتل آهي
    منهنجي زندگي .... منهنجي زندگي
    جنهن ۾ اڃان جوڀن نه آيو هو
    غمگين پڄاڻيءَ تي پهچي ٿي ......
    ڪي ته مئه جا عاشق مرڻ وقت به شراب جا تمنائي ٿين ٿا. اسان جي ننڍي کنڊ جي ڪنهن ديسي شاعر چيو هو ته هن جي مرڻ تي هن کي شراب سان غسل ڏجو ۽ قبر تي انگورن جي وَل پوکجو.
    هاڻ شراب تي پابندي هجڻ ڪري اسان جي ملڪ ۾ مئه خانا، بار، پب يا شراب جون نه ريسٽورنٽون نظر اچن ٿيون ۽ نه اسان جي هوائي جهازن يا سرڪاري ادارن جي دعوتن ۾ شراب هلي ٿو. اسان جي ڪاليج، نيول اڪيڊمي توڙي اسان جي سامونڊي نوڪري جي شروع وارن سالن تائين اسان جي شهرن، شادين مرادين، راڳ رنگ جي محفلن ۾ ناچ گاني سان گڏ شراب به عام هليو ٿي بلڪه کليو کلايو ڳايو وڄايو ويو ٿي. انهن ڏينهن جي مشهور ڳائڻي مُني بيگم جا ته ڪيترائي غزل شراب جي تعريف ۾ هوندا هئا جيڪي اسان بنا سوچڻ سمجهڻ جي، يا کڻي چئجي ته ان ۾ ڏنل ميسيج کي نندڻ بدران ان جي خوبصورت ڌن ۽ ڳائڻ واري سُر تي موهت ٿي واهه واهه ڪندا هئاسين. مُني بيگم جو هڪ غزل ٿو ياد اچي جيڪو اسان جهاز تي اڪثر جهونگاريندا رهياسين ٿي:

    آيا هون ميکده مين
    تو بي حساب دي دي
    ساقي شراب دي دي
    ساقي شراب دي دي
    بوتل کي بات کيا هي
    مئه خانه مانگتا هون
    محشر ۾ مليگا تجهي
    اس کا ثواب دي دي
    ساقي شراب دي دي
    ساقي شراب دي دي

    مني بيگم جي هڪ اهڙي غزل جو پنهنجي ملئي دوست جهازران جي چوڻ تي مون جڏهن هن کي ترجمو ٻڌايو ته هن مون کي ڏاڍو شرمندو ڪيو ته هيءَ ڪهڙي شاعري يا گانو آهي، جيڪي توهان مسلمان ٿي ڪري ٻڌو ٿا ۽ ڪنڌ ڌوڻيو ٿا.... مون کي به ان ڏينهن احساس ٿيو ته اسان گاني جي مطلب يا ان ۾ رکيل پيغام تي ته ڌيان ئي نٿا ڏيون. رڳو ڌُن ۽ ميوزڪ تي ڪنڌ پيا ڌوڻيون. اسلام ۾ شراب حرام شين مان آهي جنهن جو هڪ ڦڙو کوهه ۾ ڪري پوي ته اهو کوهه پاڪ ڪرڻ لاءِ ٽي دفعا خالي ڪرڻو پوي ٿو.
    بهرحال اسان جي ننڍي کنڊ جي شاعري جام ۽ مينا سان ڀري پئي آهي. چاچي غالب جو شعر آهي:
    ”گو هاتهه کو جنبش نهين آنکهون ۾ تو دم هي
    رهني دو ابهي ساگرومينا ميري آگي... “

    شيخ اياز جو هڪ شعر آهي.

    ”جام و مينا رهي، رهي نه رهي
    منهنجي اکڙين جون عادتون رهنديون....“

    شايد مير تقي مير جو هڪ شعر آهي

    ”شراب عيش ميسر هوئي جسي اک شب
    پهر اس کو روز قيامت تلک خمار رها..“

    بهرحال پاڻ جپاني هارا ڪِري (خودڪشي) ڪرڻ وارن جي ڳالهه پئي ڪئي ته ڪي شراب جا اهڙا عاشق آهن جو خنجر سان پنهنجو پيٽ ڦاڙي “هارا ڪري” ڪرڻ کان اڳ جيڪي ٻه ٽي سٽون موت جي آجيان ۽ زندگيءَ کي گڊباءِ ڪرڻ لاءِ لکن ٿا انهن ۾ به شراب لاءِ چاهت جو اظهار ڪن ٿا. موريا (سڄو نالو Moriya Senan) خودڪشيءَ کان اڳ جيڪو ”پنج سٽو“ لکيو، اهو هن ريت آهي.

    Ware shinaba
    Sakaya no kame no
    Shita ni ikeyo
    Moshi ya shizuku no
    Mori ya sen nan.
    ترجمو: مري وڃڻ بعد مون کي دفن ڪجو،
    هڪ شراب جي پيپي (Barrel) هيٺان،
    ڪنهن مئخاني ۾.
    اميد اٿم (ڀاڳ جي لڳو)،
    ته اهو ڊرم لِيڪ ڪندو....
    جيڪي جپانيءَ ٻوليءَ کان واقف آهن انهن جو ان ڳالهه ڏي ڌيان ڇڪايان ته شاعر موريا سينان پنهنجي مٿين شعر جي آخري سٽ “موري يا سين نان کي پنهنجي نالي موريا سينان سان Play ڪيو آهي.
    واقعي حيرت جي ڳالهه آهي ۽ جپانين جو ڪمال آهي جو پنهنجو پاڻ کي مارڻ کان اڳ پنهنجو پاڻ کي ڪمپوز (پُرسڪون) رکي Jisei يعني “موت جي شاعري” لکن ٿا. هڪ ان جيسيئي (موت جي شاعريءَ) بابت به خوب هائيڪو لکيو آهي:

    Jisei to wa
    Sunawachi mayoi
    Tada Shinan.
    (Death poems are mere delusion death is death).

    پنهنجو پاڻ کي ننڍپڻ ۾ ئي خودڪشي ڪري مارڻ جي باوجود، بهتر حالتون هجڻ ڪري جپاني وڏي عمر ماڻي ٿو ۽ ساڳي وقت ڄم تي سخت ڪنٽرول هجڻ ڪري هر گهر ۾ ٻار گهٽ نظر اچن ٿا. چوڌاري وڏي عمر جا يعني پوڙها مرد ۽ عورتون وڌيڪ نظر اچن ٿيون. بقول هڪ دڪاندار جي جپان اهو ملڪ آهي جتي ٻارن جي پئمپرن کان وڌيڪ وڏن جا پئمپر وڪامن ٿا.
    هونءَ شراب ۽ شباب جي معاملي ۾ اسانجا ايراني شاعر به گهٽ نه هئا. خاص ڪري عمر خيام ته! انهن جي ڪجهه فارسي شاعري ملاحظه فرمائجو.

    من و انکار شراب این چہ حکایت باشد
    غالبا این قدرم عقل کفایت باشد

    مان ۽ شراب جو انڪاري! اها به ڪا ڳالهه آ۔
    گهٽ ۾ گهٽ ايترو عقل ته مون ۾ آ(۽ ايترو ئي کوڙ آ)

    شیخم بطنز گفت حرام ست مے مخور
    گفتم مگو کہ گوش بہر خر نمی کنم
    شيخ ٽوڪيندي چوي ٿو ته شراب نه پي، حرام آهي،
    چيومانس ته اها ڳالهه نه ڪر ڇو جو مان گڏھ جي ڳالهه ڪَن تي ناهيان آڻيندو.

    ما خرقہ زہد در سر خم کردیم
    وز خاک خرابات تیمم کردیم
    باشد کٕ درون میکدہ دریا بیم
    عمرے کہ دروں مدرسہ گم کردیم ( خیام)

    مان زهد جو جبو لاهي صراحي تي چاڙهي ڇڏيو آهي۔
    مئه خاني جي مٽي سان تيمم ڪيو اٿم۔
    متان مئه ڪدي ۾ وڃي اها،
    عمر واپس ملي جيڪا مدرسن ۾ وڃائي هئم۔

    چنداں بخورم شراب کین بوۓ شراب
    آیدز تراب چون روم زیر تراب
    تا بر سرخاک من رسد مخمورے
    از بوۓ تراب من شود مست و خراب۔ (خیام)

    مان ايترو شراب پيئڻ چاهيان ٿو
    جو جڏهن مان مٽي هيٺيان دفن ٿيان
    ته ان مٽي مان شراب جو واس اچي ۽ جيئن ڪو پياڪ
    منهنجي مٽي (قبر) تي اچي ته شراب جي واس سان ئي مست ۽ مخمور ٿي وڃي۔

    گویند مخور مے، کہ بلاکش باشی
    در روز مکافات در آ تش باشی
    این ھست ولے ز ھر عالم خوشتر
    این یکدم کز شراب سرخوشی باشی۔ (خیام)

    چون ٿا ته شراب نه پي نه ته مصيبتون ملندئي۔
    قيامت ۾ باھ ۾ سڙڻو پوندئي۔
    صحيح ڳالهه آهي،
    پر شراب پيڻ جي مستي جو هڪ لمحو ٻنهي جھانن کان وڌيڪ ڀلو آهي.

    جام و مے و ساقی بر لب کشت
    این جملہ مرا نقد و ترانسیہ بہشت
    مشنو سخن بہشت و دوزخ از کس ما
    کہ رفت بہ دوزخ و کہ آ مد ز بہشت (خیام)

    جام، شراب،ساقي ۽ باغ جي ڪنڊ منهنجي بلي۔
    بهشت ڀلي توکي ملي۔
    بهشت ۽ دوزخ جون ڳالهيون اجايو نه ٻڌ۔
    ڪير بهشت دوزخ کان آيو ويو آهي!!

    اے دوست حقیقت شنو از من سخنے
    با بادہ لعل باش و با سیم تنے
    کانکس کہ جہاں کرد فراغت دارد
    از سلبت چوں توٸی و ریش منے (خیام)

    اي دوست حقيقت جي ڳالهه مونکان پڇ۔
    ڪڪوھ (ڳاڙهي شراب) ۽ سهڻن سان سان گڏ گهار۔
    ڇو ته جنهن جهان کي جوڙيو آهي،
    تنهن کي تنهنجي مڇن ۽ منهنجي ڏاڙهي سان ڪو واسطو ڪونهي۔

    اے ماندہ بتزویر فرینبدہ گرو
    وزبہر دو روزہ عمر خود درتگ و دو
    گفتی کہ پس از مرگ کجا خواہم رفت؟
    مے پیش من آرو ہر کجا خواہی رو۔ (خیام)

    او دوکي دولاب سان سٿيل ماڻهو!
    او ٻن ڏينهن جي زندگي لاء وٺ وٺان ڪندڙ!
    تون پڇين ٿو ته مرڻ کان پوء ڪيڏانهن ويندس؟
    اڙي مونکي شراب ڏي، پوء جيڏانهن دل چوئي هليو وڃ۔


    ٽائٽانڪ جهاز تان بچڻ تي ٿڪ لعنت

    سڀ کان گهڻو جن ملڪن ۾ منهنجو وڃڻ ٿيو آهي، رهڻ ٿيو آهي ۽ اتي جي ماڻهن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، جپان انهن مان هڪ آهي. جپان ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ تي جپان جي ماڻهن يا انهن جي ڪلچر جي يڪدم خبر نٿي پوي پر پوءِ جيڪو اتي تعليم يا نوڪري خاطر وڏو عرصو رهي ٿو يا اسان جهاز جي نوڪري ڪرڻ وارن وانگر سالن جا سال ايندو ويندو رهي ٿو ته پوءِ احساس ٿو ٿئي ته هنن جو ڪلچر توڙي سوچ اسان کان يا ٻين ايشيائي ملڪن کان مختلف آهي. مثال طور اسان وٽ سئنيما هال ۾ جي باهه لڳي وڃي ۽ اسان ٻين کي ڌڪا ڏئي پنهنجي جان بچائي ٻاهر نڪري اينداسون ته مائٽ مٽ مبارڪون ڏيندا ..... اهو ئي چوندا ته واهه جي همت ڪيانوَ، چڱو ڪيانوَ، پنهنجي جان بچائي آيائو وغيره. جپان ۾ يا پنهنجي ملڪ ۾ توهان جو پنهنجي هم وطني دوستن سان ملڻ جو پروگرام هجي پر آفيس يا فئڪٽري ۾ ڪم جي گهڻائي ڪري باس طرفان موڪل جو آسرو نه هجي. پوءِ توهان اهانو بهانو ڪري ڊيوٽي تان ڀڄي دوستن سان وڃي ملندائو ته هو “واهه واهه” ئي ڪندا ته واهه جي اٽڪل ڪري ڀڄي آئين. پر يقين ڪريو ڪنهن جپاني مرد يا عورت لاءِ ائين ڪرڻ ناممڪن آهي. هو ائين ڪندو به ته هن جي ان عمل کي ڪو پسند نه ڪندو. ڇو جو جپانيءَ لاءِ هر وقت عزت آبرو (Honour)، نوڪري (Duty) ۽ شرم (Shame)- يعني خواريءَ کان بچڻ اهم ڳالهه آهي. جپاني خواريءَ جي زندگي (جيئڻ) کان موت کي ترجيح ڏئي ٿو. هو ڊيوٽي ۾ ڪوتاهي ڪرڻ ۾ به سخت پريشان ٿئي ٿو ۽ ان ذهني ڪوفت مان نڪرڻ لاءِ هاراڪري (پنهنجو پيٽ ڦاڙي خودڪشي( ڪرڻ کي بهتر سمجهي ٿو.
    جپان جي هڪ سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته هڪ جپاني پروفيسر پنهنجن ٻن شاگردن جي فيل ٿيڻ جي خبر ٻڌي هاراڪِري (Harakiri) ڪري ڇڏي. هن ان ڏک- بلڪه Guilt ۾ پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيو ته هو ڇو فيل ٿيا. ضرور پڙهائڻ ۾ هن کان ڪوتاهي ٿي وئي هوندي. اسان وٽ ڪو ڏوهه ڪرڻ تي اسان سٺو وڪيل ڪري ڪورٽ مان ڪيس کٽي خوش ٿيو وڃون..... يا عيسائي ماڻهو ٻائي اڳيان پنهنجا ڏوهه گناهه بيان ڪري (Confession) ڪري پنهنجو پاڻ کي مطمئن ڪريو ڇڏي ۽ سڪون جي زندگي گذاريندو وتي. اسان به چئون ٿا ته رب رحيم آهي هو غفور ۽ بخشڻهار آهي. سچي دل سان توبهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري آئندي گناهن کان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.... يا مغرب ۾ Guilty Concscience ۾ مبتلا ٿيڻ تي جڏهن ڪنهن جون ننڊون حرام ٿين ٿيون ته ڊاڪٽر هن کي هفتي ٻن لاءِ ننڊ جون گوريون ڏئي ٿو يا سئڪاٽرسٽ هن جي سائڪو ٿيراپي ڪري ٿو. پر جپانيءَ جي ان خواري مان ايڏو سولي جان نٿي ڇٽي. اها تڏهن ختم ٿي سگهي ٿي جڏهن هو اهو ڪم ڪري جيڪو هن جي سوسائٽي يا ڪميونٽي چاهي ٿي. اها گهڻين حالتن ۾ هن جو موت چاهي ٿي. ٻي صورت ۾ نه فقط اهو ماڻهو خواريءَ جي زندگي بسر ڪري ٿو پر هن جي موت بعد هن جو اولاد به! پر جي ڪو ڏوهه يا گناهه جهڙو ڪم ڪري هو پنهنجو آپگهات ڪري ٿو ته هن جي سوسائٽيءَ ۾ هن جا سڀ ڏوهه ڌوپيو وڃن ۽ هن جو اولاد به فخر مان ڪنڌ مٿي ڪري هلي ٿو.
    مٿي مون سئنيما هال ۾ باهه لڳڻ جو مثال ڏنو آهي. هڪ جپاني اهڙي طرح پنهنجي جان بچائي اچڻ ۾ ڪڏهن به فخر محسوس نه ڪندو. ان ڳالهه تي سندس مائٽ ۽ دوست يار به ٿڪ لعنت ڪندس.... ڇو؟ ان ڪري ته تو سئنيما ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن (ڪمزورن) کي بچائڻ بدران، هنن کان اڳ ڇو نڪري آئين؟ اهڙي زندگي حاصل ڪرڻ کان سئنيما ۾ پنهنجي واري لاءِ ترسڻ ۾ سڙي مري وڃين ها ته موت توکي امر بنائي ڇڏي ها.
    هاڻ اها ڳالهه سمجهڻ بعد پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهندا ته ٽائٽانڪ جهاز جي واحد جپاني مسافر ماسابومي (masabumi Hosono) جي بچي اچڻ تي جپان وارن خوشيون ڪرڻ بدران ڏک ۽ ندامت محسوس ڪئي. جپانين جي حساب سان هن کي جان بچائڻ لاءِ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻ بدران جهاز تي ترسي ٻڏي ويندڙن سان گڏ ٻڏي وڃڻ کتو ٿي. هوءَ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻ بدران ڪنهن عورت، پوڙهي يا ٻار کي جان بچائڻ جو موقعو ڏئي ها. ماسابومي جي ان عمل تي ناراض ٿي جپان جي منسٽري ٽرانسپورٽ جنهن ۾ هو وڏي عهدي تي هو، هن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن پنهنجي سبجيڪٽ ۾ وڏي قابليت رکي ٿي ۽ وزارت ڪجهه عرصي بعد هن کي وري نوڪري ڏني پر هو سڄي عمر افسوس ڪندو رهيو ۽ بعد ۾ سندس خاندان به ته هن کي پاڻ ٻوڙڻ کتو ٿي يا گهٽ ۾ گهٽ بعد ۾ ”هارا ڪِري“ ڪرڻ کتي ٿي.
    هڪ جنگي جوڌو يا سپاهي (Samurai) جيڪڏهن جنگ هارائي ٿو يا پنهنجي مالڪ (Shogun) يعني جاگيردار/ وڏيري جي خدمت ۾ ڪوتاهي ڪري ٿو يعني صحيح ڊيوٽي نٿو ڪري، ته جنگجو سپاهين جي ڪوڊ (Bushido) مطابق هن کي جيئڻ جو ڪو حق ناهي. ان سلسلي ۾ سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ اسان کي انجنيئرنگ پڙهائڻ وارو هڪ جپاني پروفيسر اسان کي فخر سان چوندو هو:
    Live if you can, die if you must, but fight always with honour, and never leave shame on your family or on your country.
    ٽائٽانڪ جهاز بابت تفصيل سان پنهنجي ڪتاب “موج نه سهي مڪڙي” ۾ لکي چڪو آهيان. هتي چند سٽون لکندس ته هي جهاز پنهنجي وقت جو سهڻو ۽ مضبوط پئسينجر جهاز هو جيڪو اڄ کان سئو سال کن اڳ 1912ع ۾ ٺهيو هو. پهريون دفعو هن پاڻيءَ جي جهاز ۾ ايڏي ته سيفٽي رکي وئي جو اهو ميزائيل لڳڻ سان به ٻڏي نٿي سگهيو. سڄي جهاز ۾ پاڻي ڀرجڻ بدران فقط ان ننڍڙي حصي ۾ پاڻي ڀرجي سگهيو ٿي. ٺاهڻ وارن انجنيئرن کي ايڏو اعتماد هو جو هنن چيو ٿي ته ڪارڪ (بوتل جو ٻوچ) ٻڏي سگهي ٿو پر لوهي جهاز ٽائٽانڪ هرگز نه. پر پوءِ اهو پهرين سفر جي شروعات ۾ رات جي وقت هڪ وڏي برف جي ڇپ (Iceberg) سان اهڙو رهڙيو جو ٻڏڻ ۾ ويرم ئي نه ڪيائين. جهاز جتي ٺهيو هو يعني انگلينڊ جي بندرگاهه سائوٿمپٽن کان نيويارڪ (USA) وڃي رهيو هو. مٿس 2224 مسافر ۽ جهاز هلائڻ ۽ ان تي ڪم ڪرڻ وارو عملو چڙهيل هو جن مان 1500 ٻڏي ويا. هن سفر ۾ دنيا جا ڪجهه امير ترين ماڻهو پئسينجر هئا. جهاز ۾ مسافرن لاءِ فائيو اسٽار هوٽل جهڙا ڪمرا، سئمنگ پول، هاءِ ڪلاس جمنازم ۽ ريسٽورنٽون ٺاهيون ويون هيون پر ماڻهن کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ فقط ايتريون ٻيڙيون هيون جن ۾ 1178 ماڻهو چڙهي سگهن. دراصل اهڙو بندوبست به پهريون دفعو هن جهاز ٽائٽانڪ تي ڪيو ويو هو نه ته ان کان اڳ انهن ڳالهين کي ڌيان ۾ نٿي رکيو ويو. هن جهاز ۾ ايترن ماڻهن جي بچاءَ لاءِ ايتريون ٻيڙيون رکڻ به اجايو سمجهيو ويو پئي جو هي جهاز ته ٻڏي نٿي سگهيو. مسافرن کي به ان ڳالهه تي ايترو ڀروسو هو جو جهاز نڪرڻ مهل جڏهن ”بوٽ ڊرل“ ٿي رهي هئي ته جيئن پئسينجرن کي خبر پوي ته ڪهڙي هنڌ تي ٻيڙيون آهن ته ان لاءِ به هو نه نڪتا. جهاز تي 48 ٻيڙين جي ضرورت هئي پر موجود 20 هيون جن مان به 4 هيٺ لهي نه سگهيون.
    جهاز تي سفر ڪرڻ وارن ۾ ماسابومي هوسونو اڪيلو جپاني مسافر هو. ماسابومي 1870 ۾ نگاتا پريفيڪچر جي شهر Joetsu ۾ ڄائو. 1896ع ۾ هن ٽوڪيو هائر ڪمرشل اسڪول (هاڻ هتاتسو باشي يونيورسٽي) مان گرئجوئيشن ڪئي ۽ مختلف نوڪرين دوران هن ٽوڪيو لئنگويج اسڪول (هاڻ ٽوڪيو يونيورسٽي آف فارين اسٽيڊيز) مان روسي زبان جو ڪورس مڪمل ڪيو ۽ وزارت ٽرانسپورٽ ۾ سرڪاري ڪامورو ٿيو. 1910ع ۾ هن کي جپان حڪومت روس موڪليو جيئن هو اتي جي سينٽرل ريلوي سسٽم بابت ڄاڻ حاصل ڪري اچي. واپسيءَ تي هن کي ٻه چار ڏينهن لنڊن رهڻو هو جتان هن ٽائٽانڪ جهاز لاءِ ٽڪيٽ بڪ ڪرائي، جيئن هو نيويارڪ پهچي سگهي جتان پوءِ ٽوڪيو موٽي.
    10 اپريل 1912ع تي هو لنڊن کان سائوٿمپٽن پهتو جتان جهاز کي نيويارڪ لاءِ روانو ٿيڻو هو. هو سيڪند ڪلاس پئسينجر جي حيثيت ۾ جهاز ۾ سوار ٿيو ۽ جهاز اتان روانو ٿيو. جهاز کي حادثو 14 ۽ 15 اپريل جي وچ واري رات ۾ ٿيو. هو ان وقت پنهنجي ڪئبن ۾ ستل هو ته اسٽيورڊ سندس ڪئبن جو در کڙڪائي، کيس اٿاريو ته پنهنجا سفري ڪاغذات کڻي ٻاهر نڪرو جهاز ٻڏي رهيو آهي. هو ٻاهر نڪتو پر جهاز جي عملي اهو سوچي ته هي ٿرڊ ڪلاس جو مسافر آهن، هن کي ٻيڙين واري ڊيڪ ڏي وڃڻ کان جهليو پر بقول هن (ماسابوميءَ) جي هو هِتان هُتان گهتون هڻي بوٽ ڊيڪ تائين پهچي ويو. جهاز جا جنريٽر وغيره سڀ بند ٿي ويا هئا هڪ اونڌاهه هئي ۽ ٻيو سخت سيءُ ۽ جهاز جي پاسيري ٿيڻ ڪري به هلڻ مشڪل ٿي رهيو هو. جهاز تان ايمرجنسي جا بلو رنگ جا ڦٽاڪا (Flares) شوٽ ٿي رهيا هئا جيئن پري تائين ڪو جهاز انهن کي ڏسي وٺي ته هنن ٻڏندڙ کي اچي بچائي.
    ماسابومي پنهنجي اڳيان ٻيڙين کي هيٺ لهندو ڏسندو رهيو جنهن ۾ پوڙها، عورتون، ٻار ۽ فرسٽ ڪلاس جا مسافر لهي رهيا هئا. هاڻ باقي چار ٻيڙيون وڃي بچيون هيون. هو ٽوڪيو ۾ رهندڙ پنهنجي زال ۽ ٻارن کي ياد ڪري رهيو هو ته هاڻ هنن سان ملڻ جي ڪا اميد نظر نٿي اچي. اهڙي طرح انهن چئن ٻيڙين مان به هڪ هڪ ٿي هاڻ آخري هيٺ لهي رهي هئي ته جهاز جي آفيسر اعلان ڪيو ته Room for 2 more يعني ٻيڙيءَ ۾ اڃان ٻن مسافرن جي چڙهڻ جي جاءِ آهي. ان اعلان تي ماسابوميءَ جي ڀر۾ بيٺل هڪ همراهه ٻيڙيءَ ۾ ٽپو ڏنو ۽ پوءِ هن به کڻي پاڻ کي ٻيڙيءَ ۾ ڦٽو ڪيو. ماسابومي ٻڌائي ٿو ته اتي ايتري اونداهه هئي ۽ سيءَ ڪري هر ڪو ڪوٽن ۽ ٽوپن ۾ اهڙو ته ويڙهيل هو جو خبر نٿي پئي ته ڪير مرد آهي ڪير عورت.
    ماسابو جي ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ ۽ ٻيڙيءَ جو جيئن جهاز کان ٿورو پرڀرو ٿيڻ ٿيو ته جهاز تي ڌماڪو ٿيو ۽ اهو ٻڏي ويو. جهاز تي ترسيل ماڻهن جون دانهون پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون جيڪي ڪجهه دير بعد هڪ هڪ ٿي ٻڏڻ تي خاموش ٿي ويون. اسان جي ٻيڙيءَ ۾ به موجود مرد، عورتون ۽ ٻار رئندا ۽ رڙيون ڪندا رهيا. هر ڪو پنهنجن وڇڙيلن کي ياد ڪري رهيو هو ته هو خبر ناهي ڪنهن ٻيڙيءَ تي چڙهي پنهنجي جان بچائي سگهيا يا جهاز تي رهجي وڃڻ ڪري ٻڏي ويا. ماسابومي هوسونو ٻڌائي ٿو ته هو به سخت ڊپريشن ۾ هو ته هاڻ اڳيان ڇا ٿيندو. جيڪي ٻيڙين ۾ اچي ويا آهن انهن کي بچاءَ لاءِ ڪو واٽ ويندو جهاز اچي کڻندو يا نه ۽ جيسين ڪو جهاز کين ٻيڙين مان اچي ڪڍي، سندن ٻيڙيون سمنڊ جي ۽ مسافر سيءَ جي سَٽَ به سهي سگهندا يا نه. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪيترا ٻيڙيءَ ۾ چڙهيل مسافر سيءَ ۽ ٿڌي پاڻيءَ ڪري رات اندر مري ويا. ڏينهن ٿيڻ تي ساڳي ڪمپنيءَ جو هڪ جهاز ڪارپاٿيا (RMS Carpathia) پهچي ويو جنهن سڀني مسافرن کي ٻيڙين مان ڪڍي نيويارڪ پهچايو. نيويارڪ کان ماسابومي جڏهن ٽوڪيو پهتو ته جپاني قوم هن جي بچڻ جي خوشي ڪرڻ بدران هن کي نفرت ۽ حقارت جي نگاهه سان ڏٺو ته هن کي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پنهنجي زندگي بچائڻ بدران جهاز تي ٻين سان گڏ ترسي ٻڏي وڃڻ کتو ٿي. اخلاقيات (Ethics) جا پروفيسر هن کي ندڻ لڳا ۽ سندس ان عمل کي Immoral قرار ڏيڻ لڳا ته He has Betrayed the Samurai spirit of self sacrifice. ماسابوميءَ ٻين کي ٻيڙيءَ ۾ چڙهڻ جو موقعو ڏيڻ بدران پنهنجي زندگي بچائي پنهنجي قوم ۽ ملڪ جي بدنامي ڪئي آهي. اهڙي جيئڻ کان ته موت بهتر هو. اخبارن ۾ ڪيترن جا خط ايندا رهيا ته هن بدناميءَ جو داغ مٽائڻ لاءِ ماسابوميءَ کي “هارا ڪِري” ڪرڻ کپي.
    سندس بدناميءَ ڪري حڪومت کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو پر پنهنجي (ريلوي جي) ڪم ۾ ماهر هجڻ ڪري کيس وري نوڪريءَ ۾ رکيو ويو ۽ 1939ع ۾ وفات تائين نوڪري ڪندو رهيو. وفات بعد به هن شخص جي ڪهاڻي هن جي عزيزن ۽ پيارن لاءِ شرمساريءَ جو داغ (Stigma of shame) رهي ۽ اهو ئي چيو وڃي ٿو ته:
    “Everybody in his family is quite ashamed of his cowardly return from the ship.”


    سَهن ۽ ٻلين جا ٻيٽ

    جپان ۾ اوڪونو شِيما نالي هڪ اهڙو به ٻيٽ آهي جيڪو سڄو سَهن (Rabbits) سان ڀريل آهي. ٻي جنگ عظيم دوران هن تي سَها آندا ويا هئا جيئن هنن تي زهريلي گئس جا تجربا ڪيا وڃن. جپان جا جيڪي چار وڏا ٻيٽ آهن انهن جي چوڌاري جيڪو سمنڊ آهي اهو جپان جو اندريون سمنڊ (Inland Sea) سڏجي ٿو ۽ ان کان علاوه جپان جي ٻاهران چوڌاري سمنڊ آهن، جيئن ته پئسفڪ سمنڊ، بحر جپان (Japan Sea) وغيره. جپان جو اندريون سمنڊ به ڪافي ويڪرو آهي جنهن ۾ اسان جا وڏا جهاز به هليو وڃن ۽ خراب موسم ۾ ان اندرئين سمنڊ ۾ به طوفان ۽ وڏيون ڇوليون اچن ٿيون. بهرحال مٿيون سَهن وارو ننڍڙو ٻيٽ Okunu shima جپان جي ان اندرئين سمنڊ ۾ هيروشيما پريفيڪچر جي شهر “تاڪي هارا” وٽ آهي ۽ فيريءَ ذريعي پهچي سگهجي ٿو. سَهن جي گهڻائيءَ ڪري هي ٻيٽ اڪثر اُوساگي شِيما (Usagi Shima) سڏجي ٿو. سَهي کي جپانيءَ ۾ “اُوساگِي” سڏجي ٿو ۽ “شيما” معنيٰ ٻيٽ. جپان ننڍن وڏن ٻيٽن سان ڀريو پيو آهي ۽ ڪيترن ٻيٽن ۽ شهرن جي نالن ۾ شيما ائين آهي جيئن اسان وٽ ٽنڊو، پُور يا آباد. جيئن ته ”هيروشيما“ معنيٰ ”وڏو ٻيٽ“. جپان جي هڪ ليکڪ بلڪه اسان جي دلپسند ناول نويس يوڪيو مِشيما پنهنجي هڪ ناول The Sound of waves ۾ ڪامي شيما ٻيٽ جو ذڪر ڪيو آهي. جپانيءَ ۾ ديوتا يا پروردگار کي Kami سڏين ٿا. اهڙي طرح جپان ۾ اسان جي ٽنڊو آدم، ٽنڊوڄام، ٽنڊو حيدر، ٽنڊو ٺوڙهو وانگر ڪيترائي شيما وارا شهر آهن جيئن ته فوڪو شيما، ڪاشيما، متسوشيما، تاڪا شيما، اوشيما، تسوروگا شِيما، توبي شِيما، اُتسوڪو شِيما وغيره وغيره. شِيما (Shima) کان علاوه (Jima) جِيما جي معنا به ٻيٽ آهي ۽ جپان جي ڪيترن شهرن ۽ ٻيٽن جي نالن ۾ جيما پڻ اچي ٿو. جيئن مٿي لکيل اتسو ڪوشيما جو نالو مياجيما به آهي جيڪو هيروشيما جي ڀرسان هڪ سهڻو ٻيٽ آهي ۽ هرڻن ۽ توروئي (ڳاڙهي رنگ جي دروازي) کان مشهور آهي جنهن جي تصوير منهنجي هڪ جپان جي سفرنامي جي ٽائيٽل ڪور تي به آهي. جِيما لفظ وارا ڪجهه ٻيا شهر هن ريت آهن: ڪتسوجيما، مِڪورا جيما، ني جيما، ڪوداڪارا جيما، ڪِيڪائي جيما، اڪا جيما، مياڪو جيما، تائشو جيما...... يارو سڄو جپان ”شيمائن“ ۽ ”جيمائن“ سان ڀريو پيو آهي. سو هي سَهن وارو ٻيٽ جنهن جو اصل نالو Okuno shima هو هاڻ سهن ڪري هن جو نالو ئي Usagi Shima معنيٰ “سهن وارو ٻيٽ” ٿي ويو آهي. هي ٻيٽ سهن سان ڀريل نظر اچي ٿو جيڪي پالتو سهن وانگر گهمندا رهن ٿا ۽ نئين آيل ماڻهوءَ جي به ويجهو پهچيو وڃن. سَهن جي به مجبوري آهي جو ٻيٽ تي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو رهن ٿا جيڪي هنن کي ڪيترو کارائي سگهندا. ان ڪري هو واجهائيندا رهن ٿا ته گهڻي کان گهڻا ٽوئرسٽ اچن ۽ هنن جي کائڻ لاءِ ڪجهه کڻي اچن. هينئر مون ڪنهن کان ٻڌو يا شايد اخبار ۾ خبر پڙهيم ته حڪومت هنن جو تعداد گهٽائڻ لاءِ هنن کي ڪجهه اهڙيون شيون کارائي رهي آهي يا شايد دوائون ڏئي رهي آهي جيئن هو کَسي ٿي پون ۽ ٻچا پيدا ڪرڻ جي طاقت نه رهين.
    ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ هي ٻيٽ زهريلي گئسن جي ڪارخانن کان مشهور هو ۽ جپانين انهن ذريعي چين تي ڪيميڪل حملا ڪيا.
    جپان ۾ ڪتو به پاليو وڃي ٿو پر ايترو نه جيترو يورپ جي ملڪن ۾، خاص ڪري اسڪينڊي نيوين ملڪن ۾! ڪتي پالڻ جو شوق به جپانين ۾ هاڻ ٿورو گهڻو نظر اچي ٿو. باقي جپاني ٻلين کي گهڻو پسند ڪن ٿا. ڪي ته ان کي پوڄا جي حد تائين چاهين ٿا ۽ ويندي ڪيترا مندر ٻلين سان منسوب آهن جن ۾ ٻلين جا مجسما (Statues) رکيل آهن. سَهن جو ته جپان ۾ فقط هڪ ٻيٽ آهي پر ٻلين جا ڏهاڪو کن ٻيٽ آهن.
    کوجنا ڪندڙ پراڻين هڏين کي ڏسي ٻڌائين ٿا جپان ۽ چين ۾ گذريل 5000 سالن کان ٻلين جو گهرن ۾ راڄ رهيو آهي. پر هڪ ڳالهه حيرت واري آهي ته چينين جي Zodiac چڪري ۾ جيڪي ٻارهن جانور آهن انهن ۾ نانگ، ڪوئو، ڀولڙو، ڪتو، ڪڪڙ ويندي سوئر ۽ ٻڪري ته آهي پر ٻليءَ جهڙي اهم جانور کي نه رکيو ويو آهي. ان لاءِ روايت آهي ته جڏهن چيني ڪئلينڊر لاءِ جانورن جو مقابلو ٿي رهيو هو ته ڪوئي جنهن کي ٻلي پسند نه هئي تنهن ان وقت ستل ٻليءَ کي اٿاريو ئي ڪو نه. نتيجي ۾ ٻلي هن مقابلي ۾ حصو وٺي نه سگهي.
    ويٽنامي ڪئلينڊر جيڪو چيني ڪئلينڊر تان ٺاهيو ويو آهي ان ۾ ڍڳي بدران سَانَ کي رکيو ويو آهي ۽ هنن سهي کي ڪڍي ٻليءَ کي رکيو آهي. هونءَ جپان جي سر زمين تي شروع کان ٻلي نه هئي. اها پاڻيءَ جي جهازن ذريعي چين کان آئي. ڪيترا اهڙا جانور ۽ پکي آهن جيڪي پاڻيءَ جي جهازن ذريعي ٻين ملڪن ۾ آيا آهن. جيئن برمودا واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته جڏهن ماڻهو برمودا ٻيٽ تي رهڻ لاءِ آيا ته هنن ڏٺو ته ان ٻيٽ تي ٻيا جانور ته نه هئا پر سوئرن جا ڌڻ هئا. دراصل ڪجهه سال اڳ هڪ جهاز پورچوگال کان سوئر کڻي آمريڪا پئي ويو ته برمودا ٻيٽ وٽ ان جهاز جو حادثو ٿي پيو. جهاز ۾ موجود جهازران ته ٻيڙي ذريعي بچي ويا جن کي ٻيو لنگهندڙ جهاز کڻي آمريڪا هليو ويو، باقي سوئرن مان ڪي ٻڏي ويا ته ڪي ترڳندا ترڳندا برمودا پهچي ويا ۽ ڪيترا سال وڌندا ويجهندا رهيا تان جو هڪ ڏينهن هڪ پئسينجر جهاز جو برمودا وٽ حادثو ٿي پيو ۽ ان جا مسافر برمودا ۾ ئي ترسي پيا ۽ سوئر ڏٺائون. جپان ۾ ڪيتريون ئي ٻلين جون ڪيفي (ريسٽورنٽون) پڻ آهن جتي ٻلين جا شوقين ڪلاڪ ٻه چانهه يا بيئر پيئڻ سان گڏ اتي موجود پاليل ٻلين سان کيڏي سگهن ٿا. هي ڪيفي هاڻ نڪتيون آهن جن جي شروعات دراصل تائيوان جي شهر تائيپي ۾ 1998ع ۾ Cat Flower Garden نالي ڪيفي سان ٿي. پر هاڻ جپان ۾ ٻلين جون سوين ريسٽورنٽون آهن. هڪ ته خاص ڪارين ٻلين جي ريسٽورنٽ به آهي. اها هميجي شهر ۾ “نيڪو بياڪا” نالي آهي.
    جپان ۾ ڀليڪار ڪندڙ ڀاڳ واري ٻلي “مانيڪي نيڪو” (Maneki Neko) جي ته توهان کي جپان پهچڻ سان پهرين ڏينهن ئي خبر پئجيو وڃي جيڪا هر ننڍي وڏي دڪان يا ريسٽورنٽ ۾ دڪان جي دخل تي نظر اچي ٿي جتي دڪاندار ويهي گراهڪن کان پئسا وٺي ٿو. هيءَ ڪاشي، چيني، پٿر، ڪاٺ يا لوهه جي ٺهيل ٻلي پنهنجو هٿ لوڏيندي رهي ٿي. جپاني ماڻهن کي ڪيترائي وسوسا ۽ superstition ٿين ٿا جن مان هڪ اهو به آهي ته هن ٻليءَ جي ڪري دڪان ۾ گراهڪ ۽ پئسو اچي ٿو.
    هونءَ به جپانين جو اهو اعتقاد آهي ته ڪاريون ٻليون ڀاڳ واريون ٿين ٿيون. اهي انهن جي مالڪن لاءِ گهر ۾ ۽ ڪاروبار ۾ فائدو ۽ خوشحالي آڻين ٿيون. اهي ٻليون “فوڪُو نيڪو” (Fuku Neko) سڏجن ٿيون جن جي لفظي معنا به ڀاڳ واري ٻلي آهي. اهي ڪاريون ٻليون نڀاڳ ۽ خطري کي پري رکن ٿيون.... يعني اهو جپانين جو چوڻ آهي. اعتقاد آهي. هو ايتريقدر جو تعويذن (Ema) تي به ٻلي جي تصوير لڳرائين ٿا.
    ايڊو دور ۾ جيڪو Tokugawa Shogunate وارو دور به سڏجي ٿو جيڪو 1600ع کان 1868ع تائين هليو، ان ۾ ته ماڻهن کي اهو ئي وهم هو ته ڪاري ٻليءَ کي گهر ۾ رکڻ سان سلهه جو مريض تندرست ٿي سگهي ٿو.... عشق جي فڪرن کان دور رهي سگهي ٿو. پنهنجي هڪ جپاني سفرنامي “ڪراچيءَ کان ڪوڪورا” ۾ هڪ جپاني ليکڪ نتسومي سوسيڪي ۽ سندس مشهور جپاني ناول Wagahai wa neko de Aru جي انگريزي ترجمي “آءِ ائم اي ڪئٽ” جو ذڪر ڪري چڪو آهيان. هن ۾ جيڪو اهم ڪردار آهي اها ڪاري ٻلي آهي جيڪا رلندي رلندي ليکڪ جي گهر ۾ اچي نڪري ٿي ۽ هن سان گڏ رهي ٿي.
    جپان ۾ 9 اهڙا مندر آهن جن ۾ ٻلين جي پوڄا پاٺ ٿئي ٿي. اهي ٻليون ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه ڪري پهتل ٻليون سمجهيون وڃن ٿيون. جيئن سيتاگايا شهر جي Gotokuji مندر جي ٻلي. چون ٿا ته سترهين صديءَ ۾ لي نائوتاڪا نالي هڪ مشهور فوجي جنرل جابلو علائقي مان وڃي رهيو هو ته هڪ هنڌ مينهن جو وسڪارو شروع ٿي ويو. پاڻ کي پُسڻ کان بچائڻ لاءِ هن اتي موجود هڪ وڻ هيٺان بچاءُ ورتو. سامهون ئي هڪ ننڍڙو مندر هو جنهن جي در وٽ ويٺل ٻلي هي نظارو ڏسي رهي هئي. اها يڪدم هن جنرل وٽ آئي ۽ پنهنجي پير جي اشاري سان کيس مندر ڏي اچڻ جو اشارو ڪيو. جنرل هن جانور جي ان ڳالهه تي حيرت به کاڌي ۽ هن جي پٺيان مندر ۾ آيو. هو جيئن ئي مندر وٽ پهتو ته هن ڏٺو ته وڏي ٺڪاءَ سان آسمان مان کنوڻ ڪري ۽ ان وڻ تي لڳي کيس ساڙي ڇڏيو جنهن هيٺان ڪجهه گهڙيون اڳ هو بچاءَ لاءِ بيٺل هو. اهو حال ڏسي جنرل هن ٻليءَ کي مڃڻ لڳو ۽ پنهنجي خرچ تي هن مندر کي وڏو ۽ اوچو ڪري ٺهرايو ۽ پاڻ ۽ سندس خاندان هن مندر جا مجاور ٿي ويٺا. اڄ به ڪيترا نوجوان ۽ پوڙها پنهنجي دل جون مرادون پوريون ڪرڻ لاءِ هن مندر جو ڀيرو ڀرين ٿا.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ٻليءَ کي جپانيءَ ۾ نيڪو (Neko) سڏين ٿا. هٿ لوڏي مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ واري ”مانيڪي نيڪو“ ٻلي ته مالڪ کي دولت ۽ خوشي رسائي ٿي پر توهان تي اهڙو وقت اچي وڃي جڏهن توهان کي دولت ۽ خوشيءَ بدران توهان کي پنهنجي ٻلي کپي جيڪا گم ٿي وئي آهي ته پوءِ توهان ڇا ڪندائو؟ ٽوڪيو ۾ Azusamiten Jinja نالي هڪ مندر آهي جتي پڻ ٻليءَ جي پوڄا ٿئي ٿي. اهو مندر ٻلي جي موٽي اچڻ جو مندر به سڏجي ٿو. اهي ماڻهو جن جون مهانگيون ۽ اوچيون ٻليون چوري ٿي وڃن ٿيون يا گم ٿي وڃن ٿيون اهي ٽوڪيو جي هن مندر ۾ پنهنجي ٻليءَ جي باحفاظت واپسي لاءِ سُکا باسڻ اچن ٿا. اتي ويٺل مجاور ۽ سهڻيون مجاورياڻيون توهان جو اعتماد پختو ڪرڻ لاءِ مثالن سان ٻڌائينديون ته ڪيئن ٻه ٽي دفعا هن مندر ۾ اچڻ ۽ خيرات ڏيڻ سان ٻليون گهر پهچي وڃن ٿيون.
    توڪوشيما پريفيڪچر جي انان (Anan) نالي شهر جو اوماتسو مندر جيڪو ساسوري نيڪو، ”ٻليءَ جي مجسمي“ کان مشهور آهي اتي ماڻهو پنهنجي جسم جي ڪنهن به بيماري لاءِ هن مندر ۾ پهچن ٿا ۽ پنهنجي جسم جي ان حصي کي مندر ۾ رکيل ٻليءَ جي مجسمي سان مهٽين ٿا. هن پهتل ٻليءَ لاءِ مشهور آهي ته هن ٻليءَ جي مالڪ جو قتل ٿيڻ تي ٻليءَ ان جي قاتلن کي ڳولهي انهن کان پنهنجي مالڪ جو بدلو ورتو. هن مندر جا جوانيءَ جي ڏينهن ۾ فوٽو ڪڍڻ لاءِ اتي پهچي مون اها ڪهاڻي ٻڌي هئي پر سمجهه ۾ نه آيو ته ڪنهن کان پڇجي ته ان وفادار ۽ پهتل ٻليءَ جنهن جي مجسمي وٽ علاج لاءِ ماڻهو پهچن ٿا، ڪيئن تفتيش ڪري قاتل ڳوليا ۽ ڪيئن انهن کي سزا ڏئي پنهنجي مالڪ کي انصاف ڏياريو. هن مندر مان ان ٻليءَ جي مجسمي جا ڪاٺ جا تعويذ جن کي جپانيءَ ۾ ايما (Ema) سڏجي ٿو، اهي پڻ ملن ٿا جن تي بقول اتي جي ٻائي جي، جيڪا دل جي مراد لکندائو اها ضرور پوري ٿيندي. مٿي بيان ڪيل ڪجهه مندرن جي نالن ۾ جنجا (Jinja) لفظ به اچي ٿو. جپانيءَ ۾ جنجا معنيٰ مندر ۽ اوتيرا (Otera) معنيٰ درگاهه، اوتارو.
    بهرحال اهڙي طرح جپان ۾ ٻيا به ڪيترائي پهتل ٻلين جا مندر آهن جن ۾ اسان جا وهمي جپاني پوڄا لاءِ اچن ٿا. پاڻ هتي سهن جي ٻيٽ وانگر ٻلين جي ٻيٽ جي ڳالهه ٿا ڪريون. دراصل جپان ۾ ٻلين جا ته ڪيترائي ٻيٽ آهن. هڪ ٻيٽ جو نالو آئوشيما (Aoshima) آهي جيڪو سڏجي ئي Neko No Shima ٿو. نيڪو معنا ٻلي يا ٻليون، نو (no) معنا جو ۽ شيما معنا ٻيٽ. هي ٻيٽ ڏيڍ ميل کن ڊگهو ٿيندو ۽ ايهيمي (Ehime) پريفيڪچر ۾ اچي ٿو. هن ٻيٽ تي پهچڻ لاءِ ناگاهاما بندرگاهه کان فيريءَ ذريعي پهچي سگهجي ٿو جيڪا ناگاهاما ريلوي اسٽيشن وٽان هلي ٿي. اخبار ۾ پڙهيم ته هن ننڍڙي مهاڻن جي ٻيٽ جي 1945ع ۾ آدمشماري 900 کن هئي. ماڻهن مڇيون ڦاسائڻ جو ڪم ڪيو ٿي ۽ جيڪي ٻليون رهيون ٿي خوش هيون. هاڻ اهو ٻيٽ ماڻهن کان ويران ٿي ويو آهي ۽ 50 کن ماڻهو مس رهن ٿا جن مان به اڌ کان وڌيڪ 75 سالن کان به وڏي عمر جا آهن. باقي ٻلين جو تعداد ڏهوڻ کان به مٿي آهي جيڪي ماڻهن جي ڇڏيل ۽ ڊٺل گهرن ۾ ڦرنديون وتن ٿيون. کائڻ لاءِ کين ڪجهه مڪاني ماڻهن کان ته ڪجهه هن ٻيٽ تي ايندڙ ٽوئرسٽن کان ڪجهه نه ڪجهه ملندو رهي ٿو. حڪومت جي اها ئي ڪوشش رهي ٿي ته ماڻهن وانگر ٻلين جو تعداد گهٽ ٿئي جو ٻي صورت ۾ هو بک ٿيون مرن. بهرحال هن ٻيٽ جو احوال ائين ئي کڻي لکيو اٿم نه ته هي ڪو اهڙو ٽوئرسٽ اسپاٽ ناهي جتي اسان جا ماڻهو هلي ملي اچن. مڙيئي انگريز ۽ آمريڪن ٽوئرسٽ اهڙن هنڌن تي نوس نوس ڪندي نظر اچن ٿا ۽ هو ان خيال کان به اچن ٿا ته غريب ٻليون اڪيليون پيون آهن انهن کي ڏسجي ۽ ڪجهه کارائجي. يعني جانورن سان همدرديءَ خاطر. اسان مان ڪو تعليم يا نوڪري خاطر ناگاها بندرگاهه کان اچي نڪري ته پوءِ هن ٻلين جي ٻيٽ Aoshima جو ضرور چڪر هڻي ٻلين کي به ڏسي ته هتي رهندڙ پوڙهن جپانين کي به، ته هنن جي زندگي ڪيئن ٿي گذري. ناگاها شهر جي فيري اسٽيشن کان اڌ ڪلاڪ جو پنڌ آهي. هن ٻيٽ جا فوٽو پوڙهن ماڻهن ۽ ٻلين جا مون گوگل اميجز ۾ چاڙهي ڇڏيا آهن جو ڪتاب يا اخبار جنهن ۾ منهنجو هي مضمون ڇپبو ان ۾ شايد ايتري جاءِ نه هجي. گوگل اميجز ۾ منهنجي نالي سان گڏ هن ٻيٽ جو نالو لکي سرچ ڪري سگهو ٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته صاف سٿري ماحول ڪري سڀ ٻليون سهڻيون ۽ صحتمند لڳن ٿيون.


    اِنيموري (قيلوله)، جپاني زالون ۽ هيلو ڪِٽي

    ڪيترن ئي ملڪن ۾ منجهند جي مانيءَ کانپوءِ ڪلاڪ اڌ ننڊ ڪرڻ عام ڳالهه آهي. ان ملڪ جي ڪلچر جو حصو آهي. دراصل هاڻ پاڻ اهو ٿوري دير سمهڻ، جنهن کي Nap به سڏجي ٿو، گهٽيل نظر اچي ٿو. نه ته 1960ع واري ڏهاڪي ۾، جڏهن کان اسان جهاز هلائڻ شروع ڪيا، يورپ جي به ڪجهه ملڪن ۾ لنچ کان پوءِ سمهڻ هڪ عام ڳالهه هئي .... خاص ڪري اسپين جهڙن ملڪن ۾. آفريڪا جي ته ڪيترن ئي ملڪن ۾، خاص ڪري موراڪو کان ممباسا، دارالسلام، زئنزيبار ۾ منجهند جو سمهڻ تمام گهڻو هو. ويندي جهاز تي ڪم لاءِ آيل مزور به ڪلاڪ کن سمهي پوندا هئا. اسان جي ملڪ ۾ به انگريزن اسڪولن جا وقت اهڙا ٺاهيا جو منجهند جو ڪلاڪ کن سمهڻ ضروري هوندو هو. صبح جو ستين يا اٺين کان ٻارهين تائين اسڪول ٿيندو هو وري شام جو اڍائي يا ٽن کان پنجين تائين ٻيو دفعو اسڪول وڃبو هو. اهو سسٽم بعد ۾ ختم ٿيو پر اسان جي ڏينهن ۾ هوندو هو ان ڪري اڄ ڏينهن تائين اسان جي عمر وارن کي منجهند جو ٿوري دير سمهڻ جي عادت آهي.
    ڳالهه اها آهي ته منجهند واري اڌ ڪلاڪ ننڊ باقي ڏينهن فريش ٿي رکي. ملائيشيا جي ڏهه سال کن ڪناري واري نوڪري ۾ لنچ بريڪ ٻه ڪلاڪ ٿيندي هئي ۽ هر ڪو ماني کائي ٽيبل تي مٿو رکي سمهي رهندو هو. پر هاڻ ڏسان ٿو ته اها ڳالهه جتي ڪٿي گهٽبي وڃي. ڪٿي ته لنچ بريڪ 20 منٽ به ڪا مس ٿئي ٿي جنهن ۾ آفيس ۾ ويٺي ويٺي سئنڊوِچ کائي سگهجي ٿي. ان ڪري آئون سنڌ ۾ پنهنجن مائٽن مٽن کي اهائي صلاح ڏيندو آهيان ته ٻارن کي هاڻ منجهند جو سمهڻ جي عادت نه وجهو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ، ملتان يا ممباسا، زئنزيبار جهڙن گِهميل ۽ گرم ملڪن ۾ منجهند جو ٿورو آرام ڪرڻ ضروري آهي پر پوءِ ان ٻار کي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ يا نوڪري ڪرڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي.
    ايشيا جي ٻين ملڪن وانگر جپان ۾ به منجهند جو ٿوري دير ننڊ ڪرڻ جو رواج زماني کان رهيو آهي جنهن کي جيئن عرب قيلوله سڏين ٿا ۽ ايران پاسي خواب نيمروزي- يا اسپين پاسي سائيستا (Siesta)، تيئن جپان ۾ ڏينهن جي وقت ان مختصر ننڊ کي انيموري (Inemuri) سڏين ٿا. هاڻ ذرا منجهيل معاملو آهي. جپان جي ڪن آفيسن ۽ ڪارخانن ۾ انيموري خراب سمجهيو وڃي ٿو ته ڪٿي ان جي انتظاميا طرفان اجازت مليل آهي. ڪيترين آفيسن ۽ ڪارخانن ۾ جيڪو جپاني انيموري ڪري ٿو ان لاءِ هن جي باس جو سٺو ويچار رهي ٿو. هو اهوئي سمجهي ٿو ته هن اڌ ڏينهن سخت محنت سان ڪم ڪيو آهي ۽ هاڻ ٿڪجي آرام ڪري رهيو آهي ننڊ سان هو تازو توانو ٿي ويندو ۽ سندس باقي اڌ ڏينهن وري گهڻو ڪم ڪرڻ ڪري ڪمپنيءَ کي فائدو ٿيندو.
    جپان ۾ گهڻي مينهن وسڻ ڪري جپاني، خاص ڪري نوجوان واٽر پروف موبائيل فون خريد ڪرڻ چاهين ٿا جيئن هو وسندڙ مينهن ۾ به موبائيل استعمال ڪري سگهن.
    جپاني هڪ ٻئي سان ملڻ وقت هٿ ملائڻ بدران هڪ ٻئي اڳيان جهڪن ٿا. جيتري گهڻي چيلهه چٻي ڪري جهڪڻ اوتري هڪ ٻئي لاءِ عزت سمجهي وڃي ٿي.
    چين ۽ ڏور اوڀر جي ٻين ملڪن تائيوان، ڪوريا وغيره وانگر، جپان ۾ به چمچي ڪانٽي بدران ”چاپ اسٽڪ“ استعمال ٿين ٿيون. اهي ڪٿي ڪٿي شيشي، چاندي يا ڪنهن ٻئي اوچي ڌاتوءَ جون استعمال ٿين ٿيون نه ته 99 سيڪڙو چاپ اسٽڪس (ماني کائڻ جون ڪاٺيون) ڪاٺ جون ڊسپوزبل ٿين ٿيون. يعني استعمال بعد اڇلايون وڃن ٿيون. چاپ اسٽڪس کي جپانيءَ ۾ “واري باشي” (Waribashi) سڏجي ٿو. هڪ اندازي موجب جپان ۾ هڪ سال ۾ 25 بلين ڪاٺيون استعمال ٿين ٿيون. انهن ۾ ايترو ڪاٺ ضايع ٿئي ٿو جو ان ڪاٺ مان 17000 گهر ٺهي سگهن.
    دنيا جي تعليمي ادارن ۾ شاگردن کان Quiz يا جنرل ناليج ۾ اڪثر اهو سوال پڇيو ويندو آهي ته انڊيا کان علاوه اهو ڪهڙو ملڪ آهي جنهن جو سرڪاري مذهب هندوازم آهي. اهو آهي انڊونيشيا جو ٻيٽ “بالي” جتي جا سڀ ماڻهو هندو آهن. اتي هندن جا مندر آهن ۽ آدم شماري اڌ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. ائين ته ٿورا گهڻا مسلمان، عيسائي ۽ ٻڌ به آهن پر 85 سيڪڙو هندو آهن. اهڙي طرح هڪ ٻيو عام سوال پڇيو ويندو آهي ته اهو ڪهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ جپان کان علاوه سڀ کان گهڻا جپاني رهن ٿا. ان سوال جي جواب ۾ شاگرد اڪثر ڪوريا يا چين جو نالو کڻندا آهن جو اهي جپان جا پاڙيسري ملڪ آهن پر اصل ۾ اهو ملڪ برازيل آهي جيڪو دنيا جي ٻئي ڇيڙي تي آهي. ان بابت پنهنجي سفرنامي “برونائيءَ کان برازيل” ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن اڄ کان هڪ صدي اڳ، غربت ڪري جپان جا هاري ڪمائڻ خاطر برازيل روانا ٿيا هئا پوءِ اتي ئي ٽِڪي پيا. توهان کي جپان ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون جپاني ڇوڪريون ملنديون جيڪي عام جپاني ڇوڪرين وانگر شرميليون نه هونديون. هو کلئي عام سگريٽ جا سوٽا به پيون هڻنديون. هو ٻين سان ضرور جپانيءَ ۾ ڳالهائينديون پر پنهنجو پاڻ ۾ پورچوگاليءَ ۾ ڳالهائينديون. ياد رهي ته برازيل ۾ پورچوگالي ڳالهائي وڃي ٿي.
    جپاني زالن لاءِ مشهور آهي ته هو وفادار ۽ پورهيت آهن. مڙسن جي چڱيءَ طرح خذمت ڪن ٿيون. پوءِ اهي مڙس سندن جپاني هجن يا ڌاريان. ان هوندي به جپاني مرد جو سڄو زور جپاني عورتن کي سڌارڻ ۽ خذمتگار بنائڻ ۾ رهي ٿو. ان لاءِ توهان جپاني لوڪ ڪهاڻيون پڙهو يا پهاڪا- جپاني مرد عورتن کي هر ڳالهه ۾ خوب ندي ٿو ۽ هن کي بيوقوف ثابت ڪري ٿو. يورپ ۾ شادي ٿيندي ته ٻائو ٻنهي کان، هڪ ٻئي سان وفادار ٿي رهڻ جو وچن وٺندو پر هن پاسي سڄو بار عورت تي وڌو وڃي ٿو. جپان ۾ شنتو ڌرم موجب جيڪي شاديون ٿين ٿيون انهن ۾ شاديءَ رات ڪنوار هڪ اڇي رنگ جي ٽوپي مٿي تي رکي ٿي جيڪا “تسونو ڪاڪُوشي” (Tsunu Kakushi) سڏجي ٿي. مون کي کل آئي جڏهن منهنجي پڇڻ ته گهوٽيتن ٻڌايو ته ان ٽوپي پائڻ سان عورت کي مڙس لاءِ جيڪي اڻ نظر ايندڙ ساڙ جا سڱ ٿين ٿا اهي ڍڪجيو وڃن. هڪ ٻئي ٻڌايو ته سلڪ جي ڪپڙي جي هيءَ سفيد ٽوپي پائڻ سان ڪنوار اهو عهد ڪري ٿي ته هوءَ مڙس جي گهر ۾ هن جي چئيوان ۽ نئڙت واري ٿي رهندي! اهڙن موقعن تي جڏهن آئون جپانين کان پڇندو آهيان ته عورتن لاءِ ته قاعدا قانون ۽ پابنديون آهن پر جپاني مردن لاءِ به ڪي آهن يا نه؟ ته هو خاموش ٿيو وڃن. پر هڪ ڳالهه آهي ته اڄ کان 50 سال اڳ جڏهن پهريون دفعو جپان وڃڻ ٿيو هو، ان وقت ۽ اڄ جي جپاني عورتن ۾ تمام وڏو فرق اچي ويو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو اڄ به دٻيل دٻيل ۽ هيسيل هيسيل نظر اچن ٿيون پر اهڙو نه جهڙو هو اڌ صدي اڳ هيون. ان لاءِ آئون لکندو اچان ته جپاني عورتن کي هوشيار تعليم، ٽي وي، مغربي فلمن ۽ انٽرنيٽ ڪيو آهي.
    هيلو ڪِٽي (Hello Kitty) جون ڪيتريون ئي شيون دنيا ۾ مشهور آهن خاص ڪري ٻارن ۾. ڪِٽي لفظ گهڻو ڪري ٻليءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو ۽ انهن شين تي جيڪا تصوير آهي ان لاءِ ڪيترا چون ٿا ته ٻليءَ جي آهي. ڪي چون ٿا ته ننڍڙي ڇوڪريءَ جي پر دراصل اهو هڪ ڪارٽوني ڪردار آهي جيئن ڊونالڊ ڊڪ يا مِڪي مائوس جي آهي. سانرئو (Sanrio) نالي جپاني ڪمپنيءَ جنهن هي هڪ فِڪشنل ڪئريڪٽر “هيلو ڪٽي” ايجاد ڪيو آهي اُهي هن کي ”هارو ڪِٽي“ سڏين ٿا. جپاني ٻوليءَ ۾ لام (L) جو اچار ناهي ان ڪري هو هيلو بدران هرو يا هارو چون ٿا جيئن منهنجي نالي ۾ L هجڻ ڪري هو الطاف بدران اريطاف سڏين ٿا. هن ڪمپنيءَ هي Character ٻارن جي پرس لاءِ ٺاهيو جنهن ۾ سِڪا وجهي سگهجن. اهو ڪم هنن 1975ع ۾ شروع ڪيو ۽ اهو ايترو ته مشهور ٿيو ۽ سڄي دنيا ۾ وڪرو ٿيو جو هن جپاني ڪمپنيءَ ٻارن لاءِ ٻيون به ڪيتريون ئي شيون. اسٽيشنري، ڪتاب، ڪاپيون، بوٽ، ٽوپيون، سئنڊل، ڪارٽون ٺاهڻ شروع ڪيا.
    ۽ اڄ دنيا ۾ 50 هزار کان مٿي “هيلو ڪِٽي” جي نالي سان برانڊيڊ (Branded) شيون ٺهن ٿيون..... ويندي ڪپڙا، اليڪٽرڪ جو سامان، ڪِچن جو سامان: ٽوسٽر، مڪسر، جيوسر، پليٽون ڪوپ، واشنگ مشينون، ٽي ويون، ڪمپيوٽر ويندي جيٽ هوائي جهاز Hello Kitty Jet، ايئربس A330-200 ڪمرشل پئسينجر جيٽ ايئرلائينر وغيره. ان کان علاوه ڳهه ڳٺا ۽ ريسٽورنٽون هن نالي سان مشهور آهن. تائپي (تائيوان) ۾ هيلو ڪِٽي ريسٽورنٽ آهي جنهن ۾ هن شڪل جا چاڪليٽ ۽ بسڪيٽ وڪامن ٿا. سڊني (آسٽريليا) ۾ “هيلو ڪٽي ڊائنر” هوٽل آهي. اهڙي طرح ڪولون (هانگ ڪانگ) ۾ به هيلو ڪِٽي نالي هوٽل مشهور آهي.
    “هيلو ڪٽي ڪيفي” ته دنيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن جيئن ته سول (ڏکڻ ڪوريا) ۽ ان ملڪ جي ته ٻين شهرن ۾ به، بئنڪاڪ (ٿائلينڊ)، Adelaide ۽ آسٽريليا جي ٻين شهرن ۾، آمريڪا جي ڪئليفورنيا رياست جي ارون ۽ سانتا انيتا مال ۾. تائيوان جي هڪ شهر Yuanlin ۾ ته “هيلو ڪِٽي مئٽرنٽي اسپتال” به آهي جتي هر چادر، بلاڪيٽ، وهاڻي، نرسن جي يونيفارم .... ويندي ٻارن جي سرٽيفڪيٽن تي ”هيلو ڪِٽي“ جو مونو گرام ٺهيل آهي. آئون ته اهو چوندس ته هڪ ته سانريو ڪمپني جو مالڪ شنتارو تسوجي (Shintaro Tsuji) خوش نصيب آهي ۽ ٻيو هن ٻلي نما جپاني ڇوڪري Kitty جي ڊزائينرر يوڪو شميزو (Yoko Shimizu) جنهن اهڙو ڪردار ايجاد ڪري خوب ڪمايو. يوڪيو شميزو عمر ۾ اسان جيڏي ٿيندي ۽ ٽوڪيو ۾ رهي ٿي.


    جپان ۾ موبائيل مسجدون ۽ اسلام جي آمد

    جپان ۾ پهريون دفعو اولمپڪس رانديون 1964ع ۾ ٽوڪيو ۾ ٿيون هيون. ان بعد 1972ع ۾ جپان جي اتراهين ٻيٽ هُڪَئدو جي وڏي شهر سَپورو ۾ ۽ ان بعد 26 سالن کانپوءِ 1998ع ۾ نگانو شهر ۾ ٿيون. هاڻ وري 22 سالن بعد 2020ع ۾ ٽوڪيو ۾ ٿي رهيون آهن جيڪي 24 جولاءِ کان 9 آگسٽ تائين هلنديون جن ۾ 33 مختلف راندين جا مقابلا ٿيندا. جپان جو شهنشاهه نارو هتو (Naruhito) يا ملڪ جو وزيراعظم “شينزو ابي” راندين جو افتتاح ڪندو. 2020ع ۾ اولمپڪ رانديون ڪرائڻ لاءِ استنبول (ترڪي) ۽ مئڊرڊ (اسپين) به ميزبان ٿيڻ جا اميدوار هئا پر ڪُڻو ٽوڪيو جو نڪتو.
    جيئن ئي ان جو اعلان ٿيو ته 2020ع وارين اولمپڪ راندين جي ميزباني جپان کي ڪرڻي آهي، جپان حڪومت ان جي تيارين ۾ لڳي وئي آهي. هزارين رانديگر اچن ٿا ته لکين ڏسڻ وارا به اچن ٿا. اهي نه رڳو مختلف ملڪن جا ٿين ٿا پر مختلف مذهبن جا ۽ ٻوليون ڳالهائڻ وارا ٿين ٿا. هنن جي اچڻ ڪري ميزبان نه فقط ٽڪيٽن مان ڪمائي ٿو پر ٽوئرزم مان پڻ. هونءَ به جپان اهو ملڪ آهي جيڪو سمجهي ٿو ته ملڪ ۾ ڀلي ڪيترائي ڪارخانا (Industries) هجن پر سڀ کان وڏي ڪمائي ”ٽوئرسٽ انڊسٽري“ مان آهي. يعني گهمڻ لاءِ ايندڙ شوقينن جي آمد مان آهي. هنن جي اچڻ ڪري جپانين جو خوب ڪاروبار هلي ٿو..... هوٽل، ٽئڪسي واري کان کاڌي پيتي ۽ دڪاندار جو! جپاني اهو ئي سوچين ٿا ته ٽوئرسٽ (گهمڻ لاءِ ايندڙ سياح) جو جيترو خيال رکبو اوترو هو وڌيڪ ايندو ۽ وڌيڪ پئسو خرچ ڪندو ۽ جپان جي ايڪانامي بهتر ٿيندي.
    ڪجهه سال اڳ جپانين اهو حساب لڳايو ته جپان ۾ ايندڙ ڌارين ۾ مسلمانن جو چڱو خاصو انگ آهي. يعني هيءَ تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن اڃان جپان اهو اعلان نه ڪيو هو ته ملائيشيا وارن لاءِ جپان ۾ اچڻ لاءِ ڪنهن به ويزا جي پابندي ناهي. ان بعد ته مسلمان ٽوئرسٽن جو نمبر اڃان به وڌي ويو آهي. بهرحال ان کان اڳ ئي جپان جي ڪيترن شهرن جي ميونسپالٽين اهو سوچيو ته ڪيوٽو، ٽوڪيو، نارا، اوساڪا جهڙا شهر جتي مسلمان ٽوئرسٽ گهڻا اچن ٿا اتي جي ايئرپورٽن تي نماز ادا ڪرڻ لاءِ الڳ ڪمرو ٺهرائي ڇڏجي ۽ ڪيترين هوٽلن ۾ پڻ نماز لاءِ ڪمرو مخصوص ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه ڪيترائي حلال شين جا دڪان کلي ويا آهن. جپان جي ائين ڪرڻ سان عرب ملڪن توڙي ايشيا جي ٻين ملڪن جا مسلمان ٽوئرسٽ جپان ۾ اچي پنهنجائپ محسوس ڪن ٿا ۽ اهي مسلمان جيڪي جپان ۾ نوڪرين ۽ بزنيس خاطر رهيل آهن انهن لاءِ به حلال شين جا دڪان وڏو سُک آهن. ان قسم جا جپان ۾ ٻه لک مسلمان آهن. ان کان علاوه ٽوئرسٽن جو تعداد الڳ آهي جيڪي هفتي کان ٻن يا ٽن هفتن لاءِ اچن ٿا.
    هاڻ جڏهن ٻن سالن بعد سال 2020 ۾ ٽوڪيو ۾ اولمپڪ رانديون ٿي رهيون آهن ته جپان حڪومت کي ايندڙ مسلمان مهمانن لاءِ موبائيل (هلندڙ چلندڙ) مسجد جو خيال آيو آهي. هونءَ ته ٽوڪيو شهر ۾ نه رڳو جامع مسجد آهي پر اتي جي هوٽلن ۾ توڙي اولمپڪ ڳوٺ ۾ مسلمانن لاءِ نماز پڙهڻ لاءِ ڪمرا مقرر ڪيا ويا آهن. پر راندين هلندي اسٽئڊيم ڀرسان نماز جي بندوبست لاءِ جپان حڪومت 100 موبائيل مسجدون ٺهرائي رهي آهي جيڪي جتي جتي رانديون پيون هلنديون ان جي آس پاس اچي بيهنديون ۽ نمازي انهن ۾ اندر وڃي نماز پڙهي سگهن ٿا. انهن مان نموني خاطر هڪ تيار ٿي چڪي آهي ۽ “آئي چي” پريفيڪچر جي شهر ٽوياٽا ۾ اتي جي اسٽئڊيم اڳيان بيهاري وئي آهي جنهن ۾ 50 ماڻهو جماعت سان نماز پڙهي سگهن ٿا ۽ هاڻ ان جهڙيون ٻيون به هڪ سئو ٺاهيون وينديون. هيءَ موبائيل مسجد، 25 ٽن وزني ٽرڪ ۾ تبديليون آڻي ٺاهي وئي آهي. هن تي ٻه ڪنٽينر رکيا ويا آهن جن جو پٺيون در مٿي ڪرڻ سان اندر داخل ٿيڻ جو رستو نڪري ٿو ۽ پاسي جون پليٽون گِهرڪائڻ Slide) ڪرڻ) سان ٻيڻي جاءِ ٿيو پوي. ان ڪنٽينر جي پاسن کان ٻه واش روم ۽ ڇهه کن بئسن آهن جيئن نمازي وضو ڪري سگهن.
    هنن موبائيل مسجدن جي پروجيڪٽ جو CEO ياسوهارو نالي جپاني انجنيئر آهي. هڪ انٽرويو ۾ هن واهه جي ڳالهه ڪئي ته هڪ آزاد ۽ مهمان نواز ملڪ جي حيثيت ۾ اسان ايندڙ مسلمانن لاءِ هن قسم جون موبائيل مسجدون مهيا ڪري پنهنجي ڪلچر جي اوموتي ناشي (Omotenashi) جي آئيڊيا شيئر ڪري سگهون ٿا. “او موتي ناشي” دراصل جپاني مهمان نوازي (Hospitality) آهي جنهن تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو. هتي اهو به لکندو هلان ته هن هڪ موبائيل مسجد تي 100 ملين يين يعني ڏهه ڪروڙ رپيا خرچ اچي رهيو آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته انڊونيشيا جي به ڪيترن شهرن ۾ خاص ڪري باندنگ (Bandung) ۾ جتي تمام گهڻا ٽوئرسٽ اچن ٿا، موبائيل مسجدون مشهور آهن پر انهن مسجدن وارين گاڏين ۾ اندر نماز پڙهڻ بدران ٻاهر پڙهي وڃي ٿي. انهن گاڏين ۾ نمازين لاءِ وضوءَ جو بندوبست، ٻانگ لاءِ لائوڊ اسپيڪر ۽ ڪارپيٽ رکيل ٿين ٿا جن کي ٻاهر ڪڍي زمين تي وڇائي نماز پڙهي سگهجي ٿي. پر جاپان جي هن موبائيل مسجد اندر نماز پڙهڻ لاءِ 515 چورس فوٽ جاءِ ملي ٿي جنهن ۾ 50 ڄڻا آرام سان نماز پڙهي سگهن ٿا.
    جپان ۾ مسلمانن جو سوچي ڪجهه مشهور جپاني ٿا ياد اچن جيئن ته حاجي عمر ميتا (اصل نالو (Rijoichi Mita) جيڪو پهريون جپاني مسلمان آهي جنهن قرآن جو جپانيءَ ۾ ترجمو ڪيو، 1983 ۾ گذري ويو. ٽوڪيو ۾ رهندڙ ڪيترن پاڪستانين جي هن سان ٽوڪيو يا ڪيوٽو ۾ ملاقات ٿي هوندي. ٻيو مشهور ملهه اِنوڪي آهي. اهڙي طرح انڊونيشيا جي صدر سوئيڪارنو جي جپاني زال رتنا ديوي آهي جيڪا پڻ ٽوڪيو ۾ رهي ٿي ۽ حيات آهي ۽ اسان جا ماڻهو هنن جپاني مسلمانن کان واقف آهن۔
    چين جي سرزمين تي اسلام شروع جي ڏينهن ۾ ئي آيو. هند سنڌ توڙي انڊونيشيا ۾ به بعد ۾ آيو. اسان سنڌ کي باب الاسلام ضرور سڏيون ٿا پر ويندي چين (ڪئنٽن) واري مسجد سنڌ ۾ اسلام اچڻ کان به اڳ جي ٺهيل آهي جيتوڻيڪ چين ۽ ان جو ڪئنٽن وارو حصو تمام ڏورانهون آهي ۽ سنڌ جو ديبل، ڀنڀور، ٺٽو سعودي عرب کان تمام ويجهو آهي پر عرب واپارين جو اسلام کان اڳ چين ۾ هجڻ ڪري، اسلام جي آمد سان يڪدم اتي پهچي ويو. ان سلسلي ۾ آئون چين جي سفرنامي ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان. بهرحال آهستي آهستي ٿيندو اسلام ننڍي کنڊ، انڊونيشيا، ملايا (ملائيشيا) ۽ چين تائين ته پهچي ويو، پر وڌيڪ اتر ڏي يعني جپان ۽ ڪوريا تائين پهچڻ کان فلپين ۾ بلاڪ ٿي پيو. پندرهين صديءَ ۾ فلپين تي اسپين وارن جي حڪومت هئي. اتي جي عيسائي پادرين ڪنهن کي اسلام جي تبليغ ڪرڻ نٿي ڏني. ٻئي طرف جپان ٻڌن جو ملڪ هو.
    بعد ۾- اوڻهين صديءَ ۾ جن مسلمانن جو جپان ۾ اچڻ ٿيو اهي ملئي ماڻهو هئا. جن ۾ اڄ واري ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جا ماڻهو اچي ويا ٿي جيڪي انگريزن ۽ ڊچن جي جهازن تي خلاصي هئا. ملايا تي انگريزن جو راڄ هو جتي اسان جي ننڍي کنڊ وانگر انگريزي ڳالهائي وئي ٿي ۽ انڊونيشيا ڊچن جي قبضي ۾ هو جتي ڊچ پڙهائي وئي ٿي. سو جپانين جو جن پهرين مسلمانن سان واسطو پيو اهي ملئي هئا. انڊونيشيا جاگرافيائي طور کڻي الڳ ملڪ آهي پر ماڻهو ساڳي ملئي نسل جا آهن ۽ سندن ٻولي ملايو (ملئي) سڏجي ٿي.
    جپانين جو ٻئي نمبر تي ترڪ مسلمانن سان واهپو ٿيو جڏهن 1890ع ۾ ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) وارن جپان سان سفارتي تعلقات رکڻ خاطر هنن پنهنجو نيول جهاز جپان موڪليو. هي جهاز جنهن جو نالو التغرل (Ertughrul) هو جپان کان ترڪي ڏي موٽڻ وقت 16 سيپٽمبر 1890ع تي طوفان ۾ ڦاسڻ ڪري ٻڏي ويو. جهاز تي 609 ماڻهو هئا جن مان 540 ٻڏي ويا. ٻڏي ويل ترڪن مان جن جا لاش مليا انهن کي اتي ئي وَڪاياما ۾ دفن ڪيو ويو جنهن جي ڪناري تي هي حادثو ٿيو. بچي ويلن کي ٻن جپاني جهازن ذريعي استنبول پهچايو ويو. هنن سان گڏ ڪجهه جپاني به هليا هئا جن کي ترڪيءَ ۾ رهي مسلمانن جي زندگيءَ جي واقفيت ٿي. بهرحال هن حادثي، جهاز ۽ جپانين جي اسلام بابت ڄاڻ، ٻي هنڌ تفصيل سان ڪنداسين. هتي فقط اهو پيو لکان ته شروع شروع ۾ جپان ۾ اسلام جي ڄاڻ ڪيئن پهتي.


    ڪجهه جپاني مسلمان ...

    اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته پهريون جپاني جنهن حج ڪيو ان جو نالو ڪوٽارو (Kotaro Yamaoka) هو. هن جي حاجي عبدالرشيد ابراهيم نالي روس جي هڪ تاتاري مسلمان سان 1909ع ۾ ممبئي ۾ ملاقات ٿي. هن سان ڪجهه وقت گڏ رهڻ سان ڪوٽارو اسلام مان متاثر ٿيو ۽ اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو ڪوٽارو بدران عمر رکيو باقي ذات ساڳي “ياما اوڪا” جپاني رکي. انهن ڏينهن ۾ ترڪيءَ جو سلطان (ڇٽيهون) ۽ ڇويهون خليفو عبدالحميد الثاني هو جنهن ترڪيءَ تي 1876ع کان 1909ع تائين حڪومت ڪئي. هن سلطان جي اجازت ۽ مدد سان عمر (ڪوٽارو) ياما اوڪا ٽوڪيو ۾ مسجد جو ڪم شروع ڪرايو جيڪا 1938ع ۾ ٺهي راس ٿي. هن ڪم ۾ عبدالرشيد ابراهيم جو به وڏو هٿ هو. عبدالرشيد تاتاري مسلمان هو جيڪو روس ۾ 1857ع ۾ ڄائو هو. پاڻ اسلام جو عالم، جرنلسٽ ۽ سياح (Traveller) هو. جنهن سال 1909ع ۾ هن جي عمر ياما اوڪا سان ممبئيءَ ۾ ملاقات ٿي، ان سال هو جپان به گهمڻ لاءِ آيو هو. بعد ۾ ٽوڪيو ۾ مسجد ٺهڻ تي هو ان مسجد جو پهريون امام ٿيو. سندس وفات 1944ع ۾ ٿي. کيس جپان ۾ ئي دفن ڪيو ويو.
    جپان ۾ هونئن ايڪڙ ٻيڪڙ ڌاريون مسلمان ايندو رهيو ٿي يا سندن پنهنجو جپاني مسلمان ٿيو ٿي ۽ هن تبليغ ڪئي ٿي پر جپانين کي مسلمانن جي يڪي ڪميونٽي کي ڏسڻ جو موقعو تڏهن مليو، جڏهن پهرين وڏي لڙائي دوران 1917ع ۾ بولشيوڪ انقلاب آيو. ولاديميرلينن هي انقلاب آڻي روس ۾ پورهيتن جي رياست ٺاهي ۽ پنهنجي پارٽي جو نالو ڪميونسٽ پارٽي رکيو. انقلاب بعد روس ۾ رهندڙن جي مذهب جي آزاديءَ تي بندش وڌي وئي ۽ روس پاسي رهندڙ سوين ترڪ، ازبڪ، تاجڪ، ڪرگز ۽ ڪزاخ مسلمان پنهنجي زندگي خطري ۾ ڏسي جپان لڏي آيا. جپان حڪومت هنن کي سياسي پناهه (Asylum) ڏني ۽ هو جپان جي مختلف شهرن ۾ رهائش اختيار ڪرڻ لڳا. هنن کي ڏسي هنن جي ڪجهه پاڙيسري جپانين پڻ اسلام قبول ڪيو.
    جپان ۾ هنن مسلمانن جو تعداد جڏهن وڌڻ لڳو ته مختلف هنڌن تي ڪيتريون ئي مسجدون ٺهڻ لڳيون جن ۾ سڀ کان اهم مسجد ڪوبي واري آهي جيڪا ٽوڪيو واري مسجد کان به ٻه ٽي سال اڳ 1935 ۾ ٺهي هئي ۽ پراڻين مسجدن مان اها ئي هڪڙي مسجد آهي جيڪا اصلي حالت ۾ آهي ۽ جپان جي وڏي زلزلي جي سَٽَ کان بچي وئي. اڄ ڪلهه سڄي جپان ۾ ٽيهن کان چاليهه سنگل اسٽوري مسجدون آهن. ان کان علاوه هڪ سئو يا ان کان مٿي هڪ ڪمري (سنگل اپارٽمينٽ) واريون مسجدون آهن جن کي هتي جا ماڻهو مصلا (Musallah) سڏين ٿا.
    پهرين جنگ عظيم (WWI) دوران جڏهن جپان چين ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن تي حملو ڪيو ته اتي رهندڙ ڪيترا جپاني پنهنجي ملڪ جپان موٽي آيا. انهن ۾ اهي جن ٻاهر وڃي اسلام قبول ڪيو انهن اڳتي هلي جپان ۾ “جپان مسلم ايسوسيئيشن” ٺاهي جنهن جو پهريون صدر صادق ايمائي زومي جپاني ٿيو جنهن جي وفات بعد ٻيو صدر مٿي بيان ڪيل جپاني عالم عمر ميتا ٿيو. عمر ميتا پهريون جپاني مسلمان آهي جنهن لاءِ لکي چڪو آهيان ته هُنَ قرآن مجيد جو جپانيءَ ۾ ترجمو ڪيو. عمر مِيتا 1892 ۾ ياماگچي پريفيڪچر جي شهر چوفو (Chofu) ۾ هڪ ٻڌ گهراڻي ۾ جنگجو (Samurai) جي گهر ۾ ڄائو. هن ياما گاچي ڪمرشل ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي ان بعد چين وڃي چيني ٻولي سکيو. اتي هن جي ڪجهه مسلمان فئملين سان ميل ملاقات ٿي ۽ اسلام جي ڄاڻ حاصل ڪئي. ان بعد هن عمر ياما اوڪا جا حج جي سفر بابت مضمون پڙهيا. عمر ياما اوڪا پهريون جپاني آهي جنهن حج ڪيو. 1921ع ۾ عمر مِيتا ساڻس ملاقات به ڪئي. آخرڪار 49 ورهين جي ڄمار ۾ 1941 ۾) هن اسلام قبول ڪيو. 60 سالن جو ٿي ميتا اهو فيصلو ڪيو ته هن کي باقي زندگي اسلام جي تبليغ لاءِ وقف ڪرڻي آهي ۽ عربي سکڻي آهي. 1958ع ۾ هو تبليغ جي سلسلي ۾ پاڪستان پڻ آيو. عمر مِيتا جا ڪجهه ڪتاب پڻ آهن جيئن ته Understanding Islam ۽ An Introduction to Islam. هن مولانا محمد ذڪريا جو ڪتاب “حياتِ صحابا” پڻ جپانيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
    جپانيءَ ۾ قرآن مجيد جي ترجمي بابت لکندو هلان ته 1968ع ۾ عمر ميتا جپانيءَ ۾ ڪيو پر ان کان اڳ قرآن جا جپانيءَ ۾ ترجما 1920ع ، 1937ع ۽ 1950ع ۾، ان بعد 1957ع ۾ ٿيو پر اهي سڀ ترجما غير مسلم جپانين ڪيا.
    هتي اهو به لکندو هلان ته عمر ميتا 1958ع ۾ هڪ پاڪستاني حج گروپ سان گڏ حج ڪيو. ان بعد هو جپان آيو، مٿيان ڪتاب ڇپرايا ۽ جپان مسلم ايسوسيئيشن جو صدر ٿيو. 1961ع ۾ جڏهن هو ستر سالن جو هو ته هو هڪ دفعو وري پاڪستان روانو ٿيو ۽ ڪجهه عرصي لاءِ لاهور ۾ رهي پيو ۽ عربي ۽ قرآن جي عالمن سان ملندو رهيو.
    حاجي عمر ميتا اڄ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي پر هن شخص اسلام جي وڏي خذمت ڪئي. 1973ع ۽ 1974ع وارن سالن ۾ جڏهن خيرپور ميرس جو ظفر شيخ ٽوڪيو جي پاڪستان ايمبسيءَ ۾ سيڪريٽري هو ۽ منهنجو جهاز هر ٻي ٽي مهيني ٽوڪيو کان اچي نڪرندو هو، اسان پاڪستانين جون گڏجاڻيون گهڻو ڪري گنزا ۾ يا ٽوڪيو مسجد جي آس پاس ٿينديون هيون انهن ڏينهن ۾ حاجي عمر ميتا 89 سالن جو جهور پوڙهو ٿي چڪو هو پر اسان ڏسندا هئاسين ته روزانو پنهنجي گهران ٻن ڪلاڪن جو ٽرين ۾ سفر ڪري ٽوڪيو واري مسجد ۽ جپاني مسلمانن جي ايسوسيئيشن جي آفيس ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ پهچندو هو. هو لاهور جون به ڳالهيون ڪندو هو جتي هن ڪافي وقت گذاريو ۽ ڪيترائي اردو ۽ پنجابيءَ جا لفظ ياد هئس. هن پهريون حج به پاڪستانين جي گروپ سان ڪيو. انسان جيستائين جيئرو آهي، ان جو ايڏو قدر نٿو ٿئي پر اڄ سوچيان ٿو بلڪه افسوس ڪريان ٿو ته گنزا، شيبويا، روپنگي، اساڪسا ۾ رلڻ بدران ههڙن ماڻهن سان وڌيڪ ڪچهريون ڪجن ها.


    جپان جو انوڪي پهلوان ۽ رتنا ديوي

    گذريل مضمون ۾ حاجي عمرميتا جو احوال لکيو اٿم جو هن جپاني مسلمان جو اسان جي ملڪ ۾ به اچڻ ٿيو ۽ جپان ۾ 1973ع واري سال ۾ ساڻس ٽوڪيو ۾ موجود اسان پاڪستانين جي به ملاقات ٿيندي رهي. ان بعد هو سگهو ئي گذاري ويو جو اسان جو 1980 تائين لڳاتار اچڻ ٿيندو رهيو پر وري ملاقات نه ٿي.
    هڪ ٻيو جپاني مسلمان اِنوڪي (سڄو نالو ائنٽونيو انوڪي) جنهن سان جپان ۾ ملاقات ٿيندي رهي ۽ ان جو به پاڪستان سان واسطو رهيو. اِنوڪي نه فقط پروفيشنل ملهه (Wrestler) ٿي رهيو آهي پر سياستدان به! مشهور باڪسر محمد عليءَ سان وڙهڻ بعد هو دنيا ۾ مشهور ٿيو. انوڪيءَ جا 1995ع ۾ اتر ڪوريا ۾ ٻه مقابلا به اخبارن جون سرخيون بنيون جن ۾ سڀ کان گهڻا تماشبين هڪ ۾ ڏيڍ لک ۽ ٻئي ۾ ٻه لک آيا.
    1976ع ۾ پاڪستان جي پهلوان اڪرم عرف اڪيءَ انوڪيءَ کي چئلينج ڪيو. هن ملهه جو مقابلو ڪراچيءَ جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيو هو جتي اڌ لک کان وڌيڪ ماڻهو آيا هئا جنهن ۾ اڪرم هارايو هو. 2012ع ۾ جڏهن عمرڪوٽ جو نور محمد جادواڻي ٽوڪيو ۾ پاڪستان جو سفير هو ته ان وٽ هڪ گڏجاڻيءَ ۾ انوڪيءَ سان ملاقات ٿي هئي جنهن ۾ هن پنهنجي ڪرائيءَ تي اڪرم جي چڪن جا نشان ڏيکاريا.....” پنهنجي جان بچائڻ لاءِ مون مجبورن هن جي اکين ۾ کڻي آڱريون هنيون.” انوڪيءَ ٻڌايو ته هن کي اڪرم پهلوان کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪا خوشي نه ٿي. بعد ۾ 1979ع ۾ هو وري پاڪستان آيو هو ۽ هن جي ملاقات اڪرم پهلوان جي ڀائٽي زبير عرف جهارا پهلوان سان ٿي. ان سان مقابلو Draw ٿيو. “پر مون هن جو هٿ مٿي کڻي هن کي کٽيندڙ قرار ڏنو،” انوڪيءَ چيو. انوڪي ۽ جهارا پهلوان سٺا دوست ٿي رهيا. 1991 ۾ جهارا پهلوان دل جي دوري ۾ گذاري ويو. کيس لاهور جي ڀولو پهلوان جمنازيم ۾ دفن ڪيو ويو. جهارا پهلوان (اصل نالو زبير) گاما فئمليءَ جي اسلم پهلوان جو پٽ هو.
    اڪرم پهلوان عرف اڪي 1930 ۾ امرتسر ۾ ڄائو هو. آفريڪا جي ملڪن ۾ بازيون کٽڻ ڪري هن کي “ڊبل ٽائيگر” به سڏيندا هئا. هن ڪينيا ۾ مهيندر سنگهه کان ۽ يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ دادا عِيدي امين کان به ملهه کٽي. امام بخش پهلوان جي ڇهه ملهه پٽن مان اڪرم سڀ کان اعليٰ هو. هن ننڍي هوندي کان ملهه جو هنر گاما پهلوان کان سکيو. ٽوڪيو ۾ نور محمد جادواڻيءَ وٽ جڏهن انوڪي کان پڇيو ويو ته هو وري ڪڏهن پاڪستان جو چڪر هڻندو ته هن چيو ته “وقت نٿو ملي نه ته منهنجي دل هڪ دفعو پاڪستان وڃي اڪرم پهلوان جي قبر تي دعا گهرڻ لاءِ چوي ٿي.”
    جپاني پهلوان اِنوڪي 1943ع ۾ يوڪو هاما جي هڪ امير گهر ۾ ڄائو. هي ست ڀائرن ۽ چئن ڀيڻن مان هڪ هو. سندس پيءُ ساجيرو اِنوڪي شهر جو معزز واپاري ۽ سياستدان هو. 1948ع ۾ جڏهن اِنوڪي پنجن سالن جو هو ته سندس پيءُ گذاري ويو. 1957 ۾ فئمليءَ تي اهڙا ته ڏکيا ڏينهن اچي ويا جو روزگار خاطر انوڪي پنهنجن ڀائرن ڀينرن، ماءُ ۽ ڏاڏي سان گڏ برازيل لڏي ويو. برازيل ۾ انوڪيءَ ڪيترين راندين: شاٽ پٽ، ڊسڪس ٿرو، جويلين ٿرو ۾ چئمپين ٿيو. ان بعد سترهن سالن جي ڄمار ۾ هو ريسلنگ (ملهه) سکڻ لاءِ جپان موٽيو.
    انوڪي ڪيترا سال ملهه جي مقابلي سان وابسته رهيو. 1989ع ۾ جڏهن هو 46 سالن جو ٿيو ته هن پيءُ جي نقش قدم تي سياست ۾ حصو ورتو ۽ هو هائوس آف ڪائونسلرن جو نمائندو ٿيو. 1990 ۾ هو پنهنجي منهن عراق هليو ويو جتي گلف واري لڙائي جا جپاني قيد هئا. هن اڪيلي سر صدام حسين سان ڳالهيون ڪيون ۽ هن کي راضي ڪري جپانين کي آزاد ڪرايو.
    عراق جي ان ٽرپ دوران انوڪيءَ ڪربلا شريف جي زيارت ڪئي جنهن دوران هن اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو تعلق اهل شيعه سان رکيو پر هن ان جو اعلان 2012 ۾ ڪيو. ان سان گڏ هن پنهنجي اسلامي نالي “محمد حسين انوڪي” جو پڻ اعلان ڪيو. هن ٻڌايو ته هن کي چيو ويو ته هو پنهنجو نالو محمد علي رکي. “پر جيئن ته آئون محمد علي ڪلي سان مقابلو ڪري چڪو هوس ان ڪري مون پنهنجو نالو صدام حسين جي نالي مان متاثر ٿي محمد حسين رکيو.”
    هونءَ انوڪي ڪو ايڏو گهڻو عملي (Practicing) مسلمان نٿو لڳي. ايتري قدر جو هو پاڻ به پاڻ کي ڪڏهن نو مسلم (Convert Muslim) ٿو سڏائي ته ڪڏهن ٻوڌي (Buddhist).
    انوڪيءَ جي 1971ع ۾ جپان جي مشهور فلم ائڪٽريس متسوڪو بائشو سان شادي ٿي جنهن مان هن کي هڪ ڌيءَ هيروڪو آهي. 1987ع ۾ سندن طلاق ٿي وئي.
    هتي جڏهن ٻن جپاني مسلمانن (حاجي عمر ميتا ۽ ريسلر محمد حسين انوڪيءَ) جو ذڪر ڪيو اٿئون ته اتي هڪ جپاني عورت رتنا ديويءَ جو به ڪريون ٿا جيڪا انڊونيشيا جي صدر سئڪارنو جي زال رهي. هن وقت 78 سالن جي آهي ۽ ٽوڪيو جي خوبصورت علائقي شنجوڪو ۾ رهي ٿي. ڪيترا ماڻهو اهو سمجهندا آهن ته مسلمان سئڪارنو جي هيءَ زال هندو آهي جيڪا پوءِ مسلمان ٿي. پر ڏٺو وڃي ته شاديءَ کان اڳ هيءَ ٻوڌي هئي ۽ 1940 ۾ ٽوڪيو ۾ ڄائي. سندس اصل جپاني نالو نائوڪو نيموتو (Naoko Nemoto) هو. پاڻ سئڪارنو جي ماءُ “اِيدا ايو نيومن راءِ“ برهمڻ گهراڻي جي هندو هئي جنهن جو تعلق بالي ٻيٽ سان هو. سئڪارنو جو پيءُ رادن سوئيڪيمي انڊونيشيا جي جاوا ٻيٽ جو مسلمان هو. سئڪارنو، ڪيترا ماڻهو هن کي احمد سئڪارنو سڏين ٿا پر هن جو نالو فقط سئڪارنو هو، 1901 ۾ سوربايا ۾ ڄائو هو. انهن ڏينهن ۾ انڊونيشيا تي ڊچن (نيدرلئنڊ وارن) جو قبضو هو ۽ انڊونيشيا جا هي سمورا ٻيٽ: جاوا، سماترا، بالي وغيره “ڊچ ايسٽ انڊيز” سڏبا هئا جيئن ننڍي کنڊ تي انگريزن جو راڄ هو ۽ انڊيا “برٽش انڊيا” سڏبو هو. سورابايا جاوا ٻيٽ جو بندرگاهه ۽ ڪراچيءَ وانگر ڪمرشل شهر آهي ۽ انڊونيشيا جو ٻئي نمبر تي وڏو شهر آهي. ڊچن جي راڄ ۾ ته سورابايا وڏي ۾ وڏو شهر هو. باتاويا (جيڪو اڄ ڪلهه جڪارتا سڏجي ٿو) ان کان به وڏو شهر ۽ بندرگاهه هو جتي چين، عرب، ايران ۽ هند کان واپاري لاءِ جهاز آيا ٿي. پندرهين صديءَ جون مسجدون، عرب ڪوارٽر ۽ چائنا ٽائون اڄ به موجود آهن. اسان جا سنڌي هندو واپاري به هن پاسي ۽ اڳيان جاوا تائين آيا ويا ٿي. ڪيترا اتي ئي رهيا ٿي. اڄ به ڪيترائي سنڌي هندو سورابايا ايندا رهن ٿا. ڪي انڊيا جي شهرن کان ته ڪي هانگ ڪانگ جپان ۽ ويندي آمريڪا کان به. شاهه لطيف به هن تر جاوا پاسي جو ذڪر پنهنجن بيتن ۾ ڪيو آهي. ظاهر آهي شاهه لطيف 1689ع ۾ ڄائو ۽ 1752ع ۾ وفات ڪئي. جاوا، سماترا، سورابايا پاسي اسان جا سنڌي، عرب ۽ ايراني ته شاهه لطيف جي ڄمڻ کان به ٻه صديون اڳ يعني پندرهين صديءَ کان آيا پئي ۽ هتان جي مصالحي مان خوب ناڻو ڪمائي پنهنجي وطن سُکَ جي زندگي گذاري ٿي. تڏهن ته سنڌ ۾ اها چوڻي مشهور ٿي ته ”جيڪي ويا جاوا سي ٿيا هميشه لاءِ ساوا“. بهرحال سورابايا جڪارتا کان به سهڻو ۽ ماڊرن شهر آهي.... گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته لڳي ٿو. هن شهر سورابايا ۾ آيل ٽوئرسٽ جالان پانديئان ۾ ضرور گهر نمبر 40 وٽان لنگهندا هوندا جتي سئڪارنو صاحب جنم ورتو ۽ اڄ به سندس نالي جو بورڊ لڳل آهي. انڊونيشي يا ملئي ٻوليءَ ۾ جالان (Jalan) معنيٰ روڊ، رستو، شاهراهه.
    سئڪارنو 1912 ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڊچ اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي. ان بعد بانديانگ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي مان سول انجنيئرنگ ڪئي. 1926ع ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هن يونيورسٽي جي هڪ دوست سان گڏجي فرم ٺاهيو ۽ پريانگر هوٽل کان وٺي ڪيتريون عمارتون هن جون ڊزائين ٿيل آهن. ڊچن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ هن ڪافي سال جيل به ڪاٽيو. ٻي جنگ عظيم دوران جڏهن جپانين انڊونيشيا تي قبضو ڪيو ته سئڪارنو کي جيل مان آزادي ملي. اڳتي هلي انڊونيشيا کي خودمختياري ملي ته سئڪارنو ملڪ جو پهريون صدر ٿيو. هيءَ سال 1945 جي ڳالهه آهي. اسان اسڪول جي ڏينهن ۾ جڏهن 1958 ۾ اٺين ڪلاس ۾ هئاسين ۽ 1960 ۾ مئٽرڪ ۾ ته سئڪارنو جو نالو اخبارن ۾ پڙهندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ اسان لاءِ اخبار پڙهڻ ۽ جنرل ناليج ۾ حصو وٺڻ ضروري هوندو هو. سئڪارنو 1958ع ۾ پاڪستان آيو هو جڏهن ميجر جنرل اسڪندر مرزا ملڪ جو وزيراعظم هو. ان بعد 1963ع ۾ پڻ ٽن ڏينهن لاءِ سئڪارنو پاڪستان آيو ۽ لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ رهيو. انهن ڏينهن ۾ سئڪارنو پاڪستانين لاءِ اهم ۽ دلپسند شخصيت هو خاص ڪري انڊو پاڪ جي لڙائيءَ ۾ جڏهن ايئرمارشل اصغر خان انڊونيشيا مدد لاءِ ويو ته سئڪارنو چيس ته “توکي جيترا به اسان جا هوائي جهاز کپن اهي کڻي وڃ بس رڳو ٻه چار ڇڏ، جو اسان کي ملائيشيا وارن سان ڪجهه مسئلو آهي.” اها ڳالهه ايئر مارشل اصغر خان پنهنجي ڪتاب The First Round ۾ به لکي آهي. سو ان دور ۾ سئڪارنو اسان جي ماڻهن جي دلپسند شخصيت هو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ يعني 1962ع ۾ 57 سالن جي سئڪارنو پاڻ کان 38 سال ننڍي عمر جي جپاني ڇوڪري نائوڪو سان شادي ڪري هن جو نالو “رتنا ساري ديوي” رکيو جيڪو نالو “جاواني سنسڪرت” جو آهي جنهن جي معنيٰ آهي “ديويءَ جي هيري جي سڳنڌ”.
    1962ع ۾ سئڪارنو سرڪاري دوري تي ٽوڪيو آيو هو ته گنزا جي ڀرواري هوٽل امپيريل ۾ اچي رهيو هو ۽ شام جي وقت گنزا جو چڪر هڻندي اتي جي هڪ بار ۾ ڪم ڪندڙ 19 سالن جي هوسٽس نائوڪو نيموتو سان سندس ملاقات ٿي. هوءَ ان وقت آرٽس جي شاگردياڻي هئي ۽ شام جي وقت پارٽ ٽائيم جاب خاطر بار ۾ آيل گراهڪن جي خذمت ڪئي ٿي. ٽوڪيو ۾ گنزا جو چڪر هڻندي امپريل هوٽل کي ڏسي خيرپور جي ظفر شيخ ۽ مون کي هميشه انڊونيشيا جو هي عاشق مزاج صدر ياد ايندو هو. گنزا ريسٽورنٽن، ڪيفي، مئخانن، پبن ۽ بارن سان ڀري پئي آهي. ڪجهه ريسٽورنٽن ۽ ڪيفي بارن جا نالا هن وقت به ياد اچي رهيا آهن: ازاڪايا ريسٽورنٽ، Matteo، توري يوشي، Tofuro، دائگو، پرونٽو، Gappo، نِيرُوڪي وغيره. ظفر شيخ جيڪو انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ايمبسيءَ ۾ ٿرڊ سيڪريٽري هو، مون سان گڏ گنزا جو چڪر هڻندي اهڙي قسم جي ريسٽورنٽن/ بارن ڏي اشارو ڪندي چوندو هو. يعني 1973ع چوهتر وارن سالن ۾، ته “اڄ کان ڏهه ٻارهن سال اڳ، 1962 ۾، خبر ناهي ڪهڙي بار ۾ نائڪو نيموتو خذمتگار (هوسٽس) هئي جنهن تي سئڪارنو جي نظر ڇا پئي رتنا ديوي ٿي وئي. اسان جي هڪ جهاز جو چرچائي ريڊيو آفيسر جنهن کي ڪنهن نوجوان جپاني ڇوڪريءَ سان دوستي رکڻ جي خواهش هئي، اسان جي ٽوڪن تي ته تو پوڙهي سان ڪهڙي جپاني ڇوڪري ڳالهائيندي. يڪدم وراڻيندو هو ته “57 سالن جي گئرنٽي ختم سئڪارنو تي 19 سالن جي نيموتو عاشق ٿي سگهي ٿي باقي مون جهڙي ٽيهه ورهين جي ٺاهوڪي جوان تي ڇو نه؟”.
    بهرحال سئڪارنو پوڙهو ضرور هو پر کيس عورتن تي جادو هلائڻ جا طريقا آيا ٿي ۽ نيموتو (رتنا ديوي) سان سندس پهرين شادي نه هئي. سئڪارنو اعلانيه ۽ غير اعلانيه شادين کان مشهور رهيو آهي. نيموتو کان اڳ به ٻن يا ٽن سان ته آفيشلي شادي ٿيل هئس. هڪ شادي ته ويهه ورهين جي ڄمار ۾، 1920 ۾، سيتي اوئيتاري (Siti Oetari) سان ڪئي هئائين. ان بعد 1921ع ۾ سول انجنيئرنگ (آرڪيٽيڪچر) پڙهڻ لاءِ داخلا ورتائين. اتي باندنگ شهر ۾ جتي پڙهيو پئي، هاسٽل جي انچارج جي زال اِنگت (Inggit) سان اکيون لڙائيندو رهيو. اِنگت (سڄو نالو Inggit Garnasih) سئڪارنو کان 13 سال وڏي هئي جو سندس ڄم جو سال 1888ع هو. پر سائين عاشق مزاج سڪارنو هن تي اهڙو ته عاشق ٿي پيو (۽ هوءَ محترما پڻ) جو سئڪارنو پنهنجي پهرين زال سيتي اوتي تاريءَ کي طلاق ڏئي انگت سان شادي ڪئي ۽ انگت به پنهنجي پهرين مڙس (بورڊنگ هائوس جي مالڪ) مسٽر سانوئيسي (Sanoesi) کان طلاق وٺي سئڪارنو سان شادي ڪئي جيڪو اڃان انجنيئرنگ جي ٻئي سال جو شاگرد هو. سڪارنو کي هن زال مان هڪ ڌيءَ رتنا ديوامي ٿي. سڪارنو جي هن زال وڏي ڄمار ماڻي ۽ 96 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين پر سڪارنو سان شادي فقط 20 سال هليس. 1943 ۾ جڏهن سئڪارنو 43 سالن جو هو ته هن جو 20 سالن جي نوجوان ڇوڪري فاطمه واتي سان معاشقو ٿيو ۽ انگت کي طلاق ڏئي فاطمه سان شادي ڪئي. ٻن سالن بعد سئڪارنو انڊونيشيا جو پهريون صدر ٿيو ۽ فاطمه واتي ملڪ جي خاتون اول ٿي. هتي اهو به لکندو هلان ته سئڪارنو کي هن زال فاطمه واتيءَ مان ڪيترائي ٻار ٿيا جن مان هڪ ڌيءَ “ميگاواتي سئڪارنو پتري” اڳتي هلي ملڪ جي پنجين صدر (2001ع کان 2004ع تائين) ٿي. سئڪارنو صاحب کي هن زال فاطمه واتيءَ مان 8 کن ٻار ٿيڻ بعد 1953ع ۾ سئڪارنو کي جاوا ٻيٽ جي هارتيني نالي ڇوڪريءَ سان شاديءَ جو ارادو ٿيو. بلڪه شادي ڪري کيس ايوان صدر ۾ وٺي آيو. فاطمه واتي جيڪا خاتون اول هئي ان ڪافي گوڙ ڪيو پر کيس ڪو مولوي نه ملي سگهيو جو هن جو پاسو کڻي. سڀ سئڪارنو کان ڊنا ٿي ۽ فاطمه واتي رُسي اچي جڪارتا ۾ رهي. سئڪارنو کي هارتينيءَ مان به ٻه ٻار ٿيا. بعد ۾ هن هارتينيءَ کي به ڀڄائي ڇڏيو ۽ کيس اولهه جاوا جي هڪ شهر بوگور (Bogor) ۾ ڏيهه نيڪالي ڏئي موڪلي ڇڏيو.
    فاطمه واتي 1980ع ۾ عمرو ڪري مڪي کان جڪارتا وڃي رهي هئي ته رستي تي، ڪوالالمپور ۾ کيس دل جو دورو پيو ۽ وفات ڪيائين. سندس ياد ۾ انڊونيشيا جي شهر بينگڪولو جو ايئرپورٽ سندس نالي آهي. بينگوڪولو (Bengkulu) سماترا ٻيٽ تي تاريخي شهر آهي ۽ سندس يونيورسٽي مشهور آهي.
    سو سائين جپان جي هن آرٽس جي شاگردياڻيءَ نيموتو (Naoko Nemoto) سان شادي ڪرڻ کان اڳ سئڪارنو ڪو “بيچلر بئاءِ” نه هو. خبر ناهي ڪيتريون شاديون ڪري چڪو هو ۽ ڪيترا ٻار هئس. هن جپاني زال نيموتو (جنهن تي هن “رتنا ديوي” نالو رکيو) مان هن کي هڪ ڇوڪري ڪارتيڪا ٿي جيڪا اڄ ڪلهه پاڻ کي ڪرينا (Carina) سڏرائي ٿي.
    نيموتو (رتنا ديوي) سان سئڪارنو جي شادي ست سال کن هلي. پنجن سالن بعد 1967ع ۾ جنرل سهارتو ملڪ ۾ ڪُو (Coup) آندو ۽ سئڪارنو کي لاهي ڦٽو ڪيو ۽ 1970ع ۾ سئڪارنو گذاري ويو. سئڪارنو جي لهڻ بعد سئڪارنو جي بيواه زال رتنا ديوي يورپ هلي وئي ۽ سئٽزرلئنڊ، فرانس ۽ ويندي آمريڪا ۾ رهڻ بعد اڄ ڪلهه ٽوڪيو جي شيبويا واري علائقي ۾ رهي ٿي ۽ “ديوي فوجن” (Devi Fujin) سڏجي ٿي. فوجن جپاني لفظ آهي معنيٰ مسز يا مئڊم. هوءَ پاڻ سان وڏو پئسو کڻي آئي ۽ جپان ۾ سندس ڪاسميٽڪس جو بزنيس آهي. هوءَ محل نما گهر ۾ 16 ڪتن سان رهي ٿي. اسان جي ايشيائي ليڊرن ۾ اهائي ته خصوصيت آهي. عوام ڀلي غريب ۽ بکيو هجي پر اسان جي ليڊرن جون زالون ۽ ٻار ارب پتي ۽ کرب پتي ٿي ويندا آهن.
    عمر ۾ سئڪارنو جي هيءَ جپاني زال رتنا ديوي اسان کان به چار سال وڏي آهي. يعني 78 سالن جي آهي پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هوءَ اڄ به سهڻي لڳي ٿي. ماڻهن جو خيال آهي ته هن پلاسٽڪ سرجري ڪرائي آهي، جيئن اسان وٽ مئڊم نورجهان ڪرائي هئي. پر رتنا ديوي ٽي وي تي پروگرامن دوران ۽ دعوتن ۾ کلي ٻڌائيندي آهي ته بابا مون ڪا به Facelift يا پلاسٽڪ سرجري نه ڪرائي آهي. ها رتنا ديويءَ جي هڪ رهجي ويل پلس پئانٽ به لکندو هلان ته هوءَ وڏي Philanthropist آهي. يعني خير جا ڪم ڪري ٿي. هوءَ بزنيس مان ڪمائي به خوب ٿي ته خير خيرات به تمام گهڻا ڪري ٿي.


    پئسو بچائڻ ۾ انگريز به هوشيار آهن

    انڊونيشيا جي اڳوڻي صدر سئڪارنو (ملئي ۽ انگريزي اسپيلنگ Sukarno ۽ ڊچ اسپيلنگ مطابق Seokarno ) جي جپاني زال رتنا ديويءَ جو احوال لکندي ٽوڪيو جي مشهور هوٽل امپريل جي ڳالهه نڪتي هئي جنهن ۾ 1962ع ۾ سئڪارنو اچي رهيو هو ۽ گنزا جي هڪ بار ۾ هن جي آرٽس جي جپاني شاگردياڻي نيموتو سان ملاقات ٿي جنهن پارٽ ٽائيم جاب لاءِ ان بار ۾ هوسٽس (خذمتگار) جي ڊيوٽي ڏني ٿي. سئڪارنو سان شادي ڪرڻ بعد هن جو نالو رتنا ديوي ٿيو.
    امپيريل هوٽل ٽوڪيو جي پراڻي ۽ شان شوڪت واري هوٽل مڃي وڃي ٿي جيڪا 1890ع ۾ ٺهي هئي. هي اهو زمانو هو جڏهن جپان ۾ هاڻ ٻاهر جي دنيا جا ماڻهو اچڻ شروع ٿي رهيا هئا، جن جي رهائش لاءِ ڪنهن سٺي هوٽل جي ضرورت هئي. جپان جي شهنشاهه به ان قسم جي هوٽل ٺاهڻ جي همت افزائي ڪئي. آخرڪار اها هوٽل جپان جي شهنشاهه جي محلات جي ڀرسان ئي ٺاهي وئي. هيءَ ٽوڪيو جي خوبصورت علائقن اوتي ماچيي، مارو نوچي، يوراڪُوچو ۽ گنزا کان سڏ پنڌ تي آهي ۽ هبايا، گنزا، يوراڪوچو سب وي اسٽيشنون پنجن منٽن جي پنڌ تي آهن. هاڻ ته ٽوڪيو جو شهر وڏين ۽ اوچين هوٽلن سان ڀريو پيو آهي پر شروع شروع ۾ هيءَ امپيريل ئي هوٽل هوندي هئي جنهن ۾ دنيا جون اهم شخصيتون، اداڪار، سياستدان، رانديگر وغيره اچي رهندا هئا ۽ اڄ به نالي خاطر دنيا جا وڏا ماڻهو هن هوٽل ۾ رهن ٿا. هڪ دفعي هڪ ڏينهن لاءِ اسان کي به ان هوٽل ۾ رهڻ جو موقعو مليو هو. جهاز جي مرمت لاءِ شپ يارڊ وارن جهاز ۾ موجود آفيسرن ۽ خلاصين کي هڪ رات لاءِ جهاز کان ٻاهر رهڻ لاءِ مختلف هوٽلن ۾ بندوبست ڪيو، جنهن لاءِ هنن خرچ ڀريو. اڪثر ائين ٿيندو آهي ته اهڙين حالتن ۾ شپ يارڊ وارا يا جهازران ڪمپنيون اسان جهاز وارن کي عهدي مطابق پئسا ڏئي ڇڏينديون آهن ته اسان پنهنجي مرضي مطابق ڪنهن هوٽل، گيسٽ هائوس يا ريوڪان (جپاني مسافرخاني) ۾ وڃي رهون يا جي ڪو مائٽ يا دوست آهي ته ان وٽ رهي پئسو بچايون. پر هن دفعي هنن جهاز هلائڻ وارن آفيسرن کي امپيريل ۽ آس پاس جي هوٽلن ۾ رکيو.
    هيڏي وڏي هوٽل ۾ رهڻ جو ٻڌي سچ ته مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ اڄ به ڪنهن جي رهڻ جو ٻڌندو آهيان، خاص ڪري اسان جهڙي غريب ملڪ جي سياستدان جو، جيڪو عوام جي ٽئڪس تي ٿو رهي ته هيڪاندو ڏک ٿيندو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هيءَ هوٽل (امپيريل) جنهن ۾ سڪارنو جهڙا ايشيائي ملڪن جا وزيراعظم، صدر ۽ سياستدان رهيا ۽ رهڻ لاءِ ايندا رهن ٿا، هڪ محل نما آهي جنهن جي هڪ هڪ ڪمري جا بستر، ٽيبل، ڪرسيون، لکها رپين جون آهن، جتي سئمنگ پول، جمنازيم، Spa جهڙيون شيون آهن، جتي ڏهن ڊشن جو ناشتو ملي ٿو پر سوال آهي ته هڪ هڪ ڏينهن جي ڇا ته مسواڙ آهي! اڄ جي تاريخ ۾ ڏٺم ته 60 هزار رپيا آهن. نه رڳو امپيريل پر ٽوڪيو ۾ ڪي هوٽلون ان کان به مهانگيون آهن جيئن ته ٽوڪيو اسٽيشن هوٽل جي روز جي مسواڙ 63000 رپيا آهي، پيننشولا جي 74000 آهي، پئلس هوٽل جي 74000 آهي. معنيٰ منو لک! دنيا جا امير ترين واپاري، ڪارخانيدار، جاگيردار جيڪي پاڻ ڪمائين ٿا، پنهنجي ڪمائيءَ مان اچي خرچ ڪن ٿا ته پوءِ ٺيڪ آهي پر اسان جهڙن غريب ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن جي سياستدانن، حاڪمن، وزيرن کي ڪيئن ٿو جڳائي. جن جو عوام ڏهين رپئي جو نان وٺي کائڻ لاءِ به ٻه دفعا سوچي ٿو. مون ڏٺو آهي ته اهڙن غريب ملڪن جا وزير، صدر، مشير ولايت ۾ اڪيلو اچڻ بدران پنهنجن زالن ٻارن، دوستن ۽ سيڪريٽرين جي پاڻ سان لوڌ وٺي ٿا اچن. ڪي ته پنهنجي لئه ڏيکارڻ لاءِ هوٽل جو سڄو فلور بُڪ ڪن ٿا.
    ڏٺو وڃي ته هوٽل کي رهڻ وارو استعمال ئي ڪيترو ٿو ڪري؟ اسان به صبح پهر جهاز تي هئاسين پوءِ هوٽل ۾ ٿيلهو رکي شهر جي چڪر تي نڪتاسين رات جي مانيءَ لاءِ 3000 رپين جا يين ڪئش مليا هئا جو امپيريل هوٽل ۾ ٻن ڊشن واري ماني به ايتري جي هئي. ٽپ پنهنجي کيسي مان ڏيون ها. سو 500 رپئي جو مڪڊونالڊ مان فش برگر، چپس ۽ ملڪ شيڪ وٺي باقي اڍائي هزار رپيا بچاياسين. ڏاڍو افسوس ٿيو ته جيڪر هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائڻ بدران اسان کي ڪئش ڏين ها ته ڪنهن سستي بورڊنگ هائوس ۾ رات جا چار پهر گذاري باقي ايترو پئسو بچائي وٺون ها جو سڄو هفتو پيا گهمون ڦرون ۽ شاپنگ ڪيون ها. امپيريل هوٽل جي لکها رپين واري چادر سان ڍڪيل ٽيڪ جي ڊبل بيڊ سان اسان جو ڇا واسطو؟ يا ڪمري جي وڏي باٿ روم ۽ ان ۾ رکيل پنجن قسمن جي شئمپوئن مان اسان کي ڪهڙو فائدو؟ اسان ته گهمي ڦري رات جو يارهين بجي ڪمري تي اهڙو ٿڪجي پهتاسين جو بستري تي ليٽڻ سان اک لڳي وئي ۽ سڄي رات پاسو به نه ورايوسين. اک کلي ته صبح ٿي ويو هو. مون ته ان وقت ڌيان سان ڏٺو ته بستري مٿان وڇايل چادر جنهن تي ستس اها بيڊ کي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو هو. اصل چادر ان ڪپڙي کي هٽائڻ سان هيٺ هئي جنهن تي سمهڻ کتو ٿي. جلدي جلدي تيار ٿي نيرن لاءِ ڏهين بجي هيٺ ڊائننگ هال ۾ آياسين. بنا شڪ جي ست رڇي وڇايل هئي پر هڪ ماڻهو ڇا ڇا کائي سگهي ٿو. هونئن ئي اڌ کان وڌيڪ ڊش، خاص ڪري گوشت، قيمي، ڪواب جا اسان مسلمانن لاءِ بيڪار ٿين ٿا. آمليٽ بيضو ڊبل روٽي ۽ هوٽل کي ڪجهه چَٽي وجهڻ جو سوچي پاڻيءَ بدران ٻه گلاس کير جا پيتم ۽ ڪئڊبري چاڪليٽ کاڌم. واپس ڪمري تي اچي تيار ٿيس ته جهاز تي کڻي هلڻ واري وئن اچي وئي. ڏينهن جي مسواڙ اڌ لک رپيا ختم.
    پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائين ته اسان جا سياستدان حاڪم جيڪي سرڪاري خرچ تي، يعني عوام جي ٽئڪس تي ولايت وڃن ٿا، وڏين هوٽلن ۾ رهي ڪيڏو ظلم ڪن ٿا. سڄو ڏينهن هو گهمڻ ڦرڻ ۽ ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ ۾ گذارين ٿا. دعوتن ۾ مانيون کائين ٿا. رات جو شاپنگ ڪري رلي پني ڏهين يارهين هوٽل تي موٽن ٿا ۽ رات جا باقي چند ڪلاڪ ڪمري تي سمهن ٿا جنهن لاءِ سوچيو ته هو ملڪ جو ڪيڏو پئسو وڃائين ٿا.
    ملاڪا (ملائيشيا) ۾ نوڪري دوران هڪ دفعي اسان جي آفيس وارن مون کي ۽ انگلينڊ جي انگريز ڪئپٽن ڪيرو کي ڪو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ڪوالالمپور موڪليو. اسان کي رات گذاري ٻئي ڏينهن صبح جو اتي جي هڪ آفيس ۾ ڪاغذ پٽ ڏئي ملاڪا موٽڻو هو. رات رهڻ ۽ ماني ٽڪيءَ لاءِ اسان کي ڪئش ڏني وئي هئي ۽ ڀاڙو ڀتو پڻ ته ٽرين ۾ وڃو يا ٽئڪسي ۾ ۽ جنهن هوٽل، مسافر خاني يا Paying Guest هائوس ۾ چاهيو رهجو. اهڙن موقعن تي آئون گيسٽ هائوس ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندو آهيان جو امن امان جي حالت آهي. ڪمري ۾ باٿ روم گڏ ٿئي ٿو، ايئرڪنڊيشنر لڳل ٿئي ٿو. 15 يا 20 رنگٽن (600 رپين) ۾ ڪم ٿيو وڃي. فائيو اسٽار هوٽل جي ڪمري تي 200 رنگٽ ڇو خرچ ڪجن.
    اسان ٻنهي يعني مون ۽ منهنجي ڪليگ ڪئپٽن ڪيرو هڪ ڪار کنئي. پيٽرول ۾ اڌواڌ ڪيوسين ۽ ملاڪا مان صبح ساڻ نڪتاسين ته 10 بجي ڪوالالمپور سيمينار ۾ پهچي وياسين جيڪو هڪ هوٽل ۾ هلي رهيو هو. سيمينار بعد لنچ ۽ 4 بجي چانهه سيمينار وارن کارائي پياري. يعني ويلو ٽريو. سيمينار بعد شام جو شهر جا چڪر هڻندا رهياسين. رات جي ماني ٻين وانگر ريڙهي واري کان وٺي کاڌيسين جو ملائيشيا ۾ ننڍين هوٽلن، داٻي وارن ۽ ريڙهي وارن جي ماني به ايتري صاف سٿري آهي جيتري فائيو اسٽار هوٽلن جي! مانيءَ بعد اسان فلم جو ٻيو شو ڏٺو ۽ چانهه پيتي ته رات جو هڪ ٿي ويو. گاڏي ڪئپٽن ڪيرو پئي هلائي. دل ۾ سوچيم ته رات رهڻ لاءِ جنهن هوٽل ۾ وڻيس هلي. هونءَ ئي اڌو اڌ خرچ ڏيڻو آهي. ڪمري ۾ ٻن سنگل بسترن بدران هڪ ڊبل هوندو ته به مڙيئي خير آهي جو پٺيءَ جي ڪنڊي ۾ تڪليف هجڻ ڪري آئون هونءَ به بيڊ تي سمهڻ بدران پٽ تي سمهڻ کي ترجيح ڏيان ٿو.
    فلم بعد ڪئپٽن ڪيرو سبانگ جايا کان ڪار هلائي ان وڏي هوٽل ۾ پهتو جتي صبح جو سيمينار هليو هو ۽ اسان کي اتي ڪار پارڪنگ جي 24 ڪلاڪن لاءِ پرچي مليل هئي. ڪار پارڪ ڪري هوٽل جي لابيءَ ۾ آياسين. لابيءَ جي واش روم ۾ هٿ منهن ڌوئي ٻاهر ڪار وٽ آياسين. آئون حيرت کائي رهيو هوس ته ڪئپٽن ڪيرو رات جا باقي پهر سمهڻ لاءِ ڪهڙو ٿو بندوبست ڪري ۽ ڪٿي ٿو هلي. سندس وڏي سائيز جي ٽويوٽا ڪار جو اڳيون ۽ پويون دروازو کولي مون کي چيو: “چيف صاحب! ڳالهه ٻڌ! رات جا ٻه اچي ٿيا آهن. صبح جو اٺين بجي” ڊئريڪٽوريٽ پورٽس ائنڊ شپنگ” جي آفيس ۾ ڪاغذ ڏيڻا آهن. هاڻ پنج ڇهه ڪلاڪ سمهڻ لاءِ ٻه Choices آهن.....”
    “ڪهڙيون؟” مون حيرت مان پڇيو.
    “وڻئي ته ڪار جي اڳئين حصي ۾ سمهه، وڻئي ته ڪار جي پوئين حصي ۾.” هن وراڻيو ۽ مون کان ٽهڪ نڪري ويو ته ههڙي Idea ته مون کي به نه آئي. ”ڪمرو مسواڙ تي وٺڻ ۾ فائدو فقط Attached باٿ روم جو ٿيندو. هتي باٿ روم لاءِ کڻي ڪار مان ٻه ٽي قدم هلي هوٽل جي لائونج ۾ وڃڻو پوندو.”
    سو مون ڏٺو آهي ته پئسو بچائڻ ۾ انگريز شيخن ۽ ميمڻن کان به هوشيار آهن ۽ شاباس هجي ڪئپٽن ڪيرو کي جو واپسيءَ تي به ملاڪا ... يعني گهر تائين، گاڏي پاڻ هلائيندو آيو ۽ آئون ننڊون پوريون ڪندو رهيس.


    ٽوڪيو ۽ بئنڪاڪ جي هوٽلن ۾ رهندڙ اديب

    جپان ۾ ٽوڪيو جي امپيريل هوٽل ۾ هڪ ڏينهن رهڻ سان گڏ دنيا جي هڪ ٻي تاريخي هوٽل، سنگاپور جي رئفلس هوٽل ۾ منهنجو ڪيترائي دفعا وڃڻ ٿيو پر رات ٽڪڻ لاءِ نه رڳو صبح پهر لاءِ سيمينار يا جهاز راني متعلق ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ! ملائيشيا مان صبح جو نڪربو هو ۽ رئفلس ۾ فنڪشن اٽينڊ ڪري شام جو ملاڪا موٽي اچبو هو، يعني ملائيشيا جي شهر ۾ جتي اسان جي مئرين اڪيڊمي هئي ۽ اسان پڙهايو ٿي. هونئن به ملاڪا کان سنگاپور ائين آهي جيئن نوابشاهه کان ڪراچي. عيد برات يا نيوييئر جي موڪل ٿيندي هئي ته گهمڻ ۽ شاپنگ لاءِ سنگاپور هليو وڃبو هو. ٻيو نه ته ڪنهن هفتي ڇنڇر جو ڏينهن، جنهن تي اڌ ڏينهن ڊيوٽي هئي، موڪل ڪري جمعي ڏينهن نڪري پئبو هو ۽ پوءِ سنگاپور کان آچر ڏينهن شام جو دير سان پيو موٽبو هو. سنگاپور جي هيءَ مان شان واري انگريز راڄ جي آڳاٽي هوٽل، شهر جي وچ ۾ هجڻ ڪري اسان جو ان اڳيان ڏينهن ۾ ٻه ٽي دفعا ضرور لنگهه ٿيندو هو ۽ آئون ان کي ٻاهران ٻاهران ئي ڏسي پنهنجن دل پسند اديبن جو سوچيندو هوس جن پنهنجن ناولن ۽ افسانن ۾ هن هوٽل جو ذڪر ڪيو آهي يا هن هوٽل ۾ رهي هنن پنهنجن ڪتابن جو وڏو حصو مڪمل ڪيو. هنن جو اهو ئي چوڻ آهي ته هنن کي مختلف هوٽلن ۾ رهڻ دوران لکڻ لاءِ اتساهه (Inspiration) ملي ٿي .... انهن هوٽلن جو ماحول سٺو هو.... انهن هوٽلن جي ڪمرن مان پسڻ لاءِ سهڻو نظارو مليو ٿي .... سامهون نيل ندي هئي .... سامهون سئٽزرلئنڊ جا Alps جبل هئا.... سامهون ٽوڪيو مان وهندڙ سميدا ندي هئي .... سنگاپور جي هوٽل سمنڊ جي ڪناري تي هئي .... وغيره وغيره.
    هونئن يارو! هڪ ڳالهه آهي هوٽل ۾ رهڻ سان واقعي لکڻ ۾ تيزي اچيو وڃي..... دماغ ۾ ائين خيال اچن ٿا جيئن مينهن جو وسڪارو، هوٽل ۾ رهڻ سان ماڻهو relax موڊ ۾ رهي ٿو. مون به هوٽلن ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ تمام گهڻو لکيو هوندو.... پر اها رهائش ٻي جي خرچ تي ٿي هجي ڇو جو پنهنجو پئسو خرچ ڪري رهڻ ۾ سور ٿو رهي.... ٻئي جي خرچ تي ڀلي ٿري اسٽار هجي يا فور اسٽار..... مون لاءِ وڏي عياشي رهي آهي. ٻاهر ڀلي آفريڪي ملڪن جي گرمي هجي يا يورپي ملڪن جي سخت سردي، سنگاپور ۽ ملائيشيا جي بارش هجي يا ٿائلينڊ ۽ ويٽنام وارو حبس.... پر هوٽل جي ڪمري ۾ هر وقت خوشگوار ۽ خوشبوءِ وارو ماحول...... خاموشي ۽ ڪمري ۾ جنهن وقت دل چوي خذمتگار چانهه بسڪٽ يا گرم گرم ڪافي پهچايو وڃي. ان ڪري جڏهن به هوٽل ۾ رهڻ جو موقعو مليو ٿي - جهاز تي ڳري مرمت ڪري، سيمينار اٽينڊ ڪرڻ ڪري يا ڪٿي ليڪچر ڏيڻ جي سلسلي ۾ وڃڻ ٿيندو هو ته خوشي ٿيندي هئي جو اهڙن موقعن تي هوٽل ۾ رهڻ جو بندوبست ميزبان طرفان ڪيو ويندو هو. ملاڪا ۾ ڏهه سال کن پڙهائڻ دوران هر ٻي ٽي مهيني هفتي ڏيڍ لاءِ مون کي مئرين انجنيئرنگ جا ليڪچر ڏيڻ لاءِ اپوح، پينانگ، جوهور بارو ۽ سنگاپور موڪليندا هئا. موڪلڻ لاءِ ته هو ٻين به جهازن جي چيف انجنيئرن کي چوندا هئا جيڪي ملاڪا شهر جي مئرين اڪيڊمي ۾ مون سان گڏ پروفيسر هئا. پر ڪوبه راضي نه ٿيندو هو ته گهر ڇڏي ٻي شهر ۾ وڃجي جو انهن ليڪچرن جي بدلي مليل پئسي مان ٻه حصا اسان جو ادارو کڻندو هو، هڪ حصو اسان کي ملندو هو. اداري جو اهو ئي چوڻ هوندو هو ته اسان کي پگهار به ته ملي ٿو. سو جهڙو ملاڪا پڙهائڻ تهڙو ٻئي شهر ۾. پر آئون بيحد خوش ٿيندو هوس ته مفت ۾ هوٽل ۾ رهائش، کاڌو پيتو ۽ باءِ ايئر وڃڻ جو ڀاڙو جيڪو ڪار ۾ وڃڻ ڪري ڪافي بچيو ٿي ۽ مون رستي تان ٻيا شهر، ڳوٺ، جهنگل ۽ نظارا Enjoy ڪيا ٿي. صبح جا ٻه اڍائي ڪلاڪ ليڪچر ڏئي باقي ڪلاڪ هوٽل جي ڪمري ۾ ننڊون ڪيون ٿي يا مضمون لکيا ٿي يا وري ان شهر ۾ تاريخي جايون ڏٺيون ٿي يا ماڻهن جا انٽرويو ورتا ٿي.
    ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ ايڏا ته اعليٰ پئماني جا اديب ۽ شاعر آهن جو انهن کي اهڙو ماحول ملي ته الائي ڇا ڇا لکن ۽ ڪيترو لکن. پر اسان جي اديبن جي ڪتاب جون هڪ هزار ڪاپيون به نٿيون هلن .... سرڪاري لئبريريون ئي نٿيون خريد ڪن. اهي ته يورپ، آمريڪا، جپان جا ليکڪ آهن جن جا ڏهه ڏهه لک ڪتاب وڪرو ٿين ٿا، ترجمو ٿين ٿا. اهي اديب ڀلي هفتن جا هفتا يا مهينا هوٽل ۾ رهي لکن.
    بهرحال ڪنهن هوٽل ۾ رهڻ ۾ ته مون enjoy ڪيو ٿي پر انهن هوٽلن وٽان لنگهندي به آئون هڪ نئين دنيا ۾ گم ٿي ويس ٿي جن ۾ اهي اديب رهي چڪا جن جا ناول يا افسانا مون ڪاليج جي ڏينهن ۾ يا جهاز هلائڻ دوران سمنڊ تي وڏي چاهه سان پڙهيا.
    ٽوڪيو جي امپيريل هوٽل وٽان لنگهندي ته کڻي سوڪارنو ۽ سندس جپاني زال رتنا ديوي ٿي ياد آئي جن جو واسطو سياست سان هو پر ان سان گڏ اسان لاءِ هڪ ٻي اهم شخصيت مشيما يوڪيو رهيو آهي جيڪو منهنجو فئوريٽ جپاني ليکڪ آهي. مشيما يوڪيو ٽوڪيو ۾ 1925ع ۾ ڄائو ۽ 45 سالن جي ڄمار ۾ 1970ع ۾ پنهنجو پيٽ چيري ”هاراڪِري“ (روايتي خودڪشي) ڪئي. مشيما جا ڪيترائي ڪتاب آهن جيڪي انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن.... خاص ڪري هي ٻه چار ته پڙهڻ وٽان آهن:
    The Sailor who fell from grace with the sea
    Confessions of a mask
    Forbidden Colours
    The sound of waves
    وغيره. خودڪشي ڪرڻ کان اڳ وارا ٻه ٽي ناول هن ٽوڪيو جي هن امپيريل هوٽل ۾ رهي لکيا، جيئن ته
    Runaway Horses
    The Temple of Dawn
    The Decay of the Angle.
    ٽوڪيو جي گولف ڪلب ريسٽورنٽ وٽان لنگهندي مون کي جپاني ٻوليءَ جي ليکڪا يوشيموتو ياد ايندي آهي. هن جو نالو ته ماهوڪو (Mahoko Yoshimoto) آهي پر پاڻ کي بنانا (Banana) سڏائي ٿي ۽ اهو ئي سندس ادبي نالو آهي. 1964 ۾ ٽوڪيو ۾ ڄائي. سندس پيءُ تاڪا اڪي يوشيموتو به جپانيءَ جو مشهور شاعر ۽ نقاد آهي. ماهوڪو (بنانا) جي ڀيڻ هارونو يواِڪو (Haruno Yoiko) جپان جي ڄاتل سڃاتل ڪارٽونسٽ مڃي وڃي ٿي. ماهوڪو (بنانا) ٽوڪيو جي نهان يونيورسٽي مان گريجوئيٽ ڪيو. سندس ميجر سبجيڪٽ لٽريچر هو. پاڻ مٿي بيان ڪيل گولف ڪلب ريسٽورنٽ ۾ ويٽريس (خذمتگار) جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو ۽ انهن ڏينهن (1987) کان لکڻ شروع ڪيو. ادب جي شاگردن کي 1988ع ۾ لکيل سندس پهريون ڪتاب ضرور پڙهڻ کپي جنهن جون جپان ۾ 60 ايڊيشنون ڇپجي چڪيون آهن ۽ ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. انگريزيءَ ۾ اهو Kitchen جي نالي سان ملي ٿو. ماهوڪو جي ڪتابن ۾ 12 ناول ۽ 7 مضمونن جا مجموعا آهن. انهن سڀني جون چون ٿا ته 60 لک ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون آهن. کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. سندس لاءِ اهو ئي وڏو ايوارڊ آهي جو اسان جهڙا ڌاريان سندس لکڻين کي شوق سان پڙهن ٿا.
    هونئن ان نالي واري هڪ هوٽل “اورينٽل” بئنڪاڪ ۾ به آهي. 400 کن ڪمرن جي هيءَ آڳاٽي ۽ تاريخي هوٽل بئنڪاڪ شهر مان لنگهندڙ چائو فرايا درياءَ جي ڪناري تي 1876 ۾ ٺهي ۽ اڄ تائين هن هوٽل ۾ نه فقط دنيا جا ڪيترائي اديب، شاعر ۽ ناول نويس رهي چڪا آهن پر انهن جي نالي تي هن هوٽل جا ڪمرا آهن. هن هوٽل وٽان لنگهندي مون کي ڪاليج جي لائبريريءَ جي ڪٻٽن جا انگريزي ناولن جا خانا ياد ايندا آهن: جوزف ڪونارڊ، سمرسٽ ماهام، نوئل ڪو وارڊ، جيمس مچنر، گرهام گريني، گور ويدال، نارمن ميلر، جم ٿامپسن، باربرا ڪارٽلنڊ، ولبر سمٿ..... ڪهڙا نالا کڻي ڪهڙا کڻجن...... اهي سڀ اديب ۽ شاعر گذريل ڏيڍ سئو سالن مان ڪنهن دور ۾ هن تاريخي هوٽل ۾ رهي ويا آهن. خبر ناهي انگريزن يا سنڌي جي ڪنهن امير، وڏيري، جاگيردار سنڌو نديءَ جي ڪناري تي ڪا هوٽل ڇو نه ٺهرائي! جيتوڻيڪ ڪيترائي انگريز، پورچوگالي، عرب، ايراني، ازبڪ، افغاني ٽوئرسٽ سنڌ ۾ ايندا رهيا. اهي هن قسم جي هوٽل ۾ رهي دريءَ مان سنڌو نديءَ جو به نظارو ڪن ها ته ڪو ڪتاب به لکن ها.....
    بئنڪاڪ جي هن هوٽل جي خاص ڪمرن تي رکيل نالن مان اها ته خبر پئجي وڃي ٿي ته دنيا جو ڪهڙو مشهور اديب هن هوٽل ۾ گهڻو رهيو پر اها نٿي پوي ته هو ڪهڙي دور ۾ رهيو. 1960 ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ جهاز هلائڻ دوران سمنڊ تي يا يورپ جي ريل گاڏين ۾ جنهن جا سڀ کان گهڻا ناول پڙهڻ ۾ آيا ٿي اها مائي باربرا ڪارٽلنڊ هئي. بقول اسان جي هڪ جهاز ران ساٿي ڪئپٽن مظهر زيديءَ جي ”باربرا جي ناولن ۾ ڪا نواڻ ناهي.... هر هڪ ۾ ساڳي رومانيت آهي.” پر نوجوانن کي هن جا ناول بيحد وڻيا ٿي.... ۽ ائين ٿي لڳو ڄڻ کٽڻ جا ئي ناهن. انگلينڊ مان ڏهه کن ناول وٺبا هئا..... ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪري نيويارڪ، نيوجرسي يا نيو اورلينس پهچبو هو ته دڪانن تي سندس ڏهه ٻيا ناول رکيا هوندا هئا. هن مائيءَ وڏي عمر ماڻي - اسان جي ابراهيم جويي، سوڀو گيانچنداڻي ۽ خوشونت سنگهه وانگر هڪ سئو کن سال 1901ع ۾ ڄائي ۽ سن 2000ع ۾ وفات ڪيائين ۽ ڇا ته لکيائين.... لڳي ٿو هوءَ ڏينهن رات فقط لکندي رهي.... 723 ناول لکيائين جيڪي 38 ٻولين ۾ ترجمو ٿيا آهن. چون ٿا ته هن جي ڪتابن جون 750 ملين ڪاپيون وڪرو ٿي چڪيون آهن .... ڪي ته انهن جو تعداد ٻه بلين چون ٿا. پر چون ٿا ته مائيءَ جيترو پئسو ڪمايو خيرات به ايڏي وڏي دل سان ڪيائين.
    اهڙي طرح اسان جي ڪاليج جي ڏينهن جو فئوريٽ ليکڪ گرهام گريني آهي جيڪو پڻ چائو فاريا درياهه جي ڪناري تي بئنڪاڪ جي هن هوٽل اورينٽل ۾ خبر ناهي ڪيترا دفعا رهي ويو. گرهام گرينيءَ 25 کن ناول لکيا جن مان چار پنج تمام مشهور آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته اردوءَ ۾ به ترجمو ٿيا هجن..... جيئن ته
    The Confidential Agent
    The Quiet American
    Our Man in Havana
    The Human Factor.
    بئنڪاڪ جي هن هوٽل اورينٽل (سڄو نالو منڊارن اورينٽل) ۾ يورپ ۽ آمريڪن ليکڪن سان گڏ هڪ هتي جي ٿائي ليکڪ خئيڪ رت پراموت (Kukrit Pramoj) جو به نالو اچي ٿو جنهن جي نالي پڻ هوٽل جو هڪ سُوٽ (خاص ڪمرو) آهي. “خئيڪ رت پراموت” ٿائلينڊ جو ڪو عام ماڻهو ناهي. خئيڪ رت (Kukrit) 1911ع ۾ بئنڪاڪ ۾ ڄائو ۽ 1995ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ ٿائلينڊ جو مشهور سياستدان ۽ اسڪالر ٿي گذريو آهي. پاڻ ٻه سال (74-1973ع) ٿائلينڊ جي اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿي رهيو ۽ ٻه سال (76-1975ع) ٿائلينڊ جو وزيراعظم (تيرهون) ٿي رهيو. ٿائلينڊ جي چڪري گهراڻي جي ٻئي بادشاهه راما ٻئين جو پڙپوٽو هجڻ ڪري هن جو واسطو شاهي خاندان سان هو....... ڇا ته پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل ماڻهو هو. آئون ملائيشيا توڙي ٿائلينڊ جهڙن ملڪن جي حاڪمن، بادشاهن، سلطانن، وزيرن، سياستدانن جو، جتي موقعو لڳي ٿو اتي انهن جي زندگي جو مختصر احوال ان ڪري لکان ٿو ته جيئن اسان جي ماڻهن کي Idea ٿئي ته هو پنهنجي ملڪ جا وڏيرا، جاگيردار، شاهه، سلطان هجڻ جي باوجود هنن پاڻ ۽ پنهنجي اولاد کي ڪيڏي تعليم ۽ تربيت ڏئي قابل بڻايو ۽ اسان وٽ اڄ جي دور ۾ به اهو ضد پيو ڪيو وڃي ته اسيمبليءَ جي ميمبر لاءِ بي اي جهڙي بنيادي ڊگري به ضروري نه هجڻ کپي. اسان جي ڪاليج جي ڏينهن جو هڪ مشهورل ناول The Ugly American آهي. جيڪو اڄ به تمام مشهور آهي ۽ اسان جي ادب ۽ سياست جي شاگردن کي ضرور پڙهڻ کپي. ان ناول تي بعد ۾ فلم به ٺهي جيڪا پڻ بيحد پسند ڪئي وئي جنهن ۾ هيرو مارلن برانڊو ٿيو هو. ڪتاب 1958ع ۾ ڇپيو هو. اسان 1961 ۾ فرسٽ ييئر ۾ هئاسين ته پڙهيو هئوسين. فلم 1963ع ۾ ٺهي. ان ۾ “سرخان” نالي هڪ خيالي ملڪ جي سياست جي ڪهاڻي آهي. فلم ۾ اسان جو مٿيون ٿائي ليکڪ ۽ ٿائلينڊ جو وزيراعظم خئيڪ رت وزيراعظم ٿيو آهي. خئيڪ رت پنهنجي ملڪ ۾ توڙي اوسي پاسي جي دنيا ۾ ٿائي وزيراعظم کان وڌيڪ ادب جي حيثيت سان وڌيڪ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. هن پنهنجي مادري ٻولي ٿائيءَ ۾ ته تمام گهڻو لکيو پر انگريزيءَ ۾ پڻ. سندس ڪيترائي ٿائي ڪتاب انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن. مون به جهاز تي نوڪري دوران پڙهيا. ان کان اڳ اهڙن ڪتابن جي خبر هجي ها ته ڪاليج ۾ ملندڙ موڪلن ۾ پڙهجن ها. بهرحال منهنجي اڄ جي نوجوانن کي اهائي نصيحت آهي ته ڪاليج ۽ يونيورسٽي وارن ڏينهن ۾ ڪچهرين ۾ وقت وڃائڻ بدران گهڻي کان گهڻا ڪتاب پڙهن جن جو هڳاءُ ۽ سڳنڌ سندن دماغ ۾ سڄي زندگي رهندو.
    خئيڪ رت پنهنجي اخبار Siam Rat نالي پڻ ڪڍندو هو جنهن ۾ سندس مشهور ناول Four Reigns پهرين قسطن ۾ ڇپبو رهيو. هي ناول فور رائينس (چار حڪومتون) مائي پلوئي (Mae Ploi) نالي هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي جيڪا ٿائلينڊ جي چڪري گهراڻي جي پنجين بادشاهه، راما پنجين چُولا لانگڪارن (1910ع -1853ع) جي حڪومت ۾ وڏي ٿي. هوءَ هن جي هڪ شهزادي وٽ خذمتگار هئي. هي ٿائي ليکڪ خئيڪ هن ڇوڪريءَ جي راما ڇهين (شهنشاهه مونگڪت) جي دور حڪومت ۾ شادي ٿيڻ بعد ويهين صديءَ جي وچ جي ڪهاڻي ٿو ٻڌائي. پر اها ڪهاڻي هن ڇوڪريءَ جي واتان ٻڌائي ٿو ته هن جي اکين اڳيان چڪري گهراڻي جي چئن بادشاهن جي حڪومت ۽ 1932ع وارو انقلاب ڪيئن رهيو. خئيڪ رت (kukrit) جو اهو ناول هن ٿائي ٻوليءَ ۾ لکيو هو جيڪو بعد ۾ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. سندس ٻين ٿائي ناولن مان ٻه ٻيا به انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهن ۽ هيڏانهن ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن ۾ عام ملن ٿا: هڪ Many Lives ۽ ٻيو Red Bamboo ان کان علاوه خئيڪ رت جيڪي انگريزيءَ ۾ انٽرويو ڏنا آهن يا مضمون لکيا آهن، انهن جو مجموعو هن نالي سان آهي: M.R. Kukrit Pramoj- His Wit & Wisdom باقي ٿائي ٻوليءَ ۾ خئيڪ رت تمام گهڻو گهڻو لکيو آهي. انهن ۾ هن جن خاص سبجيڪٽن تي لکيو آهي اهي آهن: سياست، ٿائي تاريخ، ڏکڻ اوڀر ايشيا جي تاريخ، يهودين جي تاريخ، هاٿين بابت ۽ سندس ڪتن لاءِ پيار بابت.


    فرينچ ڇوڪريءَ جو ويٽنامي سان عشق

    پاڻ هوٽلن جي ڳالهه پئي ڪئي جن ۾ اسان جا دلپسند انگريز ليکڪ اچي رهيا. اڄ انهن هوٽلن کي ڏسي اهي ناول نويس ۽ سندن مشهور ناول ٿا ياد اچن. ٿائلينڊ ۾ جيتوڻيڪ انگريزي نٿي هلي پر اها حيرت جي ڳالهه آهي ته ٿائلينڊ کي ڪيترن ئي مهمان نواز ملڪ سمجهي رهڻ پسند ڪيو. سنگاپور ۽ سريلنڪا ۾ ته انگريزي ٻولي هلي ٿي اتي ته تمام گهڻا انگريزيءَ جا اديب ۽ شاعر رهيا پر مون کي حيرت آهي ته ويٽنام جي شهر هنوئيءَ ۾ به فرينچن کان علاوه انگريز اديب به رهيا. انهن شهرن ۾ هنن کي هڪ خاص قسم جي سونهن ۽ ڪشش محسوس ٿي ٿي جيئن کڻي چئجي ته اسان جي ملڪ يا انڊيا جي اديبن کي جيڪو ساءُ لاهور ۾ اچي ٿو اهو ڪراچي، پشاور، ملتان ۾ هرگز نه ايندو. يا جيئن مون کي ملائيشيا جي شهرن ملاڪا ۽ پينانگ ۾ رهندي جيڪا Inspiration ملي ٿي اها جوهوربارو، ڪوالالمپور يا سريمبان شهرن مان هرگز نه.
    ”هنوئي“ ڳاڙهي ندي (Red River) جي ساڄي ڪپر تي ويٽنام جي گاديءَ جو شهر آهي. سندس هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آدم شماري ٿيندي. هونئن ويٽنام جو وڏو شهر ”هوچي منهه“ آهي جيڪو هنوئي شهر کان 1760 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي. اهو شهر سائگون سڏبو هو. ڳاڙهي ندي جيڪا مڪاني ٻوليءَ ۾ هانگ ها (Hong Ha) يعني ”ندي ماتا“ سڏجي ٿي، اها ڏکڻ اولهه چين مان نڪري ٿي ۽ ويٽنام مان ٿيندي سمنڊ- تونڪن نار (Gulf of Tonkin) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. چين ۾ هن نديءَ کي يون نان (Yunnan) سڏين ٿا. ويٽنام جو هڪ ٻيو شهر هئفانگ (Haiphong) به مشهور آهي جيڪو پڻ بندرگاهه هجڻ ڪري اسان جا جهاز اتي به ويندا رهيا ٿي. هي شهر ڪارخانن کان مشهور آهي. جيئن ننڍي کنڊ، ملايا (ملائيشيا)، سنگاپور وغيره تي انگريزن جي حڪومت رهي، انڊونيشيا تي ڊچن جي ۽ فلپين تي هسپانين (Spainish) جي تيئن ويهين صدي جي اڌ کان ويٽنام تي فرينچن جي حڪومت رهي ۽ ويٽنام جي ڪجهه شهرن جيئن ته هنوئي ۽ هوچي منهه (سائگون) جو ماحول اڄ به ائين فرينچ نموني جو آهي جيئن آمريڪا جي شهر نيو اورلينس جو يا سينيگال جي شهر ڊڪار جو جتي پڻ فرينچن جو راڄ رهيو .... يا جيئن هانگ ڪانگ جي ڀر واري ٻيٽ مڪائو جو ۽ ملائيشيا جي شهر ملاڪا جو پورچوگالي اسٽائيل جو آهي جتي پورچوگالين جي حڪومت رهي.
    هنوئي شهر ۾ اڄ به فرينچ ڪلچر نمايان آهي ۽ فرينچن جي دور جي ٺهيل آڳاٽي “ميٽروپول هوٽل” انهن ڏينهن جي ياد تازي ڪري ٿي جڏهن ڪيترائي سمرسيٽ ماهم ۽ ڪو وارڊ جهڙا انگريز ۽ دراس (سڄو نالو Marguerite Duras) جهڙا فرينچ ليکڪ رهيا. فرينچ ته ٻيا به گهڻائي رهيا جو ويٽنام تي فرينچن جي حڪومت هئي. فرينچن جو راڄ هو. دُراس ته اها ليکڪا، ناول نويس، ڊراما لکندڙ، مضمون نويس، فلم ٺاهيندڙ فرينچ عورت هئي جيڪا ڄائي ئي ويٽنام ۾! دراس ويٽنام جي شهر جيادنهه (Gia- Dinh) ۾ ڄائي جيڪو بعد ۾ سائگون سڏجڻ لڳو ۽ هاڻ ان شهر جو نالو “هوچي منهه” آهي ۽ 1914ع ۾ يعني دراس جي ڄمڻ وارن ڏينهن ۾ ويٽنام جو نالو ”ڪوچين چائنا“ ۽ ”فرينچ انڊو چائنا“ هو. دراس جي ماءُ ۽ پيءُ ويٽنام ۾ اسڪول ٽيچر هئا. هو فرينچ حڪومت جي چوڻ تي ويٽنام ۾ رهائش اختيار ڪرڻ لاءِ آيا هئا پر پيءُ اچڻ سان بيمار ٿي پيو ۽ فرانس موٽي ويو. دراس جي ماءُ اڄ واري هوچي منهه شهر ۾ پڙهائيندي رهي. هنن تي اڳتي هلي پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ ڏکيا ڏينهن به آيا. دراس جي ماءُ خاندان جو سڄو پئسو ڏوڪڙ ڪمبوڊيا ۾ چانورن جي فصل تي لڳايو جنهن ۾ هو نقصان ۾ هليا ويا. انهن ڏکين ڏينهن جو جوانيءَ ۾ قدم رکندڙ دراس جي زندگيءَ تي وڏو اثر پيو، جنهن جو ذڪر هن بار بار پنهنجن ناولن ۽ آتم ڪٿائن ۾ ڪيو آهي. ايتريقدر جو هن جي ماءُ ذهني طرح ڊسٽرب رهڻ ڪري پنهنجي جوان ڌيءَ کي مارڻ به لڳي هئي. انهن ڏينهن ۾ دراس جو ساڊيڪ (Sa Dec) شهر جي هڪ امير چيني تاجر جي پٽ سان افيئر هليو. دراس 15 سالن جي هئي ۽ هي ڇوڪرو کائنس چڱو وڏو 27 سالن جو هو. هن افيئر کي ويٽنام توڙي فرانس ۾ سخت نديو ويو جو ظاهر آهي ڇوڪري کڻي غريب هئي پر هوءَ حڪم فرينچ قوم مان هئي جنهن ويٽنام تي راڄ ڪيو ٿي ۽ ڇوڪرو عمر ۾ وڏو هوندي امير ضرور هو پر هو مقامي ماڻهو يعني Native هو ۽ لوڪل ماڻهن ۽ ڪتن کي ويٽنام جي انهن هوٽلن ۾ به وڃڻ نٿي ڏنو ويو جيڪي فرينچن ۽ يورپي گورن لاءِ هيون. هي ائين آهي جيئن انگريزن جي راڄ ۾ ڪا انگريز ڇوڪري هڪ ماڙواري، گجراتي يا ڪنهن ميمڻ ڇوڪري سان عشق ڪري، ڀلي اهو ڇوڪرو ڪيڏي به امير پيءُ جو پٽ هجي. انگريز لاءِ ناقابج برداشت ڳالهه هئي.
    دراصل دراس مارگريٽ (Marguerite Duras) جو L, Amant نالي فرينچ ناول جيڪو انگريزيءَ ۾ The Lover جي نالي سان ترجمو ٿيو آهي ان ۾ دراس پنهنجي ئي ڪهاڻي لکي آهي. هي هڪ بهترين ناول آهي جيڪو ادب جي شاگردن کي نه فقط پڙهڻ کپي پر ڪنهن کي سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ترجمو به ڪرڻ کپي. هي ڪتاب 1984ع ۾ انگريزيءَ ۾ ڇپيو هو. انهن ڏينهن ۾ آئون ملائيشيا ۾ رهيس ٿي، جتي ۽ سنگاپور ۾ ڪيترن جي هٿن ۾ ڏسي مون کي به اهو پڙهڻ جو شوق ٿيو. بعد ۾ ملئي ۽ ٽن چيني ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ هيستائين 43 زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب L, Amant تي ليکڪا کي ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن. بعد ۾ 1992ع ۾ The Lover نالي انگريزيءَ ۾ فلم به ٺهي، ان ناول/ فلم ۾ 1929ع جو فرينچ ڪالونيل ويٽنام ڏيکاريل آهي جنهن ۾ 15 سالن جي فرينچ ڇوڪري پنهنجي ڳوٺ ساڊيڪ مان، ماءُ وٽ موڪلن جا ڏينهن گذاري هاڻ فيري ذريعي ميڪانگ نديءَ جي ڊيلٽا وٽ سائگون شهر وڃي رهي هئي، جتي هن جو بورڊنگ اسڪول هو. فيريءَ ۾ موجود هڪ مقامي چيني امير تاجر جو 27 سالن جو پٽ به سفر ڪري رهيو هو. هن فرينچ ڇوڪريءَ پنهنجي سونهن جو هن اڳيان اهڙو ته اظهار ڪيو جو چيني نوجوان جو ڌيان هن ڏي ڇڪجي ويو. چيني ڇوڪري هن فرينچ ڇوڪريءَ ڏي جيئن ئي رخ ڏنو ۽ ڳالهائڻ جي ڪئي ته هُن هِن جي ان پيشڪش کي يڪدم قبول ڪيو ۽ جيئن ئي فيري (پاڻيءَ جو مسافربردار جهاز) هنوئي بندرگاهه ۾ پهتي ته هن کي چيني ڇوڪرو سندس لاءِ آيل شوفر ڊرون لئموزين ۾ پاڻ سان گڏ وٺي هِن کي هن جي اسڪول هاسٽل ۾ اچي ڇڏيو.
    ان ڳالهه کي سمجهڻ جي باوجود ته هوءَ حڪمران ٽولي جي ڇوڪري آهي ۽ سندس چيني عاشق جي هن سوسائٽيءَ ۾ حيثيت هڪ شودر برابر آهي هيءَ ڇوڪري جيڪا هڪ کٽل ۽ قرضي ماءُ جي ڌيءَ آهي، جيڪا اڌ چري ۽ ڊپريشن جي شڪار آهي.... پنهنجو رستو اختيار ڪري ٿي ۽ هن چيني ڇوڪري جي دوستي/ عشق ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿي ۽ مستقبل جا خواب اڻڻ لڳي ٿي .... تان جو هڪ ڏينهن ڇوڪرو پنهنجي پيءُ جي انڪار اڳيان ڪنڌ جهڪائي ڇڏي ٿو ۽ ڇوڪريءَ کي بدناميءَ جي اوڙاهه ۾ ڦٽو ڪريو ڇڏي.
    دراس پنهنجو هي ناول ستر سالن جي ڄمار ۾ ڇپرايو. يعني ڇوڪر سان معاشقو ڪرڻ کان 55 سال پوءِ! هن پنهنجي عشق جا مشاهدا ۽ ڳالهيون پنهنجي هن ڪتاب The Lover کان علاوه هڪ ٻئي ڪتاب ۾ به لکيون آهن جنهن جو انگريزي نالو: The North China Lover آهي، “دي لور” دوراس جو 48 هون ڪتاب آهي. سندس هڪ ٻه ٻيا مشهور ڪتاب ڪو پڙهڻ چاهي ته هي آهن:
    Ten Thirty on a Summer Night
    The Malady of Death
    Blue Eyes Black Hair
    Hiroshima My Love…..
    وغيره
    Hiroshima Mon Amour دراصل دراس جي فرينچ ٻوليءَ ۾ اسڪرين پلي آهي جيڪا انگريزي ۽ جپاني ٻولين ۾ به ڊب ڪئي وئي آهي. انگريزيءَ ۾ سندس ساڳيو نالو “هيروشيما منهنجو پيار” Hiroshima My Love آهي پر جپانيءَ ۾ ساڳي ٽائيٽل بدران “نِي جُو يو جِيڪان نوجوجي” (Ni ju yo Jikan Nojoji) رکيو آهي جنهن جي معنيٰ آهي “چوويهه ڪلاڪن جو معاشقو”- يا افيئر. هيءَ ڪهاڻي هڪ فرينچ ڇوڪِري ۽ جپاني ڇَوڪري جي وچ ۾ آهي. هن فلم ۾ جپاني ڇوڪرو جپان جو مشهور اداڪار اوڪادا ٿيو آهي ۽ فرينچ ڇوڪريءَ جو پارٽ ريوا ڪيو آهي. 6 آگسٽ 1945ع تي هيروشيما تي بم ڪرڻ تائين هنن جا مختصر تعلقات رهيا. ان بعد هو جدا ٿيڻ جي تياري ڪن ٿا. هو ماضي جي ملاقاتن کي ياد ڪري جدا ٿين ٿا جيڪا جدائي هيروشيما تي ائٽم بم ڪرڻ ڪري ٿي.... وغيره وغيره.


    مختلف هوٽلن ۾ رهندڙ مشهور اديب .....

    پاڻ هوٽلن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جن ۾ اسان جا فئوريٽ ليکڪ، ائڪٽر ۽ رانديگر رهيا. ان معاملي ۾ هنوئي شهر جي ميٽروپول هوٽل سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ مشهور مڃي وڃي ٿي جنهن کي ٺهي اڄ 117 سال ٿي ويا آهن. هيءَ اها هوٽل آهي جنهن ۾ رهائش دوران گرهام گرينيءَ پنهنجي ناول The Quiet American جو وڏو حصو مڪمل ڪيو. جتي سمرسيٽ ماهم پنهنجي ناول The Gentleman in Parlour تي ڪم ڪيو.
    اهڙي طرح سنگاپور جي رئفلز هوٽل آهي جتي ارنيسٽ هيمنگوي، رڊيارڊ ڪپلنگ ۽ الفريڊ هچڪاڪ جهڙا اچي رهيا ۽ بار بار اچي رهيا ۽ سندن نالي تي هن هوٽل جا خاص ڪمرا آهن. سمرسيٽ ته چوندو هو ته مون کي هن هوٽل ۾ رهڻ سان ڪهاڻيون لکڻ لاءِ مواد ملي ٿو جو هن هوٽل ۾ هتي سنگاپور ۾ اچڻ وارن جهازن جا خلاصي ٻڌائين ٿا. هن هوٽل ۾ چانهه پيئڻ يا جهازرانيءَ بابت مختلف سيمينار ۽ ڪانفرنسون اٽينڊ ڪرڻ دوران آئون مختلف اديبن جو هتي رهڻ جو سوچي پنهنجو ننڍپڻ ياد ڪندو آهيان جڏهن ڪئڊٽ ڪاليج پيٽاري جو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس انهن انگريز اديبن جي تعريف ڪندو هو. مئٽرڪ جي امتحان کان اڳ چيو هئائين ته توهان کي ڀلي سنڌ يونيورسٽي مئٽرڪ پاس جو سرٽيفڪيٽ ڏئي (انهن ڏينهن ۾، 1960ع ۾، سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن اڃان وجود ۾ نه آيو هو، مئٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ سنڌ يونيورسٽي طرفان ملندو هو) پر آئون توهان کي فرسٽ ييئر ۾ داخلا تڏهن ڏيندس جڏهن وئڪيشن ۾ ارنيسٽ هيمنگوي جا هي ناول پڙهي ايندائو:
    The Old man & the Sea
    For Whom the Bell Tolls
    A Farewell to Arms
    The Garden of Eden
    The Snows of Kilimanjaro
    He Likes White Elephants
    انگريزي ناول پڙهڻ جو شوق ارنيسٽ هيمنگوي جي ناولن پيدا ڪيو. رڊيارڊ ڪپلنگ جهڙن جا ناول:
    • دي جنگل بڪ
    • ڪِم
    • دي وائيٽ مئنس برڊن
    • گنگا دين
    • دي نائلهڪا- اسٽوري آف ويسٽ ائنڊ ايسٽ ۽ ٻين جا ناول بعد ۾ پڙهياسين.
    اسان جي ڏينهن ۾ وري به ايتري انگريزي نٿي هلي. اڄ جا ٻار انگريزيءَ ۾ هوشيار آهن. والدين ۽ ٽيچرن کي کپي ته هو ٻارن ۾ مطالعي جو شوق پيدا ڪن جيئن هو ننڍي هوندي ئي گهڻي کان گهڻا ناول پڙهن.
    سنگاپور جي Raffles Hotel ۾ ٻيا به ڪيترائي اديب رهيا جن نالي خاص ڪمرا (Suits) وقف آهن. انهن ۾ منهنجا دلپسند ليکڪ نوئل ڪاورڊ، جيمس مچنر ۽ Andre Malraux وغيره آهن. جيمس مچنر کي مون نوڪري دوران سمنڊ تي ڊگهن سفرن ۾ پڙهيو. انگريزي ادب ۽ دنيا جو سير ڪرڻ وارن کي جيمس مچنر جا ڪجهه ناول پڙهڻ لاءِ ضرور صلاح ڏيندس. جيئن ته:
    Tales of the South Pacific
    Hawai
    The Source
    Centennial
    The Drifters
    Chesapeake
    Alaska
    Texas.
    رئفلس هوٽل 1830ع ۾ سمنڊ جي ڪناري تي بيچ هائوس طور ٺهي. ان کان فقط ڏهه يارهن سال اڳ 1819ع ۾ اسٽئمفورڊ رئفلس سنگاپور جو ويران ٻيٽ انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ ملئي سلطانن کان خريد ڪيو جنهن کي پوءِ ڊيولپ ڪري دنيا ۾ مشهور ڪيو ۽ ماڻهن کي هن ٻيٽ تي اچڻ جي ڪشش ٿي ۽ دنيا جا اديب هتي جي رئفلس هوٽل ۾ رهي سڪون ۽ ڪهاڻين لاءِ مواد حاصل ڪرڻ لڳا. سمرسيٽ ماهم جڏهن هن هوٽل ۾ اچي رهيو ته هيءَ ان کان اڳ Legendary بنجي چڪي هئي ۽ ماهم مشهور جملو چيو: Raffles Hotel Stands For all the Fables of the Exotic East.
    هتي سنگاپور جي هن تاريخي ۽ قومي يادگار رئفلس هوٽل بابت هڪ دفعو وري لکندو هلان ته شروع شروع ۾ هيءَ سمنڊ جي ڪناري تي ٺهيل گهرن مان هڪ گهر هو جيئن ڪنهن زماني ۾ ڪراچي جي ڪئينس روڊ تي سمنڊ جي ڪناري تي گهر هئا جن مان بيچ لگزري هوٽل به هڪ گهر هو. جيئن اڄ جي ڪئينس روڊ (مولوي تميز الدين خان روڊ) جي گهرن اڳيان پاڻي ناهي تيئن رئفلس هوٽل اڳيان پاڻي ناهي. جيتوڻيڪ ان روڊ جو نالو اڄ به ساڳيو بيچ روڊ آهي پر سمنڊ ان روڊ کان هاڻي ڪافي پري آهي جو سمند جو ڪافي حصو مٽيءَ سان ڀري Reclaim ڪيو ويو. يعني سمنڊ ڀري زمين ٺاهي آهي. اڄ سنگاپور جي پکيڙ 720 چورس ڪلوميٽر آهي ان ۾ 130 چورس ڪلوميٽر اها زمين آهي جيڪا سمنڊ کي ڀرڻ سان وجود ۾ آئي آهي. 1819ع ۾- يعني اڄ کان پورا ٻه سئو سال اڳ جڏهن اسٽئمفورڊ هي ٻيٽ ملئي سلطان کان خريد ڪيو ته ان وقت هي ٻيٽ به پينانگ وانگر ويران ۽ جهنگ هو. فقط سمنڊ جي ڪناري وٽ، جتي سنگاپور نديءَ اچي ڇوڙ ڪيو ٿي اتي ڪجهه جهوپڙيون ملئي ۽ چيني بحري چورن (قزاقن) جون هيون، جيڪي هتان هتان ٻيڙين ۽ جهازن تان ڦر ڪري هتي اچي لڪيا ٿي. اڄ سنگاپور يورپ جي شهرن کان به بهتر امن امان وارو ۽ ماڊرن آهي ۽ سندس آدم شماري اڌ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. يعني هالا پراڻا يا ڀٽ شاهه کان به ننڍي ڳوٺ جيڏي ٻيٽ تي ايترا ماڻهو رهن ٿا ۽ انهن جو في چورس ڪلوميٽر تعداد 7800 ماڻهو ٿين ٿا. ان حساب سان سنگاپور دنيا جو ٽيون نمبر ڳهتيل ملڪ آهي.
    ڪهڙو ملڪ ماڻهن سان ڪيترو ڳهتيل آهي يعني ڪنهن ملڪ جي Population Density معلوم ڪرڻ لاءِ ان جي آدم شماريءَ کي جملي زمين سان ونڊ ڪجي ٿي. سو ان حساب سان دنيا جو سڀ کان گهڻو ڳهتيل (Density) وارو ملڪ موناڪو آهي جنهن جي آدمشماري 26 هزار ماڻهو في چورس ڪلوميٽر آهي. ٻئي نمبر تي چين جو ٻيٽ مڪائو آهي جنهن تي گذريل صدي ڏيڍ پورچوگالين جي حڪومت هئي. ٽئين نمبر تي سنگاپور آهي. چوٿين نمبر تي هانگ ڪانگ ۽ پنجين تي جبرالٽر آهي.....
    1819ع ۾ سنگاپور ٻيٽ جيئن ئي انگريزن حوالي ٿيو ته هنن هن کي ڊيولپ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پهريون روڊ سمنڊ جي ڪناري سان لڳو لڳ اهو بيچ روڊ ٺاهيو جنهن تي رئفلس هوٽل وارو گهر 1830ع ۾ ٺهيو. ان بعد اهو گهر 1878ع ۾ ڊاڪٽر چرلس ايمرسن مسواڙ تي وٺي ان کي ايمرسن نالي هوٽل بنايو. ايمرسن جي مرڻ بعد 1887ع ۾ سرڪي ڀائرن (Sarkies) هن بلڊنگ کي ڏهن ڪمرن واري رئفلس نالي هوٽل ٺاهي. سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري ۽ اعليٰ سروس هجڻ ڪري هن هوٽل ۾ دنيا جا امير ماڻهو رهڻ لڳا. ڏهن سالن اندر هن بلڊنگ ۾ ڀر واريون ٽي نيون عمارتون به ڳنڍيون ويون ۽ مهمانن لاءِ 75 کن ڪمرا ٿي پيا ۽ 1900ع ڌاري هيءَ هوٽل هن تر جي پهرين هوٽل ٿي جنهن ۾ هٿ سان ڇڪڻ وارين جهلين ۽ گاسليٽ تي ٻرندڙ شمعدانن بدران اليڪٽرڪ سٽي تي پکا ۽ بلب ٻريا ٿي. سڄي سنگاپور ۽ ملايا (مغربي ملائيشيا) ۾ اڃان ڪٿي به اليڪٽرڪ سٽي نه آئي هئي. رئفلس هوٽل ۾ جنريٽرن تي ڪم هلايو ويو ٿي.
    ٻي جنگ عظيم شروع ٿي ته جپانين جون فوجون فتحيابي حاصل ڪندي ملايا ۾ داخل ٿيون ۽ 15 فيبروري 1942ع تي سنگاپور تي قبضو ڪيائون. بقول تن ڏينهن جي انگلينڊ جي وزيراعظم سر ونسٽن چرچل جي The Worst disaster and largest capitulation in British History…
    اهو ته آمريڪا وارن 1945ع ۾ جپان جي شهرن ناگا ساڪي ۽ هيروشيما تي ائٽم بم ڪيرايو ان بعد جپاني ٽڙي پکڙي ۽ سنگاپور، ملايا مان ڀڄي ويا نه ته هو هميشه لاءِ آيا هئا ۽ هنن اچڻ سان انگريزي تعليم بند ڪري سڀني اسڪولن ۾ جپاني شروع ڪرائي هئي. ويندي سنگاپور جو نالو بدلائي “سيونان- تو” (Syonan- to) رکيو. معنيٰ ڏاکڻن ٻيٽن جي روشني ۽ رئفلس هوٽل جو نالو Syonan Ryokan رکيو. يعني سيونان جو مسافر خانو. ريوڪان جپانيءَ ۾ مسافر خاني کي سڏين ٿا.
    سنگاپور تي ٽي چار سال جيڪو جپانين جو قبضو رهيو ان جو وڏو داستان آهي جنهن ۾ هنن ڇا ڇا نه ظلم ڪيا. هنن کي چينين کان وڌيڪ خوف هو ته هو انگريزن سان ملي مزاحمت ڪن ٿا. ان ڪري هنن 25 کان 50 هزار چيني ماري ڇڏيا. سنگاپور ۽ ملايا ۾ هنن پنهنجا ڇپيل نوٽ هلايا جن کي مقامي ماڻهن دُئيت پسانگ (Banana Money) سڏيو ٿي. اهو ان ڪري جو ڏهن ڊالر واري نوٽ تي ڪيلي جو وڻ ڇپيل هو.
    جپاني ادب ۾ رئفلس هوٽل جي سيٽنگ ۾ جپان جي مشهور اديب ريو مُوراڪامي (Ryo Murakami) جو ناول آهي جنهن جو عنوان ئي آهي “رئفلس هوٽل” ان کان علاوه جپان ۾ اڄ ڪلهه تمام ٽاپ جي هڪ وڊيو گيم Medal of Honour- Rising Sun هلي رهي آهي جنهن ۾ هيءَ هوٽل “دي رئفلس” ڏيکاري وئي آهي.
    مٿي بيان ڪيل جپان جي مشهور ناول نويس، افسانا نگار، ڪالم نويس ۽ فلمون ٺاهيندڙ “ريو مُوراڪامي” بابت ٻه ٽي سٽون لکڻ ضروري ٿو سمجهان، جيئن اسان جي ملڪ جا شاگرد ههڙن مشهور ليکڪن جا ڪتاب ضرور پڙهن، ٿي سگهي ته ڪو ناول سنڌي يا اردو ۾ ترجمو به ڪن. منهنجا ڪجهه پڙهندڙ مون کان پڇندا رهن ٿا ته آئون کين ڪو ناول Suggest ڪيان جيئن هو ان جو ترجمو ڪن جو هنن کي ترجمي ڪرڻ جو شوق آهي. دراصل ان ڪم لاءِ ترجمي ڪرڻ وارو پاڻ ڪجهه ناول پڙهي پوءِ انهن مان ان جي چونڊ ڪري جيڪو هن کي پسند اچي ۽ ان ناول هن ۾ اتساهه پيدا ڪيو هجي. ان بعد ئي هو ان جو ترجمو دل لڳائي سٺي نموني سان ڪري سگهندو. جيئن منهنجو ڪيل هڪ جپاني ناول جو ترجمو “ٽوڪيو جي گيشا گرل” (مس سدا بهار چنبيلي) آهي. اهو پڙهڻ سان مون کي ائين لڳو ته ان ناول جو ترجمو منهنجي ملڪ جي ماڻهن کي ضرور پسند ايندو ۽ مون به اِهو چاهيو ٿي ته هو ضرور پڙهن جيئن هنن کي جپان جي ماڻهن جي سوسائٽي، ڪلچر، رسم ۽ رواج، غمين خوشين ۽ مختلف ڪيفيتن جي خبر پئجي سگهي ۽ هو جپان ۾ اچي اهڙو ڪو ڪم نه ڪن جنهن سان هو شرم، بي عزتي، جرم گناهه محسوس ڪن. ڌارين ٻولين جي ڪتابن کي ترجمو ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو به ٿي سگهي ٿو ته يونيورسٽيءَ ۾ ادب جا پروفيسر ڪجهه سٺن ناولن جي چونڊ ڪري پوءِ هر شاگرد حوالي هڪ هڪ ڪتاب ترجمي لاءِ ڏين يا ٻن ٻن ٽن ٽن شاگردن حوالي هڪ هڪ ڪتاب ڪن ۽ هر هڪ پنهنجي پنهنجي حصي جا صفحا ترجمو ڪري ڪتاب مڪمل ڪري.
    جپاني ليکڪ ريو مُوراڪامي 1952ع ۾ ناگاساڪي پريفيڪچر جي شهر ساسيبو ۾ ڄائو. ساسيبو جپان جو وڏو بندرگاهه به آهي جتي اسان جا جهاز پاڪستان مان سامان کڻي پهچندا هئا ۽ ڪيترا دفعا، اسان پنهنجي جهاز جي سالياني ڊراءِ ڊاڪنگ ۽ مرمت به هتان ڪرائي ٿي.
    موراڪاميءَ جا ڪيترائي ناول انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن جن مان سڀ ۾ مشهور آهن:
    Almost Transparent Blue
    Coin Locker Babies
    In the Miso Soup.
    موراڪامي 1999ع ۾ JMM (جپان ميل ميڊيا) نالي email مئگزين شروع ڪئي جنهن جو هو اڄ به چيف ايڊيٽر آهي. پاڻ 2006 کان ٽي وي ٽوڪيو جي هڪ ٽاڪ شو ۾ ايندو رهي ٿو. شو جو نالو Kanburia Kyuden آهي ۽ ساڻس گڏ “ڪو- هوسٽ” ڇوڪري اِيڪو (Eiko- Koike) هوندي آهي.
    موراڪاميءَ جو ”آلموسٽ ٽرانسپئرنٽ بلو“ ناول سندس پهريون ناول آهي جڏهن هو اڃان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو پئي ۽ “اِن دي مِسو سُوپ” ٽوڪيو جي چڪلي ”ڪبوڪي چو“ جي ماحول ۾ لکيل آهي، جنهن تي هن کي ايوارڊ به مليو. اهڙي طرح سندس سال 2000ع جي ٻن ناولن: هڪ Parasites (جپاني نالو Kyosei Chu) ۽ ٻيو Exodus From Hopless Japan (جپاني نالو: ڪِيبو نو ڪُونِي نو ايگزوڊس) تي پڻ کيس ايوارڊ مليا.


    جپان جو ٻيٽ هونشو

    جپان هزارين ٻيٽن جو مجموعو آهي پر خاص ۽ وڏا ٻيٽ چار آهن باقي ٻيا ننڍا ننڍا آهن، جن جو هتي ذڪر ڪرڻ اجايو آهي. لڳندو آهي ته اهي ٻيٽ فقط اسان جهاز هلائڻ وارن جي مٿي جي سور لاءِ آهن جو انهن ڪري جهاز هلائڻ ۾ وڏي خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو ٿو پوي ته متان ڀل ۾ جهاز انهن مان ڪنهن هڪ جي مٿان چڙهي نه وڃي. هانگ ڪانگ مان لنگر کڻي جپان لاءِ نڪرندا آهيون ته هڪ ڏينهن بعد جپان جا هي ٽڙيل پکڙيل ننڍا ننڍا ٻيٽ شروع ٿي ويندا آهن. اهي جي ٻيٽ نه هجن ها ته چوويهه ئي ڪلاڪ سمنڊ ۽ رڊار جي اسڪرين تي نظرون کپائڻ بدران جهاز کي آٽو تي ڇڏي ڏجي ها ته پيو سڌي ليڪ ۾ وڃي. پر سمنڊ تي ٽرئفڪ (گهڻن جهازن ۽ ٻيڙين ڪري) ۽ گهڻن ٻيٽن ڪري جهاز جو اسٽيرنگ هٿ ۾ جهلي حالتن مطابق Manual تي هلائڻو پوي ٿو.
    جپان جا وڏا ٻيٽ جتي جي بندرگاهن ۾ اسان جي جهازن جو وڃڻ ٿئي ٿو يا اسان جي ملڪ جي ماڻهن جو گهمڻ، تعليم، نوڪري يا واپار وڙي لاءِ وڃڻ ٿئي ٿو اهي چار آهن، جن ۾ هڪ اتر وارو ”هُوڪئدو“ گهڻي ٿڌ ۽ جابلو هجڻ ڪري ايترو آباد ناهي. يعني ايتري آدم شماري نه اٿس جيتري باقي ٽن جي آهي. انهن ٽن مان به هيٺيان بلڪل ڏکڻ وارا ڪيوشو ۽ شڪاڪو تمام ننڍا آهن باقي وچ وارو هونشو سڀ ۾ وڏو آهي جتي ايڊو (هاڻ وارو ٽوڪيو)، ڪيوٽو، نارا، ڪماڪورا جهڙا تاريخي ۽ گاديءَ وارا شهر آهن. هونئن به توهان پنهنجي ملڪ جي شاگرد، بزنيس مئن يا ٽوئرسٽ کان پڇندا ته هو جپان ڪهڙي شهر ٿو وڃي ته هو گهڻو ڪري جن شهرن جا نالا وٺندو اهي هونشو ٻيٽ جا ئي هوندا. جيئن ته: ٽوڪيو، اوساڪا، ڪوبي، يوڪوهاما، هيروشيما، ياماگچي، ناگانو، نگويا، چيبا، ڪماڪورا، نارا، وڪاياما، هميجي، اونو مِچي، شِيزو اوڪا، توياما..... وغيره.
    اسان به جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ سنگاپور کان سڌا يا ڪجهه ڏينهن هانگ ڪانگ ۾ ترسي جپان لاءِ اتر جو رخ اختيار ڪندا هئاسين ته سڌو اوساڪا واري خليج ۾ اچي لنگر ڪيرائيندا هئاسين جتي وڪاياما، اوساڪا ۽ ڪوبي اهم بندرگاهه آهن. نارا ۽ ڪيوٽو بندرگاهه نه آهن پر اوساڪا يا ڪوبي بندرگاهن ۾ هجڻ دوران بس يا ريل گاڏيءَ ۾ مٿيان تاريخي شهر (نارا ۽ ڪيوٽو) گهمڻ لاءِ هليا ويندا هئاسين.
    اوساڪا ۽ ڪوبي بندرگاهه ايڏو ويجها آهن جو ڪڏهن ڪڏهن ڪوبي جو سامان اوساڪا مان کڻندا هئاسين. جهاز اوساڪا بندرگاهه ۾ ئي بيٺو هوندو هو ۽ ڪوبي کان ٽرڪن ۽ ٽرالرن ذريعي سامان اوساڪا بندرگاهه پهچندو هو. ان بعد يا هانگ ڪانگ مان نڪرڻ کان پوءِ سڌو اوساڪا جو رخ رکڻ بدران ان جي ٿورو ساڄي پاسي ڏي لڙندا هئاسين ته اچي “ٽوڪيو بي” ۾ نڪرندا هئاسين جتي چيبا، ٽوڪيو، يوڪوهاما ۽ چوٿون ڪواساڪي بندرگاهه هڪ ٻئي جي ويجهو ائين آهن جيئن خليج بنگال ۾ چٽگانگ، چالنا (مينگنا) ۽ ڪولڪتا. بلڪه انهن کان به ويجها، جيئن ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما باءِ روڊ بس يا ڪار ۾، ٽرئفڪ جئم رهڻ ڪري ڪلاڪ ڏيڍ لڳيو وڃي پر سمنڊ رستي ٻيڙي يا جهاز ۾ اڌ ڪلاڪ ۾ پهچيو وڃجي. انهن بندرگاهن ۾ هجڻ دوران اسان باءِ روڊ ڪوفو ۽ سائتاما جهڙن شهرن ۾ به هليا ويندا هئاسين جيڪي بندرگاهه ته نه آهن پر انهن جي تاريخي حيثيت تمام گهڻي آهي.
    اوساڪا ۽ ٽوڪيو جي وچ ۾ هڪ ٻيو به خليج (Bay) آهي جنهن ۾ نگويا بندرگاهه ۾ وڃڻ لاءِ گهڙندا هئاسين. اتي ئي تسو (Tsu) بندرگاهه به آهي. نگويا ۾ ڪڏهن ڪڏهن مرمت خاطر هفتو ڏيڍ وڌيڪ رهڻ ٿيندو هو ته باءِ روڊ ڀر وارن شهرن گِيفو (Gifu) ۽ اوتسو (Otsu) مان به چڪر هڻي ايندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن اسان جو جهاز شڪاڪو ۽ ڪيوشو ٻيٽن جي وچ واري سمنڊ مان لنگهي هونشو ٻيٽ جي هيروشيما بندرگاهه ۾ به لنگر انداز ٿيندو هو. بلڪه هيروشيما ڪيترائي دفعا اچڻ ٿيو جتي لاءِ ملائيشيا مان عمارتي ڪاٺ ۽ ٽونا مڇيون آڻيندا هئاسين. هيروشيما ۾ گهڻا ڏينهن هجڻ دوران هونشو ٻيٽ جي ٻين ويجهن شهرن جهڙوڪ اونامچي ۽ ڪورا شِڪي جو چڪر ڏيڻ لاءِ بس يا ٽئڪسيءَ ۾ هليا ويندا هئاسين. بهرحال جپان جو هي ٻيٽ هونشو (Honshu) چئني ٻيٽن ۾ تمام وڏو ۽ اهم آهي جتي سڀ کان گهڻا ماڻهو رهن ٿا، جتي جا تمام گهڻا شهر آهن، جتي جا بندرگاهه دنيا جا مشغول ترين ۽ ماڊرن آهن.
    جپان جي چئن وڏن ٻيٽن مان هونشو دنيا جو ستون نمبر وڏو ٻيٽ آهي جنهن جي پکيڙ 226000 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ سڄي جپان جو 60 سيڪڙو آهي. آدم شماري جي حساب سان دنيا ۾ جاوا بعد ٻئي نمبر تي ڳتيل ٻيٽ آهي جنهن ۾ 105 ملين ماڻهو رهن ٿا. يعني ڏهه ڪروڙ! ڪراچيءَ جي آدمشماري جي ٻه ڪروڙ لڳائي وڃي ته سمجهو ته جپان جي هن ٻيٽ هونشو تي ڪراچيءَ جي پنجوڻ جيترا ماڻهو رهن ٿا. مٿي بيان ڪيل جاوا ٻيٽ انڊونيشيا جو وڏو ٻيٽ آهي جتي انڊونيشيا جي گاديءَ جو شهر جڪارتا آهي. جاوا جي آدم شماري 145000000 آهي. يعني هونشو ٻيٽ کان به ڏيڍوڻ جيتري آهي. اسان کي ڪراچيءَ ۾ ماڻهن جي پيهه پيهان ٿي لڳي پر جاوا يا هونشو جهڙن ٻيٽن تي ماڻهن جو سمنڊ اٿلون کائيندو نظر اچي ٿو.
    هونشو ٻيٽ جا جيڪي مٿي شهر ۽ بندرگاهه لکيا اٿم جتي اسان کي جهاز هاڪاري وڃڻو پيو ٿي اهي سڀ هونشو جي ڏاکڻي حصي واري سمنڊ ۾ آهن ۽ جپان جو انڊسٽريل بيلٽ به ان ڏاکڻي ڪناري تي آهي. جيڪو ٽوڪيو کان ڪيوٽو، اوساڪا، نگويا، ڪوبي ۽ هيروشيما مان لنگهي ٿو. جتي ماڻهن جو خاص ڌنڌو ڪارخانن ۽ فئڪٽرين ۾ ڪم ڪرڻ آهي. ان جي ڀيٽ ۾ هن ٻيٽ هونشو جي اتراهين ڪناري جي ماڻهن جو پيٽ گذر مڇي مارڻ ۽ زراعت تي آهي. اسان جو ڪڏهن ڪڏهن هونشو جي اتر واري پاسي به هڪ ٻن بندرگاهن ۾ وڃڻ ٿيندو هو خاص ڪري نِگاتا (Nigata) ۽ شِمونوسيڪي (Shimonoseki) جتان آمريڪا جي بندرگاهه لاس اينجلس ۽ ڪئناڊا جي بندرگاهه وئنڪوئر لاءِ سامان کڻندا هئاسين.
    هونشو ٻيٽ جپان جي باقي ٽن ٻيٽن: هوڪئدو، شڪاڪو ۽ ڪيوشو سان مختلف پلين ۽ سرنگهن (Tunnel) ذريعي ڳنڍيل آهي جيئن پينانگ ٻيٽ بٽرورٿ سان يا هانگ ڪانگ ٻيٽ ڪولون سان. نه ته 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي تائين به اهي پليون ۽ ٽنل نه هجڻ ڪري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ فيرين ۽ لانچن ذريعي پهچبو هو. اڄ به فيريون موجود آهن جن ۾ ماڻهو تفريح خاطر سفر ڪن ٿا. فيري (Ferry) پاڻيءَ جو مسافر بردار جهاز ٿئي ٿو جيڪو ننڍن فاصلن تي هلي ٿو، جنهن ذريعي مسافر پنهنجين موٽر ڪارن سان گڏ سمنڊ ٽپن ٿا. ڪن فيرين ۾ ته سڄي سڄي ريل گاڏي به اچيو وڃي ۽ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين سمنڊ اڪري ٿي. جيئن سئيڊن کان جرمني يا ڊئنمارڪ کان فنلئنڊ وغيره.
    جپان جو هي سڀ کان وڏو ٻيٽ هونشو جنهن تي ڪيوٽو، ٽوڪيو ۽ اوساڪا جهڙا شهر آهن ڊيگهه ۾ 1300 ڪلوميٽر ٿيندو. يعني حيدرآباد کان اسلام آباد جيترو فاصلو سمجهو، جيڪو 1350 ڪلوميٽر آهي ۽ هن ٻيٽ جي ويڪر ڪٿي 230 ڪلوميٽر آهي ته ڪٿي 50 ڪلوميٽر آهي. ٻيٽ هجڻ ڪري سندس چوڌاري ته پاڻي آهي پر ڪٿي سمنڊ جو پاڻي ڪافي اندر تائين وڃي ٿو. هونشو ٻيٽ پاڪستان، ايران يا افغانستان جي بارڊر وانگر لسو ناهي پر ان پني ڀور وانگر آهي جنهن کي چوڌاري ڪُوئا ڪُتري ويا هجن يا اڏوهي لڳي وئي هجي. پاڪستان جي Coast line يعني سامونڊي ڪنارو ڪافي وڏو آهي، اٽڪل 1050 ڪلوميٽر. پاڪستان جي ٻيٽ هجي ها ته پوءِ ته سندس ڪنارو اڃان به ٽيڻو هجي ها پر موجوده صورت ۾ سندس باقي پاسن کان انڊيا، افغانستان ۽ ايران جي سرزمين آهي. جپان جي ڪيوشو ٻيٽ جي هڪ ته چوڌاري پاڻي آهي ۽ ٻيو ته سڄو ڪنارو ڪتريل هجڻ ڪري به ڪوسٽ لائين وڌيل آهي. هي ائين آهي جيئن عربي سمنڊ ڪراچيءَ ۾ اندر ٿاڻي بولا خان تائين هجي، ٺٽي وٽان اندر ڪوٽڙيءَ تائين هجي ها، بدين وٽان اندر ميرپورخاص تائين هليو وڃي ها ته اهڙي صورت ۾ ڪنارو اڃا وڌي وڃي ها ۽ پاڻيءَ جا جهاز اندروني شهرن تائين پهچي وڃن ها. هتي جپان ۾ ائين آهي ۽ جيڪو سمنڊ اندرين حصن ۾ آهي ان جي ڪافي ويڪر ۽ اونهائي آهي ۽ هن پاسي قدرت طرفان ايترا سامونڊي طوفان ۽ سوناميون اچن ٿيون جو انهن جو اثر هتي جي اندروني سمنڊ تي به ٿئي ٿو. ان کان علاوه هونشو ٻيٽ جو ڪنارو پاڪستان جي ڪناري وانگر ويران ناهي جتي رڳو ڪجهه هنڌن تي، پسني، گوادر، جيواني، ڪراچي، پورٽ قاسم وٽ گهرگهاٽ ۽ ٻيڙين جي آمدرفت نظر اچي ٿي ٻيو مڙيئي خير. جپان جي ڪناري جو ميل ميل آباد آهي. هڪ ته جپان جي آدم شماري گهڻي آهي. خاص ڪري هن ٻيٽ هونشو جي، سو ماڻهو ڄڻ بخيا اڊوڙي ٿا نڪرن ۽ ٻيو ته جپان ۾ پوک ۽ ڍور ڍڳا پالڻ جي سهولت نه برابر هجڻ ڪري ماڻهن جو رخ سمنڊ ڏي آهي ۽ سمنڊ جي ڪناري تي آباد رهڻ چاهين ٿا. کائڻ لاءِ هو سمنڊ جي ڪا ساهواري شيءِ نٿا ڇڏين. مڇي گانگٽ کان کيکڙا، سپون ۽ سامونڊي گاهه به چٽ ڪريو وڃن. شارڪ ۽ وهيل جهڙين مڇين کي به نٿا ڇڏين.


    فيوجي جبل ۽ سُميدا ندي

    دنيا جو سهڻو جبل فيوجي (Fuji) جيڪو جپانين لاءِ پوڄا پاٺ جو درجو رکي ٿو اهو به هن ٻيٽ هونشو تي آهي. سندس چوٽي سطح سمنڊ کان 3775 ميٽر مٿي ٿيندي. هونشو ٻيٽ تي ڪيتريون ئي نديون آهن پر سڀ ننڍيون ننڍيون آهن. وڏي ۾ وڏي ندي شِي نانو (Shinano) آهي جيڪا چِيڪوما به سڏجي ٿي. شينانو ندي 230 کن ميل ٿيندي. ٻئي نمبر تي وڏي ندي ٽوني (Tone) آهي جيڪا 200 ميل ٿيندي. هي ٻئي نديون هونشو ٻيٽ تي آهن. هڪ “سي آف جپان” ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ۽ ٻي پئسفڪ سمنڊ ۾. انهن کان علاوه ڪجهه ٻيون به اهم نديون آهن جيئن ته ابو ڪوما، ڪيتا ڪامي ۽ موگامي وغيره. جپان جي ندين بابت هڪ ڊچ انجنيئر جي چوڻي مشهور آهي جڏهن هن جپان جي ندي جوگانجي ڏٺي. هن جي دماغ ۾ ته يورپ جون وڏيون نديون ڊئنيوب، وولگا، ارل وغيره هيون سو تويوما پريفيڪچر مان وهندڙ 56 ڪلوميٽر ڊگهي ندي ڏسي هن ڊچ انجنيئر چيو هو: This is not a river, but a water fall.
    هتي اهو به لکندو هلان ته شروع ۾ جپاني ماڻهو هن نديءَ کي جپان جي نيل ندي سڏيندا هئا ۽ کيس “ني ئي ڪاوا” چوندا هئا. جيتوڻيڪ نيل ندي 6900 ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ ڪيترن ئي ملڪن مان لنگهي مصر پهچي ٿي. اهي ملڪ آهن تنزانيا، يوگنڊا، روانڊا، برونڊي، ڪانگو، ڪينيا، اٿوپيا، اريٽيريا، ڏکڻ سوڍان، سوڍان وغيره.
    جپان اهو ملڪ آهي جتي رڳو جبل ئي جبل آهن. ملڪ جي 75 سيڪڙو زمين تي جبل آهن، جن تي برف ڳرڻ تي يا مينهن پوڻ تي پاڻي نديءَ جي شڪل ۾ هيٺ وهي ٿو. چوڌاري ويجهو سمنڊ به آهن سو يڪدم وڃيو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن. سو جپان ۾ ڪُوئي جي پڇ جهڙيون ته ڪيتريون ئي نديون آهن پر هتي جي حڪومت جن کي گريڊ ون نديون سڏي ٿي اهي به 14000 ٿينديون جن جو انتظام هتي جي وزارت ٽرانسپورٽ ۽ ٽوئرزم سنڀالي ٿي.
    جپان جي ندين تي هڪ ته ڊئمون ٺاهي اليڪٽرڪ سٽي پيدا ڪئي وئي آهي ۽ ٻيو پوک جي ڪم ۾ خاص ڪري سارين جي پوک لاءِ استعمال ۾ اچن ٿيون. اها شيءِ جيڪا سارين جي فصل ۾ ڪم اچي يعني پاڻي، اها شيءِ جپانين لاءِ قابلِ احترام آهي. ندين ۽ چانورن جو ذڪر جپاني لوڪ ڪهاڻين ۽ شاعريءَ ۾ به ڏاڍو اچي ٿو. جپاني نيويءَ کي جيڪي ٻه ڪروزر جهاز هئا انهن مان هڪ جو نالو موگامي (Mogami) هو. جيئن اسان وٽ ڪيترن جهازن تي نالا ندين تان رکيل آهن جيئن ته ستلج، چناب، اباسين وغيره. موگامي ندي ازوما جبل تان شروع ٿئي ٿي ۽ ياماگچيءَ مان ٿيندي جپاني سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. سترهين صديءَ جي مشهور جپاني شاعر متسو باشو هن نديءَ ذريعي سفر ڪندي هن نديءَ تي ڪيترائي شعر (هائيڪو) لکيا جن مان ڪجهه سندس يادگيرين واري ڪتاب (Oku No Hosomichi) ۾ ڏنا آهن جيڪو انگريزيءَ ۾ “دي نئرو روڊ ٽ دي ڊيپ نارٿ“ نالي ترجمو ٿيل آهي. انهن ۾ هڪ هائيڪو تمام گهڻو مشهور آهي جنهن ۾ شاعر متسو باشو هن ندي موگا جو ذڪر ڪيو آهي:
    Samidare
    Atsumete hayashi
    Mogami gawa.
    گڏ ڪري رهي آهي بارش جو پاڻي،
    مينهوڳيءَ جي موسم ۾ -
    تکو وهندڙ موگامي ندي.....
    جپان ۾ هر صوبي (پريفيڪچر) جو قومي ترانو، قومي گل، ميوو، لوگو آهي. ياما گچي پريفيڪچر جي قومي تراني جو نالو ئي آهي موگامي ندي ۽ اهو ترانو ڪنهن ٻئي نه پر ملڪ جي شهنشاهه هيروهٽو لکيو.
    اهڙي طرح ٽوڪيو شهر مان وهندڙ سميدا ندي جو ذڪر پڻ ڪيترن شاعرن ڪيو آهي. ماتسو بوشو جو گهر هن نديءَ جي ڪناري تي هو جنهن جي ٻاهران ڪيلي جي وڻ هو جنهن کي جپانيءَ ۾ باشو سڏين ٿا جنهن تان ماتسوءَ تي قلمي نالو ”باشو“ پيو.
    جپانيءَ جي هڪ ٻئي مشهور شاعر ڪوباياشي اِيسا 1820ع ۾ پنهنجي هڪ هائيڪو ۾ سميدا نديءَ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
    Nodokasa ya
    Nezumi no nameru
    Sumida- gawa.
    هن هائيڪو جو انگريزيءَ ۾ ترجمو هن طرح لکيل آهي:
    Spring peace
    A mouse licking
    Sumida river
    جپانيءَ ۾ ناميرو (Nameru) معنيٰ چٽڻ آهي To Lick ۽ ان جي معنيٰ سواد وٺڻ، چوسڻ پڻ آهي. نيزومي (Nezumi) معنيٰ ڪوئو ۽ گاوا (Gawa) يا ڪاوا (Kawa) معنيٰ ندي آهي. هيءَ سميدا نديءَ جي ڪناري جي ڳالهه آهي جيڪا ندي ٽوڪيو شهر مان 27 ڪلوميٽر وهي اڳيان بندرگاهه وٽ خليج ٽوڪيو (Tokyo Bay) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، هن نديءَ مٿان 26 پليون آهن. هڪ پرسڪون ۽ بهاريءَ واري ڏينهن تي جڏهن شاعر ڪوباياشي ايسا هن نديءَ جي ڪناري تي چهل قدمي ڪري رهيو هو ته هن جي نظر هڪ اڃايل ڪوئي تي پئي جيڪو پاڻيءَ جون چشڪيون ڀري رهيو هو. پهرين سٽ ۾ لکيل لفظ Nodokasa ya تمام گهڻو جپاني شاعريءَ ۾ اچي ٿو جيڪو دراصل اسم نودوڪا (Nodoka) مان نڪتل آهي. نودوڪا معنيٰ خاموش، پرسڪون، امن امان وارو ڏينهن، جنهن مان صفت Nodokasa آهي. Nodokasa معنيٰ پر امن بهار جو ڏينهن، يا سانتيڪو ڏينهن.
    ايسا جو ئي هڪ ٻيو شعر آهي جنهن ۾ پڻ نودوڪا استعمال ڪري ٿو:
    Hisakata no hikari nodokeki haru
    وغيره. نودوڪا نه فقط شاعريءَ ۾ پر نثر ۾ به گهڻو استعمال ٿئي ٿو. جپاني ڪنهن نظاري جي تعريف ۾ اڪثر چوندا:
    Nodoka na fuukei desu nee
    “هي ڇا ته پرسڪون/ سانتيڪو نظارو آهي.”
    ڳالهه اها آهي ته شاعر ڪوباياشي اِيسا (Issa) بهار جي موسم واري هڪ سانتيڪي ڏينهن جو ذڪر ڪرڻ لاءِ يا نقشو چٽڻ لاءِ جپاني لفظ نودوڪا استعمال ٿو ڪري ته ههڙي سٺي موسم ۾ هڪ ڪوئو به سرور محسوس ڪري بي ڊپو ٿي سميدا نديءَ مان پاڻي پي رهيو آهي. هن ههڙي موسم Nodoka کان متاثر ٿي نه فقط ڪوئي جو احوال لکيو آهي پر هڪ ٻوڌيءَ جو پڻ جيڪو ٻائو ٿي ڪري ڪنهن جي گهر جي ڀت جي سوراخ مان يا لوڙهي مان ليئا پائي ٿو.
    Nodokasa ya
    Kakima o Nozoku
    Yama no soo.
    انگريزيءَ ۾ ترجمو آهي:
    Spring peace…..
    A mountain monk peeks
    Through the hedge……
    ڪاڪِي جپانيءَ ۾ لوڙهي يا گهر جي ٻاهرين اڏاوت کي سڏجي ٿو. ياما نوسُو معنيٰ جبل جو ٻائو. ياما جپانيءَ ۾ جبل آهي جيئن فوجي ياما معنيٰ فوجي جبل.
    بهرحال پاڻ ڳالهه پئي ڪئي جپان جي ندين جي جن کي جپاني شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ خوب آندو آهي. موگامي نديءَ تي هڪ ٻه شعر مٿي لکي چڪو آهيان هڪ ٻيو ياد اچي رهيو آهي جيڪو هن ريت آهي.
    Atsuki hi wo
    Umi ni iretari
    Mogami gawa.
    (The hot sun was set into the sea by the mogami river)
    جپان جي هر ضلعي ۾ سوين نديون آهن. هر شهر مان هڪ يا هڪ کان وڌيڪ نديون وهنديون نظر اچن ٿيون - خاص ڪري بندرگاهه وارن شهرن ۾ جو اهي نديون ڇوڙ ئي ان بندرگاهه واري سمنڊ ۾ ڪن ٿيون. ڪي نديون ته لنڊن جي وچ مان لنگهندڙ ٿيمس يا بئنڪاڪ شهر جي وچ مان لنگهندڙ چائو فريا وانگر جپان جي وچ شهر مان لنگهن ٿيون. انهن سڀني ۾ منهنجو سڀ کان گهڻو لڳ لاڳاپو سميدا سان رهيو آهي جيڪا ٽوڪيو شهر مان لنگهي ٿي ۽ جنهن سان ڪيتريون ئي تاريخي ڳالهيون وابسته آهن. هر دفعي ڪا نه ڪا نئين ڳالهه ٻڌي حيرت ۽ خوشي ٿي ٿئي. هڪ دفعي ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ جهاز ٺهڻ تائين مون کي ٻه ٽي مهينا هڪ اهڙي گيسٽ هائوس ۾ رکيو ويو جيڪو سميدا نديءَ جي ڪناري وٽ گنزا جي ويجهو هو. آئون شام جو جڏهن به گنزا ويندو هوس ته نديءَ جو ڪنارو وٺي واڪ ڪندو هوس. يا ڪڏهن پري روپنگي، شبويا، شنجوڪو يا ٽوڪيو جي ڪنهن ٻئي علائقي مان موٽندو هوس ته سب وي ذريعي گنزا ۾ لهي پوءِ اتي جي ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ چانهه يا ڪافي پي پوءِ پنهنجي رهائش تي پهچڻ لاءِ سُميدا نديءَ جو ڪنارو ڏئي واڪ ڪندو هوس. ڀلي شام هجي يا رات - رستي تي ملندڙ واندن پوڙهن پوڙهن سان ڀڳل سڳل جپانيءَ ۾ خبرون ڪندو هوس. ڪنهن کي انگريزي ايندي هئي ته ان پوڙهي مرد يا عورت جي جلدي پچر نه ڇڏيندو هوس. ان کان فون نمبر به وٺڻ جي ڪندو هوس جيئن ان سان وري يا ٻئي دفعي ٽوڪيو اچڻ تي به ملي خبرون ڪريان. هر عنوان تي خبرون ڪندو هوس. ادب ۽ شعر و شاعريءَ کان ٽٽ مسخريءَ تائين. کانئن سندن ننڍپڻ جون ڳالهيون پڇندو هوس ۽ هو اسي يا ستر سالن جا پوڙها پنهنجي ننڍپڻ جي زماني جي جپان جون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. اڄ آئون انهن جي عمر جو آهيان نه ته انهن ڏينهن ۾ ٽيهن سالن جو به نه ٿيو هوس.
    هڪ دفعي گنزا ڏي وڃڻ بدران سميدا جو ڪنارو ڏئي ٻئي پاسي ويندو رهيس. هڪ هنڌ هڪ پوڙهي جپانيءَ مون کي ادب ۾ دلچسپي وٺندو ڏسي مون کي نديءَ جي ڪناري هڪ جاءِ ڏي اشارو ڪري چيو ته تنهنجي دلپسند شاعر باشو موتسو جو هي گهر هو جتي لاءِ هن لکيو آهي ته ”منهنجو گهر ڪيلي جي وڻ وٽ هو جنهن تان مون پنهنجو قلمي نالو باشو رکيو“. نه ته هن جو ڄمڻ مهل نالو (Matsu Kinsaku) هو. جيئن سنڌونديءَ تي دادو مورو جهڙيون ڪيتريون ئي پليون آهن تيئن سميدا نديءَ کي اڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي 27 کن پليون آهن. سنڌو ندي ته دنيا جي ڊگهين ۽ ويڪرين ندين مان هڪ آهي پر جپان جي هيءَ نوڙيءَ جهڙي سنهي سميدا ندي 30 کن ڪلوميٽر مس آهي جيڪا ٽوڪيو جي ڇهه ست وارڊن (ضلعن) مان گذري “خليج ٽوڪيو” سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. آڳاٽي زماني کان هن نديءَ مٿان پليون ٺهنديون رهيون ۽ هن وقت اٽڪل هر ڪلوميٽر جي فاصلي تي هڪ پل آهي جتان توهان هيءَ ندي اڪري ٻي پار پهچي سگهو ٿا.
    مون وانگر جيڪي پاڻي جي جهاز ۾ ٽوڪيو اچن ٿا انهن جي ڄاڻ لاءِ اهو لکندو هلان ته جيئن ئي جهاز خليج ٽوڪيو (Tokyo Bay) ۾ لنگر انداز ٿئي ٿو ته سميدا نديءَ جي ڇوڙ وٽ جيڪا پهرين پل نظر اچي ٿي اها ڪاچي ڊوڪي پل Kachidoki Ohasi آهي. اتي ئي تسڪي شيما ٻيٽ آهي. پل جي هڪ پاسي اناري مندر Inari Jinja ۽ ان جي ڀرسان تسوڪي جي مارڪيٽ آهي جيڪا دنيا جي وڏي ۾ وڏي مڇي مارڪيٽ آهي.
    سميدا نديءَ مٿان ٽوڪيو ۾ جيڪي پليون آهن انهن مان هڪ “ريوگو ڪُو باشي” پل آهي جيڪا 1659ع ۾ ٺهي هئي جيڪا 1932ع ۾ وري نئين سنئين ٺاهي وئي. هڪ ٻي پل جتان منهنجو لنگهه ٿيو ٿي اها Eitai bashi آهي اها 1696ع ۾ ٺهي هئي جنهن کي 1924ع ۾ وري نئون ڪيو ويو.
    • سڪورا پل جيڪا منهنجي جپان ۾ هجڻ وارن ڏينهن 1985ع ۾ ٺهي
    • ڪوٽو توئي پل جيڪا 1928ع ۾ ٺهي. هن پل جي هڪ طرف Mimeguri جنجا (مندر) آهي ۽ ٻئي پاسي Matsuchi yama Shoden آهي.
    • ازوما پل جيڪا پهرين 1774ع ۾ ٺهي ان بعد 1931ع ۾ ان کي ڊاهي نئين ٺاهي وئي. هيءَ پل ٽوڪيو جي هڪ خوبصورت علائقي اساڪسا جي ريلوي اسٽيشن وٽ آهي.
    • ڪوماگاتا پل جيڪا 1927ع ۾ ٺهي ۽ هيءَ پل متسو گاتا مندر کان مشهور آهي.
    • يومايا پل جيڪا 1875ع ۾ ٺهي جنهن کي 1929ع ۾ نئون ڪيو ويو.
    • ڪورا مائي باشي (پل) جيڪا سئو سال کن اڳ 1924ع ۾ ٺهي .... ۽ اهڙي طرح ٻيون پليون. هتي اهو به لکندو هلان ته جپاني لفظ باشي (Bashi) جي معنيٰ پل آهي. ان ڪري توهان کي جپان ۾ هر پل جي نالي پويان باشي لفظ ڳنڍيل نظر ايندو. جيئن اوساڪا جي پلين جا نالا آهن: هيگو باشي، اوتي باشي، هوماچي باشي، ڪورائي باشي، نشيڪي باشي وغيره.


    جپاني ٻولي جا ڪجهه اهم لفظ

    آئون پنهنجن ڪيترن ئي سفرنامن، ڪالمن ۽ مضمونن ۾ ڌارين ملڪن ڏي روانو ٿيندڙ پنهنجن ماڻهن تي ٻن ڳالهين جو زور آڻيندو رهان ٿو جيڪي تعليم، نوڪري يا گهمڻ لاءِ وڃن ٿا. هڪ ته هو گهر کان نڪرڻ کان اڳ يعني پنهنجو ملڪ ڇڏڻ کان اڳ، جنهن شهر ڏي روانا ٿي رهيا آهن ان بابت اڳواٽ معلومات حاصل ڪن. مثال طور هو هفتي کن لاءِ ممبئي وڃي رهيا آهن ته هو ممبئي جي نڪ نقشي کان اڳ ئي واقف ٿي نڪرن ته اهو شهر ڪيڏو وڏو آهي.... ان جا ڪهڙا حصا آهن.... هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين ڪهڙي سواري موجود آهي. جيڪڏهن شهر ۾ ٽرين يا ٽرام هلي ٿي ته ان جون ڪهڙيون اسٽيشنون آهن .... توهان جي رهائش ڪهڙي علائقي ۾ ڪهڙي ٽرين اسٽيشن يا بس اسٽاپ وٽ ٿيندي .... ان علائقي ۾ پيدل ڏسڻ جهڙيون ڪهڙيون شيون آهن .... ان بعد ڀر وارن علائقن ۾ ڏسڻ جهڙيون ڪهڙيون جايون آهن ۽ ٿي سگهي ته انهن گهمڻ وارين جاين بابت ڪجهه تاريخي ڄاڻ وٺي نڪرجي. نه ته ٻي صورت ۾ توهان جو اڌ ٽائيم نيرن کائي ان سوچ ۾ گذري ويندو ته اڄ ڪيڏانهن نڪرجي ۽ اتي ڪيئن پهچجي. جيڪڏهن ڪنهن اداري طرفان يا هوٽل طرفان گائيڊ توهان کي ڪنهن تاريخي جاءِ - مسجد، مندر، پارڪ وغيره ۾ وٺي اچي ٿو ته ان جي تاريخ جي اڳواٽ ڄاڻ هجڻ به ضروري آهي نه ته اها عمارت توهان کي هڪ عام عمارت لڳندي ۽ توهان کي ڪو مزو نه ايندو.
    ٻي ڳالهه ته جيڪو ماڻهو ٻن سالن کان مٿي ڪنهن ملڪ ۾ تعليم، نوڪري يا بزنيس لاءِ وڃي ٿو اهو اتي پهچي يڪدم ان ملڪ جي ٻولي سکي. ائين ڪرڻ سان ڌارئين ملڪ ۾ هن جي زندگي آسان گذري ٿي ۽ جي هو فئمليءَ سان گڏ ٻاهر رهي ٿو ته هن جي زال ۽ ٻارن کي ته اڃان به جلد سکڻ کپي. خاص ڪري زال کي، ٻار ته پاڙي جي ٻارن سان ملي هونئن ئي سکيو وڃن. بهرحال انهن لاءِ توڙي هفتي ٻن لاءِ وڃڻ واري لاءِ ضروري آهي ته ان ملڪ جي ٻوليءَ جا ڪجهه اهم لفظ گهران ئي ياد ڪري نڪري. اها ننڍڙي تڪليف ڌارئين ملڪ ۾ هن لاءِ وڏي ڪار آمد ثابت ٿي سگهي ٿي.
    هتي جيئن ته سڀ ڪجهه جپان بابت لکي رهيو آهيان ان ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ جپان ۾ اچڻ کان اڳ جپاني ٻوليءَ جا ڪجهه لفظ ياد ڪرڻ لاءِ هتي لکندس. آئون اهو نٿو چوان ته انهن کان علاوه ٻيا به اهم يا ضروري لفظ نه آهن پر جي ڪو هي لفظ به ياد ڪري ته هن جو ڌارئين ملڪ (جپان) ۾ رهڻ آسان ٿي پوندو ۽ پوءِ هو آهستي آهستي وڌيڪ لفظ به ياد ڪندو وڃي - جيڪڏهن هن کي هفتي ٻن کان وڌيڪ عرصو رهڻو آهي ته ۽ جيڪڏهن هو جپاني الف ب (ڪاٽاڪانا جا حروف) به ياد ڪري ٿو وٺي ته اڃان به هن لاءِ ۽ هن جي فئمليءَ لاءِ جپان ۾ رهڻ سولو ٿي پوندو. جپاني ٻولي 13 ڪروڙ ماڻهو ڳالهائين ٿا جن مان وڏو تعداد جپان ۾ ئي رهي ٿو باقي ڪروڙ اڌ جپاني برازيل ۾ رهن ٿا جن لاءِ آئون هڪ سفرنامي “برونائيءَ کان برازيل” ۾ لکي چڪو آهيان. ٻيا آمريڪا (USA) ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن، هوائي ۽ ڪوريا ۽ چين ۾ رهن ٿا. جپاني لکڻي چيني شڪلين ذريعي لکي وڃي ٿي جيڪا لکڻي ڪانجي سڏجي ٿي. ڪانجي اچارن موجب نٿي لکي وڃي پر هر شيءِ: اسم، ضمير، صفت، فعل وغيره لاءِ هڪ شڪل آهي جيڪا جپاني توڙي چينيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي ساڳي آهي. اها شڪل ڏسي چيني يا جپاني سمجهيو وڃي ته اها شڪل گهوڙي، اٺ، گڏهه جي لاءِ آهي يا سج لهڻ لاءِ، رات لاءِ آهي يا رُسي وڃڻ لاءِ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اها شڪل سمجهي چيني پنهنجي ٻوليءَ جو لفظ چوي ٿو ته جپاني پنهنجي ٻوليءَ جو! مثال طور هڪ شڪل آهي جيڪا سنڌيءَ ۾ اٺن جي انگ جهڙي آهي يا سمجهو ته ابتي V جهڙي آهي. اها شڪل ماڻهوءَ جي لاءِ استعمال ٿئي ٿي ۽ ان شڪل کي جپاني هِتو پڙهندو ۽ چيني جِن، ٻنهي لفظن جي معنيٰ ساڳي ٿي: هڪ ماڻهو.
    چيني ٻوليءَ جي لکڻي فقط شڪلين ۾ آهي پر جپانين اچارن واري الف ب به ايجاد ڪئي آهي هڪ هراگانا ۽ ٻي ڪاٽا ڪانا جن سان لکڻ سان اسان ڌاريان ماڻهو اهي لفظ اُچاري/ پڙهي سگهون ٿا. اهي گهڻو ڪري هرا گانا ۾ لکيا وڃن ٿا. پر ڌارين ٻولين (انگريزي، فرينچ وغيره) جا لفظ جيڪي جپانيءَ ۾ عام ٿي ويا آهن اهي اڪثر ڪاٽا ڪانا ۾ لکيا وڃن ٿا. جيئن مثال طور ڪا عمارت هوٽل آهي ته ان جي ٻاهران اسان ڌارين جي سهولت لاءِ ”ڪاٽا ڪانا“ ۾ “هوتيرو” لکيو وڃي ٿو جيڪا اسين آسانيءَ سان پڙهي سگهون ٿا. ان ڪري اسان جي ماڻهن کي کپي ته هو گهران ئي گهٽ ۾ گهٽ جپاني الفابيٽ ڪاٽا ڪانا ياد ڪري نڪري. اها ڳالهه مون جپان ۾ پهريون دفعو پهچڻ تي ئي محسوس ڪئي ۽ ٻئي دفعي جڏهن جهاز ڪراچيءَ کان ٽوڪيو ڏي اچي رهيو هو ته رستي جا ڏهه ئي ڏينهن آئون ڪاٽا ڪانا (الف بي) ياد ڪندو رهيس. پوءِ جپان جا شهر گهمڻ دوران هر ڪو مون کان پڇندو رهيو ٿي ته “مني چئنجر” جو دڪان ڪٿي لکيل آهي؟ ٽئڪسي اسٽئنڊ يا ڊراءِ ڪلين شاپ ڪٿي آهي؟..... ڇو جو ان قسم جون شيون اسان ڌارين لاءِ ڪاٽا ڪانا ۾ لکيل آهن. جپاني الف ب ياد ڪرڻ واري کي اها صلاح ڏيندس ته هو هڪ هڪ اکر کي لکڻ جي به پرئڪٽس ڪري ۽ انهن اکرن ذريعي پنهجا ۽ ٻين جا نالا پڻ لکڻ جي پرئڪٽس ڪري. ائين ڪرڻ سان هو ڪاٽا ڪانا ۾ لکيل هر شيءِ پري کان پڙهي ويندو.
    باقي جپاني ماڻهن لاءِ شڪلين واري ڪانجي سکڻ وڏو مشڪل ڪم ٿئي ٿو. اٺين نائين ڪلاس تائين هڪ جپاني ٻار کي گهٽ ۾ گهٽ پنج ڇهه هزار شڪليون (Characters) ياد ڪرڻيون پون ٿيون. توهان چوندائو ته ڪانجيءَ مان ڇا فائدو؟ ڪاٽا ڪانا سان به ته ڪم هلي سگهي ٿو جيئن انگريزيءَ جي 26 اکرن مان يا سنڌيءَ جي 52 اکرن مان. اها ڳالهه صحيح آهي پر ڪجهه ڪانجيءَ جا به فائدا آهن. مثال طور اسان وٽ هڪ لفظ “وٽ” ڏسي خبر ئي نٿي پوي ته اهو ڪهڙو لفظ آهي؟ وَٽِ (ڏيئي جي وٽ)، وَٽُ (پيٽ ۾ وٽ پوڻ) وٽ (هن وٽ)، وٽ (وٽڻ- وٽ کي وٽ ڏئي وٽ) وغيره. پر ڪانجي ۾ هر ساڳي اچار جو مطلب موجب ڪئريڪٽر (شڪل) آهي.
    بهرحال پاڻ هتي ڪجهه ضروري جپاني لفظن جو ذڪر ڪريون جيڪي جيڪڏهن توهان جپان وڃي رهيا آهيو ته ضرور ياد ڪريو.
    سڀ کان پهرين ايمرجنسي ۾ ڪم اچڻ وارا لفظ! اسان جي ناناڻي آڪهه جي هڪ ڇوڪري ٽن سالن جي هئي ته هن جي پيءُ هن کي ڪوهه مري پاسي هڪ ڪانوينٽ اسڪول ۾ داخل ڪيو جنهن کي بورڊنگ هاسٽل به هئي. اها هينئر جي ڳالهه ناهي پر پاڪستان ٿيڻ کان به ٻه سال اڳ جي آهي. هوءَ مون کان ٻه سال وڏي آهي. سندس مڙس مشهور سرجن ۽ ميڊيڪل ڪاليج جو پروفيسر ٿيو ۽ اڄ سندس پٽ ان ڪاليج (يونيورسٽي) ۾ پڙهائي ٿو. هڪ ڏينهن مون کيس چيو ته ان دور ۾ جتي اسان جا سنڌي مرد به حيدرآباد کان ڪراچي يا سکر تائين ويندي آر محسوس ڪندا هئا اتي توکي شاباس هجي جو پڙهڻ لاءِ ايڏو پري هلي وئينءَ ۽ ان عمر ۾ توکي ته سنڌي اردو به پوري نٿي آئي، اتي انگريزن جي اسڪول ۾ هر ڳالهه کي منهن ڏيڻ واقعي وڏي ڳالهه چئبي. مون هن کان اهو پڇيو ته اهو ڪهڙو انگريزيءَ جو پهريون لفظ هو جيڪو توکي اتي سيکاريو ويو؟ هن ٻڌايو ته “هاسٽل جي وارڊن جنهن منهنجي سنڀال ٿي ڪئي تنهن منهنجي پهچڻ تي مونکي يڪدم ’ٽئاليٽ‘ لفظ ياد ڪرايو”.
    بلڪل صحيح آهي. اڄ به ڪنهن جو ڌارئين ملڪ ۾ وڃڻ ٿئي ۽ هو اتي جي ٻوليءَ کان اڻ واقف آهي ته هن کي يڪدم ٽوائليٽ جي معنيٰ معلوم ڪرڻ کپي. پر جي ڪڏهن توهان ٻار نه پر وڏا آهيو ته توهان کي کپي ته جتي به وڃو ته معلوم ڪريو ته اهو ڪٿي آهي. جپان ۾ ٽوائليٽ جي سهولت نه فقط هر اسڪول، ڪاليج، هاسٽل ۾ آهي پر ريلوي اسٽيشن ۽ بس ۾ به آهي. هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين ريل گاڏين ۽ بسن ۾ به آهي. ٽوائليٽ (Toilet) لاءِ جپاني لفظ ان سان ملندڙ “توئاري” (Toire) آهي. بس سمجهو ته انگريزي لفظ ٽوائليٽ جو آخري اکر T نه اچاريندائو ته جپاني سمجهي ويندا ۽ توهان جي رهنمائي ڪندا. ڏينهن ٻن ۾ اهو لفظ چڱيءَ طرح سمجهي ۽ سکي ڇڏجي اهو پڻ ته هتي جي درن جا ڪنڍا ڪڙا ڪيئن ٿا ٿين. خاص ڪري ريل گاڏين جي ٽوائليٽن جا ۽ ڪموڊ جا ڪهڙا بٽڻ ڪهڙي ڪم لاءِ آهن. ٿي سگهي ٿو توهان کي ڪنهن جپاني فئمليءَ سان گڏ گهر ۾ رهڻو پوي جتي اڄ ڪلهه Toto ڪمپنيءَ جا هاءِ فاءِ ڪموڊ استعمال ٿين ٿا ۽ ڪيترين آفيسن ۾ پڻ ان قسم جا ڪموڊ آهن جن جي پاسي کان لڳل رموٽ جي بٽڻ کي دٻائڻ سان پاڻيءَ جي ڌار جسم کي صاف ڪري ٿي، ٻئي بٽڻ سان شئنڪ هلي ٿو ۽ ڪموڊ صاف ٿيو وڃي. اهڙي طرح هڪ ٻئي بٽڻ کي دٻائڻ سان جسم کي خشڪ ڪرڻ لاءِ هوا نڪري ٿي.... ويندي هڪ بٽڻ کي دٻائڻ سان ميوزڪ به هلي ٿي جيڪا دراصل توهان جي ٻڌڻ لاءِ نه پر ٻاهر ويٺلن لاءِ ٿئي ٿي. ڇو جو جپان جي گهرن ۽ آفيسن جون ڀتيون تمام سنهيون، خاص ڪري دفتريءَ جون ٿين ٿيون ۽ اها ميوزڪ ان ڪري آهي ته جيئن توهان جو آواز ٻاهرن تائين نه پهچي. اهڙن ٽوائليٽن ۽ ڪموڊن بابت تفصيلي احوال جپان جي گذريل سفرنامي “ڳوٺ جروار کان جپان” ۾ ڏئي چڪو آهيان.
    اهڙي طرح باٿ روم لاءِ جپاني لفظ آهي “تيرائي” ۽ ڪنهن کي مدد لاءِ سڏڻو پوي ته رڙ ڪجي Tasukete (تاس ڪيتي) جيئن پاڻ چئون ٿا “بچايو بچايو” يا انگريزيءَ ۾ Help Help..... ٿي سگهي ٿو ڪو توهان جي مدد لاءِ پهچي وڃي.
    ايگو (Eigo) لفظ ياد ڪرڻ به ضروري آهي جنهن جي معنيٰ آهي انگريزي (انگلش). توهان لاءِ ڪيترا دفعا اهو پڇڻ ضروري ٿيو پوي ته ڪنهن کي انگريزي ايندي هجي ته توهان جي مدد ڪري. جيتوڻيڪ سڀ جپاني اسڪول ۾ انگريزي به سکن ٿا پر ورلي ڪو ڳالهائي سگهي ٿو ۽ جيڪي ڳالهائي سگهن ٿا انهن ۾ ڪيترا انگريزي ڳالهائڻ ۾ شرم محسوس ڪن ٿا. پر ٿي سگهي ٿو ڪو نه ڪو اهڙو نڪري پوي جو توهان جي مدد ڪري. هونئن ته ايترو چوڻ (Eigo) ڪافي آهي. اڳلو سمجهي ويندو ته هي ڌاريون ماڻهو انگريزيءَ ۾ ڪجهه پڇڻ يا ٻڌڻ چاهي ٿو. پر توهان چاهيو ته ان سان گڏ فعل “وڪاري ماس” به هڻي سگهو ٿا. يعني توهان اڳلي کان اهو پڇي سگهو ٿا ته هن کي انگريزي اچي ٿي؟ وڪاريماس Wakarimasu معنيٰ سمجهه ۾ اچي ٿي ۽ ان جي آخر ۾ “ڪا” هڻڻ سان جملو سوالي ٿئي ٿو، جيئن ته: ايگوگا وڪاريماسڪا معنيٰ “ڇا انگريزي اچي ٿي؟” ۽ فعل سان ماسين هڻڻ سان انڪار ۾ مطلب ٿئي ٿو. “وڪاري ماسين” معنيٰ سمجهه ۾ نٿي اچي. بهرحال توهان فقط بنيادي لفظ Wakaru وڪارو چوندائو تڏهن به اڳلو سمجهي ويندو. پر ساڳي وقت وڪاريماسين (Wakarimasen) لفظ ياد رکڻ ضروري آهي جو جپان اهڙو ملڪ آهي جتي سندن توڙي ڌاريان رهندڙ هڪ ٻئي سان جپاني ڳالهائين ٿا. سو اهڙي ماحول ۾ ڪو جپاني توهان سان ڦڙڦڙ جپانيءَ ۾ ڪا ڳالهه ڪري وڃي ته توهان هن کي “وڪاريماسين” چئي سگهو ٿا. ڪو وڏو يا ٻار توهان کي اجايو تنگ پيو ڪري ته توهان هن کي ياميتي (Yamete) چئي سگهو ٿا يعني بس ڪر (Stop it).
    ڪپڙن کي جپانيءَ ۾ فُوڪُو (Fuku) سڏين ٿا. توهان لاءِ اهو لفظ به ياد ڪرڻ ضروري آهي. جپاني گهرن ۾ ننڍڙو ٽوائليٽ ته هوندو پر باٿ روم لاءِ اڪثر گهٽيءَ جي عام باٿ روم يا پبلڪ باٿ ۾ وڃڻو پوي ٿو. يا ڪنهن چشمي (Onsen) ۾ وهنجڻ وڃن ٿا. جپان ۾ ڪيترن هنڌن تي گرم پاڻيءَ جا چشما آهن جن ۾ وهنجڻ سان چمڙيءَ جون مختلف بيماريون ڇڏيو وڃن. وهنجڻ دوران توهان جا ڪپڙا، چشمي جو انچارج کڻي ڪنهن سولي هنڌ تي يا لاڪر ۾ رکي ٿو. سو توهان وهنجڻ بعد ٽوال ٻڌي هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ بدران “فوڪو” چوڻ تي ميزبان توهان جي مدد ڪري سگهن ٿا.
    شِنِيسو (Shinisou) لڳي ٿو مران ٿو.
    گهڻي تڪليف ۾ توهان ٻين کي خبردار ڪري سگهو ٿا.
    ڪيئيساتسو (Keisatsu) پوليس
    جپان ۾ پوليس توهان جي هر قسم جي مدد ۽ رهنمائي ڪري سگهي ٿي.
    اَبونائي (Abunai) خطرناڪ، توهان کي ڪيترن ئي هنڌن تي ابونائي لکيل نظر ايندو. اتان لنگهندي توهان کي خبردار رهڻ کپي.
    ڪِي ڪين (Kiken) خطرو. ابونائي وانگر هي لفظ به خبردار رهڻ جو آهي. ٿي سگهي ته هنن لفظن جي ڪانجي (شڪل) ياد ڪري ڇڏجي. ٿي سگهي ٿو ڪا لفٽ خراب هجي ان جي ٻاهران ڪانجيءَ ۾ “ابونائي” يا “ڪي ڪين” لکيل هجي.
    ڪجهه اهڙا لفظ جيڪي ڪجهه پڇڻ لاءِ ڪم اچن ٿا.....
    • دوشتا (Doushita) ڇا ٿيو What Happened
    • دوشتي (Doushite) ڇو
    • ناني (nani) ڇا
    • جِيڪان (jikan) وقت
    • داري (Dare) ڪير
    • اتسو (Itsu) ڪڏهن
    • ڊوڪو (Doku) ڪٿي
    ”توهان اسٽوڊنٽ جي حيثيت ۾ جپان آيا آهيو يا ڪنهن ڪمپني ۾ ملازم جي حيثيت ۾“ ته توهان لاءِ جپانيءَ جا هي لفظ ياد رکڻ ضروري آهن:
    • سين سيئي (Sensei) ٽيچر
    • گاڪوسيئي (Gakusei) شاگرد
    • ڪائي شيئن (Kaishain) ملازم- ايمپلائي
    • هِتو (Hito) ماڻهو Person
    • وتاشي (Watashi) آئون
    • اناتا (Anata) تون/ توهان
    ڪجهه جاين جا نالا جيڪي ياد رکڻ ضروري سمجهان ٿو.
    • هوتيرو (Hotel) هوٽل
    جپاني لفظ هوتيرو انگريزي لفظ هوٽل مان ٺهيو آهي. جپان ۾ هوٽلون هڪ ڏيڍ صدي اڳ ٺهيون آهن نه ته اسان وانگر جپان ۾ مسافرن جي رهڻ لاءِ مسافر خانا هئا جن جو رواج اڄ به آهي ۽ اهي رِيوڪان سڏجن ٿا. بهرحال توهان کي ڪيترائي لفظ انگريزيءَ جا ملندا جن ۾ ٿوري گهڻي ڦيرڦار ڪري انهن کي جپاني بنايو ويو آهي جيئن اسان وٽ انگريزي لفظ ”اسٽيشن“ سنڌيءَ ۾ ٽيشڻ ٿي ويو آهي. يا ڊم (ڊرم).
    اهڙي طرح آمريڪن ”هاٽ ڊاگ“ جپان ۾ هاتو ڊاگو (Hottudoggu) سڏجي ٿو. بيس بال (بيسوبارو)، ٽئڪسي (تاڪوشي)، ريسٽورنٽ (ريسُو توران Resutoran)، سپر مارڪيٽ (سُوپا Suupaa)، آئيسو ڪُو ريمو (Aisu Kurimu) آئيس ڪريم، فائينارو (Fainaru) فائينل، جوسو، (Jusu) جوس، مِيرُوڪو (Miruku) ملڪ، تيريبي: TV وغيره.
    • ڪُوڪو او (Kuukou) ايئرپورٽ .... ۽ توهان کي ايئر پورٽ، هوٽل يا ڪنهن ٻي جاءِ جو پڇڻو آهي ته ڪٿي آهي ته ان جي پويان “ڊوڪو” هڻو.
    • اِڪي (Eki) اسٽيشن ان جي اڳيان ڪنهن به اسٽيشن جو نالو هڻو، جيئن ته “ٽوڪيو اِڪي” معني ٽوڪيو اسٽيشن.
    • نهان/ نپان (Nihon/Nippon) معنيٰ جپان.
    • دائي گاڪُو (Daigaku) ڪاليج
    • هان يا (Hon, ya) ڪتابن جو دڪان
    • منگا ڪِسا (Manga Kissa) منگا ڪيفي
    منگا معنيٰ ڪامڪ يا ڪارٽونن جا ڪتاب. ڪيسا (Kissa) لفظ ڪساتين (Kissaten) جو شارٽ فارم آهي جنهن جي معنيٰ ڪيفي يا ڪيفي ٽيريا آهي. منگاڪسا (ڪيفي) ۾ ماڻهو منگا (ڪامڪس) پڙهڻ اچن ٿا. اتي نيٽ (Netto) جي پڻ سهولت ٿئي ٿي. ان کان علاوه وڊيو گيمس، ٽي وي، وينڊنگ مشين جي به سهولت ميسر ٿئي ٿي. هڪ ڪلاڪ وهڻ جي مسواڙ 400 کن يين (يعني 400 روپيا) ٿئي ٿي. ڪن منگا ڪسا (ڪيفين) ۾ رات گذارڻ لاءِ ننڍڙا ڪمرا به ٿين ٿا جنهن جي رات جي مسواڙ 1500 يين ٿين.
    • تاڪوشي (Takushi) ٽئڪسي
    ڪجهه کائڻ لاءِ يا ڪا کائڻ جي شيءِ خريد ڪرڻ لاءِ توهان ڪنهن جپانيءَ کي اهو چئي سگهو ٿا ته:
    • اوناڪا سُوئيتا (Onaka Suita) مون کي بک لڳي آهي.
    تابيماس (Tabemasu) کائڻ. ڪو ڪا شيءِ ڏيکاري پڇي ته ان کي تابي ماس چئي سگهجي ٿو. جيئن ته سوشي تابي ماس. آئون سوشي کان ٿو. سوشي معنيٰ ڪچي مڇي.
    يا توهان چئي سگهو ٿا: نيڪو تابي ماسين، معنيٰ آئون گوشت نه کائيندو آهيان.
    • اهڙي طرح نومي ماس Nomi masu معنيٰ پيئڻ ۽ نومي ماسين (Nomi masen) معنيٰ نه پيئڻ. بيئر نومي ماسين معنيٰ آئون بيئر نٿو پيئان.
    • ميزو (Mizu) پاڻي
    • نومي مونو (Nomi mono) ڪا به پيئڻ جي شيءِ، ڊرنڪ
    • تابي مونو (Tabemono) ڪا به کائڻ جي شيءِ.
    سٺي اخلاق ڏيکارڻ لاءِ هميشه “اريگاتو گوزائي ماس” (مهرباني) چئجي.
    • سمي ماسين (Sumimasen) ايڪسڪيوز مي.
    ڪنهن مشغول گهٽيءَ ۾ ٻين کان اڳ نڪرڻ تي هنن کي سمي ماسين چئجي.
    • پر جي ڪنهن کي توهان جو ڪلهو يا ٿڏو لڳي وڃي ته يڪدم گومين ناسائي (Gomennasai) چئجي معنيٰ ساري. معاف ڪجو.
    • ڪنهن وٽ ماني کائڻ مهل پهرين اتاداڪي ماس (Itadakimasu) چئي پوءِ کائڻ شروع ڪجي.
    • جپان ۾ صبح، منجهند ۽ شام جي سلام لاءِ جپاني لفظ آهن: اوهيو گوذائي ماس، ڪونيچيوا ۽ ڪون بان وا.
    • اهڙي طرح موڪلائڻ مهل چئي سگهجي ٿو ديوا ماتا (Dewamata) معنيٰ وري ملنداسين See you later.
    • ماتا آشتا (Mata Ashita) سڀان ملنداسين
    • سايو نارا (Sayounara) گڊباءِ
    • ڪجهه ڪارآمد فعل جيڪي ضرور ياد رکجن: اڪي ماس Ikimasu وڃڻ To Go..... توڪيو اڪي اڪيماس: ٽوڪيو اسٽيشن وڃان ٿو.
    • تابي ماس Tabemasu کائڻ
    • شيماس Shimasu) ڪرڻ To Do ٽينس شماس معنيٰ ٽينس کيڏان ٿو.
    • ميماس (Mimasu) ڏسڻ
    • ڪائيماس (Kaimasu) خريد ڪرڻ
    • ماچيماس (Machimasu) انتظار ڪرڻ
    • ڪاڪِيماس (Kakimasu) لکڻ
    ڪنهن کان ائڊريس پڇجي ۽ هن کي ڪاڪِي ماس چوڻ تي هو توهان کي لکي به ڏيندو.
    • اوشي ماس (Oshimasu) پاڙهڻ
    • ايگو اوشيماس: آئون انگريزي پڙهايان ٿو.
    • هَناشي ماس (Hanashimasu): ڳالهائڻ To Speak ڪنهن کي “ايگو هناشي ماس” چوڻ تي هو سمجهي ويندو ته توهان ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جو پڇي رهيا آهيو جيڪو انگريزي ڳالهائي سگهي.
    ڪجهه صفتون..
    فعلن وانگر صفتون به ڪمائتيون آهن. اهي پڇيل شين جو تفصيل ٻڌائين ٿيون.
    • اتاراشي ئي (Atarashi i) نئين New
    • اريشي ئي (Ureshi i) خوش
    • دائيجوبُو (Daijoubu) ٺيڪ آهيان. هلندي توهان ڪري پئو. ڪو توهان جو حال پڇي ته ڪيئن آهيو ته توهان هن کي ٻڌائي سگهو ٿا ته “دائي جوبو”
    • تَڪائي (Takai) مهانگو، ڊگهو پڻ
    • اوڪي ئي (Ooki i) وڏو
    • چيزائي (Chiisai) ننڍو
    • چيڪائي (Chikai) ويجهو
    • توئي (Tooi) پري
    • وَرو ئي (Warui) خراب
    • يوئي (yoi) سٺو.


    جپاني الفابيٽ ”ڪاٽاڪانا“
    ア a イ i ウ u エ e オ o
    カ ka キ ki ク ku ケ ke コ ko
    ガ ga ギ gi グ gu ゲ ge ゴ go
    サ sa シ shi ス su セ se ソ so
    ザ za ジ ji ズ zu ゼ ze ゾ zo
    タ ta チ chi ツ tsu テ te ト to
    ダ da ヂ ji ヅ zu デ de ド do
    ナ na ニ ni ヌ nu ネ ne ノ no
    ハ ha ヒ hi フ fu ヘ he ホ ho
    バ ba ビ bi ブ bu ベ be ボ bo
    パ pa ピ pi プ pu ペ pe ポ po
    マ ma ミ mi ム mu メ me モ mo
    ヤ ya ユ yu ヨ yo
    ラ ra リ ri ル ru レ re ロ ro
    ワ wa ヲ wo ン n/m


    جپان جي سفرنامي جو مقصد

    جپان بابت لکي رهيو آهيان ان ڪري نه ته ڪو توهان کي جپان گهمڻ لاءِ مشورو پيو ڏيان ته اٿو، هلي جپان گهمو! ڇا جپان ضرور گهمڻ کپي.....؟ هرگز نه! چاهي جپان گهمڻ جهڙو ملڪ آهي پر اسان جي ماڻهن لاءِ هرگز نه. اهڙي ڪهڙي خاص شيءِ جپان ۾ آهي جنهن کي ڏسڻ بنا ماڻهو رهي نٿو سگهي. اڄ ڪلهه ته جتي ڪٿي، ويندي اسان جي ملڪ ۾ هڪ کان هڪ مال، شاپنگ سينٽر ۽ سپر مارڪيٽون آهن ۽ جيڪا شيءِ اڳ ۾ ولايت مان سستي وٺي اچبي هئي ان کان وڌيڪ شيون ڦلن مٺ ۾ اسانجي آچر بازارين ۾ پيون ملن. جپان جهڙا نظارا، سمنڊ، درياهه ڍنڍون، جنگل ته اسان جي به ملڪ ۾ آهن. ٺيڪ آهي ڪي ڪي شيون جپان ۾ ضرور ڏسڻ جهڙيون آهن پر اهي اهڙيون به نه آهن جن کي ڏسڻ لاءِ جپان وڃجي. هروڀرو ٻاهر نڪرڻو آهي، سفر ڪرڻو آهي ته سريلنڪا، ايران، انڊيا، ترڪي، ازبڪستان، ٿائلينڊ، ملائيشيا يا انڊونيشيا مان ٿي اچجي. جپان اسان لاءِ نه فقط ڏورانهون ملڪ آهي پر مهانگو ترين ملڪ آهي جتي پهچڻ جو هوائي جهاز جو ڀاڙو ته گهڻو ٿو ٿئي پر لوڪل بسين، ٽرامن ۽ ٽئڪسين جو ڀاڙو به تمام ڳرو آهي. ٽوڪيو جهڙي شهر ۾ جهڙي تهڙي ٿِري اسٽار هوٽل جي روز جي مسواڙ به ٽيهه هزار رپين کان گهٽ ناهي. جتي پاڻيءَ جي ننڍي بوتل به 200 رپين جي آهي. ٽڪسيءَ جو ته اسان ماڻهو سوچي نٿا سگهون پر بس جو ڀاڙو به پنڌ هلي بچائڻ تي دل چوي ٿي. اهڙين حالتن ۾ ڪو چوي ته هو پنهنجي خرچ تي جپان گهمڻ ٿو وڃي ته معنيٰ هو بيوقوف آهي يا تمام گهڻو پئسو اٿس جيڪو هن محنت ڪري نه ڪمايو آهي. 1960ع واري ڏهاڪي تائين به جپان غريب نواز ملڪ هو ۽ اسان کي سستو لڳو ٿي. 1970ع تائين به هڪ ڊالر ۾ 400 يين مليا ٿي ۽ ڊالر اسان کي آفيشلي چئين رپئي مليو ٿي يعني هڪ رپئي ۾ 100 يين مليا ٿي، اسان جهاز تي جونيئر آفيسر هوندي به ٽوڪيو، اوساڪا، هيروشيما ۾ ٽئڪسيءَ ۾ سفر ڪندا هئاسين. پاڻ پوءِ چيف انجنيئر ٿيس ته پگهار ته وڌيو پر اسان جي رپئي جي قيمت ايتري ڪرندي رهي جو فئمليءَ سان به ٽئڪسي ۾ چڙهڻ مهانگو ٿي لڳو ۽ بس ۾ سفر ڪرڻو پيو ٿي. اهو به شڪر جو جهاز تي رهائش ۽ کاڌو پيتو مفت هو ۽ هاڻ ته هڪ رپئي ۾ 100 يين نه پر فقط هڪ يين ملي ٿو. سو اهڙي مهانگي ملڪ ۾ چار ڏينهن گذارڻ بدران ايتري خرچ ۾ چاليهه ڏينهن اوسي پاسي جي ملڪن ۾ ڇو نه گذارجن؟
    سو هي سفرنامو ڪنهن جو سُک ڦٽائڻ لاءِ نه لکيو اٿم ته هو جپان گهمڻ لاءِ اٿي کڙو ٿئي ۽ گهر ٻاري ڏياري ڪري. هي سفرنامو انهن شاگردن لاءِ آهي جيڪي تعليم لاءِ جپان وڃن ٿا ۽ جن کي اسڪالرشپ ملي آهي، انهن لاءِ آهي جن کي جپان ۾ نوڪري آهي، انهن لاءِ آهي جن جا ٻار جپان ۾ نوڪري ڪن ٿا جن پنهنجي والدين يا ڀائر ڀينرن کي پاڻ وٽ جپان گهمائڻ ۽ ساڻن ملڻ لاءِ گهرايو آهي، انهن لاءِ آهي جيڪي هوائي جهازن ۽ پاڻي جي جهازن تي نوڪري ڪن ٿا جن جا جهاز جپان جي شهرن ۾ ايندا رهن ٿا، هي سفرنامو انهن لاءِ لکيو آهي جيڪي اسان جي يا جپاني حڪومت جي دعوت تي مهيني اڌ لاءِ جپان ۾ ڪا ڪانفرنس يا سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ پهچن ٿا ۽ آخر ۾ انهن لاءِ آهي جيڪي گهر ۾ ويٺي ويٺي ٻاهر جي دنيا جي معلومات رکڻ چاهين ٿا ته ٻين ملڪن جي زندگي ڪيئن آهي ۽ ڇا پيو وهي واپري، جيئن سڀاڻي سندن ٻارن کي ان ملڪ ۾ ڪا نوڪري ملي وڃي يا وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالر ملي وڃي ته هو ان بابت فيصلو ڪري سگهن ۽ گهر ويٺي محسوس ڪري سگهن ته هنن جا ٻار ڪهڙي ماحول ۽ معاشري ۾ زندگي گذاري سگهندا.
    هڪ ٻي ڳالهه! هتي جپان جي مختلف شهرن جو احوال ڏنو اٿم. اسانجي ملڪ جا ماڻهو جيڪي جپان ۾ رهن ٿا انهن کي به اهو نه چوندس ته اهي شيون جيڪي مون ڏٺيون يا جتي جتي ڏٺيون انهن شهرن ڏي هليا وڃو. هرگز نه. ڇو جو جپان ۾ هڪ شهر کان ٻئي تائين ٽرين يا ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو تمام ڳرو آهي.... مثال طور هيروشيما کان ٽوڪيو بليٽ ٽرين جو ڀاڙو ڪراچي کان جدي هوائي جهاز جي ڀاڙي کان گهڻو آهي ۽ ويتر جي رات ٻئي شهر ۾ گذارڻي پئجي وڃي ته وڏو خرچ ٿيو وڃي. اسان ته هئاسين جهاز ۾ سو ڪڏهن ڪيڏانهن پئي رلياسين ته ڪڏهن ڪيڏانهن. پر هڪ شاگرد يا نوڪري ڪندڙ کي کپي ته پنهنجي خرچ تي پري پري جي شهرن ۾ نه وڃي. يونيورسٽي طرفان ٽرپ ٿي لڳي يا نوڪري واري ڪمپني طرفان فيلڊ ورڪ ٿو ملي ته پوءِ ضرور وڃي نه ته پنهنجي خرچ تي هو ٽوڪيو ۾ آهي ته اتي ئي رهي ۽ ٽوڪيو ئي گهمندو رهي جيتوڻيڪ ٽوڪيو جي صدر، ڪلفٽن، ناظم آباد، ماريپور، ملير جهڙن مختلف علائقن: گنزا، شيبويا، روپنگي، اودائي با، اڪيهابارا، اساڪوسا، هراجوڪو وغيره وغيره پهچڻ لاءِ به بس يا سب وي ٽرين تي وڏو ڀاڙو لڳي ٿو: بهرحال هو وري به پنهنجي شهر کي گهمڻ افورڊ ڪري سگهي ٿو يا وڌ ۾ وڌ انهن شهرن ڏي وڃي سگهي ٿو جيڪي راولپنڊي اسلام آباد، ڪوٽڙي حيدرآباد يا سکر روهڙيءَ وانگر ڳنڍيا پيا آهن. جيئن ته ٽوڪيو، چيبا، يوڪوهاما، يا شمونوسيڪي ۽ موجي يا اوساڪا، ڪيوٽو ۽ ڪوبي وغيره. ٻي ڳالهه ته اتي رهندڙ اسانجا شاگرد يا نوڪريون ڪندڙ وقت سان گڏ ڪجهه سستين رهائش گاهن کان به واقف ٿيو وڃن جيئن ته ڪئپسول هوٽلون يا منگاڪسا جن ۾ ڳڙکين ۽ گول ڊمن جهڙا ڪمرا آهن. جن کي توهان قيدين جون کوليون به چئي سگهو ٿا. جن ۾ بيهي به نه سگهجي. پر سچ ته اهو آهي ته اهي سستا هوندي به ڪي اهڙا سستا نه آهن. خاص ڪري اسان جي شاگرد ۽ پورهيو ڪندڙ مزدور لاءِ ملائيشيا، انڊونيشيا، ٿائلينڊ، ويٽنام يا ايران جي ٻي ڳالهه آهي جو اتي جپان کان ڀاڙو ڀتو، کاڌو پيتو ۽ رهائش وري به سستي آهي. باقي جپان ۾ مون ڪيترا اهڙا به ماڻهو ڏٺا جيڪي ٽوڪيو، نگويا يا ناگاساڪيءَ ۾ آهن ته اتي ئي رهيا پيا آهن. ٻن سالن بعد موڪلن تي ڳوٺ اچن ٿا. هنن جي ڳالهه به صحيح آهي ته جپان ۾ ڳرا ڀاڙا ڀري هڪ شهر کان ٻيو شهر گهمڻ بدران پنهنجي ملڪ ٻارن سان اسلام آباد، ڪوهه مري، ڪوئيٽا وغيره ڇو نه گهمجي. جپان ايڏو مهانگو آهي جو اسان جو ورلي ڪو ماڻهو فئمليءَ سان رهي ٿو. ڇو جو جپان ۾ ٻارن جا اسڪول، ڪتاب، يونيفارم به ته ڪي سستا نه آهن. اڪيلي سر ته سنگل ڪمري ۾ به ٻئي سان ڀائيوار ٿي سگهجي ٿو. فئمليءَ سان رهڻ معنيٰ گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڪمرن جو ته فلئٽ هجي.... پيئڻ ته ڇا پر گهر ۾ هار وير جو پاڻي مهانگو، گئس مهانگي، بجلي مهانگي، ٽيليفون مهانگو، اهو ئي سبب آهي جو جياپي لاءِ جپاني سڄو ڏينهن سخت پورهيو ڪن ٿا تڏهن ٿو گهر هلين. ۽ ههڙن ملڪن ۾ گهمڻ لاءِ اچڻ معنا پنهنجي ڀينگ ڪرائڻ آهي.


    جپان جا مختلف علائقا ۽ مشهور جايون

    شروع شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته جپان چئن وڏن ٻيٽن تي مشتمل آهي. ننڍا ننڍا ته هزارين آهن جيئن فلپين ۽ انڊونيشيا جا آهن. هندي وڏو سمنڊ اڪري ملاڪا اسٽرئٽ (ڳچي سمنڊ) ۾ داخل ٿو ٿجي ته جپان تائين اوسي پاسي کان لنگهندڙ ٻيڙين کان ايترو خبردار نٿو ٿيڻو پوي جيترو هنن هزارها ٻيٽن کان، جن مان ڪي ڏينهن ۾ ٻه دفعا وير چڙهڻ تي پاڻيءَ اندر هليا وڃن، ڪي ايڏا ننڍا آهن جن کي پري کان اکين سان ڏسڻ ناممڪن ڳالهه آهي. نقشي ۾ هڪ هڪ کي ڏسي پوءِ رڊار ۾ ڳولڻو پوي ٿو ۽ پنهنجي جهاز کي انهن مٿان چڙهي وڃڻ کان بچائڻو پوي ٿو. پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته هنن بندرگاهن توڙي سريلنڪا، مالديپ ۽ انڊامان ٻيٽن وٽ جيڪي ٻيڙيون هلنديون رهن ٿيون انهن کي اسان کان ڀڄي پاسو ڪرڻ کپي پر جي ڪنهن سان اسانجي جهاز جو ٽڪر ٿئي ٿو.... ٻيڙي ڀڄي پوي ٿي يا ٻڏي وڃي ٿي ته سورن ۾ جهاز هلائڻ وارو ڊيوٽي آفيسر پوي ٿو. ڪورٽ ڪچهريءَ ۾ ان کي ئي پيش ٿيڻو پوي ٿو ۽ جڏهن سمنڊ تي طوفان آهي، سمنڊ خراب آهي ته اهو ڪم اڃان به ڏکيو ٿيو پوي. هونءَ ڪوبه جهاز ٽڪر هڻي بچي نٿو سگهي جو اڄ ڪلهه ماڊرن ٽيڪنالاجي ذريعي هر جهاز جي چرپر رڪارڊ ٿيندي رهي ٿي. ٻيڙيءَ وارن کي فقط حادثي جو وقت ۽ جاءِ ياد رکڻي پوي ٿي ۽ خبر پئجيو وڃي ته ان وقت اتان ڪهڙو جهاز گذري رهيو هو ۽ ان وقت ان تي ڪنهن جي ڊيوٽي هئي. هونئنءَ ته هر جهاز جي پٺ تي ان جهاز جو نالو، جتي رجسٽرڊ ٿيل آهي ان شهر جو نالو ۽ ان ملڪ جو جهنڊو لڳل ٿئي ٿو.
    جپان اسان جي ملڪ پاڪستان يا ايران ۽ افغانستان وانگر One Piece ناهي پر هزارين ٻيٽن جو نالو آهي جن مان چار وڏا ٻيٽ آهن جيڪي هڪ ٻئي سان ڪيترين ئي پلين ۽ زمين دوز سرنگهن (Tunnels) ذريعي ڳنڍيل آهن جن جي هيٺان يا مٿان اسان جا جهاز لنگهندا رهن ٿا جيئن آمريڪا جي بندرگاهه نيو اورلينس ۾ پهچڻ لاءِ مسي سپي نديءَ تي ٺهيل پل هيٺان لنگهي وڃڻو پوي ٿو. يا جيئن هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون جي وچ ۾ موجود سمنڊ مان اسان جو جهاز لنگهندو رهي ٿو ۽ ان سمنڊ جي تري کان گهڻو هيٺ ٽنل ٺهيل آهي جيڪو هانگ ڪانگ ۽ ڪولون کي ڳنڍي ٿو ۽ ان ٽنل مان لاريون موٽرون هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ اينديون وينديون رهن ٿيون، نه ته شروع وارن سالن ۾، 1970ع واري ڏهاڪي تائين ماڻهو ۽ سندن سواريون فيرين ذريعي هانگ ڪانگ کان ڪولون يا ڪولون کان هانگ ڪانگ اينديون وينديون هيون.
    سو جپان ۾ چار وڏا ٻيٽ آهن: هوڪئدو، هونشو، شِڪاڪو ۽ ڪيوشو. اهي چارئي ٻيٽ جيڪي هاڻ مڪمل طرح هڪ ٻئي سان ڳنڍيا پيا آهن ۽ هڪ ڪنڊ کان ٻي تائين لاريون، بسون، ڪارون ۽ ريل گاڏيون پيون هلن 34 ننڍن ننڍن صوبن ۾ ورهايل آهن. جن مان ڪن ۾ اوسي پاسي ۾ پکڙيل ننڍڙا ٻيٽ به ملايا ويا آهن. انتظام صحيح طرح هلائڻ لاءِ جيئن انڊيا جو عربي سمنڊ پاسي وارو ٻيٽ ”لکديپ“ هندستان جي ڪيرالا رياست ۾ شامل ڪيو ويو آهي. يا جيئن انگريز راڄ ۾ سنگاپور ٻيٽ مدراس ۾ شامل هو ۽ عدن بندرگاهه بمبئيءَ ۾ هو، تيئن جپان جا اوسي پاسي وارا ٻيٽ وڏن شهرن سان ملايا ويا آهن.
    ڪيترا ماڻهو چوندا آهن ته جپاني هوموجينس قوم آهي. يعني هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين هو شڪل شبيهه، نڪ نقشي، رسم ۽ رواج، مذهب ۽ ٻولي، ثقافت ۽ ڪلچر ۾ هڪ ئي قوم آهي. جي ها. ڪنهن حد تائين ائين چئي به سگهو ٿا جو جپاني سالن جا سال پاڻ ۾ ئي رهيا، ٻين سان مِڪس نه ٿيا. اڄ به هو پاڻ ۾ رهن ٿا. وري ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ جي شادي ڪنهن ڌارئين سان ٿئي ٿي، جنهن کي هو پنهنجي ملڪ کان ڀڄايو ڇڏين يا هن کي پنهنجي رنگ ۾ رنگيو ڇڏين. سو اسان جهڙي ڌارئين کي جپاني هڪ ئي جنس لڳي ٿي. پر ڪجهه وقت رهڻ يا سالن جا سال هن ملڪ جا چڪر هڻڻ بعد خبر پئي ٿي ته هتي به اسان وانگر لاڙي ۽ اترادي وارو چڪر آهي جتي جو هر ماڻهو پاڻ کي اتم ته ٻئي کي ڍڳو سمجهي ٿو. هتي جپان ۾ نه فقط لاڙي ۽ اترادي آهن پر ڪوهستاني ۽ ٿري آهن جيڪي سدائين طوفانن ۽ زلزلن جي مصيبتن ۾ رهن ٿا. ڪو علائقو ڪارخانن ۽ فئڪٽرين سان ڀريل آهي ته ڪن جو سئو سيڪڙو گذر سفر مڇي مارڻ تي آهي. پوءِ ظاهر آهي هر علائقي جي ماڻهن جو پنهنجو کاڌو پيتو، پنهنجو مزاج رهي ٿو. ٻوليءَ ۾ به ڪجهه نه ڪجهه مختلف لفظن جي ملاوٽ ۽ لهجو رهي ٿو. ڪجهه سال رهڻ بعد توهان خود به محسوس ڪري سگهندائو ته هي همراه شيمونوسيڪي پاسي جو آهي جيڪو ڪوريا کي ويجهو آهي ۽ هي اشيڪاوا ۽ ناگانو پاسي جو آهي.
    سو جپان جتي 34 پريفيڪچرن (ننڍن صوبن) ۾ ورهايل آهي اتي سڄو جپان پنجن علائقن ۾ ورهايل آهي جيئن کڻي چئجي ته اسان وٽ ٿر، ڪوهستان، اتر، وچولو، لاڙ وغيره تيئن جپان جا پنج ڀاڱا آهن: توهوڪو، ڪانٽو، چُوبُو، ڪنسائي ۽ چُوگوڪُو. انهن پنجن علائقن مان ٻن جي خوب لڳي ٿي.... گهٽ ۾ گهٽ منهنجي اها آبزرويشن آهي. اهي ٻه علائقا آهن ڪانٽو (Kanto) ريجن ۽ ڪنسائي (Kansai) ريجن. ايتريقدر جو ڪانٽو واري علائقي جا ڇوڪرا ڪنسائي جي ڇوڪرين سان شادي ڪندي گريز ڪندا. چوندا انهن ۾ افعال ناهي. رڌپچاءُ به نٿو اچين. هر شيءِ تي مايونيز ۽ ڪيچ اپ هڻي ٿيون کائين. هوڏانهن ڪنسائيءَ جا ڇوڪرا ڪانٽو جي ڇوڪرين لاءِ چوندا ته گندي ڪپڙي (پهرڻ) جي فضيلت نه اٿن، ڳالهائڻ جون به تکر آهن.... وغيره وغيره. ڪيترن ڇوڪرن کي مڱڻو ڪري شادي کان انڪار ڪندي ڏٺم جڏهن هنن کي خبر پيئي ته ساڻن گڏ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ ڇوڪريءَ جو ٻي علائقي سان تعلق آهي. بهرحال هي ڳالهيون اڄ کان چاليهه پنجيتاليهه سال اڳ جون آهن يعني جپان اچڻ جي شروع وارن سالن جون آهن، جڏهن اسان به جوان هئاسين. جوانن سان گڏ هلندا هئاسين. گهمڻ ڦرڻ کان وڌيڪ پرائي پچار ۾ دلچسپي رکندا هئاسين. هاڻ ته سڄي دنيا تبديل ٿي وئي آهي. جپاني ڇوڪريون به ناول، ٽي وي، انٽرنيٽ ذريعي تيز ٿي ويون آهن. جپاني ته ڇا ملئي ڇوڪريون به آفتون ٿي پيون آهن جن لاءِ کڻي چئجي ته هاڻ هو ڏندين ڏاند آهن. اهي ڪاليج جا ڏينهن هئا جڏهن اسان لاڙين جا اترادين سان بحث هلندا هئا ته ڪير سٺا آهن ڪير ڪسا. هاڻ ته اسان جا سٺا دوست ظفر شيخ، ادل سومرو ۽ اياز گل جهڙا اترادي آهن ۽ عرفانا ملاح ۽ ربينا ابڙو جهڙين جون سٺيون ساهيڙيون حسينه مسرت، امر سنڌو، فريده پنهور ۽ رخسانا پريت جهڙيون لاڙي آهن.
    جپان جي ڪانٽو ريجن ۾ ٽوڪيو ميٽرو پوليس سميت ست پريفيڪچر آهن: چيبا، گنما، اباراڪي، ڪانا گاوا، سائتا ۽ ٽوچي گي.
    ڪنسائي ريجن ۾ به ست پريفيڪچر آهن: هيوگو، ڪيوٽو، مائي (Mie)، نارا، اوساڪا، شينگا ۽ وڪاياما.
    اسانجا پاڪستاني گهڻي ڀاڱي ڪانٽو (Kanto) ريجن ۾ رهن ٿا. يعني ٽوڪيو، چيبا يوڪوهاما پاسي، اسانجي PIA هوائي ڪمپنيءَ جي آفيس توڙي سفارتخانو به ٽوڪيو ۾ آهي. تعليم لاءِ ڪيترائي شاگرد ٽوڪيو ۾ اچن ٿا جتي تمام گهڻيون يونيورسٽيون آهن. بزنيس خاطر به ڪيترائي ماڻهو، خاص ڪري پنجاب پاسي جا ٽوڪيو جي آس پاس ۾ رهن ٿا جن جو گهڻو ڪري حلال گوشت ۽ ٻين شين جو ڪاروبار آهي جيڪو هو گهڻو ڪري برازيل کان گهرائين ٿا. ڪيتريون ئي تازيون ڀاڄيون پڻ ڏکڻ آمريڪا کان اچن ٿيون يا وري فلپين کان، خاص ڪري ڪيلو ۽ ان جهڙو ٻيو فروٽ جيڪو فلپين ۾ سٺي جنس جو ٿئي ٿو. برازيل کان گوشت ان ڪري اچي ٿو جو برازيل ۾ ڪيترائي جپاني رهن ٿا ۽ اتي رهندڙ اسان جي پاڪستانين سان انهن سان شادي ڪرڻ ڪري جپان ۾ اچڻ وڃڻ جي هنن سهوليت حاصل ڪئي آهي ڇو جو جپان ۾ رهندڙ جپاني ڇوڪريءَ سان اڄ ڪلهه شادي آسان ڪم ناهي. هو هاڻ هوشيار ٿي ويون آهن. هڪ پڙهيل ڳڙهيل سان ئي شاديءَ جو سوچين ٿيون. باقي اسان جو ڪاسائي طبقو ۽ ٻيو مزدور طبقو برازيل جي جپاني ڇوڪرين سان شادي ڪري ٿو جن جا وڏا غربت ڪري هارپي لاءِ برازيل پهتا هئا. ان جو تفصيل پنهنجي ڪتاب “برونائيءَ کان برازيل” ۾ ڪري چڪو آهيان.
    چيبا جو علائقو ٽوڪيو سان ائين ڳنڍيو پيو آهي جيئن راولپنڊي اسلام آباد ويندي ٽوڪيو جو ناريتا ايئر پورٽ چيبا ۾ آهي. چيبا ننڍڙو علائقو هجڻ جي باوجود منجهس ڪيتريون ئي يونيورسٽيون آهن جن ۾ اسان جا ڪيترائي شاگرد پڙهن ٿا. ٽوڪيو اڏام ۾ اڪثر ساڻن ملاقات ٿيندي آهي ۽ هو اڪثر اهو ئي چوندا آهن ته هو ٽوڪيو ۾ پڙهن ٿا. جيئن اسان وٽ ملير ۽ ماريپور وارو اهو ئي ٻڌائيندو ته هو ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. ڇو جو چيبا ايترو مشهور ناهي جيترو ٽوڪيو.
    چيبا ۾ چيبا يونيورسٽيءَ کان علاوه ڪجهه ٻيون مشهور يونيورسٽيون هن ريت آهن:
    • چيبا يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز
    • ڪانڊا يونيورسٽي آف انٽرنيشنل اسٽيڊيز
    • ٽوڪيو ڊينٽل ڪاليج
    • شڪوتوڪو يونيورسٽي
    • ڪي ئي آءِ (Keiai) يونيورسٽي
    • چيبا ڪيئي آءِ يونيورسٽي.
    • ٽوڪيو يونيورسٽي آف انفارميشن سائنسز
    • يوئي ڪوسا يونيورسٽي
    • تائيڪيو يونيورسٽي..... وغيره.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جپان جي هنن تعليمي ادارن جو معيار بلند آهي. مهانگائيءَ ڪري اسان جا فقط اهي شاگرد اچن ٿا جن کي اسڪالر ملي ٿي ۽ گهڻو ڪري اهي ماسٽرس پنهنجي ملڪ مان ڪري هتي Ph.D لاءِ اچن ٿا. پنهنجي خرچ تي ايران ۽ ملائيشيا جا جام اچن ٿا ۽ انڊيا جا ڪارخانيدارن، جاگيردارن ۽ نوابن راجائن جا پٽ توڙي ڌيئون به اعليٰ تعليم لاءِ هتي نظر اچن ٿيون .... جن کي ڏسي مون کي هميشه خواهش ٿيندي آهي ته اسان جي پيرن، ميرن، وڏيرن، جاگيردارن جا ٻار پئسو هوندي به ههڙن هنڌن تي، تعليم لاءِ ڇو نٿا اچن، جتي سندن ٻين سان ايڪسپوزر ٿئي، سندن سوچ ۽ لڇڻن ۾ تبديلي اچي. آخر بلاول ۽ بينظير جهڙن به ته محنت ڪري اعليٰ تعليمي ادارن مان پڙهي ورتو. پر اسان جي ڪيترن سياستدانن جي ٻارن جو زور رڳو شاهه لطيف يا سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس يا ايڪانامڪس ۾ بي اي ڪرڻ جو ان ڪري آهي جو اتان هنن کي حاظري به ملي وڃي ٿي، ڪاپي به ٿيو وڃي ۽ بنا پڙهڻ ۽ علم حاصل ڪرڻ جي ڊگري به مليو وڃي. پوءِ اهڙائي اسان جا سياستدان وزير تعليم ٿيو خوش پيا ٿين ۽ پي ايڇ ڊي وارا بيروزگار ٿيو پيا هلن.
    چيبا شهر ٽوڪيو کان 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي..... يعني هالا کان مٽيارين جيترو. چيبا لفظ ٻن اچارن جو جوڙ آهي ”چي“ معنيٰ هزار ”با“ معنيٰ وڻ جا پن يعني هڪ هزار پن! ٽوڪيو کان چيبا وڃڻ تي ڪڏهن به دل نه چيو، البت اسان جو جهاز چيبا بندرگاهه ۾ اچي لنگر انداز ٿيندو هو ته پوءِ چيبا ۾ ئي چڪر هڻندا هئاسين. چيبا دنيا جي مشغول بندرگاهن مان هڪ آهي. چيبا مونو ريل کان به مشهور آهي. اڄ ڪلهه ته بئنڪاڪ کان ڪوالالمپور تائين جتي ڪٿي مونوريل نظر اچي ٿي نه ته شروع جي ڏينهن ۾ مونوريل ڏسڻ لاءِ دنيا جا ماڻهو چيبا ايندا هئا. چيبا جو چڙيا گهر (زولاجيڪل باغ) به مشهور آهي خاص ڪري ڳاڙهي رنگ جي پانڊن ڪري جن کي ڏسڻ لاءِ نه فقط جپان جا ماڻهو پر ٻاهرين ملڪن جا ٽوئرسٽ به اچن ٿا.
    جيڪڏهن توهان کي مندر ڏسڻ جو شوق آهي ته جپان ۾ انهن جي کوٽ ناهي. هر شهر ۾ توهان کي مندر نظر ايندو بلڪه وڏن شهرن ۾ ته ڪيترائي ننڍا وڏا مندر ٺهيل آهن. ڪي ٽيهه چاليهه سال اڳ جا ته ڪي صديون پراڻا، هڪڙا شنتو ڌرم جا مندر آهن ٻيا ٻڌ ڌرم جا، جن ۾ گوتم ٻڌ جو ننڍو يا وڏو مجسمو رکيل ٿئي ٿو. جپان ۾ ڪنهن بندرگاهه ۾ اسان جو جهاز گهڻا ڏينهن بيهندو هو ۽ ڪي ڪجهه ڪرڻ لاءِ نه هوندو هو ته منهنجي خاص وندر ان شهر جي پارڪ يا مندر ۾ وهڻ جي هوندي هئي. مندرن جي خاموشي، صفائي سٺائي، هڪ پرسڪون ماحول پيدا ڪري ٿي. هندن جي مندرن وانگر جتي اڪثر بڙ يا پِپر جا ڊگها وڻ ڇانوَ ۽ ٿڌڪار ٿا پيدا ڪن، هتي جپان ۾ به سڪورا جهڙا گلن وارا وڏا وڻ ۽ انهن تي لاتيون لنوندڙ سهڻا پکي هڪ عجيب سحر انگيز ماحول پيدا ڪن ٿا. مون کي ته مندر کان ٻاهر ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ رکيل ڪاٺ جي بينچ يا وڏي پٿر تي ويهي آس پاس جو نظارو ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. مختلف ويس وڳن ۾ جپاني نوجوان جوڙا ته ڪي ٻارن ٻچن سان فئمليون اينديون رهيون ٿي. اهي شنتو يا ٻڌ ڌرم جي رسمن موجب مندر جي ٻائي کان دعائون يا تعويذ (EMA) وٺن ٿا. ڪي ته من جون مرادون حاصل ڪرڻ لاءِ وڻن ۾ تعويذ ٻڌندا رهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن موڊ ٿيڻ تي انهن آيلن مان ڪنهن سان خبر چار پڻ ڪندو هوس.
    چيبا جي هڪ شهر ڪاٽوريءَ ۾ هڪ ڪاٽوري درگاهه (Katori Jingu) مشهور ۽ پراڻي شنتو ڌرم جي Shrine آهي جيڪا سمجهو ته جپان جي هن ڪانٽو ريجن جي 400 درگاهن جي هيڊ درگاهه آهي. هر سال 14 اپريل تي هن درگاهه ۾ ٽي ڏينهن ميلو لڳي ٿو ۽ ٻارهن سالن ۾ هڪ دفعو ته هيڪاندو وڏو ميلو لڳي ٿو جيئن انڊيا ۾ کمڀ ميلو، جيڪو پڻ ٻارهن سالن بعد وڏي پئماني تي لڳي ٿو. بهرحال ان ۾ گنگا نديءَ ۾ وهنجڻ لاءِ الهه آباد يا هردوار تي جيڪو ماڻهن جو تعداد گڏ ٿئي ٿو اهو جپان جي هنن ميلن کان تمام وڏو ٿئي ٿو.
    جيڪڏهن توهان ٽوڪيو ۾ رهو ٿا ته ٽوڪيو ته مندرن سان ڀريو پيو آهي جن کي جپاني جنجا، Shrine ۽ اوتيرا به سڏين ٿا. سڀ کان سٺو ۽ جي توهان ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ٽوڪيو ۾ آيا آهيو ته به، ڏسڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ جهڙو مندر ٽوڪيو جي اساڪسا ضلعي ۾ سينسوجي Sensoji آهي. سينسوجي جپان جي جهونن مندرن مان هڪ آهي جيڪو 645ع جو چون ٿا. مڪاني ماڻهو ته مندر جي ٻاون کان ڦيڻو ڦوڪ ۽ تعويذ (EMA) خريد ڪرڻ لاءِ وڃن ٿا خاص ڪري يونيورسٽين جون ڇوڪريون امتحانن ۾ پاس ٿيڻ لاءِ ۽ اسان جهڙا ڌاريان وري انهن کي ڏسڻ لاءِ! هي مندر همدردي جي ديوي ڪان نون (Kannon) کي منسوب ٿيل آهي. ڳاڙهي رنگ جي پنن جا لئنٽرن (لالٽين) ٻرندا رهن ٿا جن مان نڪرندڙ دونهين کي مندر ۾ آيل سوالي ٻڪ ۾ جهلي پنهنجي منهن ۽ جسم جي ان حصي تي ملين ٿا جنهن ۾ تڪليف آهي. هنن جو چوڻ آهي ته ائين ڪرڻ سان هنن کي صحت ملي ٿي. هن مندر ۾ توهان کي جتي ڪٿي ڳيرا چڳندي نظر ايندا جيڪي چون ٿا ته هن مندر جي ديوي ڪان نون جا نياپا پهچائيندڙ آهن. ڪي ڳيرا فال جا لفافا به ڪڍن ٿا جيئن پاڻ وٽ فٽ پاٿ تي طوطا فال ڪڍندي نظر اچن ٿا.
    اتي ئي هڪ چنگودو نالي مندر آهي جيڪو “تَنوڪي مندر” به سڏجي ٿو. تنوڪي جانور مون جپان ۾ ئي ڏٺو آهي. انگريزيءَ ۾ جنهن جانور کي رئڪون سڏين ٿا ان سان ڪافي ملي ٿو. جپانين جو اهو عقيدو آهي ته تنوڪي خوش بختي آڻي ٿو ۽ ڪاروبار ۽ گهر کي باهه ۽ چوريءَ کان بچائي ٿو.
    ٽوڪيو جي ضلعي شبويا ۾ هڪ ميئجي درگاهه (مندر) به آهي جنهن جي چوڌاري پارڪ آهن. هي مندر شهنشاهه ميئجي ۽ هن جي زال کي منسوب ٿيل آهي. هي 1915ع ۾ ٺهيو هو پر ٻي جنگ عظيم ۾ آمريڪين ٽوڪيو جي ٻين مندر سان گڏ هن کي به بم هڻي تباهه ڪري ڇڏيو هو پر 1958ع ۾ هن کي وري هوبهو پهرين جهڙو ٺاهيو ويو. ڪنهن ملڪ جو صدر يا وزيراعظم سرڪاري دوري تي ٽوڪيو اچي ٿو ته هتي جي حڪومت طرفان هنن کي هن مندر تي خاطريءَ لاءِ وٺي اچن ٿا. هڪ دفعو اسان جو جهاز ٽوڪيو ۾ هو ته اسان جو اڳوڻو صدر جنرل ضياءُ الحق آيو هو.
    ٽوڪيو ۾ مندر ته گهڻائي آهن پر هتي ٽي چار اهي ٻڌائي رهيو آهيان جيڪي اهم ۽ وچ شهر ۾ آهن يعني سولن هنڌن تي آهن جن جي ويجهو سب وي اسٽيشن هجڻ ڪري پهچڻ سولو آهي ۽ منهنجو انهن ۾ اڪثر وڃڻ ٿيندو هو ۽ جهاز تي رهندڙ پنهنجي فئملي کي به وٺي ويندو هوس ۽ هنن جا پڻ مندرن جي رنگين عمارتن ۽ انهن ۾ ايندڙ رنگين ڪمونن ۾ سوالين جي ڀرسان بيهاري فوٽو ڪڍندو هوس. ٽوڪيو جي اهڙن ئي خوبصورت مندرن مان زوجوجي (Zojoji) مندر آهي. هي مندر ٽوڪيو جي مشهور شيبا پارڪ ۽ ٽوڪيو ٽاور وٽ آهي. جپان تي جن توڪوگاوا شوگنن حڪومت ڪئي انهن پندرهن مان ڇهه هتي دفن ٿيل آهن جن جا الڳ الڳ مقبرا آهن. هي مندر ٽوڪيو جي مناٽو (بندرگاهه) جي ڀرسان شيبا ڪوئين ۽ اوناري مون گهٽين وٽ آهي.
    ٽوڪيو جي تائيو ضلعي ۾ هڪ تين نوجي (Tennoji) نالي مندر پڻ ڏسڻ وٽان آهي. اهو ٻڌ ڌرم وارن جو مندر آهي جنهن ۾ ڌاتو (Bronze) جو ٺهيل گوتم ٻڌ جو مجسمو آهي.
    مناٽوڪُو ٽوڪيو واري ئي علائقي ۾ نوگي مندر آهي جيڪو شنتو ڌرم جو مندر آهي. جپان ۾ ٻه ڌرم آهن: ٻڌ ڌرم جنهن ۾ گوتم ٻڌ جي پوڄا پاٺ ٿئي ٿي ۽ ٻيو شنتو ڌرم جنهن ۾ ڪنهن ڪامي (Kami) ديوتا جي ٿئي جنهن ۾ وڏن جو روح به اچي وڃي ٿو.
    جپاني فوج جي جنرل نوگي مارڪي سوڪيءَ ۽ هن جي زال شي زوڪو پنهنجي شهنشاهه ميئجي جي موت جو ٻڌي هن هنڌ تي هاراڪِري ڪئي هئي يعني ڇري سان پنهنجو پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪئي هئي. ٻئي ڄڻا هتي دفن ٿيل آهن. ماڻهو جنرل نوگيءَ جي ناموس ۽ آبرو جي پوڄا لاءِ هتي اچن ٿا.
    ٽوڪيو ۾ هڪ ميئجي جنگو درگاهه به آهي جيڪا ٽوڪيو جي ”هاراجوڪو“ علائقي ۾ آهي.
    ٽوڪيو ۾ شاهي محلات ڀرسان هڪ مندر ياسا ڪوني جنجا (Yasakuni- Jinja) نالي پڻ ڏسڻ وٽان آهي جنهن جي ڀرسان يوشوڪان (تواريخي ميوزيم) آهي ۽ ٿورو اڳيان ٽوڪيو جي ائينو (Ueno) پارڪ وٽ توشوگو نالي مندر آهي. جيڪو پڻ منهنجي فئوريٽ مندرن مان آهي. فئوريٽ ان ڪري جو جهاز تان انهن مندرن ۾ پهچڻ سولو هو. منجهن وهڻ ۽ چانهه ڪافيءَ جو سستو بندوبست هو. ماڻهن کي ساٺ سوڻ ڪندي ڏٺم ٿي. ساڻن خبرون ڪرڻ سان، خاص ڪري نوجوان ٽهيءَ سان ڪچهري ڪرڻ سان هو به خوش ٿيا ٿي جو هنن پنهنجي انگريزي سڌاري ٿي ۽ آئون ان ڪري خوش هوس جو مون کي لکڻ لاءِ هنن کان ڪيتريون ئي مزيدار ڳالهيون ملي ويون ٿي. ارنيسٽ هيمگنوي کي ته سنگاپور ۽ بئنڪاڪ جهڙن بندرگاهن جي هوٽلن ۾ ويهي ايندڙ جهازرانن کان لکڻ لاءِ خبرون مليون ٿي پر مون کي جپان جي مندرن مان به ڪافي دوستيون ۽ لکڻ لاءِ مواد ملي ويو ٿي.
    جپان ۾ جيڪڏهن توهان وڏي عرصي لاءِ رهڻ لاءِ نه آيا آهيو پر هفتي ڏيڍ لاءِ ٽوئرسٽ ٿي آيا آهيو ۽ توهان کي ڏينهن ٻه رهي پوءِ ڪيوٽو يا نارا، ڪماڪورا ۽ نيڪو (Nikko) جهڙن شهرن ۾ به وڃڻو آهي ته پوءِ بهتر آهي ته ٽوڪيو ۾ مندر ڏسڻ بدران ڪيوٽو ۽ نارا جهڙي شهر ۾ مندر ڏسجو جو اهي شهر آهن ئي مندرن جا، باقي ٽوڪيو ۾ وڌ ۾ وڌ کڻي سينسوجي مندر ڏسجو جيڪو ٽوڪيو جي اساڪسا علائقي ۾ آهي جتان گهڻو ڪري هر هڪ جو لنگهه ٿئي ٿو.
    مندرن جي ائڊريس لاءِ هي جيڪي مون مناٽو، چيودا، سيتاگايا وغيره لکيا آهن اهي ڪي ڏورانهان شهر نه آهن پر ٽوڪيو جا ئي مختلف حصا آهن جيئن ڪلفٽن، ڊفينس، ڪياماڙي، ماڙيپور، لس ٻيلو، گلشن اقبال، ملير، صدر، لانڍي، ڪورنگي، اورنگي وغيره. ٽوڪيو جو شهر 23 حصن ۾ ورهايل آهي جيڪي وارڊ سڏجن ٿا. هڪ نئين ماڻهوءَ کي جيڪو تعليم يا نوڪريءَ لاءِ ٽوڪيو ۾ وڏو عرصو رهڻ جو ارادو رکي ٿو ان لاءِ ضروري آهي ته هو ٽوڪيو جي مختلف حصن جا نالا ۽ بيهڪ ياد رکي. ٽوڪيو جا ڪجهه حصا جيڪي بندرگاهه کي ويجهو هجڻ ڪري منهنجو گهڻو وڃڻ ٿيندو هو ۽ اتي جا مندر، پارڪ ۽ ڏسڻ جي جاين تي وڌيڪ وڃڻ ٿيندو هو، اهي آهن: سميدا، شيبويا، شنجوڪو، ناڪانو، سوگي ناما، اتاباشي، اداچي، ۽ اراڪاوا وغيره.
    ٽوڪيو ۾ مندرن کان علاوه، ٽوئرسٽ کي ڏسڻ لاءِ ڪجهه جايون هن ريت آهن: تسوڪِجي (Tsukiji) مڇي مارڪيٽ، ٽوڪيو نيشنل ميوزيم جيڪو ايڊو ميوزيم به سڏجي ٿو. شاهي محل (امپيريل پئلس)، گنزا، اڪيهابارا جتي دنيا جون اليڪٽرانڪ شيون ملن ٿيون، ٽوڪيو ٽاور جتان توهان سڄي ٽوڪيو جو نظارو ڪري سگهو ٿا. مندرن ۾ سينسو جي مندر ۽ ميئجي درگاهه کڻي ڏسي سگهو ٿا. باقي مندر ڪيوٽو، ڪماڪورا، نارا وغيره ۾ ڏسجن. ٽوڪيو ۾ جيڪڏهن توهان وڏو عرصو رهڻ لاءِ آيا آهيو ۽ توهان کي تاريخ سان دلچسپي آهي ته پوءِ توهان لاءِ به ڪيتريون ئي جايون آهن جيئن ته:
    • اوموئيدي يوڪوچو
    • هوزو مون
    • ٽوڪيو يونيورسٽي
    • ڪوڪيو گائين گارڊن
    • روپونگي ساڪورا زاڪا
    • ڪارا سوياما گاوا گرين روڊ
    • ديمبوان دوري
    • اوتو ناشي ريو ڪوچي
    • سيتا گايا جيوشي پارڪ
    • هوڪو ساءِ دوري
    • ڪارا سوياما تيراماچي
    • ڪوتو دوري
    • ڪماڪورا ڪائدو
    • ناگائي زاڪا..... وغيره.


    ڪيوٽو جو سونو مندر ڏسڻ بنا رهي نه سگهيس....

    جيڪڏهن توهان جپان جي پراڻي گادي واري شهر ڪيوٽو ۾ تعليم يا نوڪري لاءِ رهيل آهيو، يا سرڪاري دوري سان توهان جو ڪيوٽو ۾ ڪجهه ڏينهن رهڻ ٿئي ٿو ته پوءِ آئون اهو ئي چوندس ته توهان خوش نصيب آهيو ڇو ته ڪيوٽو ڏسڻ بنا جپان نه ڏسڻ برابر آهي. ڪيوٽو هزارين مندرن، درگاهن (Shrines)، باغن ۽ محلاتن جو شهر آهي. بلڪه آئون ته اهو به چوندس ته ڪيوٽو سڪورا گلن ۽ گيشائن جو شهر آهي، روايتي (Traditional) چانهه گهرن ۽ ڪبوڪي ٿيٽرن جو شهر آهي. توهان هڪ ڏينهن لاءِ به ڪيوٽو وڃو ٿا ته اتي جو گولڊن ٽيمپل يعني ڪِنڪاڪُو جِي (Kinkaku-Ji) مندر ۽ گيشائن جي رهڻ واري گيان (Gion) اسٽريٽ ضرور ڏسو. منهنجي خيال ۾ ڪِن ڪاڪو مندر جپان ۾ سڀ کان گهڻو ڏٺو وڃي ٿو. هر موسم ۾، چاهي سياري جي برف باري هجي چوڌاري ڪپهه جي ڏيڻن جهڙي سفيد برف ڇانيل هجي، چاهي سرء يا بهار جي موسم هجي جنهن ۾ سڪورا گلن جو چوڌاري راڄ هجي يا وڻ جن جي پنن جو ڳاڙهو، گلابي ۽ ناسي رنگ ٿي ويو هجي، ”ڪِنڪاڪُو جِي“ مندر سج جي تڙڪي يا چوڏهين جي سهائيءَ ۾ چمڪندو ڏسڻ سان دل باغ باغ ٿيو وڃي. ڇا خوبصورت مندر آهي ڇا چوڌاري وڻ وڻڪار آهي ۽ مندر اڳيان ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ مندر جو اولڙو! ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي ڪيوٽو جو هي مندر تاج محل کان به سهڻو لڳندو آهي ۽ سندس اڳيان فوٽو ڪڍرائي ڪڍرائي ٿڪجي پوندو آهيان. هونءَ تاج محل فوٽو ۾ اهڙو سهڻو نٿو لڳي جهڙو سامهون اکين اڳيان، پر “ڪِنڪاڪُو جِي” فوٽو ۾ به سٺو لڳي ٿو. توهان گوگل اميجز ۾ Golden Temple يا Kinkaku-ji ڪيوٽو لکي ڏسي سگهو ٿا. ڪيترا ته فوٽو منهنجا ئي اپ لوڊ ٿيل آهن جيڪي توهان منهنجو نالو Altaf Shaikh اسپيلنگ سان Add ڪري ڏسي سگهو ٿا.
    ڪيوٽو شهر بندرگاهه نه آهي جو اسان جو جهاز ڪيوٽو ۾ اچي لنگر انداز ٿئي. ڪيوٽو جي ويجهو ڪوبي Kobe ۽ اوساڪا بندرگاهه آهن جن ۾ اسان جو هر جهاز هر دفعي آيو ٿي ۽ آئون هن مندر کي ڏسڻ لاءِ اوساڪا ۾ پهرين دفعي پهچڻ تي ئي آيو هوس. ان لاءِ نه ته هن مندر جي مون سونهن ٻڌي هئي! آئون هن مندر جي سونهن خاطر نه پر ادبي رشتي ڪري سندس ديدار ڪرڻ آيو هوس. انهن ڏينهن ۾ اوساڪا کان ڪيوٽو تائين سنڪانسين (بليٽ ٽرين) شايد ڪا نه ٿي هلي. يا ٿي سگهي ٿو هلندي هجي پر منهنجي جهاز تي اڃان گهٽ پگهار واري نوڪري هجڻ ڪري (هيءَ 1973ع ڌاري جي ڳالهه آهي) مون بليٽ ٽرين ۾ افورڊ نٿي ڪيو جيڪا ”شِن اوساڪا“ کان ”ڪيوٽو“ 15 منٽن ۾ ٿي پهچايو ۽ هونئن به منهنجي لاءِ جلدي پهچڻ ضروري نه هو سو مون لاءِ ٽرين بدران بس ۾ بهتر هو جيڪا شهرن جي ٽرئفڪ جئم مان آهستي آهستي هلي اڄ به ڪلاڪ ۾ ٿي پهچائي.
    جپان اچڻ کان اڳ ڪيوٽو جي هن گولڊن ٽيمپل (ڪِنڪاڪُو- جِي) بابت مون ڪو ڪنهن گائيڊ بڪ ۾ نه پڙهيو هو پر ناروي جي هڪ ننڍڙي بندرگاهه (شايد ٽرنڊهام) ۾ هوس ته پڙهيو هوم. سياري جي موسم هئي ۽ اسان اتر قطب واري ملڪ ناروي جي بيحد اتراهين بندرگاهه ۾ هئاسين جتي نه جهاز ۾ سڪون ٿي آيو نه ٻاهر نڪرڻ ۾ مزو. سخت سيءُ هڪ طرف ٿي ڏڪايو ته ٻئي طرف مسلسل اونداهه ٿي منجهايو جو ڏينهن ڪو چئن ڪلاڪن جو ٿيو ٿي. پرهه ڦٽي ۽ شام جي روشني سميت باقي 20 ڪلاڪ کن اونداهه ئي اونداهه ٿي ٿي. يورپي جهازرانن جو سڄو زور بندرگاهه جي ڀرسان ٺهيل پبن (مئخانن) تي هو. ٻي ڪا وندر جي شيءِ نه هئي. سخت سيءَ ڪري پارڪ به هئڊا هئڊا هئا ۽ وڻ بنا پنن جي. اتي جو هڪ لطيفو ياد ٿو اچيم ته هڪ انگريز هن بندرگاهه کي گار ڏيندي مقامي ماڻهوءَ کان پڇيو ته هتي ڪا نائيٽ لائيف ڪانهي ڇا؟ مقامي ماڻهن جن گهڻو ڪري پنهنجي ٻولي نارويجن ٿي ڳالهائي تنهن نائيٽ لائيف مان خبر ناهي ڇا سمجهيو، انگريز کي جواب ڏنو ته “ها سائين هڪ هئي جيڪا اڄ ڪلهه اوسلو ويل آهي. ٻن ٽن ڏينهن بعد اچي ويندي.”
    مون سُک جو ساهه کنيو جڏهن ٻئي ڏينهن مون کي هڪ ننڍڙي لائبريري نظر اچي وئي. ڏاڍي خوشي ٿي ته جهاز جي ڪئبن ۾ هيٽر ٻاري سڄو وقت ناول پڙهڻ سان هن بندرگاهه جا ڏينهن گذارڻ آسان ٿي پوندا. پر افسوس جو هن سڄي لائبريريءَ ۾ فقط نارويجن ۽ سئيڊش ڪتاب هئا، جيڪي ٻئي ملڪ (ناروي ۽ سئيڊن) نه فقط پاڙيسري آهن پر سندن ٻولي به تقريبن ايترو ملي ٿي جيتري ملائيشيا ۽ انڊونيشيا وارن جي! منهنجي هٿين خالي موٽڻ تي لائبريرين سبب پڇيو ۽ منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ هن چيو ته رات جيڪو ڊئنمارڪ جو جهاز هن بندرگاهه مان لنگر کڻي ويو آهي ان جو هڪ خلاصي ٻه ڪتاب ڇڏي ويو آهي ته هو ڪنهن ٻي ٻوليءَ جا آهن جيڪا هنن جي جهاز تي ڪو نٿو پڙهي. مون ڏٺو ته ٻئي انگريزيءَ جا هئا ۽ جهاز تي کڻي آيس. ٻئي ڏينهن ڊيوٽيءَ بعد انهن ڪتابن کي کوليم ته ٻئي هڪ جپاني ليکڪ يوڪيو مشيما جا هئا جيڪي انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل هئا. روسي، جرمن، فرينچ ليکڪن جا ترجما ته پڙهيا هئا پر هي پهريون دفعو هو جو ڪنهن جپاني ليکڪ جا ترجما ڏسي رهيو هوس. ان ڏينهن تائين مون کي اها ته خبر هئي ته جپاني اليڪٽرونڪ جون شيون ٺاهڻ جا ماهر آهن پر ان حقيقت کان اڻ واقف هوس ته جپاني ادب، شعر ۽ شاعريءَ سان به دلچسپي رکن ٿا. ٻيو ڪو بندرگاهه هجي ها ته آئون اهي ڪتاب هرگز نه پڙهان ها ۽ نه مون کي جپاني ادب جي ڄاڻ ٿئي ها. ڇو جو ههڙي حالت ۾ به آئون ٻه ڏينهن ٻيا به لنوائيندو رهيس. آخر مجبور ٿي پڙهڻ شروع ڪيم ته دنگ رهجي ويس ۽ سوچيم ته آئندي ته پهرين ترجيح هميشه جپاني ترجمن کي ڏيندس. ٻئي ناول جپاني ليکڪ مشيما يوڪيو جا هئا. هڪ جو انگريزي نالو هو:
    The Sailor who fell from grace with the sea جيڪو 1965ع ۾ انگريز ليکڪ جان ناٿن جپاني ناول Gogo No Eiko تان ترجمو ڪيو هو. سمنڊ (Sea) ۽ خلاصي/ ناکئي (Sailor) جا لفظ ڏسي پهرين اهو ناول پڙهڻ شروع ڪيم. هڪ بيواهه جپاني عورت فوساڪو (Fusako) پنهنجي يارهن ٻارهن سالن جي پٽ نوبورو (Noboru) سان گڏ يوڪوهاما بندرگاهه ۾ بيٺل هڪ جهاز تي گهمڻ اچي ٿي جتي هن جي ملاقات ان وقت ڊيڪ تي موجود ”ريوجي“ نالي جهاز جي سيڪنڊ آفيسر سان ٿئي ٿي. ٻنهي جي ڳالهين ڳالهين ۾ سٺي دوستي ٿي وڃي ٿي. نوجوان عورت فوساڪو جهاز جي هن آفيسر کي پنهنجي گهر پڻ گهرائي ٿي ۽ جيستائين جهاز يوڪوهاما ۾ ٻڌل رهي ٿو هو هڪ ٻئي وٽ ايندا رهن ٿا. ايتري قدر جو جهاز جو آفيسر ريوجي (Ryoji) موڪل واري رات فوساڪو سان گڏ هن جي ڪمري ۾ گذاري ٿو ۽ سندن ويجهڙائي وارا تعلقات فوساڪو جو پٽ نوبورو ڀت ۾ ٺهيل هڪ سوراخ ذريعي ڏسندو رهي ٿو.
    جهاز جي لنگر کڻڻ (بندرگاه ڇڏڻ) بعد ريوجي ۽ فوساڪو هڪ ٻئي کي پيار محبت جا خط لکندا رهن ٿا ۽ ٻن ٽن مهينن بعد جهاز جڏهن وري يوڪوهاما ۾ اچي ٿو ته ريوجي فوساڪو سان شادي ڪري ٿو. فوساڪو کي يوڪوهاما ۾ مغربي ڪپڙن جو دڪان آهي ۽ سندس ڪاروبار سٺو هلي رهيو آهي. هيءَ ٻي جنگ عظيم کان پوءِ وارن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن آمريڪين جو جپان تي تسلط هو ۽ مقامي ماڻهو (جپاني) مغرب جي ثقافت، ڪلچر، کاڌن پيتن، راڳن ۽ موسيقيءَ مان متاثر ٿي رهيا هئا. ريوجي جي سامونڊي نوڪري، جهاز ۽ سمنڊ مان فوساڪو جو پٽ نوبورو بيحد متاثر هو ۽ هن ريوجي کي هيرو تصور ڪيو ٿي. فوساڪو پنهنجي هن نئين مڙس ريوجي کي سمنڊ تي ڀٽڪڻ بدران ساڻس گڏ ڪناري تي رهي ڪاروبار ۾ حصو وٺڻ جي صلاح ڏني ۽ ريوجيءَ جهاز ڇڏي ڏنو. نوبورو جنهن جي سنگت خراب ڇوڪرن سان وڌي وئي هئي اهو انهن جي ڀڙڪائڻ تي پنهنجي ماءُ جي مڙس ريوجيءَ سان سخت نفرت ڪرڻ لڳي ٿو ۽ آخر ۾ انهن ڇوڪرن جي هڪ ليڊر جيڪو چيف سڏجي ٿو ان جي پلاننگ سان ريوجي کي نشي واري چانهه پيئاري پاڻ ماري ٿو. يا شايد دوستن جي مدد سان هن جو قتل ڪري ٿو..... سڄي ڪهاڻي چڱيءَ طرح ياد نه اٿم جو ان کي پڙهئي هن وقت 45 سال اچي ٿيا آهن. پر ايترو ياد اٿم ته جيئن شاهه لطيف ٻيڙي وارن ۽ انهن جي زالن جي احساسن، سوچن، انتظار جي Feelings جي عڪاسي سر سامونڊي ۾ ڪئي آهي تيئن مشيما يوڪيو جهاز جي سيڪنڊ آفيسر ريوجيءَ جي ڪئي آهي. مون کي هميشه ان ڳالهه جي حيرت ٿيندي رهي آهي ته شاهه لطيف وانگر مشيما جهاز تي Sail ڪرڻ بنا، اهو سڀ ڪجهه ڪيئن محسوس ڪري لکيو آهي. سيڪنڊ آفيسر ريوجي جي گفتگو، سوچ ۽ سمنڊ تان فوساڪو کي لکيل خط پڙهي دماغ چڪرائجي وڃي ٿو. هن وقت ان ناول جي ڪاسٽ مون کي ياد ناهي پر ان ناول جي تازگي اڄ به محسوس ڪريان ٿو ۽ ڪيترا سال جپان جي ڪنهن بندرگاهه، خاص ڪري يوڪوهاما ۾، اسان جي جهاز گهمڻ لاءِ ايندڙ پبلڪ ۾ ڪا اڪيلي عورت ٻار سان گڏ ايندي هئي ته مون کي ان جي شڪل ۾ مشيما يوڪيو جا هن ناول جا ڪردار فوساڪو ۽ نوبورو نظر ايندا هئا ۽ لڳندو هو ته اجهو ٿو اسان جي جهاز جو سيڪنڊ آفيسر ريوجي جي شڪل ۾ نموندار ٿي هنن کي ڀليڪار ڪري. انهن ڏينهن ۾ يعني 1960ع ۽ 70ع واري ڏهاڪي تائين دهشتگردي نه هئي ۽ ويندي ڪراچيءَ جو بندرگاهه عام ماڻهن لاءِ کليل هوندو هو. شهري نه فقط بندرگاهه ۾ پر ان ۾ بيٺل پنهنجي ۽ پروان ملڪن جي جهازن تي چڙهي گهمندا رهيا ٿي. يوڪوهاما ۾ ته تمام گهڻا ماڻهو آيا ٿي جو اتي جو بندرگاهه اتي جي مشهور پارڪ ياماشيتا جي بلڪل ڀر ۾ آهي ۽ پارڪ ۾ ايندڙ ماڻهو جهازن جو به چڪر هڻندا رهيا ٿي ۽ انهن مان ڪن سان اسان جهاز جي آفيسرن دوستيون به ڪيون ٿي ته ماني ٽڪي به کارائي ٿي.
    بهرحال مشيما يوڪيو جي هن ناول “گوگو نو ايڪو” (The Sailor who fell from grace with the sea) تي 1976ع ۾ فلم به ٺهي هئي جنهن ۾ ڪرسٽوفرسن ۽ ساراهه مائلس ائڪٽنگ ڪئي آهي. مشيما جو هي ۽ ٻيا ڪيترا ناول ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن پر آئون نٿو سمجهان ته سندس ڪو ناول اردو يا سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو هجي. ترجمي جي شوقينن لاءِ مشيما ۽ ٻين ڪيترن جپاني ليکڪن جا دلچسپ ناول آهن جيڪي نيٽ تي ۽ ڪراچيءَ جي جپاني قونصل خاني ۾ موجود آهن. مشيما يوڪيو 1925ع ۾ ٽوڪيو جي علائقي شنجوڪو ۾ ڄائو ۽ 45 ورهين جي ڄمار ۾ اتي ٽوڪيو ۾ ئي هاراڪري (ڇري سان پنهنجو پيٽ چيري) خودڪشي ڪئي. پاڻ يونيورسٽي آف ٽوڪيو مان تعليم حاصل ڪئي هئائين.
    ناروي جي بندرگاهه ۾ مون کي جيڪو ٻيو جپاني ناول مليو هو اهو ڪيوٽو جي هن مندر “ڪنڪاڪوجي” بابت هو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ جيئن ئي منهنجو جهاز اوساڪا ۾ لنگر انداز ٿيو ته بس ذريعي ڪيوٽو هليو آيو هوس. مون کي هن جي ڏسڻ جي ايتري ئي بيچيني هئي جيتري امر جليل جو افسانو “اروڙ جو مست” پڙهڻ بعد اروڙ ڏسڻ جي! شوڪت جماڻي سان گڏ خيرپور کان سکر مرحوم الطاف عباسي وٽ آياسين ۽ انهي ئي ڏينهن ۾ مرحوم رشيد ڀٽيءَ کي به ساڻ کڻي اروڙ روانا ٿيا هئاسين. اڄ به اروڙ جو ٻڌي امر جليل جو خوبصورت لکيل افسانو ٿو ياد اچي. اهڙي طرح ڪيوٽو ۽ ان جو هي مندر “ڪنڪاڪو جي” ڏسي مشيما يوڪيو جو هي خوب صورت ناول ٿو ياد اچي.
    زين ٻڌ مت جي هن مندر “ڪنڪاڪوجي” جي عمارت سڄي جپان ۾ مشهور آهي. سندس تاريخ جي شروعات 1397ع کان ٿئي ٿي جڏهن هي هڪ محل نما گهر هو جنهن کي مندر ٺاهڻ لاءِ خريد ڪيو ويو.
    1950ع ۾ هي مندر هڪ 22 سالن جي ٻوڌي ٻائي هياشي يوڪين ساڙي رکيو. ان بعد هُن مندر پويان بيهي خودڪشي ڪئي پر بچي ويو. کيس ان ڏوهه ۾ ست سال ٽيپ اچي وئي پر پنجن سالن بعد هن کي آزاد ڪيو ويو جو هن جو دماغي توازن صحيح نه هو. آزاد ٿيڻ بعد هو سلهه جي مرض ۾ ٻئي سال يعني 1956ع ۾ وفات ڪري ويو. هنن واقعن جو دلچسپ افسانوي رنگ ۾ احوال جپان جي مشهور ۽ اسان جي دل پسند ليکڪ مشيما يوڪيو پنهنجي جپاني ناول ۾ ڪيو آهي جنهن جو هن نالو ئي “ڪِنڪاڪُو جي” رکيو آهي. هي ناول 1956ع ۾ ڇپيو هو جنهن جو انگريزي ترجمو 1959ع ۾ The Temple of the Golden Pavilion نالي سان انگريز ليکڪ ايوان مورس (Evan Moors) ڪيو - جنهن جي ڪاپي مون کي ناروي جي بندرگاهه ۾ ملي هئي.
    ايوان مورس انگلينڊ جو مشهور ليکڪ ۽ جپاني ٻوليءَ جو ٽيچر ٿي رهيو آهي. هو 1925ع ۾ لنڊن ۾ ڄائو ۽ هارورڊ يونيورسٽيءَ مان جپاني لئنگويج ۾ B.A ڪيائين. ان بعد لنڊن مان Ph.D ڪئي. هن جپاني ادب، ڪلچر ۽ تاريخ تي تمام گهڻو لکيو آهي ۽ ڪيترائي جپاني ڪتاب انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن جن مان مشيما يوڪيو جو The Temple of the golden Pavilion به هڪ آهي. ايوان مورس ۽ مشيما يوڪيو ٻئي سٺا دوست هئا. ايوان مورس پنهنجي هڪ ڪتاب The Nobility of Failure ۾ انهن تاريخي سببن جو احوال لکيو آهي جن جي ڪري مشيما هاراڪِري (خودڪشي) ڪئي. جپان جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ شاگردن کي ڊاڪٽر مورس جو لکيل هڪ ڪتاب: The World of Shining Price) ) Court life in Ancient Japan ضرور پڙهڻ کپي.


    ڪيوٽو جا ڪجهه ٻيا مندر

    پاڻ ڪيوٽو شهر جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته ان ۾ ڪو هڪ ڏينهن لاءِ به وڃي ته هي گولڊن ٽيمپل Kinkaku ji ضرور ڏسي. پر جي ڪو هتي هفتو ٻه ٿو رهي يا تعليم ۽ نوڪريءَ خاطر گهڻو عرصو ٿو رهي ته گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڪيوٽو جهڙو ٻيو ڪو شهر ناهي. سوين مندرن مان ٻه ٽي ٻيا به لکان ٿو جن وٽان منهنجو اڪثر لنگهه ٿيو ٿي يا فوٽو ڪڍيم ٿي:
    سان جُو سان گين (Sanju san gen) مندر. هي 1164ع جو آڳاٽو مندر آهي. هتي جا گهر ۽ مندر ڪاٺ جا هجڻ ڪري باهه ۾ اڪثر سڙي ويا ٿي پر پوءِ وري انهن کي اصلي حالت ۾ آندو ويو ٿي. هن مندر ۾ 12 فوٽ کن وڏو رحم جي ديوي Kannon جو مجسمو رکيل آهي جنهن کي هڪ هزار هٿ آهن. بهرحال اهي ديويون ديوتا، تعويذ ۽ ڦيڻا ڌاڳا ته مڪاني جپاني ماڻهن لاءِ آهن جن جو ٻڌ ڌرم يا شنتو ڌرم سان واسطو آهي. باقي اسان ٽوئرسٽن جي دلچسپي عمارت جي رنگن، پُرسڪون ماحول ۽ ميلو مچائيندڙ عقيدتمندن ۽ انهن جي ويس وڳن ۽ عبادت ڪرڻ جي طريقن ۾ رهي ٿي. ان سان گڏ فوٽو گرافيءَ جو به سٺو موقعو ملي ٿو. هونءَ ته ڪمونو پهريل ڪا جپاني ڇوڪري رستي تي ملي وڃي ته فوٽو ڪڍرائڻ کان پئي ڪيٻائيندي پر مندرن ۽ پارڪن ۾ ميلي جو اهڙو سماءُ ٿئي ٿو جو ورلي فوٽوءَ لاءِ ڪنهن انڪار ڪيو هجي.

    فوشيمي اناري درگاهه (Fushimi Inari)
    ڪيوٽو جو هي مندر جپان جي مشهور مندرن مان آهي جيڪو 711ع ۾ ٺهيو ۽ سارين جي فصل جي جپاني ديوي “يوڪانو ميتاما نو ميڪوتو” (Ukanomitama- no- Mikato) کي منسوب ٿيل آهي. پري پري جا واپاري، سوداگر ۽ سارين جي ڪارخانن وارا هن مندر ۾ پنهنجي ڪاروبار جي خوشحالي لاءِ دعا گهرڻ لاءِ ايندا آهن. مندر جي اڳيان واري روڊ تي چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تائين ڳاڙهين ڪمانن وارا درواز لڳل آهن جيڪي مرادون پوريون ٿيڻ تي هر واپاريءَ هڪ هڪ ٺهرايو آهي. اهي دروازا توهان کي جپان جي ڪيترن ئي مندرن، درگاهن ۽ شاهي قلعن اڳيان نظر ايندا جيڪي “توري ئي” (Torii) سڏجن ٿا. ٽوڪيو جي هن مندر ۾ سڀ کان گهڻا، اٽڪل 32 هزار “توري ئي” آهن. هن مندر ۾ توهان کي ڪيترائي لومڙي جا مجسما پڻ نظر ايندا جنهن کي جپانيءَ ۾ اناري (Inari) سڏين ٿا. جپانين جي عقيدي موجب لومڙي (اِناري) ڪيترن ئي ديوين ۽ ديوتائن جي ميسينجر (پيغام رسائيندڙ) چئي وڃي ٿي. ان ڪري مانيڪي نيڪو (هٿ لوڏيندڙ ٻلي) وانگر جپان ۾ لومڙيءَ جو به وڏو شان ۽ مانُ آهي جنهن جا پتلا ڳچيءَ ۾، شڪليون تعويذ طور کيسن ۾ يا اسڪول جي ڪتابي ٿيلهن ۾ رکيون وڃن ٿيون. سڄي جپان ۾ لومڙي/ لومڙ وارن مندرن “اناري جنجا” جو تعداد به هزارن ۾ آهي.
    اهڙي طرح ڪيوٽو جو هڪ ٻيو مشهور مندر “نِشي هون گانجي” (Nishi Honganiji Temple) آهي جيڪو جپانين لاءِ ته پوڄا پاٺ جو وڏو مرڪز آهي پر اسان جهڙن ٽوئرسٽن کي به ان جي عمارت سازي متاثر ڪري ٿي. هي مندر گهڻو اڳ جو ٺهيل آهي پر باهين ۽ زلزلن ۾ ڊهندو رهيو. اڄ واري شڪل ۾ اهو 1760ع ۾ آيو پر منجهس موجود ڪيترائي مجسما ڇهين صديءَ جا به آهن. اتي ئي هڪ ٻيو 1602 جو ٺهيل مندر “هگاشي هون گانجي” آهي، جنهن جا فقط ڪجهه حصا عام ماڻهن لاءِ کليل رهن ٿا. هڪ مندر اولهه ۾ آهي ته ٻيو اوڀر ۾. ان ڪري انهن جا نالا ان ريت آهن. جپانيءَ ۾ نِشي (Nishi) معنيٰ اولهه ۽ هِگاشي (Higashi)معنيٰ اوڀر.
    اهڙي طرح زين شنتو ڌرم جو هڪ بيحد ڀلارو سمجهيو ويندڙ مندر “دائي توڪو جِي” (Daitoku-ji) آهي جيڪو 1324ع جو ٺهيل آهي. هن جون 22 عمارتون آهن جن مان ست پبلڪ لاءِ کليل رهن ٿيون.
    هتي پڙهندڙن جي معلومات لاءِ لکندو هلان ته جپانين جا جيتوڻيڪ ٻه ڌرم آهن. ٻڌ ڌرم ۽ شنتو ڌرم. پر انهن ۾ به ڪيترائي فرقا آهن جن جي پوئلڳن لاءِ الڳ مندر آهن. جيئن هن مندر جو تعلق “رِن زائي زين” Rinzai فرقي سان آهي. اهڙي طرح مٿي بيان ڪيل “نِشي هون گانجي” مندر ۾ ايندڙ پوڄارين جو واسطو “جودو شنشو” فرقي سان آهي.
    اهڙي طرح ڪيوٽو جي اوجي علائقي ۾ ”بيودو“ نالي هڪ مندر پڻ ڏسڻ وٽان آهي جنهن ۾ ميوزيم به آهي جنهن ۾ گوتم ٻڌ جا ڪاٺ مان ٺهيل 52 مجسما آهن. پر ان مندر کان وڌيڪ ان جي ٻاهران بمبو (بانس) جا گهاٽا وڻ ڏسڻ وٽان آهن.
    ڪيوٽو ۾ ڪجهه شاهي محل ۽ قلعا به ڏسڻ وٽان آهن. دراصل جپانين نه فقط هنن تاريخي شين کي صاف سٿرو رکيو آهي پر انهن جي چوڌاري ماحول کي به ٺاهي ڇڏيو آهي. خوبصورت وڻ ٽڻ، گل گلڪاريون، ننڍا ننڍا تالاب ۽ بارش کان بچڻ لاءِ ڇپر، آيل مسافرن لاءِ ننڍڙا ننڍڙا دڪان، وهڻ لاءِ بينچون وغيره.
    قلعن ۾ هڪ ته ناڪاگيو علائقي ۾ نيجو (Nijo) نالي قلعو آهي. اتي ئي نينو مارو نالي به قلعو آهي، جتي ڪيتريون ئي پراڻي زماني جون شيون آهن.
    ڪيوٽو جو شاهي محل. هي ڪيوٽو جو 794ع جو ٺهيل اصلي محل (ڪيوٽو گوشو) آهي. هي پڻ زماني جي باهين ۽ زلزلن ۾ ڪيترا دفعا ڊهندو رهيو، جڙندو رهيو. هاڻ واري عمارت سال 1855ع جي آهي.
    ڪيوٽو جو هڪ ٻيو مندر دائي تو ڪُو (Daitoku – ju) ياد اچي رهيو آهي جيڪو وقت هجڻ تي گولڊن ٽيمپل (ڪنڪاڪو جي) بعد ٻئي نمبر تي ڏسجي ته بهتر آهي. هن مندر لاءِ چيو وڃي ٿو ته:
    Daitoku-ji temple is not just a temple but world of temples.
    ۽ اڃان به جي وقت هجي ته ڪيوٽو جا هيٺيان مندر به ڏسڻ وٽان آهن. هونءَ ته ڪيوٽو جي سڄي شهر ۾ 1600 کان به مٿي مندر آهن. انهن مان هي چند لکي رهيو آهيان جيڪي توهان پنهنجي فرصت ۽ رهائش مطابق ڏسي سگهو ٿا. منهنجو مطلب آهي ته جي توهان ڪلفٽن ۾ رهو ٿا ته پهرين اهي شيون ڏسجن جيڪي ڪلفٽن جي آس پاس هجن. ان بعد ئي گلشن حديد ۽ گلستان جوهر جو رخ ڪجي.
    • گِنڪاڪُو-جِي مندر
    هي انگريزي نالي Silver Pavilion سان مشهور آهي. جيئن ”ڪِنڪاڪو- جي“ گولڊن پويلين“ سڏجي ٿو. هن مندر تي به جپانين ۽ ڌارين سياحن جي وڏي پيهه پيهان رهي ٿي، سو موڪل وارن ڏينهن تي ته هرگز نه وڃجي. هن مندر جي ڏسڻ جي 500 يين في آهي. ڪيوٽو اسٽيشن کان بس نمبر 5 ۽ 17 هن مندر ڏي وڃن ٿيون.
    • چيئان- اِن (Chion-in) مندر:
    هن مندر لاءِ يورپ جا ماڻهو چوندا آهن ته:
    It in the Vatican of pure land Buddhism
    هن مندر ڏسڻ جي في 300 يين آهي.
    • ڪِيومِيزو- ديرا مندر
    هن مندر (Kiyomizu) لاءِ چيو وڃي ٿو ته ڪيوٽو ايندڙ هر ٽوئرسٽ کي ڏسڻ کپي.
    * نيجو- جو قلعو: ڪيوٽو ۾ ايندڙن کي هي قلعو (Castle) ڏسڻ جو مشورو ڏيندس جنهن مان ”ايڊو دور“ جي شوگنن (وڏيرن، جنگجوئن) جي رعب ۽ دٻدٻي جي خبر پوي ٿي، جن کان ان وقت جا شهنشاه به هيسيل ۽ ڊنل رهيا ٿي.


    جپان جا اوچايا، اوڪي يا ۽ چڪلا

    ڪيوٽو ۾ هجڻ دوران ڪيوٽو جي گيئان (Gion) علائقي جو پيرين پنڌ چڪر هڻڻ به ضروري آهي. دنيا جا ڪيترا ٽوئرسٽ ڪيوٽو شهر ۾ اتي جا مندر ۽ محل، قلعا ۽ پارڪ نه پر گئان علائقي جي رونق ڏسڻ لاءِ اچن ٿا، جتي جپان جا آڳاٽا ۽ روايتي چانهه گهر (اوچايا)، گيشا گهر (اوڪي يا)، ويس وڳن ۾ چهل قدمي ۽ خريداري ڪندڙ گيشائون ۽ مائيڪو نظر اچن ٿيون. هي علائقو اهو آهي جيڪو “هَنامي ڪوجي” اسٽريٽ، شيجو ڊوري اسٽريٽ، منيامي ڊوري اسٽريٽ ۽ گئان اسٽريٽ جي اندر اچي ٿو. هن ۾ ڪيترائي مندر به اچي وڃن ٿا. پر جپان ۾ اڄ به ڪنهن کي گيشائون ڏسڻيون آهن ته هن کي هتي اچڻ کپي. گيشائون ڪي رنڊيون نه آهن جيئن هنن کي ڪيترائي ڌاريان ماڻهو سمجهن ٿا. گيشائون هاءِ ڪلاس آرٽسٽ آهن جيڪي ناچ گاني، ميوزڪ، ادب، شاعري، جنرل ناليج کان چڱي طرح واقف ٿين ٿيون جن ڳالهين لاءِ هو ڪيترائي سال پنهنجي استاد (ماما سان) جي نظرداريءَ هيٺ سِکيا وٺن ٿيون. گيشا ٿيڻ کان اڳ هو جڏهن سِکيا هيٺ آهن ته ”مائيڪو“ سڏجن ٿيون. گيشائن بابت آئون پنهنجن مختلف جپان جي سفرنامن ۾ ڪافي لکي چڪو آهيان. ڪيوٽو جي گيئان (Gion) علائقي ۾ جيڪي اوچايا (Ochaya) يعني Tea Houses آهن اهي عام قسم جون چانهه پاڻيءَ جون ريسٽورنٽون نه آهن پر خاص گهر نموني جون بيٺڪون آهن جن ۾ ميمبر يا مقرر سيٺ ۽ اهم ماڻهو داخل ٿي سگهن ٿا جن جي خدمت لاءِ اوچايا وارا، گيشا گهر جي وڏڙيءَ (ماما سان) کي فون ڪري هڪ يا ٻه گيشائون گهرائين ٿا جيڪي اوچايا ۾ اچي هنن سيٺين کي کاڌو پيتو Serve ڪن ٿيون ۽ راڳ، ساز يا ڪچهري ذريعي دل وندرائين ٿيون. ڪچهريءَ جي معاملي ۾ هو ميزبانن يا گهرايل مهمانن جي طبيعت مطابق لوڪ ڪهاڻيون، دنيا جون تازيون خبرون ويندي اگهاڙي قسم جا چرچا ڀوڳ ٻڌائي، هنن جي دل وندرائين ٿيون - پر فقط ان حد تائين. گيشائون ان کان وڌيڪ ڳالهين ۾ ،خاص ڪري جنسي تعلقات کان بلڪل پري رهن ٿيون. ان ڪم لاءِ جپان ۾ الڳ چڪلا ٿين ٿا جيڪي يوڪاڪو (Yukaku) سڏجن ٿا. سترهين صديءَ ۾ جپان جي حاڪمن اهي يوڪاڪو جيڪي pleasure Districts ۽ Red Light علائقا سڏجن ٿا، ٽن شهرن ڪيوٽو، اوساڪا ۽ ايڊو (هاڻ واري ٽوڪيو) ۾ کولرايا جيئن عوام سندن سياست تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ بدران ان شغل ۾ لڳل رهي. انهن علائقن (يوڪاڪو) ۾ جن رنڊين اهو ڌنڌو ڪيو ٿي اهي يوجو (Yojo) سڏيون ويون ٿي ۽ انهن ۾ جيڪي هاءِ ڪلاس جون هيون اهي اوئيران (Oiran) ليکيون ويون ٿي. هاڻي اهي يوڪاڪو ڪافي حد تائين ختم ٿي ويا آهن پر ڪن ڪن هنڌن تي، امير ٽوئرسٽن لاءِ قائم رکيا ويا آهن جيئن ڪيوٽو ۾ شمبارا (Shimbara) ۽ ٽوڪيو ۾ يوشيوارا آهي. جپان ۾ رهڻ دوران توهان کي روزانو ان سان واسطو رکندڙ خبرون پڙهڻ ۾ اينديون ۽ جپاني ناولن ۽ فلمن ۾ ته انهن شين جو ذڪر تمام گهڻو اچي ٿو. ٽوڪيو جي ڳاڙهي بازار يوشيوارا 1927 جي جرمن فلم Metropolis ۾ تمام گهڻي مشهور ٿي. ان بعد چون ٿا ته دنيا کي يوشيوارا (Yoshiwara) جي گهڻي ڄاڻ فرينچ فلم مان ٿي جنهن جو نالو ئي ”يوشيوارا“ هو. ان فلم ۾ وچ اوڻهين صديءَ جو يوشيوارا ڏيکاريو ويو آهي. جپان ۾ هجڻ دوران يوشيوارا بابت اسان جپان جي مشهور ڊائريڪٽر ڪينجي ميزوگچيءَ جي 1956 واري فلم Street of Shame ڏٺي هئي. اها هڪ بلئڪ ائنڊ وائيٽ فلم هئي جنهن ۾ هن چڪلي ۾ ڪم ڪندڙ مختلف جپاني ڇوڪرين جون ڳالهيون آهن. چون ٿا اهو Susaki no onna نالي هڪ جپاني ناول هو جنهن تان هيءَ فلم ٺهي. هن فلم ۾ پنج عورتون پئسو ڪمائڻ لاءِ جسم جي وڪري جو ڪم ڪن ٿيون. اهو ڊريم لئنڊ نالي ڪوٺو ٽوڪيو جي يوشيوارا علائقي ۾ سينسوجي (Sensoji) مندر وٽ آهي. جيئن ته جپان جي اسيمبلي (Diet) جسم جي وڪري (Prostitution) تي بندش هڻڻ جو سوچي رهي هئي سو ظاهري طرح هيءَ ڊريم لئنڊ واري انتظاميا ڊراما ٿيٽر جي نالي هلي رهي هئي. هر رنڊيءَ کي پنهنجا خواب ۽ اتساهه هئا. ان فلم ۾ هنائي شادي شده ڏيکاري وئي آهي، هن جو مڙس بيروزگار آهي ۽ هنن کي هڪڙو ٻار به آهي. يوميڪو نالي عورت بيواهه آهي. هن کي هڪ پٽ آهي جيڪو هاڻ ايترو وڏو ٿيو آهي جو چار پئسا ڪمائي پنهنجي ماءُ لاءِ ٻه ويلا ماني مهيا ڪري سگهي پر ماءُ هي ڌنڌو ان ڪري ڪري رهي آهي جيئن هوءَ ڪجهه وڌيڪ پئسا ڪمائي پٽ جي مدد ڪري سگهي. يورئي نالي عورت سڀني ۾ وڏي آهي. هن جي نظر ۾ هڪ مرد آهي جنهن لاءِ هوءَ سمجهي ٿي ته هن سان شادي ڪندو. ياسومي قرضي ٿيل آهي. هوءَ ڪمايل پئسي جو هڪ هڪ يين بچائي قرض لاهڻ ۾ رهي ٿي جنهن کان پوءِ هوءَ هن زندگيءَ مان آزاد ٿيڻ چاهي ٿي. مِڪي نالي ڇوڪري ماءُ پيءُ کان وڇڙي هتي هن چڪلي جي ور چڙهي آهي. هڪ ڏينهن ان جو پيءُ هن کي ڳوليندو ڪوبي کان هن يوشيوارا ۾ اچي نڪري ٿو ۽ هن کي واپس هلڻ لاءِ چوي ٿو. بيحد ٽچي فلم آهي ۽ ڏک ٿو ٿئي ته انسان جون مجبوريون هن کان ڇا ڇا ته ڪرائين ٿيون.
    ان ئي قسم جي هڪ ٻي فلم Red Light Districts: Gona Get Out آهي جيڪا پڻ هڪ جپاني ڊائريڪٽر تاتسوميءَ 1974ع ۾ ٺاهي.
    To Rule Flame ناول جي هڪ چئپٽر ۾ “شيشيو” (هڪ خيالي ڪردار) هيرو پنهنجي محبوبا “ڪوما گاتا” سان ملڻ يوشيوارا ۾ وڃي ٿو جتي هوءَ هاءِ ڪلاس اوئيران (رنڊي) آهي.
    بهرحال جپاني ادب ۽ شاعري ۾ توهان کي جتي ڪٿي يوشيوارا ۽ يوشيوارا ضرور نظر ايندو.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ”يوشيوارا“ سان ملندڙ جلندڙ لفظ ”اوشيوارا“ آهي. ڪيترا ماڻهو اهي ٻه شيون هڪ ئي سمجهندا. اوشيوارا اتر ممبئي جي علائقي ”انڌيري“ جو هڪ پاڙو آهي جنهن تي اهو نالو اوشيوارا (Oshiwara) نديءَ تان پيو. اتي هڪ ريلوي اسٽيشن به آهي جنهن جو نالو “رام مندر” آهي. ممبئي جو ”اوشيوارا“ فئڪٽرين، ڪارخانن کان علاوه پراڻين آرٽ جي شين ۽ سيڪنڊ هئنڊ فرنيچر کان به مشهور آهي.
    بهرحال هتي پاڻ ڪيوٽو جي گي آن (Gion) علائقي جي ڳالهه پيا ڪريون جتي جي گهٽين ۾ توهان کي فل ميڪ اپ ۾ ڪمونو پهريل گيشائون به نظر اينديون ته عام ماڻهن جي کائڻ پيئڻ لاءِ ريسٽورنٽون ۽ کاڌي پيتي جا دڪان پڻ، توهان کي ماڊرن گهر به نظر ايندا ته آڳاٽي ڪاٺ جي ڪم وارن دروازن جا دڪان به. هتي توهان کي هناماچي Hanamachi (لفظي معنا گلن جو شهر) نظر ايندو جنهن ۾ “اوچايا” هڪ طرف ته “اوڪي يا” ٻئي طرف ڏسڻ ۾ ايندا. اوچايا ته چانهه گهر آهن جن ۾ مسواڙ تي گهرايل گيشائون، عزت ماب سيٺ گراهڪن کي Serve ڪن ٿيون. اوڪي يا (Okiya) گيشائن جي رهڻ جا بورڊنگ هائوس آهن جتي هو گهر جي مالڪڻ ۽ سندن سکيا ڪندڙ وڏڙي (ماما سان) جي ڪنٽرول ۾ رهن ٿيون. گيشائون سڄي عمر هڪ ئي “اوڪي يا” (بورڊنگ هائوس) ۾ رهن ٿيون. جتي هو ڪنهن کي به وندرائين ۽ (Entertain) نٿيون ڪن پر ان ڪم لاءِ هو مختلف اوچايا (چانهه گهرن) ۽ ٻين هنڌن تي وڃن ٿيون. پوءِ ڪنهن رات ڪنهن هنڌ ته ڪنهن شام جو ڪنهن هنڌ. هنن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ گراهڪن کي، کانئن ٿوري پري ويهي وندرائڻ جي ڪلاڪن ۽ منٽن جي حساب سان مقرر في، اوچايا وارا آيل گيشا جي مالڪڻ (ماما سان) کي چيڪ يا ڪئش جي صورت ۾ اڳواٽ يا ٻئي ڏينهن موڪلين ٿا. اوچايا جي لفظي معنيٰ ته چانهه گهر آهي پر هتي چانهه نٿي Serve ٿئي. اهي ڪمرا يا عمارتون جتي روايتي جپاني نموني جي Tea Ceremony ٿئي ٿي انهن کي جپانيءَ ۾ “چاشي تسو” (Chashitsu) سڏجي ٿو. ڪيوٽو جي هن Gion علائقي ۾ سڀ کان مشهور اوچايا “اِچي رِڪِي اوچايا” آهي. آرٿر گورڊن جيڪو گيئان (Gion) جي گيشائن جي زندگيءَ تي انگريزيءَ ۾ ناول Memoirs of a Geisha لکيو آهي ان جي ڪهاڻي هن ٽي هائوس Ichiriki ۾ ئي ڦري ٿي.
    ڪيوٽو جي گيان علائقي جو هي “اِچيريڪي چانهه گهر” 300 سالن کان اچيريڪي مئنشن (بلڊنگ) ۾ آهي جيڪا Ichiriki-Tei سڏجي ٿي. هيءَ بلڊنگ شِيجو اسٽريٽ ۽ هنامي ڪو جي گهٽيءَ جي ڪنڊ تي آهي. چيو وڃي ٿو ته هي چانهه گهر (Ochaya) جپان جو تاريخي ۽ بيحد بدنام رهيو آهي. هي اوچايا جپاني سيٺ سوگييورا کوليو هو. اڄ هن جي نائين ٽهيءَ جو اولاد جيرو ايمان سوگييورا جي نالي آهي جيڪو نالو (Jirou-emon Sugiura) هن چانهه گهر Ichiriki جي ٻاهرين ڀت تي اڪريل آهي. هي ڪلب يعني چانهه گهر هر عام ماڻهوءَ لاءِ نه آهي پر انهن خاص ماڻهن لاءِ آهي جيڪي ميمبر آهن ۽ جنهن جي ميمبر شپ پئسي ۽ پوزيشن جي باوجود جيم خاني يا سنڌ ڪلب جي ميمبر شپ کان ڏکي آهي ۽ هن اوچايا (چانهه گهر) جي مهانگو هجڻ جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا ته آيل مهمانن کي جيڪا گيشا گهر (Okiya) کان آيل گيشا شراب، چانهه وغيره پياري ٿي ۽ پنهنجي سُرندي ۽ راڳ ذريعي وندرائي ٿي ان جي هڪ رات جي في 8 هزار آمريڪن ڊالر- يعني اسان جا اٺ نو لک رپيا ٿيا. بهرحال هن چانهه گهر ۾ جپان جا وڏا سياستدان، فوجي جنرل ۽ ڪارخانيدار ايندا رهيا آهن جن کي برغلائڻ ۽ فلرٽ ڪرڻ جي ڪهاڻين سان جپاني ادب ڀريو پيو آهي. انهن خاص خاص گيشائن جو به وڏو مان ۽ مرتبو رهيو آهي جن جنسي تعلقاتن بنا ڳالهين ۽ فقط ڳالهين ذريعي ملڪ جي اهم شخصيتن کي پنهنجو ڪيو ۽ هنن جي سوچ ئي بدلائي ڇڏي.
    جنسي تعلقات (Sex) جي معاملي ۾ يوشيوارا مشهور رهيو آهي جتي جي چڪلن (Yukaku) ۾ سرڪاري رڪارڊ موجب اوڻهين صديءَ جي شروعات ۾ مختلف گريڊ جي 3000 رنڊين پنهنجي جسم جو وڪرو ڪيو ٿي ۽ 1893ع ۾ انهن جو تعداد 9000 کان به مٿي هو ۽ هيلٿ کاتي جي رڪارڊ موجب انهن ۾ ڪيتريون ئي سفليز ۽ ٻين V.D جي بيمارين جو شڪار هيون. انهن ڏينهن ۾ اهڙين بيمارين جا علاج اڃا ايجاد نه ٿيا هئا جيئن اڄ ڪلهه AIDS جهڙيون اهڙيون خطرناڪ بيماريون نڪري پيون آهن جن جا علاج نه آهن.
    هنن چڪلن ۾ والدين پنهنجيون ستن کان ٻارهن سالن جون ڇوڪريون سرڪاري لکپڙهه (Indenture) ذريعي، شرط شروطن تي صحيحون ڪري چڪلو هلائيندڙ پوڙهين حوالي ڪيون ٿي. جن انهن ڇوڪرين کي رهائش، ڪپڙي گندي ۽ کاڌي پيتي کان علاوه گراهڪ سان ڳالهائڻ جا گر، ناز نخرا ڪرڻ ۽ پاڻ وڻائڻ جون چالاڪيون سيکاريون ٿي. انهن چڪلن (Yoshiwara) ۾ ملڪ جي درٻار جا آفيسر به آيا ٿي ۽ ڪا ڪا خوش نصيب هوندي هئي ته هوءَ درٻار ۾ اعليٰ مقام تي پهچي ويندي هئي. هنن ڇوڪرين جو، چڪلي جي پوڙهي مالڪڻ سان، ٽريننگ بعد چڪلي ۾ ڪمائي ڏيڻ جو پنجن کان ڏهه سالن جو ٺيڪو (Contract) هوندو هو پر هو ماما سان (مالڪڻ) جون ايڏو قرضي ٿي وينديون هيون جو سڄي عمر قرض ۽ ان تي چڙهي ويل وياج لاهڻ لاءِ وَهنديون رهيون ٿي.
    هنن عورتن جو چڪلي مان پاڻ کي آزاد ڪرائڻ جو اهو ئي طريقو هو ته هو ڪنهن امير سيٺ کي اهڙو ته پاڻ وڻائين جو هو هنن کي خريد ڪرڻ لاءِ راضي ٿي وڃي ۽ پوڙهيءَ کي هن مٿان ڪيل خرچو بمع فائدي جي ڏئي ڇوڪريءَ کي پنهنجي حوالي ڪري. پوءِ سيٺ جي مرضيءَ تي آهي ته ان ڇوڪريءَ کي هو زال ڪري رکي، ڪنيز (Concubine) ڪري رکي يا ڪنهن جنسي ڌنڌي سان لڳائيس.
    يوشيوارا (چڪلي) ۾ ڪم ڪندڙ انهن ڇوڪرين لاءِ پنهنجي جان آزاد ڪرائڻ لاءِ ٻيو اهو طريقو هو ته هو گهڻي کان گهڻن گراهڪن سان گذاري گهڻو پئسو ڪمائي مقرر مدت اندر پنهنجي مالڪڻ جو قرض لاهين. اهو ورلي ڪو ممڪن ٿيو ٿي. ماما سان (چڪلي جي مالڪڻ) جو قرض لاهڻ ۾ هنن جي عمر ڳري وئي ٿي. جنسي بيمارين ڪري هو ننڍي عمر ۾ ئي مري ويون ٿي يا ٻار ٿيڻ تي ان جي Abortion ۾ به ڪيتريون ئي مري ويون ٿي يا معذور ٿي ويون ٿي. جپان ۾ ڪنهن وئشيا سان شادي ڪرڻ عيب (Taboo) نه هو پر ڪيترن ظالم مڙسن وٽ زندگي بسر ڪرڻ بدران هو وري پنهنجو پراڻو ڌنڌو قائم رکڻ لاءِ پنهنجي ماما سان وٽ پهچي ويون ٿي.
    يوشيوارا ۾ سوشل ڪلاس نٿي رکيو ويو. هڪ عام ماڻهو به جي پنهنجو کيسو پئسن سان ڀري چڪلي ۾ پهتو ٿي ته هن جي عزت ۽ خذمت سمورائي Samurai (جنگي جوڌي/ جنگجو) جيتري ڪئي وئي ٿي. جيتوڻيڪ ’سمورائي‘ چڪلي ۾ اچڻ کان دل شڪسته ڪيا ويا ٿي پر هو ڪڏهن ڪڏهن اچي ويا ٿي. اهڙي صورت ۾ هنن کي پنهنجا هٿيار ٻاهر جمع ڪرائڻا پيا ٿي. قانون مطابق هڪ گراهڪ هڪ رات کان وڌيڪ نٿي رهي سگهيو. پر ان تي عمل ورلي ڪو ٿيو ٿي.
    يوشيوارا ۾ ڪم ڪندڙ وئشيائن کي چڪلي جي قاعدي موجب بلو رنگ جو سادو وڳو پهرڻو پوي ٿو پر هر هڪ پاڻ وڻائڻ ۽ پنهنجو مان اوچو رکڻ لاءِ سلڪ ۽ مخمل جي ڪپڙن جا بيحد نئين ڊيزائين جا وڳا پهريا ٿي. ايتريقدر جو شهر جي وڏن گهرن ۾ يوشيوارا کان فئشن آيو ٿي. بقول ان وقت جي هڪ انگريز ليکڪ جي: (fashion was so important in yoshiwara that it freguently dictated the fashion trends for the rest of japan……) ٻين رسمن رواجن وانگر جپان ۾ چانهه پيئڻ جي رسم يا محفل (Tea Ceremony) به هڪ عام ڳالهه رهي آهي جنهن کي جپاني ٻوليءَ ۾ چانويو (Chanoyu)، ساڊو (Sado) يا فقط چانهه (Ocha) سڏيو وڃي ٿو. اها بس ٻه ڍڪ چانهه پيئڻ ناهي پر رسم ۽ آدابن موجب ان کي ديڳڙيءَ ۾ تيار ڪرڻ ۽ پوءِ ڪوپن ۾ وجهي ڍُڪ ڍُڪ ڪري پيئڻ آهي جيئن اسان جي ننڍي کنڊ جي ناچ گهرن ۾ آيل نوابن کي ڪوٺي جون تيار ٿيل ڳائڻيون نخرن سان پان ٺاهي کارائينديون هيون. يعني اهي اسان وٽ پان کائڻ جا آداب هئا. سو هتي جپان ۾ به سائي چانهه جي پائوڊر (Matcha) مان چانهه ٺاهي ڪنهن مٺي شيءِ سان پيش ڪئي وڃي ٿي..... ڇو جو اها چانهه بنا کنڊ جي ڪڙي ٿئي ٿي.
    جپانين کي شروع شروع ۾ چانهه جي خبر به نه هئي. جپان ۾ هونءَ به ڪيتريون شيون، ريتون رسمون ويندي الف ب (الفابيٽ) به چين کان آئي ۽ چين کي به چانهه جي چوٿين صديءَ ۾ خبر پيئي ۽ جپان ۾ ته ڪو به چانهه جو ٻوٽو نظر نٿي آيو. ٽئنگ سلطنت جي ڏينهن ۾ 618ع ۽ 907ع جي وچ ۾ جڏهن چين ۽ جپان جا تعلقات عروج تي هئا ته چانهن جو ٻيجارو جپان آندو ويو. جپان جي ادب ۾ چانهه جي محفلن جو پهريون ذڪر اٺين صديءَ ۾ آيو آهي. ان وقت اهي چانهه جون محفلون اڄ جي جپاني ٽي سيريمني جهڙيون نه هيون. اٺين صديءَ جي هڪ ٻوڌي ٻائي جو چانهه ٺاهڻ بابت هڪ ڪتاب جپاني ادب ۾ مشهور آهي. جنهن جو نالو Cha Ching آهي. جپاني ٻوليءَ ۾ چانهه کي چا (Cha) سڏين ٿا پر کاڌي پيتي جي ٻين شين وانگر چانهه جي لفظ اڳيان به ‘O’ جو اُچار هڻي ادب سان Ocha سڏين ٿا ويندي کاڌي رکڻ جي باڪس (لنچ باڪس) جيڪا بينٽو (Bento) سڏجي ٿي ان اڳيان پڻ (O) هڻي O-bento سڏجي ٿي.
    جپان جي نارا دور حڪومت (710 کان 794) ۾ جپان ۾ چانهه جا ٻوٽا پوکڻ شروع ٿيا هئا پر اهي فقط جپان جي وڏن ماڻهن: شرفائن (حاڪمن) ۽ ٻاون دوا خاطر استعمال ڪيا ٿي. پوءِ آهستي آهستي جپان ۾ چانهه دوا بدران مشروب طور استعمال ٿيڻ لڳي.


    اسان جا شاگرد جپان ۾

    جپان جي اڳوڻي گادي واري تاريخي شهر ڪيوٽو جي جڏهن به ڳالهه نڪري ٿي ته اتي جي مندرن ۽ گيشائن کي ئي ياد ڪيو وڃي ٿو جنهن کان هي شهر مشهور آهي .... ان کان علاوه چيري بلاسم ۽ سڪورا گلياد اچن ٿا جن کي سرءُ ۽ بهار جي موسم ۾ کڙندو ۽ ڪومائيندو ڏسڻ لاءِ نه فقط جپان جا ماڻهو پر دنيا جي مختلف ملڪن جا ٽوئرسٽ هتي اچن ٿا. ڪيوٽو پارڪن ۽ پلين جو شهر آهي، اوچايا (چانهه گهر) ۽ اوڪي يا (گيشا گهرن) جو شهر آهي. پر اڄ اهو به لکندو هلان ته ڪيوٽو يونيورسٽين جو به شهر آهي بلڪ دنيا جي بهترين يونيورسٽين جو شهر آهي. اسان جي حيدرآباد شهر ۾ اڄ ڪلهه خبر ناهي ڪيتريون يونيورسٽيون آهن - سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، لياقت يونيورسٽي، اسرا يونيورسٽي ۽ شايد هڪ ٻه ٻيون به هجن ۽ اهڙي هڪ ٻه يونيورسٽيون ٻڌو اٿم ته سنڌ حڪومت يا بحريا وارا ٺهرائي رهيا آهن. حيدرآباد ضلعي جي پکيڙ ۽ آدمشماري جيڏي ڪيوٽو ۾ ٽيهن کان مٿي يونيورسٽيون آهن. ٽيهه ان ڪري چوان ٿو جو اهي ٽيهه ته اعليٰ درجي جون آهن جيڪي سالن کان ڏسندو اچان يا ڪيوٽو اچڻ تي منهنجو انهن اڳيان لنگهه ٿئي ٿو. يونيورسٽيءَ کي جپانيءَ ۾ “دائي گاڪو” سڏين ٿا. پوءِ ڪن يونيورسٽين کي مقامي ماڻهو انگريزي نالي “يونيورسٽي” سان سڏين ٿا ته ڪن کي پنهنجي ٻولي جي لفظ Daigaku سان. جيئن “ڪيوٽو سيئڪا دائي گاڪو”، “ڪيوٽو سانگيو دائي گاڪو”، “دو شيشا دائي گاڪو”، “اوتاني دائي گاڪو” ۽ “هنا زونو دائي گاڪو”، “ڪيوٽو ٽاچي بانا دائي گاڪو” وغيره.
    ڪيوٽو جي ڪجهه ٻين يونيورسٽين جا نالا هن ريت آهن:
    • رِتو ميئي ڪان يونيورسٽي
    • ريوڪو ڪُو يونيورسٽي
    • ڪيوٽو يونيورسٽي آف فارين اسٽڊيز
    • ڪيوٽو يونيورسٽي آف ميڊيسن
    • بُڪ ڪيو يونيورسٽي
    • ڪيوٽو وومين يونيورسٽي
    • ڪيوٽو يونيورسٽي آف ايڊيوڪيشن
    • ڪيوٽو فارماسيوٽيڪل يونيورسٽي
    • سُوچي اِن يونيورسٽي
    ڪيوٽَو پريفيڪچرل يونيورسٽي، وغيره وغيره.
    مٿي بيان ڪيل سڀ ٽاپ جون يونيورسٽيون آهن. پر جيڪڏهن ڪو پڇي ته انهن مان سڀ ۾ ڪهڙي يونيورسٽي اتم اتاهين آهي ته اها “ڪيوٽو يونيورسٽي” آهي جنهن جو نالو مٿين يونيورسٽين ۾ شامل نه ڪيو اٿم.
    ڪيوٽو يونيورسٽي يعني ڪيوٽو دائي گاڪو يا شارٽ فارم ۾ فقط ڪيودائي (Kyodai) به سڏجي ٿي. ڪيو معنيٰ ڪيوٽو ۽ دائي معنيٰ دائي گاڪو، جيئن ٽوڪيو يونيورسٽي فقط تودائي (Todai) به سڏجي ٿي. هيءَ ڪيوٽو يونيورسٽي جپان جي ستن نئشنل يونيورسٽين مان هڪ آهي ۽ جپان جي ٽوڪيو يونيورسٽي بعد ٻيو نمبر پراڻي يونيورسٽي آهي جيڪا 1897ع کان يونيورسٽي جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهي آهي. اها شروع ۾ 1869ع ۾ اوساڪا ۾ ڪيمسٽري اسڪول طور کلي. بعد ۾ 1886ع ۾ هائير اسڪول ٿيو ان بعد ڪيوٽو يونيورسٽي ٿي. ڪيوٽو يونيورسٽي سڄي ايشيا ۾ اول درجي جي Research Oriented انسٽيٽيوشن آهي جيڪا دنيا جا مشهور سائنسدان ۽ ريسرچر پئدا ڪرڻ کان مشهور آهي. ذرا سوچيو ته هن يونيورسٽي جي سترهن ڄڻن کي نوبل پرائيز ملي چڪي آهي ۽ ٻين ڪيترن کي فيلڊ ميڊلس Gauss پرائيز جهڙا ايوارڊ ملي چڪا آهن. هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ واري اسٽاف جو تعداد 2864 آهي. انتظاميا هلائڻ وارن جو تعداد 5397 آهي. جملي شاگرد 23000 آهن جن ۾ انڊر گرئجوئيٽ 13500 کن آهن ۽ پوسٽ گرئجوئيٽ 9500 آهن. ڪيوٽو يونيورسٽي جا ڪيوٽو ۽ ان جي آسپاس ڪل ٽي ڪئمپس آهن جن مان يوشيدا وارو مين ڪئمپس آهي ۽ ڪتسورا (Katsura) ۽ اوجي (Uji) باقي ٻه آهن.
    هندستان جي ورهاڱي کان اڳ سائوٿ انڊيا جي نير نالي هڪ شاگرد هن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي. انڊيا ٿيڻ بعد انڊيا جي وزيراعظم جواهر لعل نهروءَ نير کي انڊيا گهرائي کيس قونصل جنرل جي پوسٽ آفر ڪئي پر هن جپان ۾ سفير ٿيڻ چاهيو ٿي. هو بنا آرڊر جي جپان موٽي آيو ۽ گنزا (ٽوڪيو جي صدر علائقي) ۾ اچي انڊين ريسٽورنٽ کولي جنهن ۾ اسان جهاز وارن جو وڃڻ ٿيندو هو ۽ نير جي علمي ڳالهين مان لطف اندوز ٿيندا هئاسين. نير جي زندگيءَ جو دلچسپ احوال هن کان اڳ واري سفرنامي: “ڳوٺ جروار کان جپان” ۾ ڏئي چڪو آهيان. اڄ به ٽوڪيو يونيورسٽي وٽان لنگهندي نير ياد اچي ٿو. ڪيوٽو جو هڪ ٻيو همراهه جنهن سان عليڪ سليڪ رهي آهي اهو جپاني نو مسلم پروفيسر ياسوشي ڪوسُوگي (Prof. Yasushi Kosugi) آهي جيڪو ڪيوٽو يونيورسٽي ۾ ايشين ائنڊ آفريڪن ايريا اسٽڊيز گرئجوئيٽ اسڪول جو ڊين آهي. اسلام سان لڳاءُ هجڻ ڪري هن 1972ع ۾ ٽوڪيو يونيورسٽيءَ ۾ عربي سکي، ٽن سالن بعد هن کي مصر جي حڪومت طرفان اسڪالرشپ ملي ته اسلامڪ اسٽڊيز جو اسپيشل ڪورس ڪري. 1983ع ۾ پروفيسر ڪوسوگيءَ مصر جي الاظهر يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪئي. 2008ع ۾ جڏهن ملائيشيا جي UKM يونيورسٽيءَ انسٽيٽيوٽ آف اسلام حضاري (Islam Hadhari) قائم ڪئي ته ڪيوٽو يونيورسٽي وارن هنن سان نيٽ ورڪنگ شروع ڪئي. پروفيسر ڪوسوگيءَ کي بين الاقوامي ڪانفرنسز ۽ سيمينارن ۾ اڪثر سڏرايو ويو ٿي جن ۾ انگلينڊ جي درهام يونيورسٽي ۽ ڪئمبرج يونيورسٽي جي اسلامڪ فائونڊيشن به اچي وڃي ٿي.
    پروفيسر ڪوسوگيءَ پنهنجي درس تدريس جي شروعات انٽرنيشنل يونيورسٽي آف جپان کان ڪئي. اتي هن پهرين اسسٽنٽ ريسرچر جي حيثيت ۾ ڪم شروع ڪيو، بعد ۾ هو اتي جو سينيئر ريسرچ فيلو ٿي رهيو. ان بعد هو انسٽيٽيوٽ آف مڊل ايسٽرن اسٽڊيز آف جپان جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو جنهن کان پوءِ هن کي هن يونيورسٽي، ڪيوٽو يونيورسٽيءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو.
    پروفيسر ڪوسوگي مڊل ايسٽرن اسٽڊيز سينٽرن جو وزٽنگ اسڪالر ۽ جپانيز سائنس ڪائونسل جو ميمبر پڻ آهي. پاڻ اسلام سان واسطو رکندڙ ڳالهين تي ليڪچر ڏيڻ کان مشهور آهي، جيئن ته:
    * Islamic Revival Revisted.
    * New Horizons in Islamic Area Studies.
    * Tasks & Prospects of Islamics as a Fronten Science.
    * Islamic Revival and Islamization of Sciences: A Japanese Perspective.
    * Islam, Science & Civilization.
    * Current State of Islamic Studies in Japan.
    ڪيوٽو يونيورسٽي کان اڳ منهنجي ساڻس ملاقات ملائيشيا ۾ ئي ٿي جتي هو اسلام تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ اڪثر گهرايو ويو ٿي.
    ڪيوٽو يونيورسٽيءَ ۾ اڳئين دفعي هڪ اهڙي نوجوان ليڪچرار سان به ملاقات ٿي جنهن جي وڏن جو واسطو سنڌ جي ننڍڙي شهر بوبڪن سان هو. ڊاڪٽر علي گل قريشيءَ ٻڌايو ته هو نه فقط هتي پڙهائي ٿو پر هن اعليٰ تعليم به هن يونيورسٽيءَ مان ورتي آهي.
    علي گل قريشي 15 مارچ 1975ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو جتي سندس والد گل محمد قريشي صاحب روينيو ۾ آفيسر هو. پاڻ 1990ع ۾ مئٽرڪ ماڊل اسڪول حيدرآباد مان ڪئي ۽ انٽر ماڊل ڪاليج سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس مان ڪرڻ بعد 1999ع ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان B.E سِول انجنيئرنگ ۾ ڪئي. ان بعد ٻه سال کن اتي ئي ليڪچرار ٿي رهيو. ان دوران کيس ٿائلينڊ جي AIT (ايشن انسٽيٽيوٽ ٽيڪنالاجي) ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ اسڪالر ملي ۽ ٻن سالن اندر، 2005ع ۾ ٽرانسپورٽيشن انجنيئرنگ ۾ M.E ڪئي.
    ٿائلينڊ جي مٿئين يونيورسٽي AIT بئنڪاڪ کان 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي پاسوم ساني صوبي جي خلانگ لئانگ شهر ۾ آهي. هيءَ يونيورسٽي اعليٰ تعليم لاءِ بين الاقوامي ادارو آهي جيڪو انجنيئرنگ، ايڊوانس ٽيڪنالاجيز، مئنيجمينٽ ۽ پلاننگ جهڙن سبجيڪٽن لاءِ 1959ع ۾ کولي وئي. بقول اتي جي ڊين جي: (AIT aim is to promote technological change and sustainable development in the Asia Pacific region through higher education, research ………………
    هن يونيورسٽيءَ کي هلائڻ جو خرچو مختلف ادارا ۽ دنيا جي مختلف ملڪن جون حڪومتون پنهنجي حيثيت آهر ڏين ٿيون. بئنڪاڪ ۾ موجود تيرهن ملڪن جا سفير AIT بورڊ آف ٽرسٽيز جا ميمبر ٿين ٿا. اهي ملڪ آهن: بنگلاديش، ڪمبوڊيا، چين، فرانس، انڊيا، انڊونيشيا، ڪوريا، لائوس، پاڪستان، فلپن، سريلنڪا، سئيڊن ويٽنام، ٻن ملڪن (جپان ۽ يورپين يونين جي سفيرن جي حيثيت آبزرور واري رهي ٿي. هن يونيورسٽي ۾ 30 سيڪڙو ٿائليند جي شاگردن جو رهي ٿو باقي ستر سيڪڙو شاگرد 58 ملڪن کان اچن ٿا جن مان گهڻائي انهن جي آهي جن کي اسڪالر ملي ٿي. 2009ع ۾ هن يونيورسٽيءَ 50 سال مڪمل ٿيڻ تي گولڊن جوبلي ملهائي هئي. آئون ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جي شاگردن کي به هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ جي لاءِ اسڪالر مليو وڃي جيئن علي گل قريشيءَ کي 2003ع ۾ ملي. هن يونيورسٽيءَ بابت پهريون دفعو مون 1971ع ۾ ٻڌو جڏهن اسان جي ڪاليج ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ٻن شاگردن اقبال ترڪ ۽ رامچند اوڏ کي NED مان انجنيئرنگ ڪرڻ بعد ٿائلينڊ ۾ پڙهڻ لاءِ اسڪالر شپ ملي. منهنجي خيال ۾ اسان جي گهڻي کان گهڻي شاگردن کي هن يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي. مون کي خبر ناهي ته هن اسڪالر لاءِ ڪڏهن اپلاءِ ڪجي يا ڪهڙا شرط شروط آهن. بهتر ٿيندو ته هو نيٽ تي معلوم ڪن يا پنهنجن پروفيسرن کان پڇن جن مان پڪ ڪجهه هن يونيورسٽيءَ جا گرئجوئيٽ هوندا. هاڻ ته 1993ع کان هن يونيورسٽيءَ جو ڪئمپس ويٽنام ۾ به کوليو ويو آهي.
    علي گل قريشيءَ ٻڌايو ته هن AIT يونيورسٽيءَ مان جيئن ئي ٽرانسپورٽيشن انجنيئرنگ ۾ ماسٽرس ڪئي ته هن کي جپان حڪومت طرفان سندن ڪيوٽو يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ MEXT اسڪالر ڏني وئي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته هن اسڪالر تي به مون پنهنجي ملڪ جا شاگرد جپان جي مختلف يونيورسٽين ۾ Ph.D ڪندي ڏٺا آهن.
    ميڪسٽ، جيڪا Manbukagakusho اسڪالر شپ به سڏجي ٿي جپان حڪومت طرفان انهن فارين شاگردن کي ملي ٿي جيڪي جپان ۾ اعليٰ تعليم وٺڻ چاهين ٿا. هن اسڪالرشپ جي منظوري پاڪستان ۾ موجود جپان جي ايمبسي، قونصل خانو، جپان جي ڪا يونيورسٽي يا ٻي ڪا اعليٰ اٿارٽي ڪري ٿي. منهنجي پنهنجي ملڪ جي شاگردن کي اهائي صلاح آهي ته هو پنهنجي فيلڊ ۾ پي ايڇ ڊي ضرور ڪن ۽ ٻاهر پڙهڻ لاءِ خرچ جي مدد لاءِ ٻين سان گڏ هن اسڪالر لاءِ به ڪوشش ڪري ڏسن. ان لاءِ پڻ هنن کي کپي ته پنهنجي يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن کان گائيڊ لائين وٺن يا ڊاڪٽر علي گل قريشي جهڙن کان صلاح وٺن جن ان اسڪالر کي حاصل ڪري فائدو ورتو آهي.
    ڊاڪٽر علي گل قريشيءَ سال 2008ع ۾ ڪيوٽو يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽوريٽ ڪئي. پي ايڇ ڊي ۾ سندس سبجيڪٽ هو Urban Management. ان بعد کيس هتي ئي ليڪچرر رکيو ويو. ان حساب سان علي گل کي ڪيوٽو ۾ رهندي تيرهن سال ٿي ويا آهن ۽ اڄ ڪلهه هو ايسوسيئيٽ پروفيسر آهي ۽ پوسٽ ڊاڪٽوريٽ به ڪري رهيو آهي. ڊاڪٽر علي گل جي ٿائلينڊ اچڻ کان اڳ 2003ع ۾ حيدرآباد ۾ غلام الله قريشي جي ڌيءَ مهوش سان شادي ٿي ۽ هو ٻارن (ٻن ڌيئن: يارهن سالن جي اريج ۽ نون سالن جي اريشا) سان هتي (ڪيوٽو) جي مُڪوشي (Muko-shi) ۾ رهي ٿو. سندس گهرواري مهوش بنيادي تعليم حيدرآباد مان وٺڻ بعد Geo Informatic ۾ ماسٽرس ڪيوٽو يونيورسٽي مان ڪئي.


    جپان ۾ هڪ شهر کان ٻئي شهر سفر

    جپان جي هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ وڃڻ لاءِ نه فقط هڪ ٽرين يا بس آهي پر مختلف قسم جي رفتار ۽ سهوليت جون گاڏيون آهن جيڪي مختلف روٽ وٺي هلن ٿيون ۽ انهن جا ڀاڙا/ ٽڪيٽون به ان حساب سان آهن. هتي آئون اوساڪا کان ڪيوٽو وڃڻ جو احوال لکندس جنهن مان جپان ۾ رهندڙن يا انهن جو ڀلو ٿي سگهي ٿو جيڪي نوان نوان آيل آهن ۽ هنن جو اڃان هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ وڃڻ نه ٿيو آهي.
    ڪيوٽو شهر ڪلچر ۽ ثقافت جي لحاظ کان بهترين شهر آهي جنهن ۾ ٽوئرسٽن جي ڏسڻ لاءِ هزارين مندر، درگاهون، محلات ۽ باغ باغيچا آهن. ڪيوٽو بندرگاهه نه هجڻ ڪري اسان لاءِ اهو شهر گهمڻ ناممڪن هو پر مون کي ڪيوٽو ڏسڻ جو ايڏو شوق رهيو ٿي جو ڪوشش ڪري هر دفعي ڪيوٽو آيس ٿي. جپان جا بندرگاهه ڪوبي ۽ اوساڪا هڪ ٻئي جي بلڪل ويجها آهن ۽ اسانجي جهاز کي ڪڏهن ڪوبي بندرگاهه ۾ بيهڻ جي جاءِ ملي ٿي ته ڪڏهن اوساڪا ۾. انهن ٻنهي بندرگاهن کان تاريخي شهر ڪيوٽو ويجهو ۽ هڪ ئي فاصلي تي آهي ۽ ماڻهو بس يا ٽرين ۾ صبح جو وڃي، گهمي ڦري شام جو موٽي سگهي ٿو. منهنجو هر دفعي اوساڪا کان ڪيوٽو اچڻ ٿيو ٿي، ڪوبي ۾ شايد اسان جهازن وارن لاءِ ڊيوٽي فري دڪان ۽ آچر بازار جهڙيون سستيون بازاريون هجڻ ڪري اسان ڪوبي کان ٻاهر ڪيڏانهن به نٿي وياسين. ڪوبي ۾ مسجد ۽ مسلمانن جو تعداد به وڌيڪ هجڻ ڪري اسان کي ڪوبي ۾ وڌيڪ مزو آيو ٿي. اوساڪا انڊسٽريل شهر آهي. اوساڪا ۾ جهاز جي گهڻي اچڻ تي اتان ڀڄڻ تي دل چوندي هئي ۽ پوءِ ڪيوٽو نه ته ڪوبي به هليا ويندا هئاسين. هي 1970ع واري ڏهاڪي جون ڳالهيون آهن جڏهن اڃان نه ڪنٽينر جهاز عام ٿيا هئا ۽ نه بندرگاهه ۾ سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ جون سهولتون ماڊرن ٿيون هيون. جهاز تي سامان ٿورو ٿورو ٿي ٽرڪن ذريعي پهچندو هو جن مان ٿورو ٿورو ڪري نيٽ ذريعي کڄي جهاز جي هئچن (گدامن) ۾ رکيو ويندو هو. سڄو جهاز خالي ڪرڻ يا ڀرڻ ۾ هفتا لڳي ويندا هئا. ان ڪري ان زماني ۾ اسان جهاز هلائڻ وارن جا مزا هئا جو اسان کي بندرگاهن ۾ ترسڻ جو گهڻو موقعو ملي ويو ٿي. پر اڄ ڪنٽينر سروس هجڻ ڪري ۽ بندرگاهه ۾ طاقتور ڪرينون هجڻ ڪري اهي ٻن ڏينهن ۾ جهاز خالي ڪريو ڇڏين ۽ ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ جهاز کي ڪنٽينرن سان ڀريو ڇڏين. بلڪ (Bulk) کڻندڙ جهاز به ايترائي ڏينهن وٺن ٿا. اسان جي ڏينهن ۾ چانور يا ڪڻڪ ڳوڻين ۾ چڙهندي هئي ۽ لهڻ مهل هڪ هڪ ٽرڪ ايندي هئي ۽ ڀربي هئي پر هاڻ ڪڻڪ جي ڳوڻين بدران ڦوهاري ذريعي کلي طرح جهاز تي چاڙهي وڃي ٿي ۽ دنيا جي ٻي ملڪ ۾ پڻ ڦوهاري ذريعي ڪڍي وڃي ٿي.... اهو ڪم طاقتور پمپن ذريعي ڪيو وڃي ٿو جيڪي جيئن پاڻيءَ جي Suction ڪن ٿا تيئن اهي اناج جي سڪشن ڪن ٿا. سو اسان جي ڏينهن ۾ بندرگاهن ۾ گذارڻ وڌيڪ ٿيو ٿي ان ڪري قصا ڪهاڻيون به جام ٿيون ٿي. سمنڊ تي ته روز ساڳي زندگي رهي ٿي. ڪنهن ڪنهن بندرگاهه ۾ گهڻو وقت لنگر انداز ٿيڻ ڪري اسان کي ڀروارن شهرن ۾ به وڃڻ ٿيو ٿي جيئن انگلينڊ جي بندرگاهه لِورپول ۾ لنگر انداز ٿيڻ وارن ڏينهن ۾ بس يا ريل ذريعي ڀر واري شهر مانچسٽر به هليا وياسين ٿي. يوڪوهاما ۾ هجڻ دوران ٽوڪيو هليا وياسين ٿي. نيو جرسي جي بندرگاهه نيوارڪ (Newark) ۾ هجڻ دوران نيويارڪ (New York) به هليا وياسين ٿي ۽ اوساڪا ۾ هجڻ دوران ٻيا نه ته آئون ڪيوٽو هليو ويس ٿي. هينئر به منهنجو ڌيءَ وٽ اوساڪا وڃڻ ٿئي ٿو ته اوساڪا کان ڪيوٽو وڃان ٿو. بهرحال جپان جا سڀ شهر هڪ جهڙا آهن.... تمام گهڻي آدم شماري وارا ۽ تمام وڏي سائيز وارا جيئن اسان جو ڪراچي، لاهور، حيدرآباد وغيره آهي.
    اسان وٽ ٽنڊو آدم ۽ شهدادپور جهڙن شهرن لاءِ ته هڪ اسٽيشن ئي ڪافي آهي پر ڪراچي جهڙو شهر جنهن جي هڪ ڪنڊ ڪياماڙيءَ کان ٻي ڪنڊ سهراب ڳوٺ يا سرجاني ٽائون سمجهو ته 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي ڇهه ست يا ان کان به وڌيڪ ريلوي اسٽيشنن جي ضرورت آهي. انگريزن جي ڏينهن ۾ ئي ڪراچيءَ جون ٻه اسٽيشنون هيون: ڪراچي ڪئنٽونمينٽ ۽ ڪراچي سٽي، ان بعد ڊرگ روڊ، ملير، لانڍي ڀروارن ڳوٺن جون ريلوي اسٽيشنون هيون جيڪي سڀ علائقا هاڻ ملي هڪ ڪراچي ٿي ويو آهي ۽ اتي جون ريلوي اسٽيشنون ڪراچيءَ جون اسٽيشنون سمجهيون وڃن ٿيون. ان بعد جنگشاهي ۽ ڪوٽڙي ۽ پوءِ حيدرآباد، ٽنڊوآدم يا ٻڍاپور، دادو وغيره اچن ٿا.
    انگريزن جي وڃڻ بعد اسان وٽ ريلوي ۾ نه واڌارو آيو نه سڌارو، جيتوڻيڪ انڊيا ۾ نيون نيون اسٽيشنون ۽ نيون ريلوي لائينون ۽ Routes ٺهي ويون. جپان جهڙن شهرن ۾ ته الائي ڇاڇا واڌارو آيو آهي.
    اسان وٽ به جي دهليءَ وانگر ميٽرو ٽرين يا ٽرام هلي ته ڪراچي جي هڪ ڪنڊ ڪياماڙي بعد گهاس بندر، بولٽن مارڪيٽ، صدر، گرومندر، لياقت آباد، يوسف پلازه، سهراب ڳوٺ جهڙيون اسٽيشنون هڪ روٽ تي ٻي روٽ تي ڪياماڙي، ٽاور، وزير مئنشن، گل بائي، پاڪ ڪالوني، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي، سرجاني ٽائون وغيره ٻئي پاسي ٿي وڃن ۽ ڪياماڙي ضياءُالدين اسپتال، بلاول چوڪ، ڪلفٽن، ڊفينس، اختر ڪالوني، محمودآباد، بلوچ ڪالوني، شاهه راهه فيصل، ايئرپورٽ وغيره نالن واريون اسٽيشنون ٽي طرف ۽ اهڙي طرح ٻيون به ڪيتريون ئي اسٽيشنون ۽ Routes اسان جي شهر ڪراچي ۾ ٿي وڃن. اهو ئي حال جپان جي ٽوڪيو، اوساڪا، ڪوبي، هيروشيما ڪيوٽو وغيره جو آهي. 1960ع ۽ 1970ع واري ڏهاڪي ۾ اسان جو جهاز اوساڪا جي بندرگاهه ۾ اچي لنگر انداز ٿيندو هو ته بندرگاهه واري ريلوي اسٽيشن “اوساڪا ڪو” کان راجاجي ريل ۾ چڙهبو هو ته گهاس بندر، بولٽن مارڪيٽ، جامع ڪلاٿ مارڪيٽ جهڙيون بينٽنچو، اساشيوباشي، نِشي ڪوجو، هوم ماچي اسٽيشنون لتاڙي اوساڪا جي صدر واري علائقي اُميدا (Umeda) کان اچي نڪربو هو ۽ پوءِ اُميدا کان ٻي ريل گاڏيءَ ۾ ڪوبي، ڪيوٽا يا ٻين شهرن ڏي پيو وڃبو هو. هڪ ئي سرڪاري ٽرين هوندي هئي ان ۾ پيو اچبو وڃبو هو. پر هاڻ ته سڄي دنيا بدلجي وئي آهي. اوساڪا جهڙي شهر ۾ انيڪ ريلوي اسٽيشنون ٿي ويون آهن ۽ ڪيتريون ئي Routes ٿي ويون آهن جيئن مٿي ڪراچيءَ جون ٽي خيالي روٽس لکيون اٿم ۽ انهن روٽس تي ڪيترن ئي قسمن جون ٽرينون هلن ٿيون، جيئن ته سڀ کان تيز هلندڙ شنڪانسين (جيڪي بليٽ ٽرينون سڏجن ٿيون)، رئپڊ ٽرينون، سرڪاري JR ڪمپنيءَ جون ريل گاڏيون ۽ هئنڪيو ريلوي جهڙيون پرائيويٽ ريل گاڏيون ۽ انهن ريل گاڏين جا مختلف قسم آهن جيئن بليٽ ٽرين (شنڪانسين) جا نوزومي، هِڪاري ۽ ڪوداما ۽ مختلف رفتار ۽ آرام واريون ريل گاڏيون مختلف ريلوي اسٽيشنن تان شروعات ڪن ٿيون ۽ مقرر ريلوي اسٽيشنن تي ترسنديون ڪيوٽو پهچائين ٿيون. ڪيوٽو ۾ به اوساڪا وانگر ڪيتريون ئي اسٽيشنون آهن ۽ هر ٽرين پنهنجن مقرر ٻن يا ٽن ريلوي اسٽيشنن تي بيهي ڪيوٽو ڇڏي ٿي. هر ٽرين جي پنهنجي رفتار هجڻ ڪري اها اوساڪا کان ڪيوٽو اوتري وقت ۾ پڄائي ٿي. سستي سستي ڀاڙي واري ٽرين جي ٽڪيٽ اسان جي ملڪ جي ماڻهوءَ لاءِ ڳري ٿئي ٿي. ان ڪري اسانجي ماڻهوءَ کي کپي ته اکيون پوري، جيڪا ريل منهن ۾ اچي ان ۾ چڙهي نه پئجي پر سفر کان اڳ هوم ورڪ ڪرڻ کپي ته اوساڪا مان هن کي ڪهڙي اسٽيشن تان ريل ۾ چڙهڻ کپي ۽ ڪيوٽو ۾ توهان ڪهڙا مندر يا شيون ڏسڻ ٿا چاهيو ته توهان کي کپي ته اهڙي ٽرين ۾ چڙهو جيڪا ڪيوٽو ۾ انهن شين جي ڀر واري ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي جتي لهي توهان واڪ ڪري منزل تي پهچي وڃو. اهو حساب ڪرڻ به ضروري آهي ته توهان لاءِ وقت ضروري آهي يا پئسو؟ ڇو جو توهان واندا مل آهيو ته بليٽ ٽرين ۾ ڇو سفر ڪجي جنهن جي ٽڪيٽ عام ٽرين کان ٽيڻي چئوڻي آهي.
    اوساڪا شهر جي ڪيترين اسٽيشنن مان پنج ڇهه جيڪي اهم اسٽيشنون آهن جن تان ريل گاڏيون ٻين شهرن ڪيوٽو يا ڪوبي ڏي وڃن ٿيون، اهي آهن:
    نمبا Namba
    ڪيوباشي Kyobashi
    يودويا باشي Yodoyabashi
    اميدا Umeda (جيڪا پراڻي اوساڪا اسٽيشن آهي)
    شن اوساڪا Shin Osaka نئين اوساڪا اسٽيشن اهڙي طرح ڪيوٽو شهر جون اهم اسٽيشنون آهن:
    توفوڪوجي Tofukuji
    ڪوارا ماچي Kawaramachi
    سانجو Sanjo
    ڪارا سُما Karasuma
    اراشي ياما Arashaiyama ۽ ڪيوٽو Kyoto
    ديماچي ياناگي Demachiyanagi وغيره.
    ۽ ائين ئي جپان جي ٻين شهرن جون ڪجهه ريلوي اسٽيشنون اهم آهن جن کي توهان جنڪشنون به چئي سگهو ٿا جو هتان هڪ کان وڌيڪ ريلون لنگهن ٿيون يا هتان ٻين شهرن ڏي ريلون وڃن ٿيون. بليٽ ٽرين (شنڪاسين) جيڪا سڀ ۾ تيز رفتار ريل آهي جنهن سان اوساڪا ۽ ڪيوٽو شهر ڳنڍيل آهن. ان ريل Shinkansen ۾ اوساڪا شهر جي “شن اوساڪا” ريلوي اسٽيشن تان سوار ٿي سگهجي ٿو جيڪا اوساڪا کان ڪيوٽو جو 43 ڪلوميٽرن جو سفر 15 منٽن ۾ پورو ڪري ڪيوٽو شهر جي مرڪزي اسٽيشن ڪيوٽو تي پهچي ٿي. ان جي هڪ طرفي ٽڪيٽ 1420 يين آهي. اڄ ڪلهه جپان جي سڪي هڪ يين جي قيمت هڪ روپيو آهي يعني ايترا روپيا ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هيءَ ٽرين تيز رفتار هجڻ ڪري منزل تي جلد ٿي پهچائي، بيحد فرحت واري آهي. پر يارو اسان کي ڪهڙو جلد پهچي هوائي جهاز اڏائڻو آهي يا اسانجو ڪهڙو ڪارن يا ڪئميرائن جو ڪارخانو آهي جنهن مان روزانو لکين رپين جو فائدو پيو ٿئي. ڪيوٽو پهچي به اهو ئي واڪ ڪري ڪو مندر يا پارڪ ڏسڻو آهي ۽ هڪ سئو يين واري پٽئٽو چپس جي ٿيلهي وٺي کائڻي آهي. سو اسان لاءِ ڪهڙو فرق ٿو پوي، جي بليٽ ٽرين جي وهڻ جي سيٽن تي مخمل جي ڪپڙي جا ڪور آهن ۽ ٽوائليٽ ۾ اوچي چينيءَ جا ڪموڊ ۽ رولڊ گولڊ جا نلڪا آهن. اسان جهڙا ماڻهو ته اهي پندرهن منٽ بيهي به گذاريو ڇڏين. اسان کي انهن پندرهن منٽن جي سفر ۾ ڪهڙو آرمده سيٽن تي اکيون پوري ننڊ پوري ڪرڻي آهي يا سون ورنا ڪموڊ استعمال ڪرڻا آهن!
    بليٽ ٽرين جي تعريف ۾ اسان جا ماڻهو ٽڪيٽ ڀري به هن ۾ هڪ دفعو وهڻ چاهين ٿا ته جيئن احساس (Feelings) وٺي سگهن. پر توهان کي اهو ٻڌايان ته ڪو احساس نٿو ٿئي ته توهان ايڏي تيز رفتار سان سفر ڪري رهيا آهيو. ڪڏهن هوائي جهاز ۾ ٿيو آهي؟ هيءَ تيز رفتار بليٽ ٽرين ڏسڻ جو مزو ٽرين مان ٻاهر بيهي ڏسڻ ۾ آهي ته هوءَ ڪيئن توهان جي اڳيان اک ڇنڀ ۾ گذريو وڃي. ها البته توهان پنهنجي ملڪ مان جپان جي رٽرن ٽڪيٽ سان گڏ “جپان ريل پاس” به خريد ڪئي آهي ته پوءِ ضرور بليٽ ٽرين ۾ سفر ڪريو. بلڪه ٽوڪيو مان سڌا ڪيوٽو هليا اچو جو پاس جي ڪري توهان مفت سفر ڪري سگهو ٿا. ٽوڪيو کان ڪيوٽو باءِ ايئر 365 ڪلوميٽر مفاصلو آهي پر جيئن ته ريل گاڏي ور وڪڙ کائي پهچي ٿي ان ڪري ٽوڪيو کان ڪيوٽو ريل گاڏيءَ لاءِ مفاصلو 456 ڪلوميٽر ٿئي ٿو جيڪو تيز رفتار ٽرين به ڪلاڪ ويهه منٽن ۾ ڪري ٿي ۽ هڪ طرفي ٽڪيٽ 13000 يين (رپيا) آهي.
    بهرحال پاڻ اوساڪا کان ڪيوٽو سفر ڪرڻ جو احوال ڪري رهيا هئاسين جيڪو اسان لاءِ بليٽ ٽرين ۾ ڪرڻ پئسي جو زيان آهي. وقت ڀلي وڌيڪ لڳي پر اجايو خرچ ته نه ٿئي. سو ان لاءِ JR ڪيوٽو لائين بهتر آهي جيڪا اوساڪا کان ڪيوٽو پهچڻ ۾ 24 منٽ لڳائي ٿي ۽ ٽڪيٽ اڌ کان به گهٽ 560 يين (رپيا) آهي. اهڙي طرح پرائيويٽ ريل ڪمپني “ڪيئي هان” جي ٽرين اوساڪا پاسي “يودويا باشي” ريلوي اسٽيشن کان مسافر کڻي ڪيوٽو پهچي ٿي. اها اوساڪا جي ٻين اسٽيشنن نمبا ۽ اميدا تي به بيهي پئسينجر کڻي ٿي ان ڪري 55 منٽن ۾ ڪيوٽو پهچائي ٿي پر سندس ڀاڙو فقط 410 يين آهي. اهڙي طرح هڪ ٻي پرائيويٽ ڪمپني هئنڪيو Hankyo جو ڀاڙو 400 يين آهي ۽ اها اوساڪا کان ڪيوٽو 44 منٽن ۾ پهچائي ٿي.
    سو توهان کي جپان جي هڪ شهر کان ٻئي ۾ وڃڻ ٿئي ته تڪڙ کان ڪم نه وٺو ۽ برونائي، ڪويت ۽ عرب ملڪ جي ڪنهن امير کان پڇڻ بدران پنهنجي پاسي جي ڪنهن ملڪ انڊيا، پاڪستان، سريلنڪا، نيپال، بنگلا ديش جي ڪنهن همراهه کان پڇندائو ته هو توهان جي صحيح رهنمائي ڪندو ته توهان پنهنجي شهر جي ڪهڙي اسٽيشن تان، ڪهڙي ڪمپني جي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهو جيئن توهان پئسو بچائي سگهو.


    جپان ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ريل پاس

    هتي جپان ويندڙن لاءِ هڪ اهم شيءِ “جپان ريل پاس” جو احوال لکڻ ضروري سمجهان ٿو. هر دفعي جپان پهچي مون کي ان جي ياد ايندي آهي ۽ ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي ته ڏس ته صحيح ڪيڏي غلطي ڪيم. هن دفعي وري “جپان ريل پاس” خريد ڪرڻ وسري ويم. هوائي جهاز جي ٽڪيٽ سان گڏ ان ريل پاس لاءِ به ٽريول ايجنٽ کي چوان ها. مون لاءِ اها ڪيڏي ضروري آهي، جنهن کي هاڻ جپان ۾ نه ڪم نه ڪار- سڄو ڏينهن رڳو گهمڻو آهي. رڳو ريل گاڏين ۽ بسين ۾ چڙهڻو آهي ۽ هر وقت سفر لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪرڻ مهل ڪيڏي تڪليف ٿي ٿئي.
    جپان حڪومت دنيا جي ماڻهن کي جپان گهمڻ، يعني ٽوئرزم وڌائڻ لاءِ هي پاس جو سسٽم ڪڍيو آهي جيڪا هڪ هفتي، ٻن يا ٽن هفتن لاءِ خريد ڪري سگهجي ٿي پر ان لاءِ هي شرط آهن ته اهو ماڻهو جپان جو نه پر ڌاريون هجي ۽ ٻي ڳالهه ته اها پاس (جپان جي ريل گاڏين، بسين ۽ ڪجهه فيرين ۾ چڙهڻ جي) پنهنجي ملڪ مان – يعني ڪراچي جي ٽريول ايجنٽ کان خريد ڪري سگهجي ٿي.
    ڳالهه اها آهي ته جپان جي ريل گاڏين، ويندي بليٽ ٽرين (شنڪاسين) ۽ بسين ۾ مفت سفر ڪرڻ لاءِ هيءَ پاس جيڪا هر خيال کان سستي هجڻ جي باوجود، اسان جهڙن لاءِ ايڏي سستي به ناهي. پر جي ٽڪيٽ جو حساب ٿو لڳائجي ته ان جو اگهه به دماغ ٿي چڪرائي. پر سوال آهي ته جپان ۾ سستي آهي ئي ڪهڙي شيءِ؟ جتي هڪ عام هوٽل ۾ ڪمري جي مسواڙ 25 هزار رپين کان 60 هزار تائين هجي، جتي عام ڀت جي پليٽ ۽ مڇي ڳڀيءَ جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي هزار رپيا هجي ۽ پاڻيءَ جي ننڍي بوتل ٻهَ سئو رپين جي هجي اتي اسان جهڙي ملڪ جو ڪهڙو هلي ملي جپان گهمڻ لاءِ ايندو؟ ۽ نه وري ڪو جپانين جو اسان لاءِ هانءُ ٿو ماندو ٿئي ته اسان جهڙن ملڪن جو ڪو سندن ملڪ ۾ اچي. ان جو اندازو هنن کان ويزا حاصل ڪرڻ مان ئي لڳائي سگهو ٿا. هاڻ ته ايڏي سختي ڪئي اٿن ته گهمڻ لاءِ به فقط اهي اچي سگهن ٿا جن جا رت جا رشتا آهن. پر سفارتخاني کي مون جهڙن جي خبر هوندي به ته پنهنجي ڌيءَ ۽ ڏوهٽن سان ملڻ لاءِ ٿو وڃان ڇا ڇا ته ڪاغذ جمع ڪرائڻا پون ٿا.
    جيڪڏهن توهان سرڪاري دوري تي، سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ يا ڪنهن يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ وڃو پيا ته پوءِ توهان جي رهائش، کاڌي پيتي ۽ موڪل واري ڏينهن گهمائڻ جو بندوبست توهان جو ميزبان، جپاني حڪومت، يونيورسٽي يا واسطيدار ادارو ئي ڪندو. جن جا مائٽ مٽ آهن يا ڪن خاص ادارن ۾ دوست آهن جيڪي توهان کي گهرائڻ جو بندوبست ٿا ڪن ته انهن لاءِ به وڏو سک آهي ۽ پئسي جو وڏو بچاءُ آهي جو ظاهر آهي جپان ۾ ٻه مهانگيون شيون رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست هو ڪن ٿا باقي ٽي شيءِ گهمائڻ ڦيرائڻ ۾ به هو مدد ڪن ٿا جو پنهنجي ڪار کڻي هلن ٿا. پر جيئن ته هو هفتي جا پنج ڏينهن نوڪري ۾ سخت بزي رهن ٿا ان ڪري توهان کي اڪيلي سر پنهنجي منهن هلڻو پوي ٿو ۽ ان لاءِ هيءَ جپان جي ”ريل پاس“ وڏي ڪارائتي شيءِ آهي. هي ريل جون پاسون جن کي جپان ۾ “جپان ريرو پاسو” سڏين ٿا يعني Japan Reru Pasu دراصل انگريزيءَ جي ئي لفظ Japan Rail Pass مان جڙيو آهي جيئن اسان وٽ اسٽيشن مان سنڌي لفظ ٽيشن ٿيو آهي يا بس اسٽاپ مان لفظ “اسٽان” ٿيو آهي. تيئن انگريزيءَ جا سوين لفظ آهن جيڪي جپانيءَ ۾ مڪس ٿي ويا آهن. ڪي ته هوبهو ائين ئي سڏجن ٿا جيئن اسان وٽ انگريزي جا سنڌي يا اڙدو ۾ لفظ آهن: گلاس، ٽب، بس، ڪار، اسڪول، واٽر ڪورس، روڊ، بلب وغيره. اهو ان ڪري جو اڙدو ۽ سنڌيءَ ۾ الف ب جا اکر انگريزيءَ کان وڌيڪ آهن. انگريزيءَ جو ڪو به لفظ سنڌي يا اردو ۾ اچاري سگهجي ٿو. پر ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ٻيءَ کان گهٽ اکر آهن ته پوءِ مشڪل ٿيو پوي جيئن سنڌيءَ جا لفظ ڄڃ، ڏيڏر، ٻڪر، وغيره اردوءَ ۾ اچارڻ مشڪل ٿي پوندو. سو جپاني ٻوليءَ ۾ ٻه اهم مسئلا آهن هڪ ته ان ۾ سنڌي ۽ اردو جا ته ڪيترائي اکر نه آهن پر انگريزيءَ جا به ٻه ٽي اکر نه آهن جيئن ته لام (L) وغيره. ٻيو مسئلو اهو آهي ته جپانيءَ ۾ زير زبر ۽ پيش ڌار ڌار ناهي. اهو هر اکر سان ڳنڍيل آهي. مثال طور پ يا م الڳ هجڻ بدران پا، پو، پُو هوندو. اهڙي طرح ما، مَو، مُو هوندو. ان کي سمجهڻ لاءِ آئون پنهنجي نالي جو مثال ڏيندو آهيان ته منهنجو نالو “الطاف” جپانين لاءِ اچارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ۽ لکڻ پڻ. هو Altaf انگريزيءَ ۾ ته لکي ويندا پر جپانيءَ ۾ هرگز نه! انگريزي يا ڌارين ٻولين ۽ سائنسي لفظن لاءِ جپانين وٽ ڪاٽا ڪانا لکڻي موجود آهي پر ان ۾ به Altaf جهڙا لفظ نٿا لکي سگهجن. ڪاٽا ڪانا ۾ منهنجو نالو الطاف جي ويجهو ويجهو ته به ARITAHU لکي سگهن ٿا. ڇو جو جپانيءَ ۾ ايل (لام) ۽ ايف (ف) آهي ڪو نه. جپانيءَ ۾ لام بدران (ر) (R) استعمال ٿئي ٿو جيئن چينيءَ جي ڪجهه ٻولين (منڊارن، ڪئنٽونير، ٽاچا، هوڪيئن وغيره) ۾ R جو اچار ڪونهي انهي ڪري انگريزي اسڪول جو نه پڙهيل بئرو سنگاپور جي هوٽل ۾ توهان جو ڪمرو ڏيکاري چوندو: دس از يوئر لوم. جپانيءَ ۾ F بدران H (هو، هي، ها) استعمال ٿئي ٿي.
    سو جپاني ٻوليءَ ۾ هڪ ته لام (L) ڪونهي سوهو (R) استعمال ڪن. ٻي ڳالهه ته جپانيءَ ۾ ڪو به اکر اڪيلو ناهي سو ٺلهي R استعمال ڪرڻ بدران ري، را، رو، روُ استعمال ڪرڻو پوي ٿو ۽ منهنجي نالي جي صورت ۾ رِي (Ri) وڌيڪ ويجهو اکر آهي. جيئن انگريزيءَ جي لفظ ڪيڪ جو اڌ ”ڪي“ ته اچاري سگهن ٿا پر آخر وارو K (ڪ) بدران ڪِي چون. يعني ڪَيڪِي، سو هتي ريل پاس ۾ ريل کي جپانيءَ ۾ Reru (ريرُو) سڏين ۽ “پاس” لفظ جي “س” ۾ U جو واول هڻي پاسو سڏين ۽ اسان ڌارين جي مدد لاءِ ريلوي اسٽيشن جي ڪنڊ پاسي تي ڪاٽاڪانا ۽ روماجي (انگريزي الف ب) ۾ لکيل نظر ايندو Japan Reru Pasu يعني اسان ٽڪيٽ وارن مسافرن سان گڏ اليڪٽرانڪ دروازي مان نه لنگهون پر ان لکت وٽ بيٺل پوليس واري کي پاس ڏيکاري اسٽيشن ۾ داخل ٿيون.
    هونءَ انگريزي لفظن جي ڳالهه نڪتي آهي ته پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي ڪجهه ٻيا به انگريزيءَ جا لفظ لکان ٿو جيڪي هوبهو جپانيءَ ۾ جذب ڪيا ويا آهن پر جپاني الفابيٽ جي چڪر ڪري انهن عجيب شڪل اختيار ڪئي آهي. هنن لفظن کي ڌيان ۾ رکڻ سان توهان کي جپان ۾ پريشاني نه ٿيندي ۽ دماغ تي زور ڏيڻ تي اصلي لفظن تائين پهچي سگهو ٿا. جيئن ته: لائيف لائين کي جپاني “رائي فو رائين” Raifu Rain اچارين. اهڙي طرح ڪجهه ٻيا:
    Talent= tarento
    Telivision= Terebi
    Cap= Kyappu
    Milk= Miruku
    Mobile= Mobairu
    Club= Kurabu
    Driver= Doraiba
    Final= Fainaru.
    Hot Cake= Hotto Keki
    After Service= Afuta Sabisu.
    اميد ته جپان ايندڙ منهنجا پڙهندڙ ان قسم جي انگريزيءَ مان نڪتل جپاني لفظن کي سمجهي ويندا. پاڻ اچون جپان جي ”ريل پاس“ تي جيڪا ٽوئرسٽ کي پنهنجي ملڪ مان خريد ڪري اچڻي پوي ٿي. اهي پاسون ٻارن ۽ وڏن لاءِ الڳ قيمت جون آهن ۽ ريل ۾ ٻن قسمن جي دٻن جون ملن ٿيون. هڪ مٿاهين ڪلاس جي دٻي Green Car (فرسٽ ڪلاس) جون جيڪي جپانيءَ ۾ گُرين شا (Gurin sha) سڏجي ٿي ۽ ٻي سيڪنڊ ڪلاس Standard جي جيڪا جپانيءَ ۾ فتسوشا (futsusha) سڏجي ٿي. هتي سيڪنڊ ڪلاس جي وڏن جي ٽڪيٽ جي قيمت لکان ٿو جيئن پڙهندڙ کي آئيڊيا ٿي وڃي. اسٽئنڊرڊ ڪار (يعني سيڪنڊ ڪلاس جي دٻي) ۾ مفت سفر ڪرڻ لاءِ هفتي جي پاس جي قيمت 30 هزار کن يين، يعني پنهنجا ايترا ئي رپيا ٿيا، جو اڄ ڪلهه هڪ يين هڪ رپئي برابر آهي. اهڙي طرح ٻن هفتن جي قيمت 47 هزار ۽ ٽن هفتن جي 60 هزار آهي. ٻار جي پاس ان جي اڌ جيتري آهي ۽ فرسٽ ڪلاس جي دٻي جي ٽيون حصو وڌيڪ آهي. يعني سيڪنڊ ڪلاس جي ٽن هفتن جي پاس 60 هزار رپين جي آهي ته فرسٽ ڪلاس جي 80 هزار آهي. مون وانگر جيڪي جپان ۾ پنهنجن مائٽن وٽ اچي رهن ٿا انهن کي صلاح ڏيندس ته هو هڪ هفتي جي سيڪنڊ ڪلاس پاس ڪراچيءَ مان پنهنجي ٽريول ايجنٽ معرفت خريد ڪري اچن. پوءِ ڀلي هو ٻن هفتن يا ٽن لاءِ اچي رهن. هنن لاءِ هڪ هفتي جي پاس ڪافي رهندي ۽ ست ڏينهن خوب جپان جا چڪر هڻن ۽ پري پري جي شهر تائين هليا وڃن ۽ ننڊون به گاڏيءَ ۾ ڪن. هر قسم جي ٽرين ۽ بس ۾ چڙهن. مثال طور ٽوڪيو کان ڪيوٽو هليا وڃن يا اڃان به پري نگويا يا هيروشيما هليا وڃن ۽ ريل گاڏيءَ مان لهي ان شهر جي مختلف بسن ۾ خوب شهر جو سير سپاٽو ڪن.
    هن پاس ذريعي توهان جپان ريلوي گروپ JR جي هر ٽرين ۽ بس ۾ مفت سفر ڪري سگهو ٿا. ويندي بليٽ ٽرين ۾ پڻ. بليٽ ٽرين (شنڪاسين) جي ريل گاڏين مان فقط نوزومي ۽ ميزوهو ۾ اجازت ناهي پر هڪاري وغيره ۾ چڙهي سگهو ٿا. JR ڪمپنيءَ جون جيڪي فيريون (مسافر بردار جهاز) آهن انهن تي به مفت Sail ڪري سگهو ٿا.
    هتي اهو به لکندو هلان ته هيءَ پاس فقط اهو ماڻهو استعمال ڪري سگهي ٿو جنهن جي نالي اها ٺهيل آهي ۽ هن کي هر جاءِ تي هن پاس سان گڏ پنهنجو پاسپورٽ به ڏيکارڻو پوي ٿو. پاسپورٽ ڪو هر وقت نٿا ڏسن پر جڏهن به پوليس آفيسر ڏسڻ جي خواهش ڪري ته هن کي ڏيکارجي. ٻي ڳالهه تي هن پاس تي سمهڻ لاءِ سيٽ نٿي ملي. ان لاءِ الڳ ٽڪيٽ وٺڻي پوي ٿي. جپان جي ڪجهه شهرن ۾ جپان ريل ڪمپني JR وارن جون ڪجهه هوٽلون به آهن ۽ هن پاس وارن کي انهن هوٽلن ۾ رهڻ تي مسواڙ ۾ به ڊسڪائونٽ ڏنو وڃي ٿو. ڪيترائي ٽوئرسٽ اهو ئي سوچيندا هوندا ته هيڏي مهانگي پاس وٺڻ مان ڪو فائدو به آهي يا نه. مون کي پهرين دفعي ڪراچيءَ جي ٽريول ايجنٽ جنهن کان ڪراچي کان ٽوڪيو ۽ واپسي جي رٽرن ٽڪيٽ ورتم ته هن مون کي صلاح ڏني ته “جپان ريل پاس” وٺي وڃان. وڏي ڪم جي شيءِ آهي. پر هفتي جا آرڊنري ڪلاس جا ٽيهه هزار رپيا ٻڌي مون انڪار ڪري ڇڏيو. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ڪراچي کان ٽوڪيو ۽ ٽوڪيو کان واپس ڪراچي عرب امارت جي جمبو جهاز جي ڊسڪائونٽ تي 75 هزار روپيا ٽڪيٽ ۽ هيءَ پاس تقريبن ان جي اڌ پئسن جيتري ٿي. پر يارو توهان جپان گهمڻ لاءِ وڃي رهيا آهيو ته هڪ شهر کان ٻئي شهر يا ساڳي شهر ۾ ريل گاڏين ۽ بسين ۾ ته چڙهڻو پوندانوَ ۽ جپان ۾ ٽئڪسين جو ڀاڙو ته ڳرو آهي پر ريل ۽ پبلڪ بس جو به گهٽ نه آهي. انهن جي مقابلي ۾ جپان ريل پاس سستي آهي جو توهان جا هڪ هفتي جا پئسا 30 هزار رپيا هڪ ڏينهن ۾ ئي نڪريو وڃن. جيڪڏهن توهان فقط ٽوڪيو کان ڪيوٽو وڃو ۽ واپس موٽو ۽ ناريتا هوائي اڏي کان ٽوڪيو شهر ۾ پهچڻ جو حساب لڳايو ته ٽوڪيو کان ڪيوٽو بليٽ ٽرين (شنڪانسين) جو ڀاڙو 13080 يين آهي سڄو ڏينهن اتي جي بسين ۾ گهمي شام جو موٽو ته اوٽ موٽ جو ڀاڙو 26160 يين ٿيو ۽ ناريتا ايئرپورٽ تان ٽوڪيو شهر جي هڪ طرف جي ٽڪيٽ 3020 يين ملايو ته ٿيا 29180 يين ۽ ڪيوٽو شهر ۾ ٻن ٽن بسين جو ڀاڙو لڳايو تڏهن به 3000 يين ٿيندو سو توهان جو هڪ ڏينهن ۾ آيل 32000 يين ريل ۽ بسين جي ٽڪيٽن تي خرچ پاس جي قيمت کان مٿي ٿي ويو. ٻئي ڏينهن توهان سڄو ڏينهن بسين ۾ گهمي سگهو ٿا ۽ ٽئين ڏينهن هيروشيما تائين وڃي سگهو ٿا جيڪو شهر پري هجڻ ڪري ان جي ٽڪيٽ ڪيوٽو کان به گهڻي آهي.


    ٽوڪيو جي اسٽيشن......

    دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڏينهن رات ٽرينون ۽ بسون پيون هلن. ويندي اسان جي ملڪن: انڊيا، پاڪستان، سريلنڪا، ايران ملائيشيا وغيره ۾. اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ ۾- خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪن هنڌن تي امن امان جي حالت خراب هجڻ ڪري انهن شهرن جون ريلوي اسٽيشنون ۽ بس اسٽاپ ويران رهن ٿا نه ته انڊيا ۽ ايران جي ننڍن شهرن جي بس اسٽاپن تي رات جو ٽين بجي به نه فقط رونق لڳي رهي ٿي پر ايندڙ ويندڙ مسافرن جي لاءِ ٻوڙ ۽ دال جا هڪڙا هنڊا خالي ٿين ٿا ته ٻيا چڙهندا رهن ٿا. بورچي نان، چپاتيون ۽ چلو ڪواب تيار ڪرڻ ۾ چوويهه ئي ڪلاڪ مشغول رهن ٿا پوءِ چاهي انڊيا جون اسٽيشنون ۽ بس اسٽاپ جيسلمير، اجمير، ڀائونگر، کمڀات، لونا والا، بلند شهر، برنالا، کنڊالا، ڪرڪشيترا، بلوترا يا ڪُتيانا هجن يا ايران جا زاهدان، ڇابهار، باغستان، نيشاه پور، قدم گاهه، مهرآن آباد، چرمڪ زرشڪ، رستم آباد وغيره. ڏينهن رات گاڏيون ۽ بسيون پيون هلن. ان مان اهو فائدو آهي ته رات جو گهمڻ ڦرڻ جو فڪر ئي نٿو رهي. دهليءَ جهڙي شهر ۾ رات جو فلم جو ٻيو شو ڏسي، ان بعد ڪنهن هوٽل ۾ ماني کائي ڪنهن نه ڪنهن ٽرين يا بس ۾ غازي آباد يا فريد آباد پهچي سگهجي ٿو جتي مائٽن وٽ يا ڪنهن هوٽل ۾ ٽِڪيل آهيو.
    پر يارو جپان ۾ ائين نه آهي. بسون ته رات جو ڏهين بجي ئي بند ٿيون وڃن پر ٽرينون به 12 کان پوءِ ڪنهن به اسٽيشن تان مسافر نٿيون کڻن. ڪڏهن ڪڏهن اسٽيشن تي پهچندي 12 ٿي ويندا هئا ته افسوس ٿيندو هو ته جپان ڪهڙو ملڪ آهي! پر نه. ٿڌي دل سان سوچجي ته جپان سٺو ۽ سڌريل ملڪ آهي جتي عوام کي آرام جي تلقيد ڪئي وڃي ٿي، رات جو دير تائين رلڻ پنڻ کان دل شڪستو ڪيو وڃي ٿو. ڪوڪورا شهر ۾ جڏهن پهريون دفعو ڌيءَ جي بدلايل گهر ۾ پهتس ته مون کي سندس ان هنڌ تي مسواڙ جو گهر وٺڻ تي افسوس ٿيو. شهر جي مين روڊ تي ٿرڊ فلور تي فلئٽ ۽ سامهون وهندڙ ريل لائين. پر پوءِ حيرت ٿي جڏهن شام جو اٺين بجي روڊ جون سڀ بتيون بند ٿي ويون، دڪان ان کان اڳ بند ٿي ويا ۽ رستي تي هلندڙ چلندڙ ماڻهن ۾ ٺاپر اچي وئي. ڏهين بجي بسيون هلڻ بند ٿي ويون. اهڙي خاموشي ته حيدرآباد ۽ سکر ۾ به نه هوندي.
    رات جو رلڻ واري نشئيءَ کي به يارهين بجي کان اڻ تڻ رهي ٿي ته هو جلدي ريلوي اسٽيشن تي پهچي ڪٿي آخري ٽرين ڇڏائجي نه وڃيس. پوءِ ان چڪر ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن هڪ يا ٻه ٽرينون اڳ اچڻ وارين ۾ گهر روانو ٿيو وڃي. ان ڪري ٽوڪيو، هيروشيما، يوڪوهاما، اوساڪا وغيره جي رستن تي آلي موالي آڌي رات کانپوءِ رلندا يا گاريون ڏيندي نظر نٿا اچن جيڪا ڳالهه دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ عام آهي ۽ شايد ڏوهن جي تعداد ۾ واڌارو به ان ڪري اچي ٿو. جهاز جي نوڪري دوران پوري ڪوشش رهندي هئي ته رات جو ٻارهين کان اڳ اسٽيشن تي پهچي وڃجي جيئن ان آخري ٽرين ۾ بندرگاهه پهچي سک سان رات جي ننڊ پنهنجي جهاز جي ڪئبن ۾ وڃي ڪجي. پر نئين بندرگاهه جي صدر اسٽيشن جي پليٽ فارمن جي چڱي طرح واقفيت نه هجڻ ڪري غلط پليٽ فارم تي پهچڻ ڪري هڪ ٻه دفعا ٽرين نڪري وئي ۽ پوءِ صبح جو پنجين بجي واري پهرين ٽرين جي انتظار ۾ بينچ تي وهڻو پيو هو. باوجود احتياط جي آئون ڏسندو هوس ته ڪيترائي جپاني دير سان به پهچندا هئا. انهن ۾ گهڻائي انهن جي هوندي هئي جيڪي پب ۽ مئخاني مان پي ٽُن ٿي ايندا هئا پوءِ اهي صبح تائين بينچ تي سمهي رهندا هئا ۽ کونگهرا هڻندا رهيا ٿي يا وري اوٽ پٽانگ جون خبرون ڪندا رهيا ٿي جن بابت آئون انهن ڏينهن جي سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان. انهن ڏينهن ۾ نه ڪئپسول هوٽلون ايجاد ٿيون هيون نه سائبر ڪيفي جن ۾ هاڻ ڪجهه پئسا ڏئي رات جا ڪجهه ڪلاڪ گذاري سگهجن ٿا.
    اڳئين دفعي مون کان ٽوڪيو اسٽيشن تي آخري ٽرين مِس ٿي وئي. رات جا 12 ٿي رهيا هئا. ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ هاڻ موٽڻ وارو هوس ته ان وقت اتي پهتل هڪ جپانيءَ چيو ته “وڃين ڪيڏانهن ٿو؟ اڃان ته ٻه ريل گاڏيون اينديون. هڪ ته ويهن منٽن ۾ اچڻ واري آهي”. هن جي وات مان شراب جي ڌپ اچي رهي هئي. شراب ضرور پيتل هو پر هوش حواس خطا نه هئس. پر مون کي لڳو ته هن نشئي ماڻهوءَ کان پري ٿي رهجي ته بهتر آهي. سو چيومانس ته آئون جپاني ٻوليءَ کان اڻ واقف آهيان (نهان گو واڪاري ماسين). يعني منهنجي پچر ڇڏي. ان تي هن سٺي انگريزيءَ ۾ چيو ته “مڙيئي خير آهي. توهان انڊين کي ته انگريزي اچي ٿي. آئون گذريل سال انڊيا گهمي آيو آهيان. آئون هتي جي هڪ ڪاليج ۾ ليڪچرار آهيان.”
    آئون چپ ٿي ويس. مون ان ۾ ئي بهتر عاقبت سمجهي ته هو مون کي انڊين ئي سمجهي. هونءَ به هتي جي ماڻهن لاءِ - خاص ڪري نشي ۾ ٽُن همراهه لاءِ ڇا انڊين، ڇا پاڪستاني ڇا بنگلاديشي؟ اسانجي ماڻهوءَ لاءِ ته هو ڀلي کڻي نشي ۾ نه هجي ته به هن لاءِ جهڙو هڪ فرينچ، جرمن يا انگريز تهڙو ڊچ يا پولش. هن مون کي سمجهايو ته اتي ساڻس گڏ ويهان، “اجهو ٿي ٽرين اچي، جپان جي ٻين شهرن ۾ آخري ٽرين ضرور 12 بجي اچي ٿي پر ٽوڪيو ۾ رات جو هڪ تائين ٽرينون هلن ٿيون ۽ توکي روپنگي يا مناٽوڪو (بندرگاهه) پهچائينديون. دل ۾ چيم تنهنجي وات ۾ ڳڙ لڏون، بلڪه سوشي ۽ ساشي- ساڪي ته اڳهين ڏوڪي آيو آهين.
    اتي ڪجهه مسافرن کي ايندو ڏسي مون کي ڏڍ ٿيو ته ٻيلي موالي سچ ٿو چوي ۽ آئون نئين ڦاٿل تتر وانگر پڃري ۾ ڦٿڪڻ بدران مهينن جي پاليل اصيل وانگر سڪون سان بينچ تي ساڻس ڀر ۾ ٿي ويٺس. هن کي ڳالهائڻ جي ڏاڍي عادت ٿي لڳي جيتوڻيڪ مون ماٺ ۾ رهڻ ٿي چاهيو.
    “پهريون دفعو ٽوڪيو آيو آهين؟” هن پڇيو.
    “ڏهن سالن کان هتي پيو اچان. ڪڏهن مارونائوچي پاسي جي گيٽ کان ته ڪڏهن يائيسو (Yaesu) پاسي کان هن ٽوڪيو اسٽيشن ۾ اچيو ٺڪاءُ ڪريان”.
    “ڀلا توکي ٽوڪيو اسٽيشن جي تاريخ جي خبر آهي؟” هن سوال ڪيو.
    “مون شايد توهان کي ٻڌايو ته آئون مئرين انجنيئر آهيان پاڻيءَ جا جهاز هلائيندو آهيان. تاريخ جو پروفيسر نه آهيان.” مون ڪجهه بيزاريءَ مان چيو. شراب ضرور پيتل هوس پر نشي ۾ نه هو. هو ان ليول تي هو جنهن تي هڪ خاص مقدار پيئڻ تي موالين جو ذهن بيحد الرٽ رهندو آهي. هن منهنجي بيزاري محسوس ڪري ورتي ۽ چيو “ٿڌو ٿي. تاريخ جو استاد آئون به نه آهيان. مئٿس پڙهايان ٿو پر هر انسان کي ٿوري گهڻي جنرل ناليج جي واقفيت هجڻ ضروري آهي. آئون تنهنجي ملڪ جي ممبئي مان فقط هڪ دفعو گهمي آيو آهيان ته توهان جي وڪٽوريا ٽرمينس ريلوي اسٽيشن جي تاريخ جي ڄاڻ اٿم. جيڪا اسٽيشن هاڻ توهانجي مُڇڙ شهنشاهه شيواجيءَ نالي آهي. تون ڏهن سالن کان اسان جي ٽوڪيو اسٽيشن تي پيو اچين وڃين، ڪا خبر نه اٿئي. تڏهن ته توهان انڊين نه ڪئميرائون ٿا ايجاد ڪري سگهو نه ڪمپيوٽر.......”
    دل ۾ چيم چڱو جو ان غلط فهميءَ ۾ آهين ته آئون انڊين آهيان ۽ درستي نه ڪري پنهنجي ملڪ بابت گهٽ وڌ ٻڌڻ لاءِ پاڻ کي بچايو اٿم. مسافرن جو تعداد وڌڻ لڳو ته مون کي خوشي ٿي ته اڄ مون کي هن مواليءَ دربدر ٿيڻ کان بچائي ورتو ۽ آئون موٽڻ بدران ٽوڪيو جي اسٽيشن تي ترسي پيس. مون کي چپ چپ سوچيندو ڏسي هو وري شروع ٿي ويو...... “چڱو ڀلا آئون ٿو توکي هن ٽوڪيو اسٽيشن جي تاريخ ٻڌايان....“
    ٽرين اچڻ تائين هو ٽوڪيو اسٽيشن بابت خبرون ٻڌائيندو هليو جيڪي ان وقت ته مون کي بور ڪري رهيون هيون پر هاڻ سوچيان پيو ته هن واهه جون ڳالهيون ٻڌايون..... مون کي سندس هڪ هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ کتي ٿي. بهرحال هن وقت جيڪي ياد اٿم پڙهندڙن لاءِ لکي رهيو آهيان. ٿي سگهي ٿو ته هڪ ڏينهن توهان کي جي ٽوڪيو اسٽيشن ۾ ٽرين جو انتظار ڪرڻو پوي ته هي ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ سان توهان کي هيءَ اسٽيشن بيحد دلچسپ لڳندي. تاريخ جي ڄاڻ جو اهو ئي ته فائدو آهي جو ماڻهو هر شيءِ کي وڌيڪ سمجهي سگهي ٿو.
    ٽوڪيو جي هن ريلوي اسٽيشن تي روزانو 4000 ريل گاڏيون بيهن ٿيون ۽ پنج لک مسافر هيءَ اسٽيشن استعمال ڪن ٿا. ٽوڪيو جي ناريتا ايئرپورٽ تان تقريبن سڀ مسافر هن اسٽيشن تي اچي پوءِ آس پاس ۽ ٻين شهرن ڏي روانا ٿين ٿا. ان کان علاوه سڄي هونشو ٻيٽ جون بليٽ ٽرينون (Shinkansen) هتي اچن ٿيون. ريل گاڏين جي اچڻ وڃڻ ۾ ٽوڪيو اسٽيشن مشغول ترين ريلوي اسٽيشن آهي.
    جپان جي ريل جي تاريخ ڏٺو وڃي ته 1872ع کان شروع ٿي جڏهن ملڪ جي پهرين ريلوي لائين شن باشي ۽ يوڪوهاما جي وچ ۾ 1872ع ۾ وڇائي وئي جيئن ٽوڪيو کي وڌيڪ ڏکڻ ۾ يوڪوهاما اسٽيشن ذريعي سمنڊ سان ملايو وڃي.
    شن باشي ريلوي اسٽيشن اڄ به ٽوڪيو جي مشهور ۽ مشغول ريلوي اسٽيشن آهي جيڪا ٽوڪيو جي ناٽو ضلعي (وارڊ) ۾ اچي ٿي. جيئن ڪراچيءَ جا پنج ضلعا ڪراچي سائوٿ، ڪراچي ايسٽ، ملير وغيره آهن تيئن ٽوڪيو شهر 23 ننڍن ننڍن ضلعن ۾ ورهايل آهي جن مان ٽوڪيو جو مرڪز (صدر) وارو علائقو چيودو (Chiyoda) ۾ آهي ۽ مناٽو، شِبويا، شنجوڪو، سميدا ۽ چو او ان جي، يعني چيودو جي، چوڌاري وارا ضلعا آهن. سميدا ضلعي جو نالو ان مان وهندڙ سميدا نديءَ ڪري پيو. شن باشي (Shinbashi) ريلوي اسٽيشن جو نالو شن باشي پُل تان پيو. جپانيءَ ۾ باشي معنيٰ پل آهي ۽ شِن معنيٰ نئين. هيءَ شن باشي پل 1604ع ۾ هن ضلعي مناٽو (Minato) مان لنگهندڙ شيئو دومي نديءَ مٿان ٺاهي وئي هئي. گهڻو پوءِ اها ندي ئي لٽجي وئي ۽ هن هنڌ تي گنزا وانگر شهر ٿي ويو جيڪو هاڻ هن پل شن باشي نالي سڏيو وڃي ٿو.
    شن باشي ۽ يوڪوهاما تائين ريل وڇڻ بعد 1883ع ۾ ٽوڪيو جي چڙيا گهر ائينو واري ريلوي اسٽيشن Ueno ۽ 1885ع ۾ شيبويا اسٽيشن تائين ريل گاڏيون هلڻ شروع ٿي ويون. هي اهي سال آهن 1855ع کان 1885ع تائين جن ۾ انگريز راڄ ۾ ايس آر (Scinde Railway) سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين 108 ميل (174 ڪلوميٽر) ريل وڇائي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو ڪمشنر سر بارٽل فريئر هو ۽ ريل جو ڪم شروع ٿيڻ تي پهرين سيمينٽ جو دٻو Wheel Barrow ڪمشنر پاڻ ڇڪي ڪراچي اسٽيشن تي رکيو. سکر ۽ روهڙي جي وچ ۾ ٺهيل لئنسڊائون پل 1885ع ۾ ٺهي جڏهن ٽوڪيو ۾ شيبويا ريلوي اسٽيشن ٺهي راس ٿي هئي، شِيبُويا ريلوي اسٽيشن سان گڏ شنجوڪو اسٽيشن پڻ ان ئي سال ٺهي.
    ٽوڪيو جي ريلوي اسٽيشن تي سرڪاري طرح اهو نالو پوڻ کان اڳ اها “سينٽرل ٽرمينل” سڏبي هئي جيئن ممبئي جي ريلوي اسٽيشن اڄ به وي ٽي (وڪٽوريا ٽرمينس) سڏجي ٿي.
    ريلوي اسٽيشن تي حادثا، قتل، جهيڙا جهٽا ته ٿيندا رهن ٿا پر ٽوڪيو اسٽيشن تي ٻن وزير اعظمن جو قتل هڪ عجيب ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. هڪ تڪاشي هارا جو 1921ع ۾ قتل ٿيو ۽ ٻيو 1930ع ۾ اوساچي هاماگچيءَ جو. پهرين کي خنجر سان قتل ڪيو ويو، ٻئي کي بندوق سان.
    ٽوڪيو ريلوي اسٽيشن جي عمارتسازي ۽ ڊيزائين جو اصل نقشو ڪنهن جپانيءَ نه پر جرمن آرڪيٽيڪٽ فرانز ٺاهيو.
    1914ع ۾ جڏهن هن اسٽيشن جو ڪم شروع ٿيو ته 740000 ماڻهن هن کي ٺاهڻ ۾ حصو ورتو. هينئر ويجهڙائيءَ ۾ جڏهن هن اسٽيشن جي مرمت جو ڪم هليو ته 780000 ماڻهن حصو ورتو.
    جپان ۾ هزارين ريلوي اسٽيشنون ۽ بس اسٽاپ آهن پر ٽوڪيو اسٽيشن لاءِ چيو وڃي ٿو ته
    Tokyo Station is not just a station, it is a symbol of japan.
    ۽ بقول پروفيسر صاحب جي جيڪو آڌي رات جو ٽوڪيو اسٽيشن تي مليو ۽ مون کي هن اسٽيشن بابت خبرون ٻڌايون:
    Tokyo station is the only station in the world that has integrated history,
    tradition, culture, academia, business and advanced technology.


    ٽوڪيو اچڻ وارن لاءِ ڪم جي ڳالهه

    ڪجھھ ڪم واريون ڳالھيون ھتي ڏجن ٿيون


    روپئي جو قدر ڪِرڻ ڪري اسان لاءِ نقصان ...

    آدم شماري ۽ پکيڙ ۾ ڏسجي ته ڪراچي به ڪو گهٽ ننڍو شهر ناهي. ماڙيپور کان سهراب ڳوٺ ۽ ڪياماڙيءَ کان سرجاني ٽائون 3780 چورس ڪلوميٽر ٿا ٿين ۽ آدم شماري ڏيڍ کان ٻه ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. ٽوڪيو جو شهر به ڪافي وڏو لڳي ٿو ۽ هر روڊ تي ماڻهن جي پيهه پيهان ڏسي شروع ۾ ته مون کي لڳندو هو ته ٽوڪيو ڪراچيءَ کان وڏو آهي پر هاڻ معلوم ٿيو ته ٽوڪيو جي پکيڙ 2190 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ آدم شماري هڪ ڪروڙ آهي. ٿي سگهي ٿو ٽوڪيو جي آدمشماري ان ڪري وڌيڪ لڳي ٿي جو اسان وٽ پاڪستان ۾ تقريبن اڌ آدم شماري جنهن ۾ عورتون اچن ٿيون، گهر ۾ رهن ٿيون. ٽوڪيو ۾ مرد توڙي عورتون نوڪرين ۽ گهر جي ڪم ڪارين خاطر روڊن تي رهن ٿيون. ان کان علاوه ڌارين ملڪن کان آيل ٽوئرسٽن جو به وڏو تعداد آهي. اسان وٽ ڪراچي يا ٻين شهرن ۾ ڌاريان ٽوئرسٽ نه برابر آهن.
    ڪراچي ڇهن حصن- يعني ضلعن ۾ ورهايل آهي. ڪراچي ايسٽ، ڪراچي ويسٽ، ڪراچي سينٽرل، ڪراچي سائوٿ، ڪورنگي ۽ ملير. ٽوڪيو 23 ننڍن ننڍن ضلعن ۾ ورهايل آهي جيڪي ”وارڊ“ سڏجن ٿا يا انهن کي ميونسپالٽيون به چئي سگهون ٿا جيئن ته: چيودا، مناٽو، شِنجُوڪو، سُميدا، شِيناگاوا، ميگورو، اوٽا، شبويا، اتاباشي، توشيما وغيره وغيره.
    هتي هڪ دفعو وري لکندو هلان ته 1868ع کان اڳ ٽوڪيو جو نالو ايڊو (Edo) هو. دنيا جا ڪيترائي سنگاپور، ڪراچي، پينانگ، بئنڪاڪ جهڙا شهر آهن جيڪي شروع ۾ سالن تائين ننڍا ڳوٺڙا يا مهاڻن جون وستيون (Fishing Villages) هئا ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي وڏا شهر ٿي ويا. ٽوڪيو به انهن مان هڪ آهي جيڪو سورهين صديءَ تائين مانجهند ۽ راڌڻ جهڙو ٽائون هو جيڪو ان ۾ موجود شهنشاهي محل هجڻ ڪري مشهور هو پر پوءِ سترهين صديءَ جي شروعات ۾، 1603ع ڌاري هي شهر ايڊو جپان جي سياست جو مرڪز بڻيو جڏهن توڪو گاوا شوگن جي پهرين حاڪم “ايئي ياسو توڪوگاوا” وڏيرڪو راڄ (Feudal Government) قائم ڪيو. ”توڪوگاوا“ گهراڻي جو هي وڏيرڪو راڄ 1868ع تائين هليو. ان بعد شهنشاهه ميئجيءَ (1912ع- 1852ع) جپان جي 122 هين شهنشاهه ”ميئجي راڄ“ شروع ڪيو. ان کان اڳ ملڪ جا بادشاهه ڪيوٽو ۾ رهيا ٿي ۽ ڪيوٽو جپان جي گاديءَ جو شهر هو. پر هاڻ هن ميئجي شهنشاهه ڪيوٽو بدران ٽوڪيو کي گاديءَ وارو شهر بڻايو ۽ پاڻ به ڪيوٽو کان لڏي ٽوڪيو (ايڊو) ۾ اچي رهيو ۽ ايڊو جو نالو بدلائي ٽوڪيو رکيو.
    جپان جيڪو 1633ع کان 1853ع تائين 220 سال دنيا کان ڪٽيل هو ان جو شهنشاهه ميئجي جي ڏينهن ۾ سڄي دنيا سان رابطو ٿيو. جپان ۾ هن جي ڏينهن ۾ انڊسٽريل انقلاب آيو ۽ هر شهر ۾ ڪارخانا ۽ فئڪٽريون کلڻ لڳيون. 1912ع ۾ هن جي وفات بعد جپان جو 123 هون شهنشاهه تائشو تخت تي ويٺو جنهن جي 1926ع ۾ وفات بعد 124 هون شهنشاهه هيروهٽو (ڄم جو سال 1901ع) تخت تي ويٺو. هيروهٽو جي شهنشاهه ٿيڻ کان ٽي سال اڳ 1923ع ۾ جپان ۾ تمام وڏو زلزلو آيو جنهن ۾ سمجهو ته اڌ ٽوڪيو تباهه ٿي ويو هو. زلزلا ته جپان ۾ اڄ ڏينهن تائين ايندا رهن ٿا پر هن جهڙو ڪو تباهڪار نه ٿيندو. هي زلزلو 1923ع Kanto Earthquake جي نالي سان مشهور آهي. هن تباهيءَ بعد جپان کي ٻي جنگ عظيم تباهه ڪيو. هيروشيما ۽ ناگاساڪي شهرن تي ته بم ڪريا پر 1945ع ۾ ٽوڪيو شهر مٿان آمريڪن جا جيڪي هوائي حملا ٿيا ان ٽوڪيو کي تباهه ڪري رکيو. بهرحال سڄي جپان سان گڏ ٽوڪيو هڪ دفعو وري ٺهندو رهيو. اڄ ٽوڪيو شاپنگ، گهمڻ ڦرڻ، ڏسڻ وائسڻ، ڪلچر ثقافت، تعليم ۽ ٽوئرزم کان دنيا جو اعليٰ ترين ماڊرن شهر آهي. ملڪ ۾ جمهوريت ۽ وزيراعظم آهي جيتوڻيڪ شهنشاهه کي به ساڳي عزت ڏني وڃي ٿي. شهنشاهه هيروهٽو 63 سال حاڪم رهڻ بعد 1989ع ۾ وفات ڪئي ۽ اڄ ڪلهه سندس پٽ اڪيهِتو شووا (ڄم جو سال 1933ع) تخت تي ويٺل آهي.
    ان تعارف بعد هتي دراصل آئون ٽوڪيو ۾ ايندڙ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي رهنمائي ۽ سهولت لاءِ ٽوڪيو ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ لاءِ پنهنجي تجربي موجب لکڻ چاهيان ٿو. اسان جي ملڪ جا ماڻهو جيڪي تعليم، گهمڻ يا ڪاروبار لاءِ جپان ۾ اچن ٿا انهن جو نوي سيڪڙو ٽوڪيو ۾ اچي ٿو، ٽوڪيو ۾ رهي ٿو ۽ اتان وطن وري ٿو. ٽوڪيو ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ توهان کي جتي ڪٿي ٽئڪسي ته ملي ويندي پر جپان ۾ ٽئڪسيءَ جو تمام وڏو ڀاڙو آهي! ڪو امير ترين ئي ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي سگهي ٿو. 1960ع جي ڏهاڪي جي آخري سالن ۽ 1970ع جي شروعاتي سالن ۾ جڏهن اسان جهاز تي جونئر پوسٽ تي هئاسين ته شهر ۾ هلندڙ بسين، ريل گاڏين ۽ ميٽرو ٽرامن جي معلومات رکڻ جي مٿي جي سور کان ٽئڪسي ڪندا هئاسين جو انهن ڏينهن ۾ هڪ ته اسان جي رپئي جو قدر هو. سرڪاري طرح آمريڪن ڊالر چئين رپئي ملندو هو. بليڪ مارڪيٽ ۾ يعني بولٽن مارڪيٽ ۾ وهندڙ مني چئنجر مهانگو مهانگو تڏهن ۾ ڇهين رپئي في ڊالر وڪڻندا هئا. جپان ۾ هڪ ڊالر ۾ 100 يين ملندا هئا. اڄ به اهو ئي اگهه آهي پر اڄ اسان وٽ ڊالر جي قيمت 120 رپيا هجڻ ڪري اسان کي 100 يين 120 رپين ۾ پون ٿا. نه ته ان دور ۾ جڏهن ڊالر جي Value 4 رپيا هئي ته اسان جي 120 رپين ۾ 3000 يين ملندا هئا. بهرحال هونءَ ئي جپان جي ٽئڪسي مهانگي آهي ويتر اڄ ڪلهه اسان جي رپئي جو قدر ڪرڻ ڪري اسان پاڪستانين لاءِ ته تمام مهانگي ٿي. ٻي ڳالهه ته ٽوڪيو جهڙن شهرن ۾ ٽرئفڪ جئم ايتري آهي جو ٻن قدمن لاءِ ٽئڪسي ته صحيح آهي. يعني ٽاور کان بولٽن مارڪيٽ يا صدر پوسٽ آفيس کان برنس روڊ ننڍڙي فاصلي تائين ته صحيح آهي باقي ڪياماڙيءَ کان سهراب ڳوٺ يا سرجاني ٽائون ٽئڪسيءَ ۾ ڪير ويندو؟ پهچندي پهچندي شام ٿي وڃي ڇو جو ڪن هنڌن تي تمام گهڻي ٽرئفڪ جئم ٿئي ٿي. ان ڪري ٽوڪيو جهڙن جپاني شهرن ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ هميشه ريل گاڏيءَ ۾ وڃجي جيتوڻيڪ ريل جي ٽڪيٽ به اسان جهڙن ملڪن جي ماڻهن لاءِ ڪا سستي ناهي ۽ مون ڪيترا دفعا ڏٺو آهي ته غريب ملڪن جي شاگردن کي انهن لوڪل ريل گاڏين ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪرڻ وقت ٿڌا شوڪارا نڪري ويندا آهن ڇو جو ڪياماڙيءَ کان جناح جي مزار تائين ٻه يا ٽي سئو يين ٽڪيٽ ڪا سستي ته نه چئبي. پر سائين ٽئڪسيءَ ۾ ته ماڳهين هزارين يين ڏيڻا ٿا پون.


    ٽوڪيو شهر جو نظام ....

    ٽوڪيو شهر جو ريلوي نظام ڏسي حيرت ٿيندي آهي. 1970ع واري ڏهاڪي کان ته آئون به ويٺو ڏسان ته شهر جي رستن جي کوٽ کوٽان پئي هلي. هڪڙيون ريلوي اسٽيشنون ٺهي راس ٿيون ٿين ته وري ٻيون ٿيون ٺهن. ڪي گرائونڊ ليول تي ته ڪي مٿي وڏن ڊپارٽمينٽل اسٽورن جي پهرين يا ٻي ماڙ تي اسٽيشنون ته ٻيون ڇڪاٽيٽسو (سب وي) گاڏين جون ويهه ويهه فٽ زمين هيٺ ته ڪي اسٽيشنون وري انهن کان به وڌيڪ ويهارو فوٽ کن هيٺ. مٿي روڊن تان بسون ڪارون پيون هلن ته انهن روڊن هيٺان، ويندي عمارتن هيٺان ريل گاڏيون پيون هلن. اهي به هڪ ڪمپنيءَ جون نه پر مختلف ڪمپنين جون! نئون ماڻهو منجهيو پوي، خاص ڪري اسان جي ملڪ جو ماڻهو جن وٽ ڪراچيءَ جهڙي وڏي شهر ۾ به سب وي يا ميٽرو قسم جي ريل گاڏي يا ٽرام ناهي جنهن سان هو مانوس هجي. انگريزن جي ڏينهن جي ٽرام ڊپو (صدر) کان ڪياماڙي تائين هلندڙ ٽرام به بند ٿي وئي. ان بعد ڪراچيءَ ۾ هلندڙ سرڪيولر ريل گاڏي جيڪا ڊرگ روڊ کان سٽي اسٽيشن وزير مئنشن جهڙين اسٽيشنن کان ٿيندي نارٿ ناظم آباد تائين مسافر پهچائيندي هئي اها به تباهه ٿي وئي. ماڻهن ريل جا پٽا ڪڍي وڪڻي ڇڏيا ۽ ريل جي زمين تي قبضا ڪري گهر ٺاهي ڇڏيا. ايراني، ترڪ يا انڊين وري به اسان کان بهتر آهن جن وٽ تهران، استنبول ۽ دهلي توڙي ممبئي جهڙن شهرن ۾ شهر جو شهر ۾ هلندڙ ريل گاڏيون ۽ ٽرامون آهن جن ۾ روزانو لکين مسافر سفر ڪن ٿا. پر اهي شهر به ٽوڪيو جي مقابلي ۾ ڪجهه نه آهن. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته ٽوڪيو جيڪو پکيڙ ۾ ڪراچي جي ٻه ڀاڱي ٽن حصن جيترو آهي (65 سيڪڙو آهي) ان ۾ رڳو زير زمين 278 اسٽيشنون آهن جن تان 13 لائينن جون ريل گاڏيون 305 ڪلو ميٽر وڇايل ريل جي پٽن تي هلن ٿيون انهن ۾ روزانو 80 لک ماڻهو سفر ڪن ٿا.
    ٽوڪيو ۾ ٻه اهم ڪمپنين جون ريل گاڏيون زمين دوز هلن ٿيون. هڪ JR (جپان ريلوي) ڪمپنيءَ جي ٽوڪيو ميٽرو ۽ ٻي توئيئي (Toei) سب وي جون گاڏيون. توهان کي انهن سڀني لائينن جو مفت ۾ نقشو ملندو پر مختصر نقشو جنهن جي هڪ صفحي تي 100 اسٽيشنون به آهن ته به هڪ نئين ماڻهوءَ لاءِ ته وڏو مونجهارو ٿيو. جيتوڻيڪ هر لائين جي ريل گاڏين توڙي نقشي ۾ ليڪن جو رنگ مختلف آهي. جيئن ته ٽوڪيو ميٽرو ڪمپني جي گنزا لائين جي ريل گاڏين جو توڙي نقشي ۾ ڏيکاريل ليڪ جو رنگ آرينج آهي. اهڙي طرح مارونائوچي لائين جو ڳاڙهو آهي، هبايا لائين جو سلور ڪلر آهي، يوراڪُوچو لائين جو سونهري آهي ۽ چيودا لائين جو سائو آهي.... اهڙي طرح 13 مختلف لائين مان هر لائين جي ريل مختلف اسٽيشنن تان لنگهي ٿي ۽ ٽوڪيو جي مختلف علائقن کي Serve ڪري ٿي پر ڪجهه اهم اسٽيشنن تي ڪيترين ئي لائينن جون ريل گاڏيون ترسن ٿيون جيئن ان اسٽيشن تي هڪ لائين جي ريل مان لهي ٻي لائين جي ٽرين ۾ چڙهي ٻئي پاسي وڃي سگهجي. ڪيترين اهم ريلوي اسٽيشنن تان توهان کي اهي ريل گاڏيون ملي سگهن ٿيون جيڪي ٻين شهرن ڏي پڻ وڃن ٿيون. اهڙي طرح ٽوڪيو جي ڪجهه اسٽيشنن تان بليٽ ٽرينون (شنڪانسين) به لنگهن ٿيون ۽ توهان کي جي ڪنهن بليٽ ٽرين ۾ ڪنهن ڏورانهين شهر وڃڻو آهي ته پنهنجي گهر جي ويجهو واري لوڪل سب وي ٽرين ۾ چڙهي ڪنهن وڏي اسٽيشن تي پهچو. پوءِ اتي ان ٽرين مان لهي ان پليٽ فارم تي اچو جتان بليٽ ٽرين وڃي ٿي. مون کي ته اها ڳالهه به حيران ڪندي آهي ته گهر واري ويجهي اسٽيشن تان ورتل هڪ ٽڪيٽ ذريعي منزل تائين پهچڻ لاءِ مختلف لائينن جون ريل گاڏيون بدلائڻ تي اهي مختلف ڪمپنيون ان ٽڪيٽ جي پئسن کي پاڻ ۾ ڪيئن ورهائين ٿيون! ضرور ڪو اهڙو ڪمپيوٽر پروگرام هوندو جيڪو ان لائين جي پليٽ فارم تي پهچڻ لاءِ ٽڪيٽ کي گيٽ وٽ سلاٽ ۾ وجهڻ سان ڪمپيوٽر حساب ڪندو هوندو. ٽوڪيو ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ آيل ٽوئرسٽن کي آئون پنهنجي تجربي مان اها صلاح ڏيندس ته هو مختلف اسٽيشن ۽ ريلوي لائينن کي ياد ڪرڻ يا سمجهڻ جي ٽينشن نه وٺن. ٽوڪيو ايندڙ فقط هڪ لائين يامانوتي (Yamanote) جي اسٽيشنن کي ياد رکن جن جا نالا آئون هتي به لکان ٿو، جيڪي نالا هو پني تي لکي کڻي اچن ۽ ٽوڪيو ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ هي پنو پنهنجي کيسي ۾ رکن.
    هيءَ ريلوي لائين (يامانوتي) منهنجي فئوريٽ ريلوي لائين آهي جو اها ٽوڪيو شهر جي سڀ کان گهڻين ريلوي اسٽيشنن (29) تي ترسي ٿي جيڪي شهر جي مختلف اهم علائقن ۾ آهن. اها لوپ لائين آهي معنيٰ گول ڦري وري پهرين اسٽيشن تي پهچيو وڃي ۽ ٽوڪيو شهر اندر 35 کن ڪلوميٽرن جو سڄو دائرو هڪ ڪلاڪ ۾ ڪري ٿي ۽ سندس سڃاڻپ سائو رنگ آهي. هن تي JY انگريزي اکر لکيل رهن ٿا. 29 اسٽيشنن مان جنهن به اسٽيشن تي بيهي ٿي ان جو نالي سان گڏ نمبر پڻ سڃاڻپ لاءِ آهي جيئن ته اِڪي بُوڪُورو JY13 آهي ۽ شبويا JY20 آهي.
    توهان جو ٽوڪيو ۾ جتي به رهائش ٿئي. ڪنهن دوست يا مائٽ جي گهر ۾ يا هوٽل ۾، توهان هن لائين يامانوتي جي ويجهي اسٽيشن ياد ڪري ڇڏيو يعني توهان کي اتان چڙهڻو آهي ۽ واپس ان اسٽيشن جو اعلان ٿيڻ تي لهڻ لاءِ تيار ٿيڻو آهي. اسٽيشن تي لهي ٻاهر نڪري توهان پنهنجي رهائش وارو علائقو سڃاڻي سگهو ٿا. ڪو مندر ڏسڻو آهي، شهنشاهه جو محلات ڏسڻو آهي، چڙيا گهر گهمڻو آهي يا ڪنهن شاپنگ سينٽر ۾ وڃڻو آهي ته توهان ان علائقي وٽ هن ريلوي لائين جي ويجهي اسٽيشن معلوم ڪري ڇڏيو ۽ جيئن ئي اها اسٽيشن اچي لهي پئو. پنهنجي پسند جي عمارت گهمي ڦري يا دوست مائٽ سان ملي واري ساڳي اسٽيشن تي اچي پنهنجي رهائش واري اسٽيشن ڏي موٽو يا اڳتي ٻئي ڪنهن هنڌ روانا ٿيو. توهان هلندي چلندي يا ٽئڪسيءَ ۾ ڪنهن اهڙي علائقي ۾ وڃي پهتا آهيو جو هاڻ توهان منجهي پيا آهيو ته ڪهڙي هنڌ تي آهيو ۽ گهر ڪيئن پهچندائو ته فڪر جي ضرورت ناهي. توهان ڪنهن جپانيءَ کان يامانوتي لائين جي اسٽيشن جي پڇا ڪريو “يامانوتي سين اِڪي ڊوڪو ڊيسڪا؟“ ڊوڪو معني ڪٿي ۽ ڊيسڪا معنيٰ آهي؟ اِڪي معنيٰ اسٽيشن ۽ سين معنيٰ لائين. توهان ان اسٽيشن تي واڪ ڪري پهچو پر جي توهان ٿڪل آهيو ته ڪجهه يين ڏئي ٽئڪسيءَ ۾ پهچي وڃو. پڪ اڌ ڪلوميٽر به پري نه هوندي. اسٽيشن تي پهچي توهان ان اسٽيشن جي ٽڪيٽ وٺو جتي توهان جو رهائش گاهه آهي. سو هيڏي وڏي شهر ٽوڪيو ۾ توهان گم ٿي نٿا سگهو ۽ هن سستي ريلوي لائين ذريعي گهٽ خرچ ۾ گهر پهچي سگهو ٿا. هي ائين آهي جيئن مڪي ۽ مديني ۾ پنهنجي گهر کان حرم پاڪ ۾ داخل ٿيڻ جو ويجهو دروازو ۽ رستو ياد ڪري ڇڏجي. پوءِ ڀلي توهان کي ڪو مڪي يا مديني جي ڪنهن ڏورانهين ڪنڊ ۾ ڇڏي اچي. توهان اتان پنهنجي گهر سڌو کڻي نه پهچي سگهندائو پر توهان سڌو حرم پاڪ هليا اچو اتي اندر پهچي ان دروازي کان ٻاهر نڪرو جنهن مان توهان جي رهائش واري گهر يا هوٽل جو رستو آهي. حرم پاڪ جي هر دروازي تي ان جو نالو لکيل رهي ٿو. سو ٽوڪيو شهر جي يامانوتي ريلوي لائين جي ريلوي اسٽيشن مان توهان کي پهرين ڏينهن ئي خبر وٺي ڇڏڻ کپي ته توهان جو رهائش گاهه ڪهڙي اسٽيشن وٽ آهي ۽ آفيس، ڪاروبار يا يونيورسٽي ڪهڙي اسٽيشن وٽ آهي. هن لائين جون ريل گاڏيون 100 ڪلوميٽرن جي رفتار سان هلن ٿيون. صبح جو پنجين بجي کان رات جو ڏيڍ وڳي تائين مسافر ڍوئين ٿيون. ’رش اور‘ ۾ هر اڍائي منٽن بعد ٽرين اچي ٿي باقي عام حالت ۾ هر چئن منٽن بعد. اها سڄو Loop پورو ڪري وري پهرين اسٽيشن تي پهچڻ ۾ ڪلاڪ وٺي ٿي. هن لائين جون سڀ ريل گاڏيون هر اسٽيشن تي بيهن ٿيون. جيڪي گاڏيون ڪلاڪ وائيز يعني گهڙيال جي ڪانٽن وانگر هلن ٿيون اهي سوتو ماواري (Soto Mawari) سڏجن ٿيون ۽ ابتي پاسي هلندڙ اُچي ماواري Uchi- Mawari سڏجن ٿيون. يامانوتي لوپ لائين جون 29 ريلوي اسٽيشنون هن ريت آهن جيڪي ڪٿان به شروع ڪري سگهجن ٿيون. اهي ڪياماڙيءَ کان سرجاني ٽائون هڪ ليڪ ۾ ڪياماڙي، ٽاور، صدر، گرومندر، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي، سرجاني ٽائون .... نه آهن بلڪ گول دائري ۾ آهن جيئن ته ڪياماڙي، پورٽ ٽرمينل، شيرين ڪالوني، ڊفينس سوسائٽي، ڪورنگي، ايئرپورٽ، گلشن اقبال، ناظم آباد، گل بائي، ماڙيپور، سئنڊس پٽ، ڪياماڙي .... يعني وري واپس ڪياماڙي تي پهچي پنهنجو گول دائرو شروع ڪن ٿيون.


    ٽوڪيو جون اهم اسٽيشنون ...

    ٽوڪيو جون يامانوتي لائين جون 29 اسٽيشنون جيڪي ٽوڪيو جي مرڪز واري ريلوي اسٽيشن ٽوڪيو سٽي کان شروع ٿين ٿيون هن ريت آهن.
    1- ٽوڪيو 2- ڪاندا، 3- اڪِيهابارا، 4- اوڪاچيماچي، 5- اُئينو، 6- يوجي اِيسوداني، 7- نِپوري، 8- نِشي نِپوري، 9- تاباتا، 10- ڪوماگومي، 11- سوگامو، 12- اوت سُوڪا، 13- اِڪَيبُو ڪُورو، 14- مَيجيرو، 15- تاڪا دانو بابا، 16- شن اوڪُوبَو، 17- شِنجُوڪُو، 18- يويوجي، 19 هاراجُوڪُو، 20 شِيبُويا، 21- اِيبو سُو، 22- مَيگوُرو، 23- گوتاندا، 24- اوساڪي، 25 سيناگاوا، 26- شن شينا گاوا، 27- تَماچي، 28- هاما متسوچو ۽ 29- شمباشي.
    مون کي پڪ آهي ته ٽوڪيو شهر ۾ توهان جي رهائش توڙي آفيس يا اهو هنڌ، جتي توهان کي سيمينار يا ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻو آهي، اهي سڀ جايون مٿين ريلوي اسٽيشنن مان ڪنهن نه ڪنهن جي ويجهو واڪنگ ڊسٽنس تي هونديون. ان ڪري ٽوڪيو ۾ رهائش دوران هن ريلوي لائين يامانوتي کي ئي ياد رکڻ ڪافي آهي جنهن جون ريل گاڏيون مٿين 29 ريلوي اسٽيشنن تي پيون گول ۽ ابتي گول ۾ هلن.
    يامانوتي ريلوي لائين جي مٿين 29 اسٽيشنن مان ڪي ته ايڏيون وڏيون ۽ مشغول اسٽيشنون آهن جو انهن تي ٻيون به ڪيترين ئي لائينن جون لوڪل ريل گاڏيون ۽ JR جون اهي ريلون جيڪي ڏورانهن شهرن ڏي وڃن ٿيون ۽ بليٽ ٽرينون (شنڪانسين) ترسن ٿيون ۽ توهان جي ڪنهن ڏينهن ٽوڪيو کان ٻاهر ڪنهن ٻئي شهر ڪيوٽو، اوساڪا، ڪوبي، نارا، ڪماڪورا، ساسيبو، هيروشيما يا موجي ۽ شيمونوسيڪي وڃڻ تي دل چوي ته ٽوڪيو، نپوري، شنجوڪو، شيبويا، شينا گاوا جهڙين اسٽيشنن مان ڪنهن هڪ تان پنهنجي مرضي جي ٽرين ۾ چڙهي انهن شهرن ڏي وڃي سگهو ٿا. ٽوڪيو شهر کان ٻاهر ٻين شهرن ڏي وڃڻ واريون جيڪي ريل گاڏيون تيز رفتار آهن ۽ منزل تي جلد پهچائين ٿيون انهن جو ڀاڙو (ٽڪيٽ) به وڌيڪ آهي. پر جي توهان گهمڻ لاءِ آيا آهيو ۽ واندائي واندا آهيو ته پوءِ منهنجي اها ئي صلاح آهي ته پئسا بچائي اهڙي ٽرين ۾ چڙهجي جيڪا ڀلي هر اسٽيشن تي بيهندي وڃي. ٽوڪيو اسٽيشن تي توهان جيڪڏهن وقت کان اڳ پهچي ويا آهيو ته اندر وڃڻ کان اڳ ٻاهر جي دنيا جو نظارو ڪري وٺو ۽ توهان کي ڪيتريون ئي اهم شيون ڏسڻ وٽان ملنديون جن جا توهان فوٽو به ڪڍي سگهو ٿا. مثال طور ٽوڪيو جو شاهي محل (Imperial Palace) جنهن ۾ جپان جو شهنشاهه رهي ٿو. مارو نائوچي بلڊنگ جنهن جون 38 ماڙيون گرائونڊ کان مٿي آهن ۽ چار زمين کان هيٺ آهن ۽ سندس بيسمينٽ ٽوڪيو اسٽيشن سان ڳنڍيل آهي. ٽوڪيو جي هڪ ٻي وڏي عمارت JP ٽاور پڻ ٽوڪيو اسٽيشن واري علائقي چيودا ۾ آهي. چيودا سمجهو ته ٽوڪيو جو مرڪزي علائقو آهي جيئن ڪراچيءَ جو صدر- يا کڻي سمجهو ته اڄ ڪلهه حسن اسڪائر آهي جتي سوڪ سينٽر آهي. جي پي ٽاور واري بلڊنگ آفيسن، دڪانن ۽ ريسٽورنٽن کان مشهور آهي ۽ 2012ع ۾ ٺهي راس ٿي هئي. هيءَ به 42 ماڙ بلڊنگ آهي. اهڙي طرح متسوبشي اچيگوڪان ميوزيم پڻ ٽوڪيو اسٽيشن وٽ آهي.
    ٽوڪيو بعد ڪانڊا (Kanda) اسٽيشن آهي. ان بعد هڪ اهم اسٽيشن اَڪِيهابارا (Akihabara) آهي. هيءَ اسٽيشن به ٽوڪيو وانگر شهر جي مرڪز چيودا ۾ آهي. اڪيهابارا جو علائقو اليڪٽرانڪ جي سامانن جي دڪانن کان مشهور آهي. هاڻ ته ڪراچيءَ ۾ به نت نيون اليڪٽرڪ جون شيون ملن ٿيون نه ته اسان جو جهاز کڻي ٻن ڏينهن لاءِ ٽوڪيو جي بندرگاهه ۾ بيهندو هو ته به هن ريلوي اسٽيشن تي پهچي هتي جي بازارين جو چڪر ڏئي ڪا نه ڪا اليڪٽرڪ جي شيءِ وٺبي هئي. جڏهن ڪئلڪيوليٽر ايجاد ٿيو ته پهريون دفعو مون هتي جي مارڪيٽ ۾ ڏٺو ۽ پوءِ ٻي سفر م سنگاپور ۾ نظر آيو ۽ پنهنجي ماسيءَ جي گهر واري انجنيئر محمد علي ٻگهيو صاحب کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ خريد ڪري ويو هوس. ان ڪئلڪيوليٽر ۾ اڃان رڳو واڌو، ڪاٽو، ضرب ۽ ونڊ هئي. ان بعد ته اڪيهابارا ۾ خبر ناهي ڇا ڇا شيون ڏٺيونسين. انهن ڪئلڪيوليٽرن وارن ڏينهن ۾ ٻي اليڪٽرڪ جي شيءِ ميوزڪ جون شيون هونديون هيون – خاص ڪري وڏا اسپيڪر جن مان نڪرندڙ آواز سان گڏ رنگين بلبن به جهڳمڳ ڪئي ٿي.
    اڪيهابارا بعد ”اوڪاچي ماچي“ اسٽيشن اچي ٿي. ان بعد ٽوڪيو جي هڪ اهم اسٽيشن Ueno (ائينو) اچي ٿي. هن اسٽيشن تي لهي توهان ائينو پارڪ، نيشنل ميوزم، ائينوزو ۽ ٽوڪيو يونيورسٽي آف آرٽس جهڙيون جايون گهمي سگهو ٿا. هيءَ وڏي اسٽيشن آهي جتي بليٽ ريل گاڏي به بيهي ٿي جنهن ۾ توهان ڀلي کڻي نه چڙهو پر هن اسٽيشن جي پليٽ فارم تي بيهي ان کي ٻاهران ڏسي سگهو ٿا ۽ ان جي اڳيان بيهي فوٽو پڻ ڪڍرائي سگهو ٿا. هي ريلوي اسٽيشن 1883ع ۾ ٺهي هئي. 1923ع واري گريٽ ڪانٽو زلزلي ۾ ڊهي پوڻ بعد 1927ع ۾ وري ٺاهي وئي. هن ريلوي اسٽيشن جي اڳيان ٻي جنگ عظيم بعد بليڪ مارڪيٽ لڳندي هئي. اڄ ڪلهه اسان جي آچر مارڪيٽ وانگر اوپن مارڪيٽ لڳي ٿي جنهن ۾ سستيون شيون ملن ٿيون ۽ امييا يوڪوچو (Ameyayokocho) سڏجي ٿي ڀر ۾ هتي جي مشهور عمارت “يودوباشي ڪئميرا بلڊنگ” آهي.
    ڇهين نمبر تي جهرڪيءَ جهڙي هڪ جپاني پکي يوگو اِسو (Uguisu) نالي واري ”يوگواسي“ نالي واري ريلوي اسٽيشن بعد هڪ وڏي ريلوي اسٽيشن ”نپوري“ اچي ٿي جيڪا ٽوڪيو جي اراڪاوا علائقي ۾ آهي جيڪا سال 1905ع ۾ ٺهي. هن اسٽيشن جي ٻاهران هتي جي مشهور يونيورسٽي “ٽوڪيو وومين ميڊيڪل يونيورسٽي” آهي جيڪا 1900ع ۾ ميڊيڪل اسڪول طور کولي وئي هئي. نپوري بعد “نِشي نپوري” اسٽيشن اچي ٿي. اتي هڪ ٻئي جي ڀرسان ٽي چار مندر پڻ آهن: ڪيو اوجي، هون گيوجي، ڪيئي يونجي ۽ اينميئن وغيره. ٿورو اڳيان چوميو جي ۽ سورن جي مندر پڻ آهن. اسان جي ڦوهه جواني وارن ڏينهن ۾ “مومو ئي ياما گچي” جپان جي ٽاپ ڳائڻي مڃي وئي ٿي جيئن پاڪستان ۾ ناهيد اختر هئي. پر موموئي ائڪٽريس به هئي. هوءَ ٽوڪيو جي هن علائقي اراڪاوا جي هئي جنهن جون مٿيون ٻه ريلوي اسٽيشنون آهن. سندس جپاني گانا اڄ به اسان جو سفير دوست ظفر شيخ شوق سان ٻڌندو آهي. موموئي (ذات جي ياماگچي) 1959ع ۾ ڄائي جنهن فقط اٺ سال 1972ع کان 1980ع تائين ڳايو ۽ فلمن ۾ ائڪٽنگ ڪئي ۽ هاڻ جڏهن هوءَ پنهنجي فن ۾ عروج تي هئي ته 21 ورهين جي عمر ۾ هڪ خوبصورت جپاني اداڪار توموڪازو ميورا سان شادي ڪري اهڙي ته هائوس وائيف ٿي گهر ۾ ويهي رهي جو ان کانپوءِ اسان کي ته ڇا اخباري نمائندن کي به نظر نه آئي. هن وقت هوءَ 59 سالن جي آهي. کيس هڪ ٻار تاڪا هيرو نالي 1985ع ۾ ٿيو جيڪو پڻ ڳائڻو آهي ۽ ٻيو ٻار يوتارو پڻس وانگر اداڪار آهي پر ڪو خاص مشهور ناهي. موموئي ياماگچي جي هڪ مشهور گاني Last song for you جون ڪجهه سٽون هن وقت به ياد آهن:
    Nanoku Koonen Kagayaku Hoshinimo
    Jyumyouga Aruto Oshiete Kuretanowa
    Anata Desita
    Last song for you, Last song for you.
    آخري مصرع جو انگريزي ترجمو.
    In Sleep less nights, helpless days you used warm words to support me.
    In dispirited, discouraged, unbearable lonely days, you gave me the dream of my heart.
    Last song for you, last song for you, hard to hide the tears of separation, last song for you, last…


    ٽوڪيو ۾ موجود مسجدون ...

    اهي جيڪي جپاني ٻوليءَ کان اڻ واقف آهن انهن لاءِ لکندو هلان ته جپاني لفظ نِشي (Nishi) جي معنيٰ اولهه آهي. نشي نپوري معنيٰ اولهه واري نپوري. اهڙي طرح ريلوي اسٽيشن مان نڪرڻ لاءِ ڪنهن ڪنهن اسٽيشن کي هڪ بدران ٻه دروازا ٿين ٿا جيئن ممبئي جي کار، دادر، سانتا ڪروز اسٽيشن کي آهن. ان صورت ۾ انهن دروازن جا طرفن مطابق نالا ٿين ٿا. مثال طور توهان کي ڪو چوي ٿو ته هو توهان لاءِ فلاڻي اسٽيشن جي هِگاشي دروازي وٽ انتظار ڪري رهيو آهي. معنيٰ ان اسٽيشن تي ٻاهر نڪرڻ لاءِ هڪ اولهه (Nishi) گيٽ آهي ته ٻيو اوڀر (Higashi) گيٽ. ريل مان لهي توهان کي پڇڻ کپي ته هِگاشي گيٽ ڪهڙو آهي، جنهن جي ٻاهر توهانجو واقفڪار انتظار ڪري رهيو آهي. گيٽ کي جپاني گيٽو سڏين ٿا ۽ ٻاهر نڪرڻ واري رستي يا دروازي کي ديگوچي (出口) چون. اهڙي طرح اندر گهڙڻ واري دروازي کي اِري گُچي (入口). جپانيءَ ۾ ڏکڻ کي مِنامي ۽ اتر کي ڪيٽا (Kita) سڏين. نئين شيءِ کي هونءَ ته اتراشي سڏين پر شهرن يا ريلوي اسٽيشنن جي معاملي ۾ شِن (Shin) سڏين جيئن اسان وٽ نيو هالا، نيو جتوئي، نيو سعيداباد وغيره. ملائيشيا ۾ به توهان کي ڪيترن ئي شهرن جي نالن ۾ توهان کي پراڻو (Lama) ۽ نئون (Bharu) لفظ ملندو، جيئن ته جوهوربارُو، سنگائي بارُو، ڪمپونگ بارُو يا وري ڪچائي لاما، پڊانگ ڪوٽا لاما، لانگ لاما وغيره.
    سو هتي به نِپوري ريلوي اسٽيشن بعد نِشي نپوري اسٽيشن اچي ٿي. ان بعد يامانوتي ريلوي لائين جي نائون نمبر اسٽيشن ”تاباتا“ اچي ٿي. اها اسٽيشن ٽوڪيو جي جنهن علائقي ۾ آهي اهو ڪيٽا (Kita) سڏجي ٿو. هن علائقي ڪيٽا وارڊ ۾ ڏسڻ وٽان ڪيتريون ئي جايون آهن جيئن ته اسُوڪاياما (Asukayama) پارڪ، اوجي درگاهه جيڪا 1321 جي ٺهيل آهي جنهن ۾ لڳل گنڪگو وڻ چون ٿا ته 600 سال پراڻو آهي. هيءَ شنتو ڌرم جي درگاهه (مندر) ٽوڪيو جي ڏهن مشهور درگاهن مان هڪ آهي. ٽوڪيو يونيورسٽي آف سوشل ويلفيئر ۽ هڪ ٻي يونيورسٽي “ٽوڪيو سائيتوڪُو يونيورسٽي” پڻ اتي ئي آهي. جيئن سکر جو نالو ٻڌي ادل سومرو ۽ اياز گل ليکڪ ياد ٿا اچن تيئن هن علائقي ڪيٽا ۽ ريلوي اسٽيشن جو ٻڌي رشيد ڀٽي ۽ شيخ اياز جو همعمر جپاني ليکڪ ڪوبو ابي (Kobo Abe) ياد ٿو اچي. پاڻ 1924ع ۾ ڄائو ۽ 1993ع ۾ گذاري ويو. کيس هميشه آسٽريا جي فرانزڪافا ۽ اٽليءَ جي البرٽو موراويا سان ڀيٽيو وڃي ٿو. پاڻ 1948ع ۾ ميڊيڪل جي ڊگري حاصل ڪئي پر ڊاڪٽري ڪرڻ بدران افسانا ۽ ناول ئي لکندو رهيو. پڙهائي دوران هن بيحد غربت ۾ وقت گذاريو ۽ گهٽين ۾ ڪوئلو ۽ آچار وڪڻي پڙهائي جي في ۽ پيٽ گذر ڪندو هو. پڙهڻ دوران ئي سندس شاعريءَ جو ڪتاب (Memei Shioshu)- “ هڪ گمنام شاعر جا شعر” ڇپيا هئي. ان بعد ڪيترائي ناول لکيائين. سندس ناولن جي آڌار تي ٺهيل مشهور انگريزي فلمون هن ريت آهن:
    *The Pitfall
    * Woman in Dunes
    * The Face of Another
    * The Man Without a Map وغيره.
    تاباتا ريلوي اسٽيشن بعد ”ڪوماگومي“ اسٽيشن اچي ٿي جيڪا توشيما وارڊ ۾ آهي. ڪوماگومي اسٽيشن مان ٻاهر نڪرڻ تي ڪجهه وکن تي هتي جو مشهور باغ Rikugien آهي. اسٽيشن ٻاهران ”ڪانا جي“ نالي اسپتال ۽ ٿورو اڳيان ڇوڪرين جي يونيورسٽي به نظر ايندانوَ.
    ڪوماگومي اسٽيشن بعد سُوگامو ۽ اوتسوڪا اسٽيشنون اچن ٿيون. ٻئي ايڏيون وڏيون اسٽيشنون نه آهن. يعني ڪنهن هڪ اڌ ٻي ڪمپنيءَ جي لوڪل گاڏي مس اچي ٿي ۽ ٻئي ٽوڪيو جي وارڊ توشيما ۾ آهن يعني ٻئي سمجهو ته سعيد منزل واري علائقي ۾ آهن جيڪو علائقو ٽوڪيو جي صدر واري علائقي چيودا ۽ شنجوڪو کي ويجهو آهي. اوتسوڪا ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران مسجد اوتسوڪا آهي. ان ڪري هن ريلوي اسٽيشن جي آس پاس توهان کي ڪيترائي ننڍي کنڊ، ايران، ملائيشيا ۽ عرب دنيا جا مسلمان نظر ايندا. خاص ڪري جمعي واري ڏينهن جڏهن ٽوڪيو ۾ رهندڙ ڪيترا مسلمان ٻين مسجدن کان علاوه جمعي نماز لاءِ هن مسجد اوتسوڪا (Otsuka Mosque) ۾ اچن ٿا ۽ مسجد جي اردگرد ڪيترائي حلال شين جا دڪان هجڻ ڪري هو حلال گوشت ۽ ٻيو حلال شيون گهرن لاءِ خريد ڪن ٿا. اوتسُوڪا مسجد “اوتسوڪا دائي پارڪ” ۽ “اوڪا موتو” هاسپيٽل ويجهو بلڪل اوتسوڪا ريلوي اسٽيشن وٽ آهي. ٽوڪيو جو هي علائقو توشيما سڏجي ٿو. جيستائين 1980ع تائين آئون جهاز جي نوڪريءَ دوران ٽوڪيو ايندو رهيس، ٽوڪيو ۾ فقط هڪ مسجد هئي جيڪا ٽوڪيو مسجد سڏجي ٿي. پر هاڻ ته ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون مسجدون ٽوڪيو ۽ ڀرواري شهر چيبا ۽ يوڪوهاما ۾ نظر اچن ٿيون. هڪ طرف مسلمان ٽوئرسٽ ۽ شاگردن جو تعداد وڌي ويو آهي ته ٻي طرف مقامي جپاني ماڻهو به مسلمان ٿي رهيا آهن ۽ حڪومت به چاهي ٿي ته مسلمان کي نماز توڙي حلال کاڌي ملڻ جو سهولتون مهيا هجن جيئن گهڻي کان گهڻا امير مسلمان ملڪن: ايران، سعودي عرب، ڪويت، دبئي، ترڪي، ملائيشيا، برونائي وغيره کان مسلمان سياح جپان ۾ ايندا رهن ۽ هنن کي پنهنجي مذهب جو ماحول محسوس ٿئي.
    اوتسوڪا ۽ ٽوڪيو مسجد کان علاوه ڪجهه ٻيون مسجدون هن ريت آهن:
    اساڪوسا (Asakusa) مسجد جيڪا ٽوڪيو جي صدر علائقي اساڪوسا ۾ آهي. سندس ڀر ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي هن علائقي جون مشهور شيون آهن جيئن ته گوريوڪو اناري مندر، جيڪو شنتو ڌرم جو مندر آهي ۽ اناري (لومڙ) کي منسوب ٿيل آهي. جپان ۾ هزارين مندر لومڙ وارا آهن جن جي اندر يا ٻاهر لومڙ جو مجسمو ٺهيل آهي. هن اناري مندر کان علاوه اساڪوسا اسپتال، “سوهوجِي” مندر ۽ “سڪورا باشي جونئر هاءِ اسڪول” به هن مسجد ڀرسان آهي.
    مسجد انڊونيشيا جيڪا ٽوڪيو جي ميگرو علائقي ۾ آهي. سندس ڀرسان “ٽوڪيو انڊونيشيا ڪيو واڪوڪو اسڪول” پڻ آهي.
    مڪي مسجد جيڪا يوتسوگي ۾ ٽوڪيو جي “ڪاتسو شيڪا” علائقي ۾ آهي. سندس ڀرسان ڪيتريون ئي اهم عمارتون آهن جيئن ته Heisei Tateishi اسپتال ۽ ايمدا ايليمينٽري اسڪول وغيره.
    ڪاماتا مسجد جيڪا اوتا ڪاماتا علائقي ۾ آهي. سندس ڀرسان هن علائقي جي “ڪاماتا فائر اسٽيشن”، “ڪاماتا جوشي اسڪول” ۽ اوتا سٽي هال پڻ آهي.
    حرا مسجد: ٽوڪيو جي ڀرواري شهر چيبا جي هيءَ مسجد حرا گيوتوڪو اسٽيشن وٽ آهي. سندس ڀر ۾ “اِچيڪاوا سائي وائي” پوسٽ آفيس ۽ “گيو توڪُو سينٽرل پارڪ” پڻ آهي جنهن جو پڇائي توهان هن مسجد تائين پهچي سگهو ٿا.


    اڪيبوڪورو ۽ ٻيون اسٽيشنون ...

    ٽوڪيو جي “يامانوتي” ريلوي لائين جي 29 اسٽيشنن ۾ تيرهون نمبر اڪي بُوڪورو (Ikebukuro) پڻ ڪافي مشهور آهي. دنيا ۾ هي ٻئي نمبر تي مشغول اسٽيشن آهي جنهن تان روزانو 28 لک کن مسافر مختلف ريل گاڏين ۾ چڙهن ٿا ۽ لهن ٿا. دنيا ۾ پهريون نمبر مشغول ترين اسٽيشن به ٽوڪيو ۾ آهي - يعني شنجوڪو، جيڪا اڪي بُوڪُورو اسٽيشن بعد چوٿين اسٽيشن آهي. وچ ۾ ميجِرو، تاڪادا نوبابا ۽ شِن اوڪُوبو اسٽيشنون آهن. اڪِيبوڪورو اسٽيشن تان ناريتا ايڪسپريس جيڪا NEX به سڏجي ٿي، ان ذريعي ناريتا ايئرپورٽ تي پهچي سگهجي ٿو يعني توهان جو گهر هن اسٽيسن ڀرسان آهي ته ناريتا ايئرپورٽ تي وڃڻ لاءِ بئگ کڻي هن اسٽيشن تي پهچي وڃو ۽ ٽئڪسي ۾ ايئرپورٽ تي وڃڻ جي وڏي ڀاڙي کان بچي ويندائو.
    اڪيبُو ڪُورو اسٽيشن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ننڍا ننڍا دروازا ته ٽي چار آهن پر ٻه وڏا Exit Gate آهن هڪ اڀرندو دروازو ۽ ٻيو الهندو. ريلوي جي اوس پاس وارو ڪمرشل علائقو آهي جتي توهان کي وڏيون وڏيون عمارتون نظر اينديون جيئن ته سيبو ڊپارٽمينٽ اسٽور، سن شائين سٽي (جنهن ۾ ٺهيل عمارتن ۾ هڪ 60 ماڙ عمارت آهي) جيڪا اسان جي اتي هجڻ جي ڏينهن 1978ع ۾ جڏهن ٺهي هئي ته ايشيا جي وڏي عمارت ليکي وئي ٿي. سندس اهو ٽائيٽل 1985ع تائين رهيو. ان بعد سيول ڪوريا جي 63 ماڙ عمارت اتاهين سڏجڻ لڳي. بهرحال سن شائين 60 ٽوڪيو ۽ جپان جي 1991ع تائين اتاهين عمارت رهي. هن عمارت سان گڏ ٻيون به ٽي عمارتون هن ڪامپليڪس ۾ شامل آهن: پرنس هوٽل، ورلڊ امپورٽ مارٽ ۽ بنڪاڪائڪان بلڊنگ. هي چارئي عمارتون جنهن پٽ تي ٺهيل آهن ان تي انهن عمارتن کان اڳ ساگامو جيل هو. جپان ۾ گهٽ ڏوهن ڪري جيل ذري گهٽ خالي خالي رهيو ٿي. ان ڪري ان کي ختم ڪري ڪم جون جايون ٺاهيون ويون. شل اسان جي ملڪ ۾ به اهڙيون حالتون ٿين. بهتر روزگار، بهتر معاشي حالتن، بهتر تعليم ۽ صحت ڪري ڏوهه گهٽجي وڃن ۽ اسانجي جيلن جي بئرڪن ۽ اسپتالن جي ڪمرن ۾ انهن جي Capacity کان ٻيڻا ٽيڻا ماڻهو رهڻ کان بچي وڃن.
    سن شائين سٽي کان علاوه پارڪو جي عمارت ۽ Bic Camera جي عمارت هن ريلوي اسٽيشن جي اوڀر پاسي آهي ۽ توبو ڊپارٽمينٽ اسٽور ۽ ميٽرو پوليٽن پلازا اولهه پاسي آهي. اسٽيشن جي آس پاس ڪيترائي تعليمي ادارا آهن جيئن ته ريڪ ڪيو (Rikkyo) يونيورسٽي، ٽوڪيو ڪاليج آف ميوزڪ، تائيڪيو هائي سائي يونيورسٽي، ٽوڪيو يونيورسٽي آف سوشل ويلفيئر (اڪيبوڪورو ڪئمپس)، شوڪو توڪو (Shukutoku) يونيورسٽي ڪئمپس، ٽوڪيو ڪاليج آف ٽرانسپورٽ اسٽڊيز، توشيما گائوڪا جونئر ۽ سينيئر اسڪول، ٽوڪيو ٿيٽر، اڪي بوڪورو لئبريري ۽ فائر اسٽيشن.
    هن بعد ايندڙ ريلوي اسٽيشن ميجيرو (Mejiro) هڪ ننڍڙي ريلوي اسٽيشن آهي جنهن جي ڀر ۾ گاڪوشو اِن (Gokushuin) يونيورسٽي آهي. اهڙي طرح ان کان پوءِ ايندڙ اسٽيشن ”تاڪادانو بابا“ به ننڍي آهي پر شاگردن لاءِ سهولت واري آهي جو ڀر ۾ واسيدا يونيورسٽي ۽ گاڪُوشو اِن يونيورسٽي جا شاگرد گهڻو استعمال ڪن ٿا.
    واسيدا يونيورسٽي هڪ پراڻي ۽ پرائيويٽ ريسرچ يونيورسٽي آهي جنهن جو 1882ع ۾ بنياد رکيو ويو. اڄ ڪلهه هن يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جو تعداد 59 هزار آهي ۽ پڙهائڻ وارن جو 5000- جن مان 3000 پارٽ ٽائيم آهن. هن يونيورسٽيءَ جا ٻيا به چار ڪئمپس آهن. وسيدا يونيورسٽي لئبريري جپان ۾ وڏي ۾ وڏي آهي جنهن ۾ 45 لک ڪتاب ۽ 46 هزار سيريل آهن. جپان جي واسيدا ۽ ڪيئيئو (Keio) يونيورسٽي جپان جي ٽاپ پرائيويٽ يونيورسٽين مان آهن. واسيدا مان انيڪ وڏا ماڻهو پڙهيا آهن جن ۾ هن ملڪ جا ست ته وزيراعظم آهن. مشهور جپاني اديب هاروڪي مورا ڪامي پڻ هن يونيورسٽيءَ جو گرئجوئيٽ آهي.
    “شن اوڪوبو” به هڪ ننڍڙي اسٽيشن آهي جنهن جي آس پاس ۾ ڪورين گهڻا رهن ٿا جن مان ڪي آڳاٽا رهيل آهن ۽ جپان جو پاسپورٽ اٿن ته ڪي ويجهڙائي ۾ آيل آهن جيڪي ٽوڪيو ۽ ان جي آسپاس ۾ نوڪري ۽ محنت مزوري ڪن ٿا. اسٽيشن جي ٻاهران به توهان کي ڪورين جا دڪان، ڪلب، مئخانا ۽ ريسٽورنٽون نظر اينديون جن جي ٻاهران جپانيءَ سان گڏ ڪورين ٻوليءَ ۾ پڻ انهن جا نالا هوندا.
    شِن اوڪوبو اسٽيشن کانپوءِ ٽوڪيو جي وڏين اسٽيشن مان هڪ شِن جُوڪو (Shinjuku) اچي ٿي. يامانوتي ريلوي لائين جي 29 اسٽيشنن مان سمجهو ته هيءَ اسٽيشن شنجُوڪو ۽ ٽوڪيو سٽي، شيبُويا، شنگاوا، نپوري، اُئينو وغيره ائين آهن جيئن اسان وٽ ڪوٽڙي يا روهڙي اسٽيشنون جيڪي جنڪشن سڏجن ٿيون. سو جپان جي هنن اسٽيشنن تي مختلف قسم جي ريلوي ڪمپنين جون ريل گاڏيون بيهن ٿيون جيڪي نه فقط ٽوڪيو جي چوڌاري يا هن سڄي ٻيٽ هونشو تي هلن ٿيون، پر ڏورانهين ريلوي اسٽيشنن ڏي به وڃن ٿيون. سو ڪنهن مسافر کي اهڙي هنڌ وڃڻو آهي جتي سندس لائين “يامانوتي” جي ريل گاڏي نٿي وڃي ته هو هنن اسٽيشنن تان ٻي ريل ڪمپنيءَ جي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي سگهي ٿو. هنن وڏن ريلوي اسٽيشنن تان جپان جون تيز رفتار گاڏيون شِنڪانسين (بليٽ ٽرين) پڻ هلن ٿيون.
    شِنجُوڪو ريلوي اسٽيشن بعد يويوگي (Yoyogi) ۽ هاراجُوڪو ريلوي اسٽيشنون آهن جيڪي شِنجُوڪو ريلوي اسٽيشن جي مقابلي ۾ راڌڻ ۽ ٻڍاپور ئي سمجهو. شِنجُوڪو ريلوي اسٽيشن 1885ع ۾ ٺهي ۽ دنيا ۾ مشغول ترين ريلوي اسٽيشن آهي جنهن جو احوال گنيس ورلڊ رڪارڊ بڪ ۾ به آيو آهي ته روزانو 37 لک ماڻهو هن اسٽيشن تان مختلف ريلن ۾ سوار ٿين ٿا ۽ لهن ٿا. هن اسٽيشن تي 36 پليٽ فارم آهن. اسٽيشن کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ننڍا وڏا 200 کان مٿي دروازا آهن. هن اسٽيشن تان سڌو ناريتا هوائي اڏي تي به وڃي سگهجي ٿو.
    هارا جوڪو اسٽيشن جي ٻاهر ميئيجي درگاهه، يويوگي پارڪ ۽ تاڪي شيتا مشهور شيون آهن. تاڪيشيتا اسٽريٽ ائين آهي جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ايلفي زيب النساءِ اسٽريٽ يا وڪٽوريا اسٽريٽ جنهن تي هر قسم جون شاپينگ ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون ملن ٿيون. هاراجوڪو اسٽيشن 1906ع ۾ کلي هئي. ان کانپوءِ هن علائقي جي مشهور اسٽيشن شيبويا آهي، جيڪا سمجهو ته وڏي جنڪشن آهي جتي مختلف طرفن کان لوڪل ۽ پري جي شهرن کان مختلف ڪمپنين جون ريل گاڏيون اچن وڃن ٿيون ۽ مسافر هڪ ريل مان لهي ٻيءَ ۾ چڙهن ٿا جيڪا هنن کي سندن منزل واري اسٽيشن تي پڄائي ٿي. تقريبن 25 لک ماڻهو هن ريلوي اسٽيشن تان پنهنجي ضرورت جي ريل گاڏين ۾ سوار ٿين ٿا. هيءَ ريلوي اسٽيشن شنجوڪو، اڪيبُو ڪُورو ۽ اُميدا (اوساڪا) بعد چوٿين نمبر تي جپان توڙي دنيا ۾ مشغول ترين اسٽيشن آهي. هيءَ (شيبويا اسٽيشن) 1885ع ۾ ٺهي. يعني هن اسٽيشن کي 134 سال ٿي ويا آهن. لاهور جي ريلوي اسٽيشن هن اسٽيشن کان 25 سال اڳ 1860ع ۾ ٺهي ۽ ڪوٽڙي اسٽيشن ته ان کان به سال ٻه اڳ ٺهي. 1861ع ۾ ڪراچي جي ريلوي اسٽيشن عوام لاءِ کولي وئي ۽ ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين وڇايل 108 ميل (174 ڪلوميٽر) ريل جي پٽن تان ريل هلڻ لڳي. هيءَ اُها ريلوي اسٽيشن شِبويا (Shibuya) آهي جتي اڪيٽا نسل جو هاچيڪو نالي هڪ ڪتو 1925ع کان 1935ع تائين روزانو پنهنجي مالڪ جي انتظار ۾ اچي بيٺو ٿي. ان ڪتي جو مجسمو اسٽيشن جي ٻاهران يادگار طور رکيل آهي.
    هن ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران هن علائقي جو ڪمرشل سينٽر آهي جنهن جو مشهور ٽوڪيو ڊپارٽمينٽ اسٽور هن اسٽيشن جي اوڀر واري گيٽ سان ڳنڍيل آهي. هتي جي مشهور ٽي وي ۽ ريڊيو اسٽيشن “NHK براڊ ڪاسٽنگ سينٽر” ۽ “NHK هال“ به هن اسٽيشن وٽ آهن. شيبويا ندي هن ريلوي اسٽيشن جي بلڪل هيٺان وهي ٿي.
    شيبويا بعد ٽي چار ننڍيون اسٽيشنون آهن جيئن ته اِيبِيسُو (Ebisu)، ميگورو (Meguro)، گوتاندا Gotanda ۽ اوساڪي Osaki. هي اسٽيشنون به ٽوڪيو ئي شهر جون آهن پر ڪراچي جي صدر، نرسري ۽ ڪلفٽن جهڙن اهم علائقن بدران قيوم آباد، محمود آباد، ڪورنگي ۽ بلوچ ڪالوني جهڙيون سمجهو. هنن اسٽيشنن وٽ ڪجهه يونيورسٽيون هجڻ ڪري ڏيهي ۽ پرڏيهي شاگردن جي ڌم رهي ٿي. جيئن ته “ڪيتا ساتو” (Kitasato) يونيورسٽي، ٽوڪيو گاڪوگا ۽ يونيورسٽي، ڪومازاوا يونيورسٽي، Teikyheisei يونيورسٽي وغيره ۽ سفارتخانا آهن.


    ٽوڪيو جون ڪجهه ٻيون اسٽيشنون ...

    يامانوتي ريلوي لائين جي ريل جي پٽي تي جيڪا پنجويهين ريلوي اسٽيشن شِنگاوا (Shingawa) اچي ٿي، اها وڏي ۽ اهم ريلوي اسٽيشن آهي جنهن اسٽيشن تي بليٽ ٽرين به ترسي ٿي. سو بُليٽ ٽرين ذريعي ڏورانهن شهرن ڏي ويندڙ مسافر به يامانوتي يا ٻين ڪمپنين جي ريلن ذريعي شِنگاوا اسٽيشن پهچي هتان بليٽ ٽرين ۾ چڙهن ٿا ۽ هيءَ اسٽيشن اهم هجڻ ڪري ڪيتريون ئي لوڪل ٽرينون جيڪي ٽوڪيو ۾ هلن ٿيون، اهي ۽ اوسي پاسي جي شهرن کان ايندڙ ريل گاڏيون هن اسٽيشن تي ترسن ٿيون. هتي هڪ ٻي ڳالهه به لکندو اچان ته هتي هر اسٽيشن اچڻ تي ان جي سڄي نالي ۽ ڪوڊ سان گڏ ڪجهه ٻيا به انگ نظر اچن ٿا جيئن شِنا گاوا اسٽيشن تي ان جي نالي Shinagawa سان گڏ هن اسٽيشن جو شارٽ فارم يا ڪوڊ SGW لکيل نظر ايندو جنهن جي هيٺان مختلف چونڪڙين ۾ لکيل نظر ايندو. JY25, JT03- JO17-JK20: ۽ KK01 هي انگريزي الفابيٽ جا اکر جپان ۾ هلندڙ مختلف ريلوي ڪمپنين جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ انگ ان ريل جي ڪمپنيءَ جي پٽي تي هيءَ ڪهڙو نمبر اسٽيشن آهي، ٻڌائين ٿا. جيئن اسان هتي يامانوتي ريلوي لائين جي پيا ڳالهه ڪريون جنهن جي پٽي تي 29 اسٽيشنون آهن جن تي ان لائين جون ريل گاڏيون ترسن ٿيون ۽ مٿي لکي چڪا آهيون ته يامانوتي لائين جي هيءَ ريلوي اسٽيشن شِنا گاوا پنجويهون نمبر اسٽيشن آهي. سو هاڻ توهان سمجهي ويا هوندائو ته مٿي ڏنل انگ اکرن ۾ JY25 هن ريلوي لائين ڏي اشارو آهي. JY معنيٰ جپان يامانوتي ۽ انگ 25 معنيٰ هن لائين جي هيءَ پنجويهين اسٽيشن آهي.
    اهڙي طرح ٻين نمبرن جو اشارو ٻين ريلوي ڪمپنين ڏي آهي جن جي ريل جي پٽي تي هيءَ ڪهڙي نمبر تي اسٽيشن آهي. جيئن ته JK20 معنيٰ هي ريلوي اسٽيشن “شناگاوا” جپان ڪيئيهِن توهوڪُو (Japan Keihin Tohoku Line) ڪمپنيءَ جي ريل گاڏيءَ جي ويهين ريلوي اسٽيشن آهي. اهڙي طرح JO17 معنيٰ يوڪو سُڪا لائين جي سترهين نمبر تي هيءَ اسٽيشن آهي. اهڙي طرح JT03 معنيٰ توڪئدو مين لائين جي ٽيون نمبر اسٽيشن آهي اهڙي طرح KK01 جو مطلب آهي ڪيئيڪيو (Keikyo) مين لائين جي پهرين اسٽيشن آهي. هنن نمبرن مان مسافرن کي آئيڊيا ٿي سگهي ٿي ته ڪنهن به اسٽيشن تي ڪهڙيون گاڏيون بيهن ٿيون.
    بهرحال ٽوڪيو جي هيءَ ريلوي اسٽيشن شِناگاوا جپان جي پراڻين اسٽيشنن مان آهي جيڪا 1872ع ۾ ٺهي راس ٿي هئي جڏهن ريلوي لائين فقط يوڪوهاما ۽ شنا گاوا جي وچ ۾ هئي. انهن ئي سالن ۾ ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن ٺهي آهي جڏهن انگريزن ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ريلوي لائين وڇائي هئي. جپان جي يامانوتي لائين ان کان ڏهاڪو کن سال پوءِ 1885ع ۾ شروع ٿي هئي جيڪا اڄ تائين قائم آهي ۽ مٿي بيان ڪيل ٽوڪيو جي 29 اسٽيشنن تي ڊوڙندي رهي ٿي. هن اسٽيشن جي ٻاهران ئي ٽوڪيو يونيورسٽي آف مئرين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي آهي. اوسي پاسي ۾ ڪيئڪيو، توبُو، گرانڊ پرنس، شناگاوا نالن واريون وڏيون هوٽلون نظر اچن ٿيون.
    اهڙي طرح هن لائين جون چار ٻيون به ريلوي اسٽيشنون آهن جن تي هيءَ ريل گاڏي بيهي وري پهرين نمبر واري ٽوڪيو تي پهچيو وڃي ڇو جو هيءَ لائين Yamanote لوپ لائين آهي جيڪا ٽوڪيو جي 29 اسٽيشنن تي ٻنهي پاسي ڦرندي رهي ٿي. آخري چئن اسٽيشنن مان هڪ جو نالو “تماچي” (Tamachi) به آهي. اهو نالو ٻڌي مون کي پنهنجي ديس جو نوري ڄام تماچي قصو ياد ايندو آهي. جپاني ٻولي، ڳالهائڻ ۾ چينيءَ وانگر چون چان چين واري ناهي. سندس هر لفظ جي هر اکر پويان Vowel آهي. ان ڪري ان کي چڱي طرح اچاريو وڃي ٿو. ويندي آخري اکر جيڪو اردو ۾ به ڪنهن ڪنهن لفظ جو ساڪن رهي ٿو پر جپاني لفظن جو آخري اکر به سنڌيءَ جي آخري اکر وانگر اچاريو وڃي ٿو. توهان کڻي ڪارن ۽ ٻين شين جا ئي نالا کڻو (جيڪي دراصل ته جپاني ماڻهن جي ذاتين جا نالا آهن جن اهي شيون ايجاد ڪيون....) سوزوڪي، هونڊا، يامادا، يا شهرن جا نالا: ٽوڪيو، هيروشيما، اوساڪا هجي يا نگويا، ساسيبو، ناگاساڪي وغيره. آخري اکر پويان به Vowel آهي. اردوءَ ۾ البت ڪن لفظن جا آخري اکر بنا واول جي آهن جيئن ته آج، سال، آم، بطخ وغيره پر سنڌيءَ ۾ آخري اکر تي به زير، زبر، پيش، الف، و، ي ڏيڻو پوي ٿو. جيئن ته اڄُ، سالُ، انبُ، بدڪَ وغيره ۽ جپانيءَ جا ڪي ڪي لفظ ته اهڙا آهن جن ۾ “ک” ۽ “ڏ” جي آوازن سان ملندڙ اکر لڳن ٿا. جيئن مٿيون لفظ “تماچي” جنهن جي معنيٰ آهي “سارين جي پوک جو شهر”، يا توموداچي (Tomodachi) جيڪو اچارڻ مهل توموڏاچي ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ مون کي سنڌ جا اٺ ۽ ڏاچيون ياد اچن ٿا. توموداچي معنيٰ دوست. يا ڪيوٽو شهر جو نالو جپاني کِيوتو اچاريندا آهن ۽ مون کي ڪانگ جو کياتو لڳندو آهي.
    تماچي اسٽيشن جي ٻاهران توهان کي ڪيترين ئي مشهور ڪمپنين جون عمارتون نظر اينديون جيئن ته موريناگا ڪمپني جي عمارت- جيڪا ڪمپني ڪيڪ، بسڪٽن ۽ ٽافين چاڪليٽن کان مشهور آهي. NEC (نپان اليڪٽرڪ ڪمپني) ۽ نپان ڪنزوڪو جون عمارتون پڻ هتي آهن. اسٽيشن کان ڏهن منٽن جي پنڌ تي هتي جو مشهور “ٽوڪيو انٽرنيشنل اسڪول” ۽ رينبو برج آهي.
    تماچي اسٽيشن بعد ايندڙ هماماتسوچو اسٽيشن تي توهان لهي تُسوڪيجي (Tsukiji) مڇي مارڪيٽ ڏسي سگهو ٿا جيڪا دنيا جي وڏي مڇي مارڪيٽ آهي. جيڪا سڏجي ته مڇي مارڪيٽ ٿي پر منجهس توهان کي هر قسم جي سامونڊي مخلوق وڪامندي نظر ايندي. دنيا ڀلي ڪهڙا به قاعدا قانون ڪڍي ته وهيل يا شارڪ مڇيءَ کي مارڻو ناهي پر توهان کي هن مارڪيٽ ۾ اهي پابندي لڳل شيون به نظر اينديون.


    ناريتا ايئرپورٽ کان ٽوڪيو شهر

    ملائيشيا ايئرلائين (MAS) جو هوائي جهاز هو جيڪو ٽوڪيو پهچي رهيو هو. هن همراهه سان منهنجي ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي ئي سلام دعا ٿي هئي. هن مون کي کيڪاريو يا شايد مون کيس پاڪستاني سمجهي سلام ڪيو. ظاهر آهي جپان ويندڙ مسافرن جي هجوم ۾ ملائيشيا جا نڪ مِنا ماڻهو هئا يا جپاني جيڪي موڪلن جا ڪجهه ڏينهن ملائيشيا ۾ گذاري هاڻ پنهنجي وطن موٽي رهيا هئا. جهاز ۾ به باٿ روم ويندي، منهنجي سيٽ وٽان گذرندي هن هڪ دفعو مون کي وري هيلو ڪيو ۽ مون کان پڇيو ته آئون ٽوڪيو ۾ رهان ٿو. آئون سمجهي ويس ته هي پهريون دفعو جپان هلي رهيو آهي سو به ٽوڪيو جهڙي وڏي شهر ۾، سو قدرتي طرح هن کي گهٻراهٽ ٿي رهي آهي ته ايئرپورٽ تي پهچي منزل تي ڪيئن پهچندس. اسان به شروع جي سالن ۾ نئين ملڪ يا نئين شهر ۾ ويندي ڪوشش ڪندا هئاسين ته ڪو اسان جي رهنمائي ڪري، ڪٿي وڏي شهر ۾ منجهي نه پئون. مون هن کان پڇيو ته ٽوڪيو جي ڪهڙي علائقي ۾ هن کي وڃڻو آهي. هن جيڪي پار پتا ٻڌايا ان مان سمجهي ويس ته هن کي شِيبويا ريلوي اسٽيشن تي لهڻو پوندو جتان پوءِ سندس گهٽيءَ واري عمارت پنج منٽن جي پنڌ تي آهي.
    ڪو زمانو هو 1978ع کان اڳ تائين وارو جڏهن ٽوڪيو ۾ لهڻ لاءِ هڪ ئي ايئرپورٽ هانيدا (Haneda) هوندو هو جيڪو ٽوڪيو جي وچ شهر کان ڏهه ميل پري آهي. ان بعد يعني 1978ع کان ٽوڪيو جو ناريتا (Narita) ايئرپورٽ تيار ٿيڻ تي اسان کي هر دفعي هانيدا جي بدران ناريتا لهڻو پوي ٿو. ناريتا ايئرپورٽ نئون، ماڊرن، تمام گهڻين سهولتن وارو پنهنجي جاءِ تي پر ٽوڪيو شهر کان ڇا ته پري ٺاهيو ويو آهي! ٽوڪيو شهر کان گهٽ ۾ گهٽ چاليهه ميل يعني ستر ڪلوميٽر پري آهي. ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪر ته پري پري تائين ٽوڪيو شهر جي ته خوشبوءِ به نٿي اچي - رڳو سارين جا فصل نظر اچن ٿا. ڪيترا پهريون دفعو آيل پريشان مسافر ايئرپورٽ مان ٻاهر نڪري سامهون بيٺل ٽئڪسيءَ ۾ ئي وهيو رهن. جپان ۾ جتي ڪٿي ٽئڪسيون ته کوڙ آهن ۽ انهن ۾ ماڻهن کي چڙهندو به ڏسون ٿا، پر جپان ۾ ٽئڪسي اسان جهڙي غريب ملڪن جي غريب ماڻهن لاءِ نه آهي. خاص ڪري ٽوڪيو جي ايئرپورٽ ناريتا تان ٽوڪيو شهر ڏي هلندڙ ڇو جو انهن جو ڀاڙو 180 آمريڪن ڊالر يعني 20 هزار رپيا کن ٿئي ٿو. ايترن پئسن ۾ ته اسان ريل رستي ڪراچي کان پشاور ۽ پشاور کان ڪراچي ٻه دفعا اچي وڃي سگهون ٿا.
    جپان ۾ مهانگائي ضرور آهي ۽ جتي وڏن ماڻهن جي نخري، آرام ۽ سڪون لاءِ ٽئڪسيون آهن، (بلڪه ناريتا ايئرپورٽ کان ٽوڪيو شهر تائين هيليڪاپٽر سروس به آهي جنهن جي ٽڪيٽ 2400 ڊالر يعني اڍائي لک روپيه آهي)، اتي گهٽ پئسي وارن ۽ بچت ڪرڻ وارن لاءِ به ڪيترائي طريقا آهن. ويهه هزار رپين ۾ سڄي ٽئڪسي ڪرڻ بدران بهتر آهي ته Shared Taxi ڪجي جنهن ۾ چار ماڻهو وهن ٿا ۽ في ماڻهوءَ کان پنج هزار رپيا ڏيڻا پون ٿا. ان کان به بهتر آهي ته آرامده بس ۾ وڃجي جيڪا هتي “لموزن بس” سڏجي ٿي. ناريتا هوائي اڏي تي هڪ ٻئي پويان هلندڙ Limousine Bus مسافر کڻي ٽوڪيو جي ڪيترن ئي وڏين هوٽلن جي در تي لاهي ٿي. انهن بسن جو ڀاڙو فقط 28 ڊالر يعني 3000 رپيا آهي ۽ جي اڳواٽ واپسيءَ جي به ٽڪيٽ وٺي ڇڏجي ته پوءِ 40 ڊالر وٺن ٿا يعني اوٽ موٽ جا 4100 رپيا ٿيا. منهنجي خيال ۾ اها ڪافي سستي ٿي. پر ان کان به اها بس سستي آهي جيڪا ٽوڪيو شٽل (Tokyo Shuttle) سڏجي ٿي. ان جي ٽڪيٽ فقط اٺ يا نو ڊالر يعني نو سئو رپيا کن آهي. هيءَ بس توهان کي سڌو ٽوڪيو جي مرڪزي اسٽيشن جي سب وي ريلوي لائين وٽ اچيو ڇڏي، جتان پوءِ توهان ڪنهن به ريل گاڏيءَ ۾ ويهي پنهنجي منزل تي پهچي سگهو ٿا. هي بسون هر ويهه منٽن بعد ناريتا ايئرپورٽ تان روانيون ٿين ٿيون. اهو ضروري آهي ته واپسيءَ جي ٽڪيٽ به رزرو ڪرائي ڇڏجي نه ته ٻي صورت ۾ هيءَ بس ٽوڪيو ريلوي اسٽيشن کان ناريتا ايئر پورٽ تائين 18 ڊالر يعني 1900 رپيا وٺي ٿي.
    هڪ ٻي ڪمپنيءَ جون بسون آهن جيڪي ناريتا ايئرپورٽ کان هلن ٿيون جيڪي The Access Narita بسون سڏجن ٿيون. اهي توهان کي ٽوڪيو اسٽيشن تي ڇڏين ٿيون جتان توهان JR ڪمپنيءَ جي ريل گاڏين ۾ ڏورانهن شهرن ڏي وڃي سگهو ٿا. ٽوڪيو اسٽيشن کان علاوه هي بسون گنزا اسٽيشن تي به مسافر لاهين ٿيون جتان مسافرن کي ٽوڪيو جي مختلف علائقن ۾ پهچڻ لاءِ سب وي ريل گاڏيون مليو وڃن. هن بس جي ٽڪيٽ به 9 ڊالر يعني 1000 رپيا آهي ۽ ٻار جي 500 روپيا.
    ان کان علاوه Keisei لائين جون ريل گاڏيون ناريتا ايئرپورٽ کان نِپوري اسٽيشن تائين هلن ٿيون جتان پوءِ توهان ڪنهن ٻي ريل لائين جي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهي شِنجُوڪو، شِبُويا، اساڪوسا يا ٽوڪيو سٽي جي ريلوي اسٽيشن تي لهي سگهو ٿا. هن ٽرين جي ٽڪيٽ يارهن ڊالر يعني 1200 روپيا آهي.
    اهڙي طرح هڪ ٻي ڪمپنيءَ جو ريل گاڏيون آهن جن جي ٽڪيٽ مٿين ريل کان ٻه ڊالر کن وڌيڪ آهي پر اهي ٽوڪيو سينٽر جي بهتر هنڌ تي ڇڏين ٿيون. انهن جو نالو آهي: The Sky Access Express . هيءَ ريل گاڏي ايئرپورٽ کان شهر تائين ڪلاڪ کن وٺي ٿي. ٽڪيٽ تي 58 منٽ لکيل آهي ۽ جپان جي هيءَ ۽ ٻيون ريل گاڏيون واقعي ان لکيل وقت تي پهچائين ٿيون. اهو مون کڻي هڪ ڪلاڪ لکيو آهي جو اسان لاءِ 58 ۽ 60 منٽن ۾ فرق ئي ڇاهي جو اسان وٽ ٻه منٽ ته ڇا ٻه ٻه ڪلاڪ دير سان گاڏي پهچي ٿي پر جپان ۾ ٻه منٽ يعني 120 سيڪنڊ وڏي ڳالهه آهي.
    ناريتا کان ٽوڪيو شهر پهچڻ لاءِ مون کي سڀ کان بهتر The Narita Express لڳندي آهي جيڪا ريل لائين هاڻ ٻه ٽي سال ٿيندا ته شروع ٿي آهي. ناريتا ايڪسپريس جيڪا NEX پڻ سڏجي ٿي ناريتا کان ٽوڪيو ۽ واپس ناريتا تائين جي سواري جي ٽڪيٽ 36 ڊالر يعني 4500 رپيا آهي ۽ ٻارن جي اڌ آهي. پر اها فقط ناريتا ايئرپورٽ تان ملي سگهي ٿي ۽ غير ملڪي لاءِ آهي ۽ ان جو مدو 14 ڏينهن آهي. سو توهان جي جپان ۾ رهائش چوڏهن ڏينهن کان گهٽ آهي ته پوءِ ناريتا ايئرپورٽ تي پنهنجو پاسپورٽ ڏيکاري NEX جي رٽرن ٽڪيٽ اڳواٽ وٺي ڇڏيو. مون سان گڏ ڪولالمپور کان ٽوڪيو سفر ڪندڙ هم وطنيءَ کي مون ان ٽرين ۾ ٽوڪيو وڃڻ جي صلاح ڏني جنهن ۾ هو ٽوڪيو اسٽيشن تي پهچي پوءِ يامانوتي يا ڪنهن ٻي ڪمپنيءَ جي ريل گاڏيءَ ۾ سندس منزل شِيبويا تي پهچي سگهيو ٿي. نيڪس (NEX) جون ريل گاڏيون هر 25 کان 40 منٽن جي فرق تي ناريتا ايئرپورٽ جي ٽرمينل اول تان شروع ٿين ٿيون ۽ پوءِ ٽرمينل 2 ۽ 3 تي ترسي، اتان مسافر کڻيِ ٽوڪيو اچي لاهين. هيءَ ٽرين سڀ ۾ بهتر آهي جو هن ۾ سامان رکڻ جي به ڪافي جاءِ آهي. ايئرپورٽ مان نڪرڻ بعد ٽوڪيو اسٽيشن تي پهچڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳي ٿو. ناريتا آهي ته ٽوڪيو جو ايئرپورٽ پر آهي ڀرواري ضلعي چيبا ۾، جيئن اسلام آباد جو ايئرپورٽ راولپنڊيءَ ۾ آهي. پر راولپنڊي وري به اسلام آباد شهر کان ايڏو پري ناهي. ناريتا ايئرپورٽ تي پهچي مون کي تهران جو امام خميني نالي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ياد ايندو آهي.
    ڪراچيءَ مان ايران ويندڙ قافلي سان گڏ جڏهن آئون پهريون دفعو ايران ويس ته ايران ايئر لائين جي هوائي جهاز تهران جي جنهن هوائي اڏي تي لاٿو ان جو نالو مهرآباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ هو. جنهن مان ٻاهر نڪرڻ تي تهران جو مشهور روڊ” آزادي اسٽريٽ“ ۽ ميٽرو ريلوي اسٽيشن بيمه آهي جتان ميٽرو گاڏي اڳيان ميدان آزدي، معين، حبيب الله، شادمان، بهبودي، نواب ۽ ڊاڪٽر غريب جهڙين ريلوي اسٽيشنن تان گذري ٿي. ايئرپورٽ مان نڪرڻ سان مجسمي آزادي وارو چوراهو ان بعد هڪ ٻيو چوراهو (Round About) انقلاب اسڪائر اچي ٿو. اسان کي امام علي رضا جي روضي جي زيارت لاءِ مشهد وڃڻو هو جنهن لاءِ ٻي اڏام يعني ڊوميسٽڪ فلائيٽ اتان ئي مهرآباد ايئرپورٽ تان ملي وئي.
    سال ٻن بعد منهنجو وري تهران وڃڻ ٿيو. ايران حڪومت دنيا جي مختلف ملڪن جي اديبن ۽ جرنلسٽن کي گهرايو هو. هن ڀيري جهاز جنهن تهران جي هوائي اڏي تي لٿو اهو نئون ٺهيل “امام خميني انٽرنيشنل ايئرپورٽ” هو جنهن جو هفتو کن اڳ افتتاح ٿيو هو. ٻاهر نڪرڻ تي تهران شهر جو ڪو ڏس پتو نظر نه اچي رهيو هو. چوڌاري ويراني ئي ويراني ڏسي حيرت ٿي. اسان کي چيو ويو ته مشهد هلڻ لاءِ توهان کي بس ۾ وهڻو پوندو جيڪا مهرآباد ايئرپورٽ تي وٺي هلندي، جتان لوڪل اڏامون مشهد، اصفهان، تبريز ڏي وڃن ٿيون. آئون هن نئين هوائي اڏي کان اڻ واقف هوس منهنجي حيرت کائڻ تي مون سان ڀر ۾ ويٺل هڪ جپاني مسلمان جنهن سان آئون جپانيءَ ۾ سلام دعا ڪري چڪو هوس ۽ هن ٻڌايو ته هو شيعو آهي ۽ هر سال قم شهر ايندو رهي ٿو تنهن مرڪندي مون کان پڇيو ته آءُ ٽوڪيو ڪڏهن کان ويندو رهان ٿو؟
    “گذريل 45 سالن کان”. مون وراڻيومانس.
    “اتي پهرين ڪهڙي ايئرپورٽ تي لهندو هئين ۽ هاڻ ڪهڙي تي؟” هن پڇيو.
    “پهرين هانيدا ايئرپورٽ تي هاڻ ناريتا ايئرپورٽ تي”. مون جواب ڏنومانس.
    “بس بس”. هن چيو، “سمجهه ته تهران جو مهرآباد ايئرپورٽ ٽوڪيو شهر اندر هانيدا ايئرپورٽ آهي ۽ هي امام خميني ايئرپورٽ ٽوڪيو جي ناريتا ايئرپورٽ وانگر شهر کان پري آهي.”
    ياد رهي ته امام خميني ايئرپورٽ تهران شهر کان 30 ڪلوميٽر پري آهي ۽ ناريتا ايئرپورٽ ٽوڪيو شهر کان 70 کن ڪلوميٽر پري آهي. ٻنهي شهرن ۾ ٽرين يا ميٽرو جهٽ شهر ۾ پهچائي ٿي باقي ٽئڪسي يا بس وڌيڪ وقت وٺي ٿي. خاص ڪري تهران ۾. ڇو جو تهران شهر ۾ ڪي ڪي لي مارڪيٽ، تين هٽي ۽ رنڇوڙ لائين جهڙا علائقا آهن جتي هر وقت ٽرئفڪ جئم لڳي رهي ٿي.


    شيبويا اسٽيشن تائين گڏ هلڻ.....

    ٽوڪيو جي ناريتا ايئرپورٽ تي اسان جي هوائي جهاز جي لهڻ بعد مون سان گڏ ساڳي هوائي جهاز ۾ سفر ڪندڙ پاڪستاني نوجوان به مون وانگر، بلڪه منهنجي صلاح سان ناريتا ايڪسپريس (NEX) ريل گاڏيءَ ۾ سوار ٿيو. ناريتا ايڪسپريس جون سڀ ريل گاڏيون ٽوڪيو اسٽيشن تي لاهين ٿيون. پهريون دفعو جپان ايندڙ هي نوجوان منهنجي سمجهائڻ جي باوجود ڪافي گهٻرايل نظر اچي رهيو هو. ائين ٿيندو آهي. وڏي شهر جو خوف پنهنجي جاءِ تي رهي ٿو جنهن جو احساس ان ماڻهوءَ کي به ٿئي ٿو جيڪو ڪنهن ڳوٺ کان خاص ڪري پهريون دفعو ڪراچيءَ جهڙي وڏي شهر ۾ اچي ٿو. ڪراچي ته ڇا سکر ۽ حيدرآباد جهڙو شهر به منجهائي رکي ٿو. هن کي ٽوڪيو جي جنهن علائقي ۾ وڃڻو هو ان علائقي توڙي اتي جي ريلوي اسٽيشن جو نالو شيبويا (Shebuya) هو. مون کي ٻئي پاسي ”اڪيها بارا“ وڃڻو هو. سمجهو ته ٻاهران ايندڙ ٽرين ڪراچي سٽي اسٽيشن تي ٻن ڄڻن کي اچي ڇڏي. جتان ڪراچي شهر جي چوڌاري هلندڙ ڪنهن ميٽرو يا سب وي ريل گاڏيءَ ۾ هڪ کي ڪلفٽن وڃڻو هجي ۽ ٻي کي جناح جي مزار، اها سرڪيولر ٽرين هڪ طرف ڪراچي سٽي اسٽيشن کان ٽاور، ڪياماڙي، شيرين جناح ڪالوني، بلاول چورنگي جهڙين اسٽيشنن تي بيهندي ڪلفٽن اسٽيشن ايندي. هوڏانهن ٻي همراهه کي ساڳي ٽرين ۾ سوار ٿيڻو پوندو جيڪا ابتي طرف پئي وڃي. اها سٽي اسٽيشن بعد صدر، ايمپريس مارڪيٽ، نمائش بعد جناح جي مزار تي اچي ڇڏيندي. يعني هي اسان خيالي پلاءَ پچائي رهيا آهيون. ڪراچيءَ ۾ هن وقت ڪا به سرڪيولر ريل گاڏي، ٽرام يا ميٽرو ناهي جيئن دهلي، تهران يا ڪوالالمپور ۾ آهي پر هڪ ڏينهن ٺهي ته ائين ئي اسٽيشنون ٺهنديون. سو ايئرپورٽ کان ٽوڪيو اسٽيشن تي پهچي مون هن جوان کي چيو ته پاڻ کي هاڻ يامانوتي لائين جي ٽرين ۾ سفر ڪرڻو پوندو پر پنهنجيون منزلون مختلف (ابتڙ) طرفن ڏي آهن. توکي سامهون واري پليٽ فارم تان ريل جهلڻي آهي جيڪا هن ٽوڪيو جي اسٽيشن بعد شمباشي، هماماتسوچو، تماچي ۽ ٽي ٻيون اسٽيشنون لتاڙي ايبيسو (Ebisu) اسٽيشن بعد تنهنجي منزل واري اسٽيشن شيبُويا تي پهچندي ته تون لهي پئجان ۽ مون کي هِن پاسي واري پليٽ فارم تان هن ڪمپني يامانوتي جي ريل گاڏيءَ ۾ چڙهڻو آهي جيڪا شيبويا پاسي کان پئي اچي.
    مون کي دراصل اڪيهابارا اسٽيشن تي لهڻو هو جيڪا هن اسٽيشن ٽوڪيو کانپوءِ فقط هڪ اسٽيشن ڪاندا (Kanda) لتاڙي اچي ٿي. مون ڏٺو ته همراهه جي منهن تي ڪي خوشيءَ جا آثار نه هئا. مون کيس گهڻو ئي چيو ته هاڻ فڪر يا منجهڻ جي ڳالهه نه آهي. هر اسٽيشن اچڻ تي ان اسٽيشن جو نالو ڪيترائي دفعا اچاريو وڃي ٿو. ايبيسو اسٽيشن اچڻ کان پوءِ يڪدم توهان جي اسٽيشن شيبويا جو اعلان شروع ٿي ويندو ته.
    Tsugi wa Shibuya ni tomarimasu
    يعني “ايندڙ اسٽيشن شيبويا آهي” ۽ تون بئگ کڻي اٿي کڙو ٿجانءِ ۽ جنهن پاسي کان ماڻهو لهن ته تون به ان پاسي کان لهجانءِ. ڪهڙي پاسي جا دروازا کلندا هو ان جو به اعلان ڪن ٿا ته Deguchi wa Hidarigawa desu يعني Exit کاٻي پاسي ٿيندي ۽ پوءِ اسٽيشن ويجهو اچڻ تي Mamonaku Shibuya desu جو اعلان شروع ٿي ويندو معنيٰ: “اجها اچي وئي شيبويا- اجها اچي وئي شيبويا.”
    مٿيان اهي ٽي جملا نه فقط ٽوڪيو جي ان لائين ۾ ورجايا وڃن ٿا پر جپان جي هر شهر جي هر ريل گاڏيءَ ۾ هر اسٽيشن جي اچڻ تي، بس طوطي وانگر دهرائبا رهن ٿا. شروع جي ڏينهن ۾ يعني 1970ع واري ڏهاڪي ۾ مون کي حيرت ٿيندي هئي ته اسٽيشن اچڻ تي ڪيئن آٽوميٽيڪلي اعلان ٿيو ٿو وڃي ۽ هر دفعي ان هنڌ کان اهو اعلان شروع ٿئي ٿو. پوءِ خبر پئي ته ان لاءِ مقرر جاين تي ٻاهر سگنل لڳل آهن. ويندي اسٽيشن جي ويجهو اچڻ تي ٻاهر لڳل “رموٽ” ٽرين جي CPU ڏي سگنل موڪلي ٿو ۽ ٽرين جي رفتار گهٽجيو وڃي نه ته ههڙي تيز رفتار ريل گاڏين ۾ انسان جي وس جي ڳالهه ناهي جو هٿ سان گهربل اعلان جو بٽڻ دٻائيندو رهي. جيتوڻيڪ جپان جون ريل گاڏيون ورلي خراب ٿين ٿيون يا منٽ ٻه دير ڪنديون هونديون پر هڪ دفعي اوساڪا کان ڪوبي ويندي ڪوبي اسٽيشن وٽ جيئن ئي ٻاهران مليل سگنل تي اسٽيشن اچڻ جي اعلان جو سگنل ٿيو “مامَوناڪُو ڪوبي ديس.... مامَوناڪُو ڪوبي ديس” ته ان وقت گاڏي خراب ٿي بيهي رهي ۽ پوءِ اهو اعلان هلندو ئي رهيو ته اجها اچي وئي ڪوبي اسٽيشن- جيسين ڏهن منٽن بعد ريل گاڏيءَ هلڻ شروع ڪيو ۽ ڪجهه وکن بعد ڪوبي اسٽيشن جو پليٽ فارم آيو جتي ان اعلان کي بند ڪرڻ جي ريموٽ سگنل اليڪٽرونڪ نياپو گاڏيءَ اندر موڪليو. مون کي جپاني ٽرين جا بار بار هلندڙ اهي اعلان ٻڌي هڪ سئنيما جي طوطي جو چرچو ياد ايندو آهي. هن طوطي کي مالڪ پڃري ۾ ٽڪيٽ گهر جي ٻاهران رکي ڇڏيو هو ته جنهن وقت فلم ڏسڻ وارا ٽڪيٽ خريد ڪرڻ اچن ته هو رٽيل جملو “ڪم ون باءِ ون ڪم ان لائين” يعني “هڪ هڪ ٿي اچو، قطار ۾ اچو”، چوڻ شروع ڪري ڏئي. هڪ ڏينهن طوطي جي ڪنهن ڳالهه تان مالڪ ڪاوڙجي سندس پَرَ ڪٽي کيس جهنگل ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.
    جهنگل ۾ پَرَ ڪٽيل ٺوڙهي طوطي کي ڏسي ڪانوَ هن کي ٺونگن سان ورائي ويا. هي غريب پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ ٻيو ڪي ڪجهه ڪرڻ بدران اهائي تسبيح پڙهندو رهيو ته Come one by one. Come in line. هڪ هڪ ٿي اچو. قطار ۾ اچو. سو جپان جي ريل گاڏين جو به اهو حال آهي جن کي جنهن ڪم يا ڳالهه لاءِ پروگرام ڪيو وڃي ٿو هو اهوئي ڪنديون رهن ٿيون.
    مون ٽوڪيو ۾ آيل پنهنجي هن هم وطنيءَ کي تفصيل سان سمجهائي موڪلائڻ جي ڪئي، پر مون ڏٺو ته هن جي منهن تي ڪا جوت نه هئي. هن وڏي عجيب شهر ۾ جتي عجيب زبان ڳالهائي وڃي ٿي، اتي هن لاءِ جپانيءَ جا اهي ٻه ٽي جملا سمجهڻ به ڏکي ڳالهه لڳي رهي هئي ۽ واقعي اسان لاءِ ته اهي جملا ٻڌي ٻڌي اهو سمجهڻ ڏکيو نه هو ته سوگي وا (Tsugi wa) معنيٰ ٻي Next ۽ اِڪي (Eki) معنيٰ اسٽيشن، يا ديڳوچي (Deguchi) معنيٰ ٻاهر نڪرڻ جو رستو، ديس (Desu) معنيٰ آهي وغيره، پر هن نئين آيل لاءِ اهي ڌاريان لفط جهٽڻ ڏکيو ڪم ٿيو. ان ڪري ته آئون ٻاهر جو سفر ڪندڙن کي هميشه نصيحت ڪندو آهيان ته ڪم جا ضروري لفظ ياد ڪري پوءِ سفر تي نڪرندا ڪريو ۽ جپان ايندڙن لاءِ ته ڪم جا ٻيا لفظ ياد ڪرڻ سان گڏ ريل گاڏين، اسٽيشنن ۽ بسين ۾ سفر ڪرڻ خاطر انهن سان واسطو رکندڙ لفظ به ياد ڪرڻ کپن نه ته ٻي صورت ۾ ماڻهو مجبور ٿي ٽئڪسيءَ ۾ سفر ڪري ٿو ۽ جپان ۾ ٽئڪسيءَ ۾ سفر ڪرڻ معنيٰ پاڻ کي فقير بنائڻ. مون هن هم وطنيءَ جي مسڪين صورت ڏي وري ڏٺو ۽ مون کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچي ويو جڏهن آئون شروع جي سالن ۾ ڪڏهن يورپ جي ملڪ رومانيا جي شهر ڪانستنزا ۾ ته ڪڏهن آفريڪا جي ملڪ سينيگال جي بندرگاهه ڊڪار ۾ يا ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ برازيل جي ڪنهن بندرگاهه ۾ پنهنجي جهازي ساٿين کان ڇڄي گم ٿي ويو هوندس ۽ اتي جي مڪاني ٻولي رومانين، فرينچ يا پورچوگاليءَ کان اڻ واقف هجڻ ڪري آئون سخت پريشان ٿي ويو هوندس. ٽئڪسي واري کي به پنهنجي منزل نه سمجهائي سگهيو هوندس. اهو سوچي مون ٽوڪيو ۾ پنهنجي منزل اڪيها بارا ڏي وڃڻ جو پروگرام في الحال ڪئنسل ڪري هن همراهه سان گڏ هن جي منزل شيبويا اسٽيشن تائين هلڻ جو ارادو ڪيو. هونءَ به ڪنهن مسافر جي مدد ڪرڻ صدقو آهي. يعني اجر جو ڪم آهي. ٻي ڳالهه ته منهنجو هونءَ به هڪ ٻن ڏينهن اندر شيبويا اسٽيشن تي فوٽو گرافيءَ لاءِ وڃڻ جو پروگرام هو.
    “برادر! ڳالهه ٻڌو! هلو آئون به توهان سان گڏ ٿو هلان پوءِ موٽي ايندس.”
    منهنجي اهو چوڻ تي هن جي چهري تي ظاهر ٿيل خوشيءَ جو آئون بيان نٿو ڪري سگهان.


    دنيا جو مشهور ڪتو- هاچيڪو

    مون سان گڏ ساڳي اڏام ۽ ساڳي ريل گاڏيءَ ۾ ٽوڪيو ۾ لٿل همراهه کي ڏاڍي خوشي ٿي ته آئون هن کي سندس منزل شيبويا ريلوي اسٽيشن تائين ڇڏڻ لاءِ هلان ٿو. هو تڪلف طور ئي صحيح، مون کي هڪ ٻه دفعو “مهرباني” چئي، اهو به چوڻ لڳو ته ”سر! آپ تکليف کر رهي هين”.
    “نه نه. مڙيئي خير آهي. ٽوڪيو واقعي مونجهاري وارو شهر آهي.” مون کيس اهو احساس ڏيڻ ٿي چاهيو ته هو دلگير نه ٿئي.
    “سر تڏهن به وڏي مهرباني، توهان منهنجي ڪري ايتريون اسٽيشنون مون واري پاسي هلو ٿا.”
    “تون فڪر نه ڪر. هڪ ته آئون واندومل آهيان. ڪو ڪم نه اٿم. ٻيو ته منهنجو تو واري شيبويا اسٽيشن تي ڪم به آهي. مون کي اتي بيٺل هڪ ڪتي سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻو آهي. ڪنهن ٻئي کي منٿ ميڙ ڪريان توکي ڪئميرا ڏيندس ته تون منهنجا ان ڪتي سان گڏ ٻه چار فوٽو ڪڍجانءِ.” مون چيومانس ۽ هو مون پوڙهي جي واتان ڪتي ۽ فوٽو ڪڍرائڻ جهڙي ڳالهه ٻڌي وائڙو ٿي ويو. بلڪه حيرت ۾ پئجي ويو. هو منهنجي منهن کي چتائي ڏسڻ لڳو. (بعد ۾ مون کي احساس ٿيو ته هو منهنجي منهن کي نه پر منهنجي منهن ۾ اڇي ڏاڙهيءَ کي ڏسي رهيو هو ته آئون ڪهڙي قسم جو مولوي آهيان). منهنجي جواب کان اڳ ٽرين اچي وئي ۽ کيس ٻانهن کان ڇڪي اندر اچي ويٺس. بئگن کي پاسي تي رکي هڪ ٻئي جي ڀرسان ٿي ويٺاسين ۽ کيس ٻڌايم ته جنهن اسٽيشن شيبويا تي هو لهندو اتي “هاچيڪو” نالي هڪ ڪتي جو پتل مان ٺهيل مجسمو رکيل آهي، جنهن کي ڏسڻ ۽ ان سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ نه رڳو مقامي ماڻهو پر دنيا جا ٽوئرسٽ اچن ٿا. منهنجي خيال ۾ دنيا ۾ هاچيڪو ڪتي جيترو ٻيو ڪو ڪتو مشهور نه هوندو.“
    شيبويا اسٽيشن تي پهچي موڪلائڻ کان اڳ هن منهنجا ۽ مون هن جا ڪتي جي مجسمي سان گڏ فوٽو ڪڍيا.
    هتي هن ڪتي هاچيڪو (Hatchiko) بابت ڪجهه لکڻ ضروري ٿو سمجهان جيڪو دنيا ۾ وفاداريءَ جي علامت سمجهيو وڃي ٿو جنهن کان هر جپاني واقف آهي ۽ ٻاهر جي دنيا جا پڻ ڪيترائي ماڻهو هاچيڪو جي نالي جي ڄاڻ رکن ٿا. هونءَ ته هر ڪتي ۽ گهوڙي لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي وفادار جانور آهن پر هي ڪتو جنهن جو شيبويا اسٽيشن جي ٻاهران مجسمو لڳل آهي ۽ هن کي ڏسڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن کان به ماڻهو اچن ٿا هڪ عجيب ڪتو سمجهيو وڃي ٿو. مون به جپان تي گهڻو ڪجهه لکيو آهي ۽ هن ڪتي بابت پڻ لکڻ چاهيم ٿي. هاڻ ان جا فوٽو ڪڍڻ بعد ڪجهه لکڻو پوندو جيڪو آئون 1973ع کان ٻڌندو اچان جڏهن پهريون دفعو اسانجي ڳوٺائي اشفاق ميمڻ سان گڏ هن اسٽيشن تان گنزا لاءِ ريل ۾ چڙهيو هوس.
    هاچيڪو ڪتي جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته شيبويا ريلوي اسٽيشن جي ٻهراڙيءَ ۾ ٽوڪيو يونيورسٽي جو هِديسابارو اُئينو (Hidesaburo Ueno) نالي هڪ پروفيسر رهيو ٿي. هن 1924ع ۾ جپاني نسل اڪيٽا (Akita) جو ڏهه يارهن مهينن جو ڪتو پاليو. اڪيٽا ڪتو (Akita Inu) دراصل جپان جي اتراهين پهاڙي علائقي جو وڏي سائيز وارو ڪتو آهي جيڪو جپان جي اڪيٽا پريفيڪچر جو آهي. ان ڪري هن ڪتي جي نسل جو نالو سندس رهائش واري جاءِ اڪيٽا تان پيو آهي. هن علائقي اڪيٽا جي هڪ شاعره بابت پنهنجي ڪنهن سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان جنهن جو نالو ڪوماچي هو جيڪا پنهنجي حسن ۽ ڪجهه ڪجهه ( نه. منهنجي خيال ۾ تمام گهڻي) فحش شاعريءَ کان بيحد مشهور رهي آهي، اها پڻ هن علائقي اڪيٽا جي آهي ۽ سندس نالي هڪ جپاني چانورن جي جنس “اڪِيٽا ڪوماچي” آهي. اهڙي طرح هن علائقي جا هن جنس جا ڪتا “اڪيٽا اينو” جي نالي سان دنيا ۾ مشهور آهن. هونءَ جپاني لفظ Inu جي معنيٰ ئي ڪتو آهي. دراصل هن ڪتي جي هيءَ جنس دنيا ۾ ٽوڪيو يونيورسٽي جي پروفيسر هديسابورو جي هاچيڪو ڪتي بعد ٿي. ڪراچيءَ جي ڊفينس واري علائقي ۾ جتي وڏن وڏن شوقينن جا اوچن نسلن جا ڪتا جرمن شيفرڊ، انگلش بل ڊاگ، لئبراڊر ۽ يارڪ شائر ٽيريئر جهڙن کي سندن نوڪر شام جي واڪ ڪرائيندا رهن ٿا اتي مون کي هي جپاني اڪيٽا نسل جو ڪتو پڻ نظر آيو آهي. چون ٿا ته ڪراچيءَ ۾ هي ڪتو چئن کان پنجن لکن ۾ ملي ٿو. بقول هڪ سفارتڪار جي The Akita is a powerful, independent and dominant breed, commonly aloof with strangers but affectionate with family members.
    پاڻ شيبويا جي پروفيسر هيدسابورو ۽ سندس پاليل اڪيٽا نسل جي ڪتي جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جنهن ڪتي جو پروفيسر صاحب ”هاچيڪو“ نالو رکيو هو. جپانيءَ ۾ هاچي لفظ اٺن جي انگ لاءِ آهي. (1) اِچي، (2) نِي، (3) سان، (4) شي، (5) گو، (6) روڪو، (7) نانا، (8) هاچي، (9) ڪُو، (10) جُو. جپانين جي عقيدي موجب هاچي يعني اٺ جو انگ ڀلارو سمجهيو وڃي ٿو جيئن چار (Shi) جو انگ بدبخت سمجهيو وڃي ٿو. پروفيسر صاحب پنهنجي هن ڪتي جو نالو ڀلاري انگ پٺيان “هاچي ڪو” رکيو. پروفيسر صاحب ٽوڪيو يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ لاءِ روز پنهنجي گهران نڪتو ٿي ۽ واڪ ڪندو پنهنجي علائقي شيبويا جي ريلوي اسٽيشن تي پهتو ٿي. ساڻس گڏ هن جو ڪتو به هليو ٿي. ٽڪيٽ وٺي ٽرين ۾ سوار ٿيڻ مهل ڪتو موٽي گهر آيو ٿي. ڪتي (هاچيڪو) کي آئيڊيا ٿي وئي هئي ته هن جو مالڪ ڪيڏي مهل ٿو موٽي سو هاڻ مالڪ جي گهر پهچڻ کان اڳ هن روز شام جو شيبويا اسٽيشن جي در وٽ پنهنجي مالڪ جي اچڻ جو انتظار ڪيو ٿي. ٽوڪيو کان ايندڙ ٽرين مان جيئن ئي مالڪ لٿو ٿي ته هي ڪتو هن سان گڏ گڏ گهر موٽيو ٿي.
    هي سلسلو سال ڏيڍ هلندو رهيو. سال 1925ع جي 25 مئي تي هڪ صبح جو روزمره وانگر ڪتو پنهنجي مالڪ کي ٽوڪيو وڃڻ لاءِ صبح واري ريل گاڏيءَ ۾ ته ڇڏي آيو پر شام جو هن کي جڏهن وٺڻ ويو ته مالڪ کيس نظر نه آيو. پروفيسر صاحب کي يونيورسٽيءَ ۾ دل جو دورو پئجي ويو ۽ هو گذاري ويو. ڪُتي کي ته ان ڳالهه جي خبر نه پئي ۽ هو پنهنجي مالڪ جي انتظار ۾ هر روز شام جو شيبويا اسٽيشن جي ان هنڌ تي اچي بيٺو ٿي.
    پروفيسر جي وفات بعد هن جي ڪجهه دوستن، خاص ڪري مالهيءَ پرگهور لهڻ لاءِ هاچيڪو کي پاڻ وٽ رکيو جن کان هو چڱي طرح مانوس هو پر انهن وٽان به روزانو شام جو نڪري شيبويا اسٽيشن تي پهچي ويو ٿي. ڪلاڪ ڏيڍ پنهنجي مالڪ جي انتظار ۾ بيهي بيهي پوءِ موٽي آيو ٿي. وري ٻئي ڏينهن تي پهچي ويو ٿي. اسٽيشن جو عملو ۽ اسٽيشن ڀرسان رهندڙ ماڻهو هاچيڪو مان خوش نه هئا ته هي رول ڪتو روزانو اسٽيشن وٽ ڇو پيو نوس نوس ڪري. هو هاچيڪو کي هڪليندا رهيا ٿي ۽ پٿر هڻي ڀڄائي به ڪڍيو ٿي پر هو ٻئي ڏينهن شام جو ان مقرر وقت تي پهچي ويو ٿي، جنهن تي هن جو مالڪ ٽوڪيو کان ايندڙ ٽرين مان لهندو هو.
    هي ڪتو شيبويا کان علاوه ٻين شهرن ۾ به تڏهن مشهور ٿي ويو جڏهن پروفيسر صاحب جي سابق شاگردن هن ڪتي جي وفاداريءَ جي ڳالهه ٻڌي ۽ هڪ شاگرد هن ڪتي هاچيءَ (Hachi) جي اخبار ۾ ڪهاڻي لکي. دراصل پروفيسر طرفان ڪتي کي هاچي (8) نالو ڏنو ويو هو. معنيٰ “ڀاڳ وارو” پر هاڻ هر ڪو هن کي “هاچي- ڪو” سڏڻ لڳو هو. جپانيءَ ۾ Ko (ڪو) لفظ پيار جو اظهار ڪرڻ لاءِ لڳايو وڃي ٿو. جيئن اسان وٽ ڪنهن کي “ٻچا” يا “ٻالڪ” سڏجي. جپان ۾ ڪيترن ٻارن، ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي نالن پٺيان “ڪو” جو لفظ ڳنڍيو وڃي ٿو. جيئن آئي ڪو (Aiko) آئي (Ai) معنيٰ پيار ۽ آئيڪو معنيٰ پيارو ٻار (Loving Child). اهڙي طرح اتسوڪو (مهربان ٻار)، ڪومي ڪو (Child of Treasured Beauty) يا سونهن جي کاڻ وارو ٻار. ڪاميڪو (Superior Child) ڪيوڪو (Pure Child)، مائيڪو (نچندڙ ٻار)، سميڪو (صحيح سوچ وارو ٻار) وغيره. سو پروفيسر جو هي هاچي نالي واري ڪتي کي هاڻ هر ڪو هاچيڪو سڏڻ لڳو. معنيٰ ڀلي ڀاڳ وارو ٻار، بلڪه هاڻ ته هي وفادار ڪتو “هاچي” نه فقط “هاچيڪو” سڏجي ٿو پر “چُوڪين هاچيڪو” (Chuken Hachiko) يعني “وفادار ڪتو هاچيڪو) سڏجي ٿو. 8 مارچ 1935ع تي هي ڪتو مري ويو. جپاني ته اهو به چون ٿا ته ڏسو هي ڪتو ڪيڏو ڀاڳ وارو هو جو سندس نه فقط نالو (هاچي) ڀاڳ وارو هو پر هن جو موت به ڀاڳ واري تاريخ يعني اٺينءَ تي نصيب ٿيو. مٿي لکي چڪو آهيان ته جپانين لاءِ اٺن جو انگ ”هاچي“ ڀلارو سمجهيو وڃي ٿو جيئن چئن جو انگ (شِي) نڀاڳو تصور ڪيو وڃي ٿو. چوندا ته چار شيون دشمن کي به نه ڏجن. جپان ۾ توهان ڪنهن جي گهر وڃو ته هن لاءِ ڪڏهن به چار صوف يا چارگدرا يا ڪيڪ کڻي نه وڃجو انهن مان هڪ ڪڍي ٽي ڏجن يا هڪ وجهي پنج ڪري ڏجن.
    هاچيڪو ڪتو پنهنجي مالڪ جو روزانو شيبويا اسٽيشن تي ٻه ٽي هفتا يا ٻه ٽي مهينا نه پر مرڻ واري ڏينهن تائين ڏهه سال انتظار ڪندو رهيو. اهو ئي ته سبب آهي جو هن ڪتي (هاچيڪو) جي وفاداريءَ نه فقط جپانين کي پر سڄي دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ هن تي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، فلمون، ٽي وي سيريل ۽ شاعري نه فقط جپاني ٻوليءَ ۾ آهي پر فرينچ، پورچوگالي، ڪورين، چيني ۽ ٻين زبانن ۾ به آهي. سندس موت (1935ع) کان هڪ سال اڳ 1934ع ۾ هن جي جيئري ئي سندس وفاداريءَ کي مَانُ ڏيڻ خاطر هن جو Bronze ڌاتوءَ مان مجسمو ٺاهي، شيبويا اسٽيشن جي خارجي گيٽ اڳيان رکيو ويو. ڪيترائي ماڻهو نه فقط هاچيڪو جي مجسمي اڳيان فوٽو ڪڍرائين ٿا پر گلن جا هار به پائين ٿا. هڪ روسي نزاد برطانيا جي شاعره وئلريا (Valeriya Ponomav) جو هن وفادار ڪتي هاچيڪو بابت شعر پڙهيو هوم جنهن مان لڳي ٿو ته نه فقط جپاني پر ڌاريان ٽوئرسٽ به هاچيڪو جي پنهنجي مالڪ لاءِ وفاداري ۽ پيار مان متاثر آهن. ظاهر آهي مالڪ به اهڙي ئي بهتر نموني سان پنهنجي جانور سان سٺو هليو هوندو نه ته ڪهڙو جانور پنهنجي مالڪ سان ايڏو سٺو ٿو هلي. ڪتي يا گهوڙي جي وفاداري واري خصلت پنهنجي جاءِ تي پر ان جو مقدار هر مالڪ لاءِ مختلف رهي ٿو. هو لطيفو ٻڌو هوندانوَ ته هڪ مالڪ پنهنجي دوست سان شڪايت ڪري رهيو هو ته “يار ماڻهو چون ٿا ته گهوڙو وفادار جانور آهي پر مون جيڪو گهوڙو پاليو بنهه چنڊو هو.”
    “اهو ڀلا ڪيئن؟” دوست پڇيس.
    “هڪ دفعي سواريءَ دوران ڪِري پيس ۽ ٽنگ ٻانهن ڀڄي پيم. هو مون کي پنهنجي وات ۾ جهلي ڊاڪٽر وٽ کڻي آيو” مالڪ چيو.
    “اها ته وفاداريءَ جي نشاني چئبي” دوست چيس، “وات ۾ نه ته ڇا ڪڇ تي کڻي اچي ها؟”
    “نه اها ڳالهه ڪو نه ٿو ڪريان. ڊاڪٽر جي ٿو ڪريان. هن مون کي آرٿوپيڊڪ سرجن وٽ کڻي اچڻ بدران، جانورن جي ڊاڪٽر اڳيان اچي ڦٽو ڪيو.”
    بهرحال هن هاچيڪو ڪتي ۽ ان جي مالڪ پروفيسر هيڊيسابورو جي هڪ ٻئي جي دوستي بابت مائي وئليريا جي شاعري ملاحظه ڪريو، جنهن جو عنوان آهي: In Memory of Hachiko
    ڪتو پنهنجي مالڪ کي چوي ٿو ته:
    It was fate that brought me to you,
    But it was love, that kept us like glue.
    You cared for me, hugged me tight,
    When I had trouble sleeping thru the night.
    We were inseparable, you and me,
    We were a happy family.
    Oh! How much I love you can’t possibly know,
    Every time you smile at me, my insides glow.
    هاچيڪو ڪتو اڃان جيئرو ئي هو ته 1934ع ۾ يعني هن جي مرڻ کان سال اڳ هن جي شان ۾ ٽامي پتل مان ٺهيل سندس مجسمو شيبويا ريلوي اسٽيشن جي در وٽ رکيو ويو جتي هن ڪتي پنهنجي مالڪ جي اچڻ جو انتظار ٿي ڪيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڳتي هلي ٻي جنگ عظيم ۾ جپاني فوجين کي ڌاتوءَ جي کوٽ ٿي ته هنن “هاچيڪو” جي مجسمي کي به ڳاري ان مان بندوقن جون گوليون ٺاهيون پر پوءِ جنگ جي ختم ٿيڻ بعد هنن وري هاچيڪو جو مجسمو ٺاهيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين موجود آهي. هر سال هن جي موت واري تاريخ (8 مارچ) تي شيبويا اسٽيشن وٽ ماڻهو گڏ ٿي هن جي ياد ملهائين ٿا. هي سلسلو 1936ع کان هلندو اچي. 1967ع ۾ هن ڪتي جي نسل “اڪيٽا” نالي Akita Dog Muesum ٺاهيو ويو ۽ جپان حڪومت طرفان هاچيڪو جي تصوير واري پوسٽ جي ٽڪلي به جاري ڪئي وئي.
    هن ڪتي جي وفاداري مشهور ٿيڻ بعد جپان ۾ اها رسم هلي آهي ته ٻار ڄمڻ تي ان جي ماءُ پيءُ کي اڪيٽا نسل جي ڪتي جو ننڍڙو مجسمو، تحفي طور ڏنو وڃي ٿو جيڪو صحت، خوشحالي ۽ عمر دراز جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. قصو مشهور آهي ته 1937ع ۾ يعني هاچيڪو جي مرڻ کان ٻه سال پوءِ هيلن ڪيلر جپان ۾ آئي ته جپان حڪومت طرفان هُن کي تحفي طور هاچيڪو جي نسل Akita جو ڪتو تحفي ۾ ڏنو ويو جنهن کي هوءَ آمريڪا کڻي آئي ۽ هن تي جپاني نالو “ڪامي ڪازي“ (Kamikazi) رکيو. ياد رهي ته هيلن ڪيلر (ڄم 1880ع وفات 1968ع) آمريڪا جي ليکڪا، جاکوڙي ۽ ليڪچرار هئي. هيءَ دنيا جي پهرين ٻوڙي ۽ نابين عورت آهي جنهن گرئجوئيشين ڪئي. هوءَ ٻارهن ڪتابن ۽ انيڪ مضمونن جي مصنف آهي. 1903ع ۾ جڏهن هوءَ 22 سالن جي هئي ته هن جي پنهنجي لکيل آتم ڪٿا The Story of My Life ڇپي هئي. پنهنجي انڊيا واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان ته ميسور ۾ گونگن جو اسڪول هيلن ڪيلر نالي آهي جيڪو هڪ ايئر فورس آفيسر ٺهرايو هو. بهرحال هيلن ڪيلر جو هي “هاچيڪو” جو سوٽ ماسات ڪتو “ڪامي ڪازي” ستن مهينن جي ڄمار ۾ آمريڪا ۾ مري ويو جنهن لاءِ هيلن ڪيلر پنهنجا احساسات هڪ جرنل ۾ قلمبند ڪيا آهن جن جون ڪجهه سٽون هن ريت آهن:
    If ever there was an angel in fur, it was Kamikaze. I know I shall never feel quite the same tenderness for any other pet. The Akita dog has all the qualities that appeal to me. He is gentle, companionable and trusty.
    هتي اهو لکندو هلان ته هاچيڪو ڪتو جيڪو 1923ع ۾ اڪيتا پريفيڪچر جي اوڊاٽي (Odate) شهر ۾ ڄائو ۽ 1924ع ۾ ٽوڪيو امپيريل يونيورسٽي جي ائگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر “هديسابُورو اُئينو” وٽ آيو. هڪ سال بعد 1925ع ۾ پروفيسر صاحب وفات ڪئي ۽ پوءِ پوڻن ڏهن سالن بعد 1935ع ۾ پاڻ مري ويو. 1932ع ۾ جپان جي مشهور اخبار “اساهي شمبون” ۾ جڏهن هاچيڪو ڪتي جي ڪهاڻي آئي ته هو 1925ع کان روزانو شيبويا اسٽيشن اچي پنهنجي مري ويل مالڪ جو انتظار ڪري ٿو ته ان بعد عوام کي هن ڪتي تي حيرت ٿي ۽ روزانو ڪيترائي ماڻهو هن کي ڏسڻ لاءِ اچڻ لڳا. ڪي ته هن لاءِ کاڌي پيتي جون شيون به کڻي ايندا هئا. يارهن سالن جي ڄمار ۾ هاچيڪو هڪ ڏينهن شيبويا جي گهٽيءَ ۾ مئل نظر آيو. سائنسدانن جي کوجنا بعد اهو ٻڌايو ٿو وڃي ته هاچيڪو جي موت جو سبب ڪئنسر بيماري (Terminal Cancer) هئي. مري وڃڻ بعد جپان ۾ شنتو ڌرم موجب هاچيڪو کي به ماڻهن وانگر ساڙي هن جي ڦلهير (خاڪ) کي ائوياما (Aoyama) قبرستان ۾ سندس مالڪ پروفيسر جي خاڪ ڀرسان دفن ڪيو ويو. جپان ۾ جانورن کي انسانن جي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ ڪا عام ڳالهه ناهي پر هاچيڪو جي ڪيس ۾ هن کي هن قبرستان ۾ سندس مالڪ ڀرسان دفن ڪري ٻاهران هڪ “ڊاگ هائوس” جهڙي قبر ٺاهي وئي آهي. اسانجو جهاز جڏهن به ٽوڪيو بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيندو هو يا گِنزا وٽ هتي جي شپ يارڊ IHI ۾ مرمت يا ڊراءِ ڊاڪنگ لاءِ ايندو هو ته اتان واڪ ڪري مناٽوڪو، بندرگاهه واري علائقي مان لنگهبو هو ته هي قبرستان aoyama رستي تي ايندو هو. يورپين يا جپانين جا قبرستان بيحد پر سُڪون ۽ خوبصورت وڻن سان ڀريل ٿين ٿا. سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ ته ڪيترا بس اسٽاپ قبرستان وٽ هوندا هئا جتي جي بينچن تي ويهي آرام ڪندا هئاسين ۽ ڪيترا بدڪن جهڙا پکي پيرن اڳيان پيا چڳندا هئا. انهن سڀني سان ٽوڪيو جي مناٽاڪو وارو هي آئوياما قبرستان ٿو ڀيٽيان ته هن جو جواب ناهي جيڪو چيري بلاسم وڻن سان ڀريل آهي. مقامي ۽ ڌاريان ٽوئرسٽ بهار جي موسم ۾ چيري بلاسم جا ٽڙيل گل ڏسڻ لاءِ هتي پڻ اچن ٿا.
    هاچيڪو جو مجسمو نه فقط شيبويا جي ريلوي اسٽيشن تي رکيل آهي پر ٽوڪيو يونيورسٽي ۾ به آهي جتي هن جي مالڪ پروفيسر صاحب پڙهايو ٿي. هن مجسمي ۾ ڪتي سان گڏ پروفيسر به ڏيکاريل آهي. هاچيڪو جي ياد (Legacy) لٽريچر ۽ فلمن ذريعي به زنده رکي وئي آهي. هاچيڪو جو مجسمو سندس ڳوٺ اوداتي جي ريلوي اسٽيشن تي به رکيو ويو آهي. اوداتي (Odate) شهر ۾ جيڪو “اڪيٽا ڊاگ ميوزيم” آهي ان جي اڳيان پڻ 2004ع ۾ هاچيڪو جو مجسمو کڙو ڪيو ويو.
    هاچيڪو تي پهرين فلم، ”هاچيڪو مونو گاتاري” 1987ع ۾ ٺهي. ان جي بنياد تي 2009ع ۾ Hachi: A Dog’s Tale آمريڪا ۾ ٺاهي وئي. ٻارن جي ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب Hachiko: True Story of a Loyal Dog پڻ هن ڪتي جي وفاداري تي آهي جيڪو پاميلا ٽرنر لکيو آهي. هڪ ٻيو انگريزي ۾ ٻارن جو ناول Hachiko Waits پڻ آهي ۽ هڪ ٻيو انگريزي ڪتاب جيڪو مغرب جي دنيا ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. Take chan & I: A Dog’s Journey to Japan. مزي جي ڳالهه ته هن ڪتي هاچيڪو تي ٻين به ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڪهاڻيون ۽ فلمون آهن. ٻين جي ته مون کي خبر ناهي پر ملائيشيا جتي سائوٿ انڊين رهن ٿا اتي هنن جي زبانن تامل، مليالم، تيلگو مان هڪ تيلگو ۾ “ٽومي” نالي فلم چڙهي هئي جيڪا هاچيڪو ڪتي جي زندگي جي آڌار تي ٺهي هئي. هاڻ جيڪڏهن توهان کي ڪو پنهنجي ڪتي کي واڪ ڪرائيندو نظر اچي ۽ چوي ته هن جو ڪتو اڪيٽا (Akita) نسل جو آهي ته سمجهي وڃجو ته هاچيڪو بلڪل ان جهڙو هو جو اڪيٽا نسل جا سڀ ڪتا هڪ ٻئي سان ملن ٿا. ڄڻ فوٽو ڪاپي هجن. ۽ جيڪڏهن منهنجي پڙهندڙن مان ڪنهن وٽ اڪيٽا ڪتو آهي ته هو منهنجو هي مضمون پڙهي خوش ٿيو هوندو ته هو هاچيڪو جي پڙ پوٽي يا تڙ ڏوهٽي جو مالڪ آهي. هاچيڪو تي لکيل انيڪ بيتن مان هڪ ٻيو جيڪو جم يرمان لکيو آهي پڻ پڙهڻ جوڳو آهي.

    Hachiko- Poem by Jim Yerman
    Humans tend to think we are better and intrinsically have more worth
    Than all the other animals who co-habitate this Earth.
    We think because we have a brain or so we all surmise
    This gives us an advantage and therefore makes us wise.
    If We stopped more often to use our brain perhaps then we would see
    How much we could learn from our animal friends about life and loyalty.
    Hachiko was an Akita from Japan back in 1924
    Whose loyalty to his master had never been seen before.
    He was owned by a college professor who took a train to work every day
    Like clockwork, Hachiko would greet him at the station, each night without delay.
    One night the professor did not return, having died at work suddenly
    Here is where hachiko teaches us about love and loyalty.
    Hachiko kept waiting for the professor’s return, each night he would appear
    Patiently he waited night after night for the subsequent nine years.
    Each night he would return to wait, eyes searching far and wide
    Nine years Hachiko waited, quietly hoping- until the day he died.
    But not before showing a nation and the rest of the world so faithfully
    The bond of love between man and dog and the meaning of loyalty.
    Dogs may not be as smart as those of us in the human race
    Their brains my not be as large as ours, but their hearts are in the right place.
    Yes we could learn something from Hachiko as we attempt to set ourselves apart.


    هاڻ بس هلايان ٿو......

    دنيا ۾ سڀ کان گهڻا ماڻهو جپان ۾ ريل جي سواري ڪن ٿا. ريل ۽ ان سان واسطو رکندڙ ڪجهه جپاني لفظ سمجهائڻ جو سوچي رهيو هوس ته جپان ۾ رهندڙ سکر جي ٻن ٽن همراهن پڻ ان بابت تاڪيد ڪئي ته آئون ضرور لکان جو جپان ۾ ايندڙ هر ڌارئين ماڻهوءَ جو پهرين ڏينهن کان هتي جي ريل گاڏين سان واسطو پوي ٿو. جيتوڻيڪ جپاني ماڻهو ڪافي رهنمائي ڪن ٿا پر ان هوندي به هڪ ڌارئين کي ريل گاڏيءَ سان واسطو رکندڙ ڪجهه جپاني لفظ ياد رکڻ سان هن جي جپان ۾ زندگي آسان ٿيو پوي. مون کي پنهنجا به شروعات جا ڏينهن ياد اچن ٿا جڏهن اسان جو جهاز ڪوبي آيو هو. جهاز جي هڪ پراڻي انجنيئر سان شام جو شهر جي چڪر تي نڪتس. ڪجهه دير گڏ گهمڻ بعد هن مون کي ڪوبي شهر جي “سَنوميان” نالي اسٽيشن وٽ ڇڏي پاڻ پنهنجي ڪنهن مائٽ سان ملڻ ويو ۽ مون کي ڪو ٽائيم ٻڌائي ويو ته ان کان ڏهه پندرهن منٽ اڳ اتي پهچي وڃان جيئن ان آخري ريل گاڏيءَ ۾ آئون هن سان گڏ جهاز تي موٽي هلان. مون کي مليل ٻه اڍائي ڪلاڪ، آئون پري وڃڻ بدران ان اسٽيشن جي آس پاس وارين گهٽين ۾ ئي ونڊو شاپنگ ڪندو رهيس ته پگهار ملڻ تي ڪهڙي دڪان تان ڪهڙي شيءِ وٺڻي اٿم. هڪ سک جو “روڪو ساڙهيز” نالي پڻ ڪپڙي جو دڪان هو. ان سان به خبرچار ڪيم. ڪوبي شهر جي مسجد به ڏٺم ۽ هاڻ جڏهن ڏهه ٻارهن منٽ وڃي بچيا ته وڏي اعتماد سان ان روڊ ڏي وڃڻ لڳس جنهن تي اها اسٽيشن هئي. پر مون کي سمجهه ۾ نه اچي ته اهو روڊ ڪهڙو هو. هر روڊ هڪ جهڙو لڳي رهيو هو. هر روڊ تي دڪان ۽ جهڳ مڳ ڪندڙ بتيون ڏسي، ڏاڍو منجهي پيس ۽ خوف ورائي ويو ته جي وقت تي اسٽيشن تي نه پهچندس ته آخري ٽرين ڇٽي ويندي ۽ پوءِ صبح واري ريل گاڏيءَ لاءِ ڇهه ست ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوندو. سخت پريشانيءَ جي حالت ۾ سامهون ايندڙ پوڙهي توڙي جوان کان ٽرين ۽ ريلوي اسٽيشن جو پڇندو رهيس پر هو سمجهي نه سگهيا. هونءَ ته انگريزيءَ جا ڪيترائي لفظ ٿوري گهڻي اچار جي فرق سان جيئن سنڌيءَ ۾ آهن تيئن جپانيءَ ۾ به جام آهن پر پوءِ خبر پئي ته ريل، اسٽيشن، ٽڪيٽ جهڙو ڪو به انگريزي لفظ جپانيءَ ۾ ناهي. انهن لاءِ هنن کي پنهنجا نج جپاني لفظ آهن. هڪ ٻه همراهه منهنجي مدد لاءِ مون سان گڏ گڏ هلي ڪڏهن ٽوائليٽ پيو ڏيکاري ته ڪڏهن ڪا ريسٽورنٽ. آخر ان هل هلان ۾ آئون ان هنڌ تان اچي لنگهيس ۽ دماغ ۾ اچي ويو ته هن در مان هيٺ وڃڻو آهي. جپاني همراهه ٿڌو ساهه کڻي چيو ته “اوهه! ڇڪا ٽيٽسٽو!” ۽ مون اهو لفظ ياد ڪري ڇڏيو ته ان جو مطلب ريلوي اسٽيشن آهي پر پوءِ خبر پيئي ته اسٽيشن لاءِ جپاني لفظ اِڪي (Eki) آهي ڇڪا ٽيٽسو (Chikatetsu) معنيٰ اها ريل گاڏي جيڪا زمين جي هيٺان ٿي هلي- معنيٰ “سب وي”.
    جپان ۾ ڪي ريل گاڏيون/ ميٽرو زمين جي مٿان هلن ٿيون جيڪي اڪثر JR جون گاڏيون سڏجن ٿيون ته ڪي گاڏيون زمين هيٺان. اهي گاڏيون به مختلف لائينن (ڪمپنين) جون آهن. لائين کي جپان ۾ Sen ٿا سڏين جيئن يامانوتي لائين “يامانوتي سين” سڏجي ٿي. هونءَ يامانوتي لائين (ڪمپني) جون ريل گاڏيون شهر جي چوڌاري ڦرن ٿيون پر اهي سب وي نه آهن. اهي سڀ زمين مٿان هلن ٿيون. پر ٽوڪيو ميٽرو ڪمپني جي گنزا لائين، هبايا لائين وغيره جون ريل گاڏيون ۽ توئيئي ڪمپنيءَ جون اوئيدو لائين، اساڪُوسا لائين وغيره جون ريل گاڏيون سب وي يعني ”ڇڪا ٽيٽسو“ آهن.
    *Densha جي معنيٰ ريل گاڏي آهي. هر قسم جي ريل گاڏي - چاهي زمين مٿان هلندي هجي يا هيٺان، “ڊينشا” سڏجي ٿي. ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي بيٺا هوندائو ته ريل گاڏي اچڻ مهل ٿنڀن ۾ لڳل اسپيڪرن تان ريل جي اچڻ جي اعلان جي ڌم مچي ويندي..... Denshaga Kamasu معنيٰ “ريل گاڏي اچي رهي آهي.” ٽرين ۾ وهڻ سان ٽرين جي اسپيڪرن مان اعلان شروع ٿي ويندو آهي:
    Kono Densha wa Shibuya يعني هيءَ ريل گاڏي شيبويا ڏي رواني ٿي رهي آهي.... يا گنزا، يا اڪيها بارا، شنجو ڪو وغيره.
    * Tsugi معنيٰ ايندڙ، Next . ريل گاڏي يا بس مان ٿيندڙ اعلانن ۾ هي لفظ سُوگي (Tsugi) توهان کي تمام گهڻو ٻڌڻ ۾ ايندو. ايندڙ بس اسٽاپ يا ريلوي اسٽيشن جو اعلان اڳواٽ شروع ٿي ويندو جيئن توهان پنهنجو سامان ميڙي لهڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. “سوگي وا شيبويا” معنيٰ ايندڙ اسٽيشن شيبويا آهي.... ايندڙ اسٽيشن شيبويا آهي.....
    مون کي حيرت ٿيندي آهي ته جپاني ماڻهن کي هر ڳالهه کان آگاهه ڪرڻ لاءِ بسين، ٽرامن، ريلوي اسٽيشنن تي هر قسم جا اعلان ۽ چتاءَ ڏنا وڃن ٿا. پر ان هوندي به ڏسندو آهيان ته ايندڙ اسٽيشن جو اڳواٽ بار بار ٻڌائڻ جي باوجود اسٽيشن اچي ويندي آهي پر ان تي لهڻ وارن مسافرن مان ڪڏهن ڪڏهن هڪ اڌ مسافر ستو پيو هوندو آهي. پوءِ ٻي اسٽيشن تي اک کلڻ تي ڀُٽڪندو لهندو آهي. بس ۾ سفر دوران به هر بس اسٽاپ تي ڊرائيور اعلان ذريعي ياد ڏياريندو آهي ته “بس جي بيهڻ کان اڳ نه اٿو”....... “پنهنجا هٿ ڏنڊي ۾ قابو رکو”..... “لهڻ کان اڳ پنهنجو سامان ياد ڪري کڻو”.... يا “پاڻ سان آندل سامان پاڻ سان گڏ کڻڻ نه وسارجو.” ان هوندي به توهان کي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن سيٽ تي لهي ويل مسافر جو ٿيلهو، پرس يا ڪا ٻي وساريل شيءِ نظر ايندي. آئون اهوئي سوچيندو آهيان ته ڇا جپاني قوم ايڏي موڳي آهي جو کيس خبردار ڪرڻ يا چتاءُ ڏيڻ لاءِ ساڳيو اعلان ڪيترائي دفعا ڪيو وڃي ٿو تڏهن به ان تي عمل ڪرڻ کان ڪو ڪو رهجيو وڃي. يا شايد بار بار اعلان هلڻ ڪري ماڻهو ان تي ڌيان ڏيڻ ڇڏيو ڏين. هڪ ٻئي پٺيان پيا اعلان هلن ۽ ڪي اعلان ته پيا repeat ٿين. ڊرائيور طرفان اهي اعلان اڳهين رڪارڊ ٿيل آهن پوءِ پاڻ ڀلي ڪنن ۾ لڳل ايئرفون ذريعي هڪارو اوتادا، ڪانا نشيني يا ڪيوٽو شهر جي ڪميڪو ڪودا يا ڪنهن ٻي سهڻي جپاني ڳائڻيءَ جا مٺي سر وارا گانا ٻڌندو رهي باقي اسان لاءِ سندس کهري آواز وارا اعلان ٻڌي ٻڌي بيزاري ٿيو پوي. شروع ۾ ته آئون دلچسپيءَ سان ٻڌندو هوس پر پوءِ ٻڌا اڻ ٻڌا ڪري ڇڏيم. سو جپان ۾ رهندڙن جا ته ڪن پچي پوندا هوندا. هونءَ به اعلان جي يا بريڪنگ نيوز جي اهميت تڏهن آهي جڏهن اها ڪڏهن ڪڏهن اچي..... هر هر “بگهڙ ٿو اچي.... بگهڙ ٿو اچي” جو اعلان ڪرڻ سان بگهڙ جي اهميت يا خوف ئي ختم ٿيو وڃي. بهرحال ايڏا اعلان صحيح آهن يا نه پر هڪ ڌارئين ۽ نئين آيل مسافر لاءِ اهي فائدي وارا ۽ مددگار آهن جنهن لاءِ هن کي انهن جي معنيٰ اچڻ ضروري آهي.
    * Mamonaku- انهن اعلانن ۾ هي لفظ مامو ناڪو لفظ به گهڻو ٻڌڻ ۾ ايندانوَ جنهن جي معنيٰ آهي Soon يا جلدئي، سگهوئي. اسٽيشن تي ٽرين جو انتظار ڪري رهيا هوندائو ته اعلان ٿيندو ته فلاڻي ٽرين جلدئي پهچڻ واري آهي.
    Mamonaku Tokyo yuki ga Mairimasu
    “ٿوري گهڙيءَ ۾ (جلدي) ٽوڪيو ڏي ويندڙ ٽرين پهچڻ واري آهي“. ان سان گڏ اهو به اعلان ٿيندو رهندو آهي ته “پليٽ فارم جي اَندِ (Edge) وٽ بيهڻ خطرناڪ آهي. ان ڪري فلاڻي رنگ جي ٺهيل ليڪ جي پويان ٿي بيهو.” يا فقط اهو اعلان هوندو آهي ته مسافر اڇي رنگ جي ليڪ جي پويان ٿي بيهن.
    ۽ جڏهن توهان ٽرين يا بس ۾ آهيو تڏهن به مٿيون لفظ مامو ناڪو توهان کي ٻڌڻ ۾ ايندو. ڪو به بس اسٽاپ يا اسٽيشن اچڻ تي ڊرائيور طرفان اعلان پٺيان اعلان شروع ٿي ويندو ته “جلدئي (ماموناڪو) ٽرين فلاڻي اسٽيشن تي پهچڻ واري آهي.”
    * Deguchi معنيٰ ٻاهر نڪرڻ جو دروازو Exit.
    هي لفظ ياد رکڻ ضروري آهي ۽ ان سان گڏ Migi مِگي معنيٰ ساڄو پاسو ۽ Hidari (هِداري) معنيٰ کاٻو پاسو. ڪنهن ريلوي اسٽيشن جو پليٽ فارم ساڄي پاسي ٿو اچي ته ڪنهن جو کاٻي پاسي. ان موجب ان اسٽيشن تي ٽرين جا ساڄي يا کاٻي پاسي جا در کلن ٿا جنهن لاءِ مسافرن کي اڳواٽ هر هر اطلاع ڏنو وڃي ٿو ته “او ديگوچي وا مِگي گاوا ديس” يا “او ديگوچي وا هِداري گاوا ديس” جيئن لهڻ وارا مسافر پئڪ دٻي ۾ آهستي آهستي رڙهي ان دروازي وٽ اچي بيهن جو هر اسٽيشن تي ٽرين تمام ٿورو وقت ترسي ٿي.
    * Shuuten معنيٰ آخري بس اسٽاپ يا آخري ريلوي اسٽيشن. هر ريلوي ڪمپني پنهنجي ريل گاڏيءَ جي آخري اسٽيشن جو اعلان ڪندي رهي ٿي ته اها آخري اسٽيشن آهي. ان اسٽيشن بعد جي پٺيان هلڻو آهي ته ان لاءِ ان پليٽ فارم تي وڃو جتان هن ڪمپنيءَ جون ريل گاڏيون واپس وڃن ٿيون شواوتين سان گڏ هڪ ملندڙ لفظ آهي شواودين.
    * Shuuden جي معنيٰ آهي آخري ريل گاڏي. جپان ۾ آڌي رات ٿيڻ تي بسون ۽ ريل گاڏيون بيهيو رهن. وري صبح ٿيڻ تي هلڻ شروع ٿين ٿيون. ان ڪري هر هڪ کي معلوم هئڻ کپي ته منزل تي پهچائڻ واري آخري ٽرين ڪهڙي آهي. توهان ان بابت پڇي سگهو ٿا ته Shuuden wa Nanji Desuka? يعني هتان آخري ٽرين ڪهڙي وقت هلي ٿي.
    * Narikae نوري ڪائي معنيٰ ٽرانسفر.
    وڏيون اسٽيشنون جتي ٻين ڪمپنين جون به ريل گاڏيون يا ڇڪا ٽيٽسو (Subway) گاڏيون بيهن ٿيون، انهن اسٽيشنن جي اچڻ کان اڳ اعلان ٿيندو رهندو آهي ته توهان ايندڙ ٽرين تي فلاڻي فلاڻي ڪمپنيءَ جي ريل گاڏيءَ ۾ ٽرانسفر ٿي سگهو ٿا. Tsugi wa Shinjuku. Norikae no go annai desu.
    جپان ۾ مسافرن جو ايترو ته خيال رکيو وڃي ٿو جو ويندي بس ڊرائيور ڪنهن بس اسٽاپ يا سگنل تي بس بيهاري ان بعد جڏهن هلائي ٿو ته مسافرن کي هن اعلان ذريعي خبردار ڪري ٿو: “هاس شا اِتا شيماس” يعني “هاڻ آئون بس هلائڻ شروع ڪريان ٿو”. اهو ان ڪري ته متان ڪو بيٺل هجي ته هن کي جهٽڪو نه لڳي. چاهي سڀ آرام سان ويٺا هجن تڏهن به هر بس اسٽاپ يا سگنل تي بيهڻ بعد گاڏي هلائڻ کان اڳ هو پنهنجي منهن ضرور ڀڻڪندو ته:
    Hassha Itashi masu هاڻ آئون بس هلايان ٿو ...
    هڪ ٻي ڳالهه ته روماجي جپانيءَ ۾ لکيل Masu desu يا Desuka جهڙا لفظ ماسُو، ديسُو يا ديسُوڪا نه پر ماس، ديس ۽ ديسڪا اچاريا وڃن ٿا ۽ جپانيءَ ۾ هڪ اکر آهي Tsu جيڪو اسان جي ڄ، ڃ يا ڏ وانگر گهڻن لاءِ اچارڻ ٿورو ڏکيو رهي ٿو. ان جو اچار “تِسو” ۽ “سُو” جي وچ ۾ ٿئي ٿو. جيئن اهو اچار Tsugi لفظ ۾ اچي ٿو ۽ اهو ئي اکر متسوبشي لفظ ۾ به آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 865
    ڪتابن جو مشاهدو: 2388517
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 610208
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ