ڪتاب جو نالو: گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپجَنِ
مصنف: ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو
ڇپائيندڙ: افيئر پبلشنگ هائوس، ڪراچي
ڪيٽيگري: سائنس، علم ۽ رسالا
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 25 مارچ 2020 ع
پڙهيو ويو: 641 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 131 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • تون حبيب، تون طبيب، تون دارون کي دردَن
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • پيش لفظ
  • ٻارن جي صحت جي باري ۾ هڪ بنيادي ڪتاب
  • ڪجهه ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جي باري ۾!
  • گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپَجنِ: ڪتاب تي ٻه اکر
  • باب پهريون: ٻارن بابت بنيادي ڄاڻ Neonatology

  • لغت Glossary
  • بي وقتائتو ٻار = وقت کان پهرين (Prematurity)
  • هلچل/ جهٽڪا (Convulsion)
  • باب ٻيو: ڄاڻ ۽ چڪاس History and Examination

  • ٻار بابت ڄاڻ ۽ چڪاس
  • نبض ۽ بلڊ پريشر
  • ٻار جي ساهه کڻڻ جي رفتار
  • باب ٽيون:ٻارن جي اوسر ۽ واڌارو Growth and Development of Child

  • ٻار جي اوسر ۽ واڌارو
  • ٻارن بابت بنيادي ڄاڻ
  • باب چوٿون: ٻارن جي خوراڪ Nutrition

  • ٻارن جي مٿي جي (چؤ طرف) ماپ
  • ٻار جي خوراڪ:Nutrition
  • کاڌ خوراڪ متعلق ڄاڻ (Nutrition)
  • ٿڃ جو کير (ماءُ جو کير) ۽ ڳئون يا مينهن جي کير ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
  • ٿڃ جا فائدا
  • باب پنجون: وچڙندڙ بيماريون Infectious Disease

  • دست- گهمرا (Diarrhoea)
  • پوليو ميلائيٽس Polio Myelitis
  • ارڙي (Measles)
  • سرءُ جو تپ يا مليريا (Malaria)
  • مدي جو بخار: Typhoid Fever / Enteric Fever
  • وڏي کنگهه يا کرٽيو Wooping Cough (Pertussis)
  • سلهه يا ٽي.بي (Tuberculosis)
  • باب ڇهون: جيري جون بيماريون Liver Disorder

  • سائي – يرقان Jaundice
  • ڪاري ڪامڻ Hepatitis A
  • باب ستون: ساهه جون بيماريون Respiratory Disorder

  • نمونيا Pneumonia
  • دم – دمڪشي، اُڀ ساهي – ساهه جي بيماري (Asthma)
  • باب اٺون: رت جون بيماريون Heamotological Disorder

  • رت جي گھٽتائي Iron deficiency Anemia
  • ٿئلسيما : Thalassemia
  • باب نائون:دل جون بيماريون Cardio Vascucular

  • دل جا نقص جيڪي پيدائشي هجن
  • باب ڏهون: گڏيل بيماريون Miscellaneous Disease

  • ڪن جو سور (Otitis Media)
  • ڊينگي بخار Dengue Fever (D.F)
  • پيٽ جا ڪيڙا Worms Helminths
  • هنڌ ۾ پيشاب ڪرڻ: Bed Wetting (Enuresis)
  • رات جو پيشاب جو غير ارادي طور تي اچڻ (نيڪالي)
  • چڍي واري جاءِ تي خارش يا سوڄ
  • چهري تي داڻا يا موهيڙا (Acne)
  • ڳلي جي تڪليف/ ڪليون پوڻ Acute Pharyngitis/ Tonsillitis
  • پيچش (سُوري) (Dysentry)
  • قبضي (Constipation)
  • کير وارا يا عارضي ڏند (ڪچا ڏند) Milk teeth or Deciduous
  • پختا (دائمي) ڏند Permanent Teeth
  • باب يارهون: اکين جون بيماريون Opthmology

  • اکين ۾ پيدائشي ڌنڌ Congenital Glaucoma
  • اک جي سفيد پردي جي سوڄ, اک جو اٿڻ، اک جو سڄڻ
  • باب ٻارهون: ٻارن لاءِ حفاظتي ٽُڪا Immunization

  • ٻارن لاءِ حفاظتي ٽڪا يا بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ
  • مڃتا
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: گُلن جهڙا ٻارڙا - ڦُلن جيئن نِپجَن
    موضوع: معصوم ٻارن کي بيمارين کان بچاءَ، پالنا ۽
    انهن جي علاج بابت بنيادي ڪتاب
    تحقيق ۽ تحرير: ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو
    ڪمپوزنگ: ڪرم الاهي چنا
    سنگم پبليڪيشنس،
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    فون : 2225458-0345

    پبلشر: افيئر پبلشنگ هائوس، ڪراچي
    اشاعت جو سال: 2019ع
    قيمت: 300/

    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    تون حبيب، تون طبيب، تون دارون کي دردَن

    وَ مَنۡ اَحۡیَاہَا فَکَاَنَّمَاۤ اَحۡیَا النَّاسَ جَمِیۡعًا

    جنهن هڪ انسان جي جان بچائي
    ڄڻ ته ان سڀني انسانن جي جان بچائي


    تون حبيب ُ تون طَبيبُ، تون درد جي دوا
    جانِبَ! منهنجي جيءَ ۾، آزارَ جا اَنَوا،
    صاحب! ڏي شفا، ميان مريضَنِ کي.


    تون حبيب، تون طبيب، تون دارون کي دردَن
    تون ڏئين، تون لاهئين، ڌاتر! کي ڏکدَنِ
    تڏهن ڦڪيون فرق ڪن، جڏهين امر ڪريو اِن کي.

    روزا نمازون، ايءُ پڻ چڱو ڪمُ،
    اُو ڪو ٻيو فهمُ، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.

    (حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي)


    ارپنا

    هي ڪتاب
    مان نانءِ ڪيان ٿو-
    انهن مائرن کي ۽ انهن جي ٻچڙن کي
    جيڪي پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي ٻانهن جي ڪرائين ۽ پيرن جي مُرن ۾ سوڻ خاطر ڪارا ڌاڳا ۽ ڪچ ڪوڙيون ٻڌنديون آهن ته سندن گلن جهڙن ٻارن کي ڪا بد نظر نه لڳي ۽ انهيءَ دوران ڪيترين مائرن جون جھوليون ۽ هنجون خالي ٿي وڃن ٿيون
    ۽ انتهائي ادب ۽ احترام سان-
    پنهنجي پياري پيءُ، بابا سائين شاهه محمد پيرزادو کي-
    جنهن جو پيار ۽ قرب مون کي نصيب نه ٿيو ۽ مان ان کي ڏسي به نه سگھيس، آءٌ ڇهه مهينن جو هيس ته پيءُ جي پيار کان محروم ٿي ويس-
    پنهنجي پياري مٺڙي امڙ مرحومه ارباب خاتون
    پنهنجي پيارين ٻن مرحوم ڀينرن – ادي وڏي گل سبحان
    ۽ مائي وڏل زهرا جيڪا لڏ پلاڻ دوران باهه ۾ ڪجهه سڙي وئي هئي-
    مامي مرحوم عبدالقادر پيرزادو کي، جي مامو سائين نه هجي ها ته شايد آءُ اڄ ڊاڪٽر نه هجان هان-
    پنهنجي پياري وڏي ڀاءُ محمد عنايت پيرزادو وڪيل، جيڪو هن وقت منهنجو پيءُ به آهي، استاد به آهي، ڀاءُ به آهي ۽ دوست به آهي، جنهن مون کي نپائي پڙهائي هن منزل تي پهچايو. واقعي مان اڄ به ان کان سواءِ ڪجهه به نه آهيان-
    ٻن ڀائرن ادا غلام احمد ۽ ادا غلام پرور-
    انتهائي پياري ۽ قرب ونڊڻ واري پنهنجي گھر واري رفعه خير محمد، جنهن سدائين ڏک سک ۾ مون سان ساٿ نڀايو آهي-
    پنهنجي انتهائي پياري پٽ صدام خير محمد پيرزادو ۽
    پنهنجي انتهائي پيارين نياڻين بختاور خير محمد ۽
    اقرا خير محمد- خدا کين سدا شاد ۽ آباد رکي –
    جي نانءَ...........................


    ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گُلن جھڙا ٻارڙا، ڦلن جيئن نپجن“ اوهان اڳيان پيش آهي. ٻارڙن جي بيمارين، احتياط ۽ علاج بابت لکيل ھن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آھي. ڊاڪٽر علي رند لکي ٿو:
    ”ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.“
    هي ڪتاب 2019ع ۾ افيئر پبلشنگ ھائوس، ڪراچي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ڊاڪٽر پيرزادي جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني، مھرباني سنگم پبليڪيشڻ جي سرواڻ ڪرم الاھي چنا صاحب جي جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    کڻي جو ڪوبه سمجهدار شخص پاڻ کي يا پنهنجي پيارن کي بيمار ڏسڻ نه چاهيندو پر صحتمند رهڻ لاءِ کيس ڇا ڪرڻ کپي تنهن بابت کيس ڄاڻ اڻپوري هوندي آهي. ماحول، کاڌي يا اٿ ويهه جو صحت سان ڪهڙو تعلق آهي ان بابت سندس سمجهه تمام ٿوري آهي. کڻي جو سنڌي ۾ چوڻي آهي ته، ”تندرستي هزار نعمت آهي،“ يا ”جيءُ خوش، جهان خوش،“ پر عام ماڻهو نه اهو ڄاڻي ٿو ته تن کي ڪيئن درست رکجي نه ئي جيءُ کي خوش رکڻ جون ترڪيبون ڄاڻي ٿو نتيجي ۾ سنڌ ۾ خاص طور ٻهراڙين ۾ هر ٻيو ماڻهو، هر ٻيو ٻار بيمار آهي.
    ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي ڪتاب ٻارن جي عام بيمارين کي سمجهڻ واسطي تمام مددگار ڪتاب آهي. ڊاڪٽر پيرزادو انسان دوست ڊاڪٽر آهي. ٻارن جي بيمارين جي شعبي ۾ کيس ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو وسيع تجربو آهي. سندس هن ڪتاب جو مقصد عام ماڻهو کي ٻارن جي بيمارين بابت بنيادي معلومات ڏيڻ آهي ته جيئن ڪوبه پيءَ يا ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت بابت گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڄاڻ رکي جو کيس ڪنهن به ڊاڪٽر تائين پهچڻ کان اڳ پنهنجي بهتر سمجهه سبب ٻار جي ابتدائي سار سنڀال ڪري سگهي.
    سنڌ ۾ اڄڪلهه ٿر ۾ ٻارن جي خراب صحت بابت ميڊيائي تحرڪ بعد هڪ بحث هلي پيو ته آخر سنڌ ۾ ايترا ٻار ڇو پيدا ٿيڻ بعد اجل جو شڪار ٿيو وڃن ٿا. ان جو هڪ جواب ته غربت آهي ۽ ٻيو صحت جون اڻپوريون سهولتون. ان صورتحال ۾ ڊاڪٽر پيرزادي جو هي ڪتاب ان ڪري به مددگار ٿي سگهي ٿو جو والدين ايتري ته بنيادي ڄاڻ رکن ته سندن ٻارن کي لڳندڙ بيمارين جو سبب ڪهڙو هوندو آهي ۽ ان جو تدارڪ ڪيئن ٿي سگهي ٿو. ٻار جي صحت معاملن کان باخبر والدين ئي ڪنهن ڊاڪٽر کان يا اسپتال مان پنهنجي ٻار جو بهتر علاج ڪرائي سگهن ٿا.
    مان ته اهو سمجهان ٿو ته هي ڪتاب هر گهر ۾ هڪ هينڊ بُڪ جيان موجود هجڻ کپي ته جيئن ڪوبه سمجهدار پيءَ يا ماءُ ان کي پڙهي برزبان ياد ڪري ۽ جڏهن به سندن جگر جي ٽڪرن کي ڪو اهنج ٿئي ته اهي ان موذي مرض مان باخبر هجن ۽ ان جو ترت بندوبست ڪرائن.
    ڊاڪٽر خير محمد شاگردي جي زماني کان سنڌ دوست ۽ انسان دوست سرگرمين ۾ اڳڀرو رهيو آهي. سندس هي ڪتاب به ان ولوڙ جي هڪ ڪڙي آهي.

    ڊاڪٽر علي احمد رند


    پيش لفظ

    مون کي هن ڪتاب لکڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي. هون ته ڪافي موضوعن تي ڪتاب لکيا ويا آهن. رسالا ۽ اخبارون به ڀريون پيون آهن مختلف مسئلن تي لکڻ لا. هيلٿ تي ڪڏهن پاليسيون ٺاهيون وڃن ٿيون ته ڪڏهن گھڻو خرچ به ڏيکاريو وڃي ٿو. پهرين هڪ اڌ ميڊيڪل ڪاليج هيو ۽ ڪجهه وڏيون اسپتالون، تڏهن به ڪجهه نه ڪجهه بهتر هلندو هيو ۽ هاڻي انيڪ سارا ميڊيڪل ڪاليج ۽ هر ضلعي ۾ به هڪ اڌ وڏي اسپتال، تمام گھڻيون اين جي اوز ۽ هاڻي ته اسپتالون به اڄلڪهه ٺيڪي تي ڏنل آهن. ڪنهن به وڏي اسپتال ۾ عوام ائين پئي هيڏاهن هوڏانهن گھمندي نظر ايندو ڄڻ ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي جلسي ۾ آيا هجن. بس اسان مسڪينن جو نصيب ئي اهڙو آهي! ۽ مٿان وري اسان جون اسپتالون به اسان جي ٿاڻن وانگر ٺيڪن تي پيون هلن. ظاهر آهي ته جيڪو پيسا خرچ ڪندو سو ته ضرور پنهنجو مور موٽائيندو.
    مٿان وري اسان ڊاڪٽر سون تي سهاڳ آهيون. ايترا مريض اوهان کي اسپتال ۾ نه ملندا، جيترا ميڊيڪل ريپ ملندا ۽ پوءِ ڌنڌو شروع. مون وانگر جنهن ڊاڪٽر پوري ڪراچي به نه ڏٺي هوندي، سو هر مهيني پيو ٻاهران چڪر هڻي ايندو. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته الائي ڇو هن مسڪين قوم کي پنهنجو پاڻ تي رحم نٿو اچي. هر ادارو اندر کان کوکلو لڳو پيو آهي. لکڻ تي پئجي ته ڪافي ڪتاب ٺهي پون.
    اسان وٽ جيترو وڏو ٺڳ، جيترو وڏو ڪوڙو، فريبي، اوترو وڏو ۽ وڏي اداري جو سربراهه. صبح واري اخبار ۾ ڏسنداسين ته جسم ڏڪڻ لڳندو. پوليو کي ڏسو، ٻين ملڪن ۾ ختم پيو ٿئي ۽ اسان جي ملڪ ۾ بيمانن وانگر ويتر وڌ! ڪنهن در دانهن ڏجي. بس جيئڻ لاءِ جيڏيون مون وڏا وس ڪيا.
    رب سائين فرمائي ٿو ته: “جيڪا قوم پنهنجي تقدير تبديل نه ٿي ڪري، تيستائين رب سائن به ان جي تقدير تبديل نه ڪندو. ”
    اسان جي قوم کي جذبات کان پري ٿي ڪري سوچڻو پوندو. ٺلن نعرن سان ڪنهن به ملڪ کي سرسبز شاداب نٿو ڪري سگھجي. پنهنجي اوسي پاسي ڏسڻو پوندو، جي اسان سڀ سون هجون هان ته پنهنجو هر ادارو ۽ ديس سهڻو نه هجي ها. هر ڪنهن کي پنهنجي ڳڻتي آهي ته منهن جو نالو نروار ٿئي. ٻاهر ملڪن ۾ اتان جا ڊاڪٽر حضرات تحقيقات ڪري ڪتابن مٿان ڪتاب لکن ٿا ۽ قوم کي سٺا ۽ معياري ڪتاب تحفي ۾ ڏين ٿا ۽ پاڻ وارا يار گاڏي مٿان گاڏي وٺن ٿا. صرف پئسن ڪمائڻ جون مشينو لڳا پيا آهن. پر پنجئي آڱريون هڪجهڙيون نه آهن.
    خدارا رب سائينءَ توهان کي عزت، دولت هر شيءِ ڏني آهي. پنهنجن مسڪين ماڻهن تي رحم ڪريو. توهان جي اڳيان ٿر جي حالت آهي ته ڇا پيو ٿئي ۽ اسان جا مسڪين مارو ماڻهو به گھٽ ڪين آهن. مان ڏسندو هيس ته اسپتال ۾ ته هي پاڻ وارا يار ڪڏهن ڪنهن ملان کي ته ڪڏهن ڌوتن کي وٺي ايندا هيا. پوءِ انهن جي چوڻ تي پيا خرچ ڪندا. اُهي وري جھٽڪن کي جنّ پوڻ چون ۽ سُڪي جي بيماري کي نظر لڳڻ چون.
    ڪجهه پڙهيل ڳڙهيل ڊاڪٽر ۽ ڄٽ ڊاڪٽر ٿوري ٿوري ڳالهه تي ماڻهن کي غلط ٻڌائين ٿا ته ڏندن جي ڪري دست ٿين ٿا ۽ ماءُ جو کير خراب آهي. دٻي جو کير واپرايو. ڏندن لاءِ وري 21 نمبر گولي لکي ڏيندا ۽ ڏند ته 22 سالن تائين پيا هلندا، ته ڇا تيستائين دست به پيا هلندا.
    خدارا، مسڪين اٻوجهه ماڻهن تي رحم ڪيو، ته جيئن رب سائين توهان تي به رحم ڪري. پئسو اچڻي وڃڻي شيءِ آهي. عزت ڪمائڻ سکو ۽ ننڍي وڏي کي عزت ڏيو. پئسا ته کدڙا ۽ وعشيا به ٺينگ ٽپا ڏئي ڪمائي وٺندا آهن.
    منهنجو مقصد صرف اهو آهي ته شل هيءَ منهنجي ننڍڙي ڪوشش سان پاڻ کي سڌارين ۽ اسان جي امڙين کي بيوقوف بنائيندڙ توبه تائب ٿين. شل هي ننڍڙو ڪتاب ڊاڪٽرن ۽ لکيل پڙهيل والدين لاءِ روشنيءَ جو سهائو تارو بڻجي رهنمائي ڪري.
    هي ڪتاب خاص ڪري اسان جي پڙهيل ڳڙهيل شاگرد ۽ شاگردياڻين کي سٺو فائدو ڏيندو، جيڪي ٻارن جي صحت بابت امتحان ۾ پيپر ڏيندا آهن. ڇو ته پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ڪتاب پڙهڻ سان سمجھڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي آهي. هي اسڪولن ۾ معصوم ٻارن کي پڙهائيندڙ استادن ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي باري ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن (اين جي اوز) لاءِ به نهايت ڪارائتو ثابت ٿيندو.
    آخر ۾ آءٌ شڪر گذار آهيان پنهنجي پياري ڀاءُ، دوست ۽ سڄڻ ڊاڪٽر بدرالدين قريشي صاحب جو جنهن منهنجا انگل ڪاليج دوارن برداشت ڪيا ۽ منهنجي هر قسم جي مدد ڪئي. مان ٿورائتو آهيان سائين ظفر علي پيرزادي صاحب جو، جنهن پنهنجي ڪتاب سنڌو ڌارا ۾ ميار خاطر نالو ته ڏنو. سائينءَ جا لک ٿورا، قرب هميشه منهنجي مٿان رهيا آهن. سائينءَ سان ڪيئي سڱ آهن. منهنجو سٺو استاد به ٿئي ۽ بهترين دوست پڻ آهي.پاڻ سياسي بنيادن تي ماضيءَ ۾ هڪ ٻئي کي سمجھڻ ۽ سمجھائڻ وارا رهيا آهيون.
    جڏهن ڪتاب آخري مرحلن ۾ هيو ته مون کي دل جو عارضو ٿي پيو. ان وقت منهنجي مٺڙي دوست ڊاڪٽر شبير شر ڪارڊيولاجسٽ وڏي مدد ڪئي ۽ اينجوگرافي ۽ اينجو پلاسٽي ڪري مون کي هن ڪتاب پورو ڪرڻ جهڙو ڪيو. لک لائق بادشاهه جا.
    مان نهايت ٿورائتو آهيان، سنگم پبليڪيشن جي سائين ڪرم الاهي چنا جو، جنهن مون کي هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ، ايڊيٽنگ ۽ اشاعت ۾ مشورا ڏنا ۽ سهڪار ڪيو.
    انهن ڀائرن ۽ ڀينرن کي عرض آهي ته جي منهنجي طرفان کان ڪنهن کي ڪو رنج يا تڪليف پهتي هجي ته پنهنجو سمجھي معاف ڪري ڇڏيندا.
    جيڪي ڊاڪٽر، والدين، استاد ۽ ٻيا ڀائر ڀينر هي ڪتاب پڙهي پنهنجي ٻارن جو علاج يا فرسٽ ايڊ ڪن ۽ بيماريءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪنهن ته منهنجي ۽ منهنجي ٻچڙن لاءِ دعا ئي خير ضرور ڪن ته مون کي منهنجي محنت جو اجورو ملي ويندو.
    شل سنڌڙي آباد هجين
    سهڻي سنڌ سميت سڄي عالم جي ٻچڙن جي صحت جو طلبگار.



    ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو
    پيرزاده ڪلينڪ نئون ماروئڙا ڳوٺ، ڪراچي


    R-75 سن لي ڪاٽيجز،
    ويجھو رم جھم ٽاور، سفوران، ڪراچي

    20 نومبر 2018ع


    ٻارن جي صحت جي باري ۾ هڪ بنيادي ڪتاب

    ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هي پهريون سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، جيڪو ٻارن جي صحت ۽ بيمارين جي باري ۾ آهي. ٻار اسان جي معاشري جو اهم حصو آهن ۽ اسان جو مستقبل آهن. انهن جي صحت ۽ خوشحالي ان جي سٺي مستقبل جي ضمانت آهي. ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ جي اهڃاڻن مان هڪ اهم اهڃاڻ، ان ملڪ جي اُبهم ٻارڙن جي موت جي شرح (Infant Mortality Rate) به هوندو آهي، جنهن سان ان ملڪ جي ٻارڙن جي صحت ۽ سارسنڀال جو اندازو لڳائي سگھبو آهي.
    اسان جو ملڪ پاڪستان هن سلسلي ۾ تمام گھڻو پوئتي آهي، ان جي اها شرح 65 آهي. يعني هڪ هزار ڄاول ٻارن مان، هڪ سال جي اندر 65 ٻار فوت تي وڃن ٿا. جڏهن ته اسان کان ڌار ٿيل ملڪ بنگلاديش به اسان کان هن سلسلي ۾ بهتر ٿي چڪو آهي، ان جي شره 59 آهي. ڪيوبا ۾ اها شرح 58 آهي.
    پاڪستان ۾ به وري سنڌ جي ٻارڙن جي صحت جي حالت اڃا وڌيڪ ڳڻتيءَ جوڳي آهي، ٿر ۾ ڏينهون ڏينهن تيزيءَ سان مرندڙ ٻارن جون خبرون ان مايوس ڪندڙ صورتحال جي هڪ جھلڪ آهن.
    ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي ٻارن جي بيمارين متعلق سنڌي ٻوليءَ ۾ هي ڪتاب لکي ڄڻ هڪ وقتائتو قدم کنيو آهي. هي ڪتاب نه رڳو عام ماڻهن کي ٻارن جي صحت، بيماري ۽ انهن کان بچاءُ ۽ علاج جي باري ۾ سولي سنڌيءَ ۾ مفيد معلومات ڏئي ٿو، پر اهو ميڊيڪل اسٽوڊنٽس ۽ عام ڊاڪٽرن لاءِ به ڪافي لاڀائتو ۽ مفيد ثابت ٿيندو. هن ڪتاب ۾ ٻارن جي مُک ۽ مڙني بيمارين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، البت ٻارن جي سرجيڪل بيمارين جو به ٿورو ذڪر ٿيل هجي ها ته ڪتاب اڃا به وڌيڪ ڀرپور ٿي وڃي ها.
    سنڌيءَ ۾ سائنسي موضوع تي لکڻ ۽ ليکڪ کي وڏي ۾ وڏي دشواري ٽيڪنيڪل لفظن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ يا انهن جو نعم البدل هٿ ڪرڻ هوندو آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي پنهنجي پاران ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ته انهن انگريزي ۽ ميڊيڪل فقرن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو يا نعم البدل لفظ يا محاورو هٿ ڪري، ان ڪوشش ۾ هو گھڻو ڪامياب به نظر اچي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي انگريزيءَ جا اهي لفظ جيئن جو تيئن رکڻ به ليکڪ جي مجبوري ٿي پون ٿا. هي ڪتاب عام پريڪٽشنر ڊاڪٽرن لاءِ به ڄڻ هڪ رفرنس بُڪ طور ڪم اچي سگھي ٿو.
    ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو هونئن به شاگرديءَ واري زماني کان ئي علم ۽ ادب سان چاهه رهيو آهي. پوءِ اها اسان جي شاگرديءَ واري زماني ۾ آباد ٿيل ادب دوست ماڻهن جي ويهڪ جو مرڪز – باقراڻي روڊ تي قائم ڪيل “ لطيف ادبي ڪچهري” هجي يا چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ان دور ۾ نڪرندڙ ادبي مخزنون هجن، ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جو انهن سرگرمين ۾ نمايان ڪردار رهيو آهي.
    توڻي جو ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي کي ٻارن جي بيمارن ۾ ڪا اسپيشلٽ ڊگري ورتل نه آهي، پر سندس ڪتاب جنهن انداز ۾ لکيل آهي، اهو لڳي ٿو ته ڪنهن ٻارن جي ماهر ڊاڪٽر لکيو آهي. سنڌيءَ ۾ طبي موضوعن تي تمام ٿورڙا ڪتاب لکيا ويا آهن، هي ڪتاب به انهن ٿورڙن ڪتابن جي فهرست ۾ هڪ اهم اضافو ثابت ٿيندو. اميد آهي ته هي ڪتاب ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي طرفان شروع ڪيل سندس ڊگھي علمي ۽ طبي سفر جي پهرين وِک ثابت ٿيندو.


    ڊاڪٽر سڪندر مغل
    لاڙڪاڻو
    5 آڪٽوبر 2018ع


    ڪجهه ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جي باري ۾!

    جڙاءُ سون تي جيئن جڙي ويهي وينجھر
    اسان تيئن تو جيءَ سان جڙجي وياسين.

    1983ع جو سال هو، تنظيمي ڪمن جي سلسلي ۾ عزيز آباد عبدالخالق جوڻيجي صاحب جي گھر اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. اُتِ پهريون ڀيرو هڪ نوجوان ساٿي ڊاڪٽر خير محمد پيرزاد سان ملاقات ٿي. اهي ملاقاتون بعد ۾ قومي سياسي قافلي ۾ گڏ ڪم ڪرڻ سبب وڌي ويون. تقريبن رات ڏينهن گڏ رهڻ ٿيندو هو. پاڻ شاگرد سياست چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو کان شروع ڪرڻ گڏوگڏ ادبي ۽ سماجي ڪمن ۾ به اڳڀرو رهيو. سندس لکيل ڪهاڻي “ آخري ڀانواٽي” ان وقت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگرد يونين جي طرفان نڪرندڙ رسالي “موهن جو دڙو” ۾ شايع ٿي هئي، جيڪا منهنجي نظرن مان به گذري هئي. ڊاڪٽر صاحب جي لکڻي اُن شروعاتي دؤر ۾ به پڪي ۽ پختي اديب جهڙي هئي. پاڻ ان دؤر ۾ ٿوري گھڻي شاعري به تخليق ڪيائين، جيڪا ان وقت نڪرندڙ تحريڪ رسالي ۾ ڇپي هئي.
    1982ع ۾ شاگرديءَ واري دؤر ۾ سنڌي ادبي سنگت ۽ سگا لاڙڪاڻو جي سرگرمين ۾ به حصو وٺندا رهيا. چانڊڪا ۾ پڙهائيءَ دوران اُتي “ڀٽائي ميڊيڪوز” جو بنياد وڌو، جنهن جو صدر ڊاڪٽر ثناءَ الله کوکر مرحوم ۽ پاڻ سيڪريٽري جنرل ٿيو. اُن تنظيم جي طرفان ميڊيڪل سائنس تي ننڍا ننڍا ڪتاب به شايع ڪرايائين ۽ ڪينجھر رسالو به ڪڍيائون.
    ڊاڪٽر صاحب ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ ويهڙ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ويهڙ، مئٽرڪ ڏوڪري ۽ انٽر لاڙڪاڻو ڪاليج مان ڪيائين.
    ڪراچيءَ ۾ 1983ع کان قومي سياسيت ۾ سرگرم رهيو. سياسي ڪمن سان گڏوگڏ پاڻ سماجي ۽ فلاحي ڪمن ڪارين ۾ به سرگرم رهيو. سندس بلديا ڪالوني، مهاجر ڪيمپ ضلع اولهه ۾ سندس ڪلينڪ اسانجي آفيس ۽ مسافر خانو به هئي، جتي اسان جون تنظيمي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، سڀني جي ماني ٽڪي به ڊاڪٽر صاحب مٿان هوندي هئي. ان زماني ۾ ضلع اولهه سهراب ڳوٺ، عزيز آباد، لالو کيت کان وٺي اورنگي ٽائون کان ٿيندو مواچ ڳوٺ، ماڙي پور ۽ هاڪس بي جي وسندين تائين هو.
    ڊاڪٽر صاحب پنهنجي طبي مصروفيتن مان وقت ڪڍي رات ڏينهن سنڌي وسندين ۾ سياسي، سماجي فلاحي ڪمن ۾ مصروف رهندو هو. جڏهن اردو ڳالهائيندڙن، پنجابين ۽ پٺاڻن وچ ۾ خونريزي ٿي ته ڊاڪٽر جي بلديا ڪالوني واري ڪلينڪ جيڪا سندس رهائش گاهه به هئي سا متاثر ٿي، جنهن سبب اتان لڏي وڃي گلشن اقبال جا وڻ وسايائين.
    ڊاڪٽر صاحب طبيعت جو نهٺو، پيار ڪرڻ وارو، ڏک سک ۾ مدد ڪرڻ وارو انسان، جيڪو دل ۾ سو زبان تي. مُنهن تي چوڻ وارو پيارو انسان آهي.
    جيئن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ طبي ڄاڻ ۽ علاج معالجي بابت تمام ٿورا ڪتاب لکيا ويا آهن، سو ڊاڪٽر صاحب اها ڪمي محسوس ڪندي، هيءُ نهايت ڪارائتو ڪتاب ٻارن جي بيمارين ۽ انهن جي علاج بابت لکيو اٿس، اميد ته سندس اهو پيار جو پورهيو ضرور قبول پوندو.
    سنڌ سميت سڄي عالم جي ٻچڙن جي صحت لاءِ دعاگو


    منير احمد ڀٽو
    ڪراچي


    گُلن جهڙا ٻارڙا ڦُلن جيئن نِپَجنِ: ڪتاب تي ٻه اکر

    اهو لکندي مون کي انتهائي گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته هڪ خواب ۽ خيال جيڪا اسان جي امتحان جي تياري ڪندي CPSP لائبريري ۾ ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندو هو، ته اهو ڪم جيڪو مشڪل، محنت طلب ۽ مسلسل جدوجهد وارو هيو، جيڪو ڊاڪٽر خير محمد پيرزادو آخر مڪمل ڪري ڏيکاريو . ان لاءِ کيس تمام گھڻي جس هجي.
    بنيادي طور مسئلو اهو ٿيندو آهي ته جڏهن وارڊ ۾ ڊاڪٽري تربيت دورن يا امتحان ۾ ڪو سنڌي مريض نڪرندو آهي ته ان کان هسٽري وٺڻ ۽ پوءِ ان کي بيان ڪري ان جي معنيٰ ڪڍڻ ۽ سينيئر اڳيان بيان ڪرڻ ۾ ڪافي مونجھارا ايندا هئا ۽ آهن. ٻوليءَ جي فرق جي ڪري (Language Barrier) نتيجن انهن مريضن جي فائنل تشخيص هيٺ مٿي ٿي ويندي هئي.
    هن ڪتاب ۾ هڪ رخ، ڊاڪٽر طرف ڏسجي ته ڊاڪٽر اگر پڙهندا ته انهن کي هسٽري وٺڻ ۽ سمجھڻ ۾ گھڻي مدد ملندي.
    انهيءَ ڪتاب جو سڀ کان وڌيڪ ٻيو فائدو هن قوم جو آهي ڇا ڪاڻ ته ٻار مستقبل جو سرمايو آهن. انهن جي مسئلن کي سمجھڻ، بيان ڪرڻ، انهن کي وڌيڪ پيچيده ٿيڻ کان به هي ڪتاب پڙهي ڪنهن حد تائين بچي سگھجي ٿو.
    هر اهو مائٽ جنهن جي گھر ۾ ننڍا وڏا ٻار آهن، ته يقينن انهيءَ گھر ۾ ٻارن متعلق ننڍا وڏا مسئلا به هوندا آهن، جنهن کي مائٽ پنهنجي سوچ ۽ سمجهه جي حساب سان ڪا اهميت ڪونه ڏيندا آهن، نتيجتن هو وڌيڪ پيچيده حالت ۾ ٿي ويندا آهن ته پوءِ انهن کي حل ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي، ته اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ هي هڪ اهم پيش رفت آهي. ڇاڪاڻ ته ٻارن جي بيمارين ۽ انهن جي علامتن، انهن کان بچاءَ جي تدارڪ متعلق سنڌيءَ ۾ لکيل هي پهريون ڪتاب آهي. جيڪا شيءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکيل هوندي آهي ان کي سمجھڻ آسان هوندو آهي.
    ٽيون طبقو جنهن کي به هي ڪتاب ضرور پڙهڻ گھرجي، اهو پرائمري استادن جو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪو به ڪم اڪيلي ڪري نه ٿو سگھجي. جڏهن استاد پاڻ به ٻارن جي بيمارين جي باري ۾ ڄاڻ رکندا ته اهي نه صرف مائٽن کي آگاهي ڏيڻ ۾ مدد ڪندا پر ٻارن کي خود به انهن جي صحت ۽ نشو نما ۽ ضرورتن متعلق عملي ڄاڻ ڏئي سگھندا.
    اڄ ڪلهه هر گھر ۾ تقريبن جي سنڌي جي حد تائين ڪتاب پڙهڻ واريون مائرون موجود آهن. انهن کي به مان عرض ڪندس ته خاص طور تي ٻارن جي حفاظتي ٽڪن، دستن ۽ الٽين، نمونيا، کاڌ خوراڪ ۽ صفائيءَ وارو حصو ضرور پڙهن ۽ ان کي سمجھي ان تي عمل به ڪن.
    آخر ۾ وري هڪ ڀيرو آئون پنهنجي دوست ڊاڪٽر خير محمد پيرزادي جي انهيءَ مستقل جدوجهد واري ڪتاب تي مبارڪون ڏيندس ۽ معاشري جي هر طبقي وارن کي عرض ڪندس ته هي ڪتاب ضرور پڙهن ته جيئن اسان پنهنجي مستقبل جي معمارن جو بهتر طريقي سان صحت جو خيال رکي انهن کي تندرست ۽ توانو بڻايون. جيئن اهي اڳيان هلي، ملڪ ۽ قوم لاءِ سرمايو بڻجن.


    ڊاڪٽر نٿو مل
    لياري جنرل اسپتال، ڪراچي


    باب پهريون: ٻارن بابت بنيادي ڄاڻ Neonatology

    لغت Glossary

    نئون ڄاول ٻار = مهيني جو ٻار Neonate

    اهو نئون ڄاول ٻار جيڪو 28 ڏينهن تائين زندهه رهندڙ هجي. اِهو ٻن حصن ۾ ورهايل هوندو آهي.
    1. اهو پهريون ٻار (Early Neonate) جيڪو زندگي جي 7 ڏينهن جو زنده ڄاول هجي.
    2. پويون ٻار (Late Neonate) جيڪو 8 ڏينهن کان 28 ڏينهن جو زندهه ڄاول ٻار هجي.

    پيدائش جو وقت Perinatal
    اهو وقت (Period) جيڪو 28 هفتن جي پيٽ Pregnancyکان 7 ڏينهن جو ڄاول ٻار هجي.
    پيدائش کان پهريون = Prenatal = Before the birth
    اهو وقت (Period) آهي جنهن ۾ 28 هفتن جي حمل Pregnancy کان ڄمڻ تائين جو ٻار هجي.

    ٻار ڄڻڻ کان پوءِ Post Natal = After delivery
    هي اهو وقت آهي، جيڪو ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿو.
    نئون ڄاول ٻار Infant
    اهو ٻار جيڪو 365 ڏينهن (هڪ سال) جو ڄاول ٻار هجي.
    Abortion = The expulsion of the fetus before it is viable ڪچي ٻار جو وقت کان اڳ خارج ٿيڻ اهو مئل ٻار جيڪو 28 هفتن جو حمل (Gestation) جو ڪريل ٻار هجي. اسان جي ملڪ ۾ 28 هفتن جو ٻار هجي ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ 24 هفتن جو تصور ڪجي ٿو.

    مئل ٻار پيدا ٿيڻ = Still Birth
    اهو مُئل ٻار 28 هفتن کان پوءِ پيٽ ۾ هجي ۽ ان کي ڪڍجي.
    ابتدائي موت = Perinatal Mortality
    اُهي ٻار جيڪي پيٽ اندر مري وڃن ٿا (Still Birth) انهن جو تعداد ۽ نئين ڄاول ٻارن جي مرڻ جو تعداد/ (جيڪو 7 ڏينهن تائين هجي) 1000 ڄاول ٻارن تي، اهو پاڪستان ۾ 1000 ڄاول ٻارن تي 60 آهي.

    نئين ڄاول ٻارن جي مرڻ جو تعداد: Neonatal Mortality rate
    1000 نئين ڄاول ٻارن تي پهريان 28 ڏينهن جا مئل ٻار، اهو پاڪستان ۾ 1000 ڄاول ٻارن تي 44 آهي.
    ٻالڪپڻي جي موت جي شرح : Infant Mortality rate
    پهريان 365 ڏينهن جو مئل ٻار 1000 ڄاول ٻارن تي اهو پاڪستان ۾ 1000 ڄاول ٻارن تي 95 آهي. (نئين ڄاول ٻار جي موت جي شرح2013ع ۾ هڪ 100 / 54 سيڪڙو ۽ ٻالڪپڻي جي موت جي شرح 1000/68 آهي. 2013ع سال ۾)

    درجيوار رکڻ= ترتيب ڏيڻ Classification:
    اُهي هي آهن:

    حمل جو وقت ۽ وزن (Weight)
    حمل جو وقت هيٺين حصن ۾ ورهايو ويو آهي:
    1. ڪچو ٻار =Preterm
    اهو ٻار جيڪو 37 هفتن کان پهرين پيدا ٿئي.
    2. وقتائتو ٻار =Full term Baby
    اهو ٻار جيڪو 37 هفتن ۽ 42 هفتن جي وچ ۾ پيدا ٿئي.
    3. وقت کان پوءِ = Post term
    اهو ٻار جيڪو پورن 42 هفتن کان پوءِ پيدا ٿئي.

    وزن: Weights
    وزن جي حساب سان ٻار جي ترتيب:
    وڌيڪ وزن وارو ٻار :High Baby Weight
    اهو ٻار جيڪو ڄمڻ وقت 4.kg ڪلو کان وڌيڪ وزن جو هجي.
    نارمل/ صحيح ٻار جو وزن: Normal Baby weight
    اهو ٻار جنهن جو وزن ڄمڻ وقت 2.5kg کان 4.kg هجي.
    گهٽ وزن وارو ٻار جو وزن: (LBW) Low Birth Weight
    اهو ٻار جنهن جو وزن ڄمڻ وقت 2.5kg کان کان گهٽ هجي.
    اڃان به گهٽ وزن وارو ٻار: (VLBW) Very Low Birth Weight
    اهو ٻار جنهن جو وزن ڄمڻ وقت 1.5kg کان گهٽ هجي.
    تمام گهٽ وزن وارو ٻار: (V.L.B.W / Extremely Low Birth Weight اهو ٻار جنهن جو وزن ڄمڻ وقت هڪ ڪلو (1kg) کان گهٽ هجي.
    اهڙو ٻار جنهن تي اعتبار نه ڪري سگهجي ته ڪو بچندو يا نه: Incredibly Low Birth Weight
    اهو ٻار جنهن جو ڄمڻ وقت وزن 750gm کان به گهٽ هجي.


    بي وقتائتو ٻار = وقت کان پهرين (Prematurity)

    اهو ٻار جيڪو 37 هفتن کان پهريون پيدا ٿئي، ماهواري جي بند ٿيڻ جي پهرين ڏينهن کان، يعني 259 ڏينهن جو.
    اهو ته معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته پاڪستان ۾ بي وقتن ٻارن جو تعداد ڪيترو آهي؟ گهڻو ڪري اهو 11-13% ٿيندو يا 20 سيڪڙو آهي.
    (LBW) گھٽ وزن واري ٻار جو اثر 25 سيڪڙو آهي.(Incidence) 25 سيڪڙو آهي.

    سبب (Etiology)

    • ماءُ طرفان سبب (Maternal Causes)
     ڪمزور ۽ رت جي ڪمي (Anemia)
     ننڍي عمر ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ
     ٻِٽو حمل
     پراڻي بيماري مثال طور شگر جي بيماري (Diabetic)، پيشاب جي بيماري (Renal Disease)، دل جي بيماري (Heart Disease)، بلڊ پريشر (Hypertension)، انفيڪشن مثال طور مليريا (Malaria)، پيشاب جي بيماري (U.T.I)
     غربت، سگريٽ ڇڪيندڙ.

    • ٻچيدانيءَ جا سبب (Uterine Causes)
     ٻن ڪنڊن واري ٻچيداني (Incompetent Cervix)

    • ٻار جا سبب (Fetal Causes)
     ٻار جو ساهه گهٽجڻ
     هڪ کان وڌيڪ حمل (Multiple Gestation)

    • ماده توليد ڄم وارا جز (Chromosome Disorder)
     اندروني زخم (Intrauterine Infection)
     فرنگ – اُتشڪ (Syphillis)

    • ٻار جا ٻيا سبب (Other Causes)
     زخم (Trauma)
     پردي جي ڇڪي ڦوٽ – پردي جو ڦاٽڻ وقت کان اڳ ۾ (Premature rupture of membranes)


    بي وقتي ٻار جا مسئلا: Problems of Prematurity
    جلدي وارا:Immediate (Acute)
    • بخار جو نه هجڻ: Hypothermia
    • شگر جو گھٽجڻ: Hypoglycemia
    • ڪيلشم جو گھٽجڻ: Hypocalcemia
    • ساهه جي تڪليف: Respiratory Distress
    • جيري جي ڪمزوري: Liver Immaturity
    • انفيڪشن (زخم) جو وڌڻ: Increase Susceptibility to infection
    • Nectrotizing Enterocolitis (NEC)
    • دل جي بيماري: Patent Ductus arteriosus
    • کاڌ خوراڪ جا مسئلا: Feeding Problems
    • بي وقتي ٻار جو رت گھٽجڻ:Anaemia of Prematurity
    • وقت کان اڳ ريٽينيا جي ڪابه بيماري جنهن ۾ سوڄ نه ٿئيRetinopathy of Pre maturity:


    گھڻو وقت هلندڙ مسئلا:Long term problems
    • ڦڦڙن جي ڊگھي بيماري:Chronic Lung disease
    • ڪمزور نشو نما: Poor growth
    • دماغ جو درست ڪم نه ڪرڻ: CNS Dysfunction

    چڪاس يا کوجنا ڪرڻ: Investigations
    • ڇاتيءَ جو ايڪسري: Chest x- Ray
    • رت جي چڪاس: Blood C.P. with. ESR
    • پيشاب جي چڪاس: Urine DR
    • بلغم جي چڪاس:Sputum FBA
    • 24 ڪلاڪن کان پوءِ ڪيلشيم جي چڪاس
    • شگر جي چڪاس R.B.S

    علاج:Management
    علاج ان جي صحت ۽ حالت موجب ڪبو آهي، جي ٻار جو وزن گھٽ آهي، ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿئي ٿو ته وقت کان اڳ ڄاول ٻار کي رکڻ واري مشين Incubator ۾ رکبو آهي.
    ٻار کي ضرورت موجب پاڻيءَ جي پوءِ واري ڪرڻ گھرجي: Maintain of fluid and Electrolyte Balance:
    • پهرين ڏينهن تي60-80 ml/kg ڏينهن جي حساب سان پاڻي ڏيڻ گھرجي.
    • ٻئي ڏينهن تي 80-100 ml/kg ڏينهن جي حساب سان پاڻي ڏيڻ گھرجي.
    • ٽئين ڏينهن تي 100-110gl/kgڏينهن جي حساب سان پاڻي ڏيڻ گھرجي.
    • چوٿين ڏينهن تي120-130ml/kgڏينهن جي حساب سان پاڻي ڏيڻ گھرجي.
    • پنجين ڏينهن تي150-180ml/kgڏينهن جي حساب سان پاڻي ڏيڻ گھرجي.
    • آڪسيجن Oxygenبه ضرورت موجب ڏيڻ گھرجي.

    خوراڪ: Feeding
    خواراڪ ٻار جي وزن ۽ عمر جي حساب سان ڏيڻ گھرجي..
    سڀ کان پهرين ٻار کي ماءُ جو کير ڏيڻ گھرجي. پر ٻار ڪمزور هجڻ ڪري ان جي چوسڻ واري (Sucking) نه هئڻ جي برابر هوندي آهي، سو ٻار کي مٿيون کير (Top feed) دٻي جو کير پيالي ۽ چمچي سان ڏيڻ گھرجي. جي انهيءَ سان به پيٽ نه ڀرجي ته پوءِ نڪ ۾ نلي وجھي ان جي ذريعي کير ڏجي وزن جي حساب سان.
     ٻار کي طاقت لاءِ وٽامنس ۽ خون (رت) وڌائڻ لاءِ Ironبه ڏيڻ گھرجي.
     ٻار کي حفاظتي ٽڪا ضرور لڳائڻ گھرجن.
     انفيڪشن کان بچائڻ لاءِ خاص خيال رکڻ گھرجي.


    هلچل/ جهٽڪا (Convulsion)

    هي جهٽڪا (هلچل) اڪثر ڪري بخار جي ڪري ٿين ٿا، جيئن ئي بخار وڌندو تيئن ئي هلچل ٿيندي. وچندڙ مرض (Infections) جي ڪري ٿئي ٿي. جيڪو سڌي طرح دماغ کي رڌل نٿو رکي.

    بخاري هلچل لاءِ اندازو Criteria for Febrile Seizure
    • عمر 3 مهينن کان 5 سال، گهڻا بخاري هلچل 6 کان 18 مهينن جي وچ ۾ ٿين ٿا.
    • بخار 38.8oC، اُهي مرد ٻارن ۾ عورت ٻارن کان ٻيڻا ڏٺا ويا آهن.
    .
    نشانيون Clinical Feature
    • خاص قسم جي بخاري هلچل Atypical Febrile Convulsion
    • عمر 6 مهينن کان 5 سالن، اهي جهٽڪا اڪثر مشقن کي ڇڪيندڙ Tonic Clonic هوندا آهن، ۽ 15 منٽن کان گهٽ وقت هلندا آهن.
    • منجهيل بخاري هلچل = 6 مهينن کان گهٽ يا 5 سالن کان وڌيڪ

    مرڪز شعاع هلچل (Focal Convulsion)
    هن ۾ جهٽڪن جو وقت 15 منٽن کان وڌيڪ آهي. ساڳي بيماري وري به هلچل پيدا ڪري سگهي ٿي. هن ۾ ساهه واري سرشتي ۾ تڪليف ۽ زخم جي ڪري به هلچل پيدا ٿيندي آهي.

    چڪاس ڪرڻ (Investigations)
    1. رت جي چڪاس (Blood Count)
    2. شگر جي چڪاس (Blood Sugar)
    3. ڪيلشيم (Calcium)
    4. ڇاتي جو ڦوٽو (X-ray Chest)
    5. بلڊ يوريا (Blood Urea)
    6. پليٽيليٽ ڪائونٽ (Platelat count)
    7. بلڊ ڪلچر (Blood C/S)
    8. دماغ جو الٽرا سائونڊ (U/S of brain)
    9. دماغ جو ايڪسري (X-ray Skull)
    10. چيلهه جي پاڻي جي ٽيسٽ (CSF D/R & C/ S)
    11. دماغ جو C.T.Scan ۽ M.R.I

    علاج (Treatment)
    ٻار کي داخل ڪريو، جيڪڏهن هي دورو پهريون دفعو پيو آهي ۽ جيڪڏهن ٻار صحيح نه آهي ته پوءِ ABCجو علاج ڪرڻ گهرجي.
    هلچل کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فينوباربٽين لوڊنگ ڊوز Phenobrabition I.V 20mg 1kg، جلدي ۾ State ۽ پوءِ وات ذريعي 3-5mg/kg ڏينهن ۾ ، 7 کان 10 ڏينهن لاءِ.
    سُئي لارجيڪٽال Largectal 0.2mg/ kg / dose Ing: هر ڇهه (6) ڪلاڪن ۾ ڏيڻ گھرجي ۽ Diazepan 0.2mg/ kg/dٻار کي جيڪڏهن بخار آهي ته عام پاڻيءَ جون پٽيون رکجن، ۽ بخار کي روڪڻ لاءِ پيرا سٽامول ۽ برفين ڏجي. ان سان گڏجي اينٽيبايوٽڪ Antibioticجي ضرورت محسوس ڪريو ته ڏيڻ گهرجي.
    ڪهڙن ٻارن ۾ هي ڪيفيت بار بار ٿيندي آهي.
    جيڪڏهن ٻار کي پهريون دفعو هڪ سال کان گھٽ عمر ۾ جھٽڪو پيو هجي.
    جيڪڏهن خاندان جي ٻين فردن کي جھٽڪي جي بيماري ٿي هجي.
    جيڪڏهن بخار شروع ٿيڻ سان جھٽڪا شروع ٿين.
    جھٽڪن جي نوعيت ۽ سبب:
    هي جھٽڪا بخار شروع ٿيڻ کان 24 ڪلاڪن جي اندر ٿي سگھن ٿا.
    خاص ڪري هي جھٽڪا صرف هڪ دفعو ٿين ٿا ۽ ان جو وقت 5 کان 7 منٽن تائين هوندو آهي.
    هي جھٽڪا سڄي جسم ۾ ٿيندا آهن.
    هي جھٽڪا 4% کان 5% ٻارن ۾ هڪ کان زياده مرتبا ۽ ڊگھي عرصي لاءِ پوندا آهن.
    دماغي طرح هي ٻارڙا بلڪل ٺيڪ هوندا آهن.

    ڇا هي جھٽڪا ٻيهر ٿي سگھن ٿا؟
    30% کان 40% ٻارن ۾ هي جھٽڪا ٻيهر ٿي سگھن ٿا.
    صرف 15%ٻارن ۾ ٽيون دفعو به ٿي سگھن ٿا.

    بخار جا سبب:
    ڪن ۽ ڳلي جو انفيڪشن.
    پيٽ جي خرابي.
    پيشاب ۾ انفيڪشن.
    مليريا جي ڪري بخار


    باب ٻيو: ڄاڻ ۽ چڪاس History and Examination

    ٻار بابت ڄاڻ ۽ چڪاس

    ٻار بابت ڄاڻ ۽ چڪاس
    (History and Examination of New Born)

    ٻارن متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ وڏن مريضن وانگر آهي، پر هيٺين بابن (Chapters) ۾ مختلف آهي.
    1. پيدا ٿيڻ متعلق ڄاڻBirth History
    2. ٻار جي خوراڪ متعلق ڄاڻ Feeding / Nutrition History
    3. ٻارن جا حفاظت ٽُڪا Vaccination History
    4. ٻار جي جوڙجڪ Developmental History
    ٻارن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پهريون، مريضن جي والدين، ٻار کي آڻيندڙ جي وڏو ٻار آهي ته ان کي پاڻ متعلق ٻڌائجي ته آءُ ڊاڪٽر آهيان ۽ مريض کي چڪاسڻ چاهيان ٿو ۽ چڪاسڻ لاءِ اجازت وٺجي.
    عام طور جيڪو به مريض کي کڻي اچي ته ان کان ٻار متعلق ڄاڻ حاصل ڪجي، جي ٻار جي ماءُ آئي آهي ته اهيو سڀ کان بهتر آهي ته ان کان ڄاڻ حاصل ڪجي ۽ جي ٻار وڏو آهي ته کيس کان پڇجي ته بهتر.
    سڀ کان پهريون ٻار جي ماءُ کي ٻڌجي، آرام سان انهي جون سڀ شڪايتون ٻڌجن. وچ ۾ نه ڳالهائڻ گهرجي ۽ ان وقت ڪو ئي به سوال نه ڪرڻ گهرجي.
    ڄاڻ حاصل ڪرڻ دوران، ڪڏهن ۾ فون استعمال نه ڪرڻ گهرجي يا واچ ڏي نه ڏسجي. انهي دوران ٻار جي چرپر (Activity) کي ڏسندو رهجي.
    هي شيون رڪارڊ ڪرڻ گهرجن، مثال طور عمر، ڄم جي تاريخ، مريض جي جنس (مرد يا عورت) ۽ ائڊريس بعد ۾ مريض جي موجوده تڪليف متعلق پڇڻو آهي، پوءِ جلدي سان نوٽ ڪرڻيون آهن.
    مثال طور – دست = 10 ڏينهن کان
    بخار = 5 ڏينهن کان
    الٽي = ڪڏهن ڪڏهن
    سڄي ڪهاڻي مريض کي آڻيندڙ کان آرام سان ٻڌجي. پوءِ ان جي تفصيل ۾ وڃجي ۽ آخر ۾ سوال به پڇڻ گهرجن. ڪڏهن کان ۽ ڪيترا دست آهن. ان سان گڏ بخار آهي، بخار ڪڏهن گهڻو هوندو آهي صبح يا شام. ڪڏهن ۽ ڪيئن وڌي ٿو. بخار سان گڏ الٽي به آهي. الٽي ڪهڙي قسم جي آهي. ڀرسان ڪري ٿي يا پري وڃي ڪري ٿي (Projectile vomiting) الٽي ۾ صرف کير ڪڍي ٿو يا پاڻي اچي ٿو.
    دست ڪيترا، ڪهڙي قسم جا آهن. رنگ ڪهڙو اٿن.

    ٻار جي گذريل وقت متعلق ڄاڻ (Past History)
    ٻار جي پيدا ٿيڻ متعلق پڇڻو آهي ته ڪيئن ۽ ڪٿي پيدا ٿيو. نارمل يا آپريشن سان پيدا ٿيو. پيدا ٿيڻ کان فورن رنو هو يا نه، نيلو پيلو ته نه ٿيو هو، ڪو ئي ٻار ڄمڻ کان اڳ، يا ويم دوران پيٽ ۾ مئل ٻار پيدا ته نه ٿيو هو. ماءُ کي خطرناڪ بيماري هجڻ ڪري يا وري ٻار کي ڪو به مسئلو هجڻ ڪري زوري پيدا ته نه ڪيو ويو (Termination)
    ٻار متعلق، حمل جي ڄاڻ ۽ پيٽ ۾ ٻار هجڻ دوران ڄاڻ حاصل ڪرڻ Antenatal History
    ماءُ متعلق ڄاڻ حاصل ڪرڻ، پيٽ (حمل) دوران ماءُ جي صحت ڪيئن هئي. کائڻ پيئڻ ڪئين هيو. حمل دوران ماءُ کي ڪا بيماري مثلاً بلڊ پريشر، مٺو پيشاب (Diabets M) رت اچڻ، پيشاب جي خرابي، ٽي.بي، ڪا به هيپٽائٽس، ڪينسر وغيره. حمل جي آخري وقت X-ray ته نه ڪڍرايو.

    ويم دوران ڄاڻ حاصل ڪرڻ History of Delivery
    پيدائش متعلق (Natal History) هيٺيان سوال پڇجن:
    • ڇا ويم گهر ۾ ٿيو يا اسپتال ۾؟.
    • ڇا ويم دائي کان ڪرايو ويو يا ٽرينڊ هيلٿ ورڪر کان يا ليڊي ڊاڪٽر کان.
    • ڪيتري وقت ۾ ويم ٿيو.
    • ٻار آرام سان ٿيو يا وري اوزارن سان (Forceps) يا مورڳو آپريشن سان.
    • ٻار کي شيشي ۾ رکيو ويو يا کٽ ۾ يعني راڊ جي هيٺيان، رت وغيره ته نه لڳو يا مٽايو ويو.

    پيدائش کان پوءِ جي ڄاڻ (Post Natal History)
    • ڇا ٻار ڄمڻ کان پوءِ رنو هيو؟.
    • ٻار ڄمڻ وقت نيلو يا پيلو ته نه ٿيو هيو.
    • آڪسيجن ته نه لڳي هئي.
    • ٻار کي بخار ٿيو هيو، سائي (Jaundice) ۽ جهٽڪا (Convulsion)
    • رت ته نه لڳو يا ڪڍيو ويوExchange transfusion

    ٻار جي خوراڪ متعلق ڄاڻ (Feeding History)
    • ڄمڻ کان پوءِ فورن ½ ڪلاڪ جي اندر ماءُ جو کير ڏيڻ گهرجي.
    • ماءُ کان اهو معلوم ڪجي ته ڄمڻ کان پوءِ پهريون دفعو کير ڪڏهن ڏنو.
    • ماءُ کان معلوم ڪجي ته پنهنجو کير ڏنو يا بوتل ۾ ڏنو.
    • ماءُ کان پڇو ته جي پنهنجو کير ڏنو ته ڪيتري دير ڏنو.
    • اِهيو معلوم ڪجي ته ڪيتري عمر ۾ عام کير ڏيڻ شروع ڪيو.
    • دٻي وارو کير ڪڏهن شروع ڪيوَ.
    • کير سان گڏ ڪا به طاقت جي يا رت وڌائڻ جي دوا ڏنوَ.
    • ڪيتري عمر ۾ Solid food ڪيترو ۽ ڪهڙو ڏنوَ.
    • هاڻي ڇا پيا ڏيو.

    حفاظت ٽُڪا (Vaccination History)
    هن وقت تائين ڪهڙا حفاظتي ٽُڪا هڻايا آهن. ڪيتري عمر ۾.

    ٻار جي اوسر متعلق ڄاڻ (Developmental History)
    ٻار جي اوسر ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح ٿي.
    • ڪيتري عمر ۾ ٻار پهريون کليو.
    • ڪڏهن ٻار ڪنڌ جهليو.
    • ڪڏهن ٻار ويٺو.
    • ٻار ڪڏهن بانبڙا پاتا، ڪڏهن بيهڻ جي لائق ٿيو.
    • هلڻ ۽ ڳالهائڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو.

    اسڪول جي ڄاڻ (Schooling History)
    اسڪول جو نالو، ڪلاس پروگريسو رپورٽ، ٻين ڪلاس ۾ پڙهندڙ سان رويو. ٻار اسڪول ۾ ٻين ٻارن سان وڙهي ٿو ڇا؟ ۽ گڏجي انهن سان راند روند ڪري ٿو.

    خانداني ۽ سماجي ڄاڻ (Family and Social History)
    • والدين جو عمريون.
    • شادي کي ڪيترو عرصو ٿيو آهي؟.
    • سوٽ ۽ ماسات ڪيترا آهن، اهي گڏ رهن ٿا؟.
    • گهر ۾ ٻيا ڪيترا ٻار آهن ۽ سندن عمريون.
    • گهر ۾ ڪيترا ڪمرا آهن ۽ هر ڪمري ۾ ڪيترا ماڻهو رهن ٿا.
    • والدين جا ڌنڌا ۽ انڪم.
    • خاندان ۾ ڪا بيماري، جهڙوڪ ٽي.بي (T.B) شگر جي بيماري (Diabetic)
    • پاڻي نلڪي جو يا ٽانڪي جو آهي.
    • گهر ۾ پالتو جانور ۽ پکي آهن.

    جسماني چڪاس (Physical Examination)
    چڪاس ڪرڻ کان پهريون مرض کي کڻي ايندڙ (پيءُ،ماءُ، ڀاءُ، ڀيڻ) کي پاڻ متعلق ٻڌايو، ته آءُ ڪير آهيان ۽ ڇا ڪرڻ چاهيان ٿو. ماءُ کان ٻار جو نالو معلوم ڪيو ۽ ٻار سمجهه سان آهي ته سندس سان هٿ ملايو ۽ نالو به پڇو. سڀ کان پهريون ٻار تي نظر وجهو، مٿي کان وٺي پيرن تائين ۽ جي ڪا شيءِ نظر اچي ته فورن معلوم ڪيو.
    ٻار کي پيار ۽ آرام سان ڏسو، ان سان ڪچهري به ڪندا رهو. ٻار کي ڪا به تڪليف نه ڏيو، ٻار کي ڪو به دڙڪو نه ڏيو.
    نئين ڄاول ٻار کي ۽ وڏي ٻار کي سمهاري ڏسي سگهو ٿا. بخار ننڍن ٻارن کي 1oF گهٽ ٿيندو آهي بنسبت وڏن ٻارن جي.
    • ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ وزن، ڊيگهه، مٿي جي ويڪر ڏسڻي آهي.
    • ننڍي ٻار کي سمهاري، ان جي ڊگهائي يا ڊيگهه (Length) ۽ وڏي ٻار کي بيهاري اوچائي يا قد (Height) ڏسڻي هوندي آهي.
    • اکيون به ڏسڻ گهرجن مختلف بيمارين لاءِ، مثال طور اکين ۾ موتيو يا ڦُلو (Cataract)، سائي (Jaundice)، اکي جي تاري جي تيز تيز ڦرڻ (Nystagmus)، ٽيڏو (Squint)، اک جي مٿئين چپر جو لقوو (Ptosis)
    • ڪَنَن (Ears) کي ڏسڻو آهي ته صحيح آهن يا نه، ننڍا ڪَنَ (Low Set Ears)، شڪل يا نمونو (Shape) ڪيئن اٿس، ڪنن ۾ ڇا ميڻ (Wax) آئس.
    • نڪ (Nose)، نڪ جي شڪل ڪهڙي آهي يا نمونو (Shape) جهڪيل نڪ، ٽيڙو نڪ، ناسون ويڪريون ۽ نڪ مان ڪجهه وهي رهيو آهي.
    • منهن (Face) ڏيک يا صورت ڪيئن آهي منهن جي صنف جو رنگ ڪيئن آهي، داڻا يا ڪو نشان آهي.
    انهيءَ کان پوءِ هر سسٽم جو ڌار ڌار معائنو ڪيو ۽ مختلف سسٽم ۾ شيون ڏسجن.
    ساهه وارو سسٽم = Respiratory System
    ٻارن جي ساهه جي رفتار هڪ منٽ ۾ Normal Range
    نئون ڄاول ٻار 30-60 Neonate
    هڪ سال جو 20-40 Infant
    هڪ کان 3 سالن تائين 20-30
    4 کان 10 سالن تائين 15-25
    10 سالن کان پوءِ 15-20


    نبض ۽ بلڊ پريشر

    نبض ۽ بلڊ پريشر
    (Pulse, Blood Pressure)

    عمر نبض جي رفتار بلڊ پريشر B.P
    ڄمڻ وقت 120 کان 140 في منٽ 35/36
    هڪ سال تائين 80 کان 120 في منٽ 55/ 80
    پنجن سالن تائين 75 کان 120 في منٽ 60/ 80
    5 کان 15 سالن تائين 70 کان 110 في منٽ 70/110/100


    ٻار جي ساهه کڻڻ جي رفتار

    ٻار جي ساهه کڻڻ جي رفتار
    Respeiatory

    عمر ساهه کڻڻ جي رفتار في منٽ
    نئين ڄاول ٻار جي ساهه جي رفتار 30 کان 60 ڀيرا في منٽ
    هڪ سال تائين Infant 20 کان 40 ڀيرا في منٽ
    هڪ کان 3 سالن تائين 20 کان 30 ڀيرا في منٽ
    چئن کان 10 سالن تائين 15 کان 25 ڀيرا في منٽ
    10 سالن کان مٿي 15 کان 20 ڀيرا في منٽ


    باب ٽيون:ٻارن جي اوسر ۽ واڌارو Growth and Development of Child

    ٻار جي اوسر ۽ واڌارو

    ٻار جي اوسر ۽ واڌارو
    Growth and Development of a Child

    ٻار جي اوسر جو مطلب آهي ته ٻار جي جسم واڌ- واڌاري جو مطلب آهي ته جسم جو واڌارو جسم جي سسٽم جي عضون جو واڌارو ٿيندو رهندو آهي.
    وزن Weight سٺو آهي. جسم جي واڌاري لاءِ وزن جي گھٽ وڌ ٿيڻ ڪري ٻار جي اوسر تي فرق پوي ٿو.
    نئين ڄاول ٻار جو وزن 3.2kg (ساڍا 7پائونڊ) هئڻ گھرجي. ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ سندس وزن ڏهه سيڪڙو گھٽجندو آهي ۽ وري ڏهن ڏينهن کان پوءِ ساڳيو وزن وڌندو آهي. انهيءَ وچ ۾ ڄٽ ڊاڪٽر يا وڏڙيون چونديون آهن ته ٻار کي نظر لڳي آهي، يا ماءُ جو کير خراب آهي. پوءِ نتيجو اهو نڪرندو آهي ته ڄٽ ڊاڪٽر ۽ اسان جون وڏڙيون ٻار جو کير بند ڪرائي ڇڏينديون آهن ۽ پوءِ ٻار اڃان به وڌيڪ ڪمزور ٿيندو ويندو آهي ۽ مُلن ۽ پيرن تي چڪر مٿان چڪر.
    • ٻار جو وزن پهرين ٽن مهينن تائين روزانو 30g/day گرام يا هفتي ۾ 200g وڌندو آهي ۽ هڪ سال ۾ 150g/week وڌندو آهي.
    • 5 يا 6 مهينن ۾ ٻيڻو ٿيندو آهي. هڪ سال جي عمر ۾ وزن ٽيڻو (Triple) ۽ ٻن سالن ۾ چؤڻو (Four times) ٿيندو آهي.

    عمر جي حساب سان ٻار جو وزن kg ۾:
     ڄمڻ وقت (At birth) 3.5 kg
     6 مهينا 7.5 kg
     هڪ سال 10 kg
     ٻه سال 12 kg
     ساڍا ٽي سال 15 kg
     ست سال 22 kg
     ڏهه سال 2.5 kg 3

    اوچائي (Height) ڊيگهه (Length) :
     ڄمڻ وقت ٻار جي ڊيگهه اٽڪل 50 c.m هوندي آهي.
     اهيا پهرين سال ۾ 25 c.m وڌندي آهي.
     ٽن سالن ۾ ٻار 3 فوٽ (90 c.m) ڊگهو ٿيندو آهي.
     چئن سالن ۾ (100 c.m) 40 Inches ڊگهو ٿيندو آهي.
     ڄمڻ وقت 50 c.m at Birth
     هڪ سال ۾ 75 c.m at 1 years
     ٻن سالن ۾ 85 c.m at 2 years
     ٽن سالن ۾ 90 – 95 c.m at 3 years
     چئن سالن ۾ 100 c.m at 4 years

    مٿي جو گهيرو (گول) (Head Circumferance)
    مٿي جو گهيرو ڄمڻ وقت ٻار جو 35 c.m هوندو آهي. هي گهيرو دماغ جي وڌڻ سان وڌندو آهي، جي دماغ جي سائيز (Size) نه وڌندي ته گهيرو به گهٽ وڌندو. پهرين سال ۾ هي گهيرو ٻارن ۾ جلدي وڌندو آهي.

    مٿي جو گهيرو مختلف عمرن ۾: Head Circumferance /C.M
     ڄمڻ وقت at birth 35 c.m
     ٽن مهينن ۾ at 3 months 41 c.m
     ڇهه مهينن ۾ at 6 months 44 c.m
     نو مهينن ۾ at 9 months 46 c.m
     هڪ سال ۾ at 1 years 47 c.m
     ٻن سالن ۾ at 2 years 49 c.m
     ٽن سالن ۾ at 3 years 50 c.m
     پنجن سالن ۾ at 5 years 51 c.m
    انهيءَ کان پوءِ هر سال 0.5 c.m گهيرو وڌندو آهي. 12 سالن تائين 54/55c.m

    ڏند (Dentition)
    اسان جي ماحول ۾ ڏندن متعلق مختلف ڪهاڻيون گهڙيون ويون آهن. ڄٽ ڊاڪٽر ۽ اسان جون نانيون ڏاڏيون اهيو چوندي ٻڌي وينديون آهن ته ڏندن جي ڪري ٻارن کي دست ٿين ٿا، پوءِ نقلي ڊاڪٽر کان نمبر واريون گوريون مثلاً 20 يا 21 وٺي ڏينديون آهن ته جيئن جلد ڏند نڪرن، اسان اهيو سمجهائيندي ٿڪجي پوندا آهيون ته ڏند 12 سالن تائين نڪرن ٿا ۽ آخر ۾ عقل ڏاٺ/ ڏاڙهه (Wisdom teeth) ته 22 سالن ۾ نڪري ٿي، ڇا دست ايستائين لڳندا رهندا.

    Temporary teeth of Childhood (Deciduous)
    ٻارن جا پهريون نا پائيدار ڏند (Deciduous teeth) 6 مهينن جي عمر کان ۽ 20 ڏند اڍائي سالن ۾ مڪمل نڪرندا آهن.
    مضبوط Permanent teeth اهي 6 سالن کان شروع ٿيندا آهن ۽ 12 سالن ۾ مڪمل ٿيندا آهن.
    ٻارن جي واڌاري لاءِ هيٺيان چار باب شروع ٿيندا آهن:
    1. ڳرو هلائيندڙ (Gross Motor)
    2. سٺو هلائيندڙ ۽ نظر (Fine Motor and Vision)
    3. ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ (Hearing and Speech)
    4. سماجي ورتاءُ (Social Behavior)

    ڳرو هلائيندڙ (Gross Motor)
    نئون ڄاول ٻار (Neonate)
    منهن ڀر يا اونڌو (Prone)
    نشانيون = ڪنڌ کي هڪ طرف ڦيرائيندو، گوڏا پيٽ جي هيٺيان ڪندو، ٺونٺن کي موڙيندو ۽ هٿ ڀڪوڙيندو آهي.

    1.سڌو: Supine
    ڪنڌ کي هڪ طرف ڪري سگھي ٿو. ٻانهون انهي طرف سڌيون ٿينديون.

    2. سٺو هلائيندڙ ۽ نظر: Fine Motor and Vision
    منهن کي ڏسندو ۽ روشنيءَ تي اکيون ڦيرائيندو. اکين ۽ ڪنڌ کي روشنيءَ طرف ڦيرائيندو.

    3. ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ: Hearing and Speech
    زور سان رڙيون ڪندو، آواز تي ڦڙت ٿيندو آهي. اچانڪ وڏي آواز تي ڦڙت ٿي ويندو آهي.

    سماجي ورتاءُ: Social Behavior
    گھڻو ڪري سڄو ڏينهن گھڻو وقت ستو پيو هوندو آهي. هٿ قدرتي طور بند هوندا. 4 کان 6 هفتن ۾ کلندو آهي ۽ والدين کي سڃاڻندو آهي. رانديڪا ڪيرائيندو آهي.

    ٽي مهينا: 3 Months
    ڳرو هلائيندڙ: Gross Motor
    سڌو: Supine
    ڪنڌ وچ واري لڪير ۾ هوندو. ٻانهون ڦيرائيندو رهندو.
    اونڌو: Prone
    ڪوشش ڪري ڪنڌ ۽ ڇاتي ٽيبل جي سطح کان مٿي ڪري ٻانهن جي مدد وٺندو آهي.
    وهارڻ تي: Sitting
    پٺي سڌي ڪندو، سواءِ ڪرنگھي Lumber Regionجي.
    سٺو هلائيندڙ ۽ نظر: Fine Mortor and Vision
    روشنيءَ کي جاچيندو رهندو آهي، ماءُ کي ڏسي خوش ٿيندو آهي.
    ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ: Hearing and Speech
    ڳالهائيندڙ کي جاچيندو آهي. ٻارن سان کلندو رهندو آهي. جيڏاهن آواز ايندو اوڏانهن منهن ڪندو آهي.
    سماجي ورتاءُ: Social Behavior
    جڏهن ماءُ کير پياريندي اٿس ته ان جي منهن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو آهي. کلندو رهندو آهي. هٿ کليل رهندا اٿس.

    ڇهه مهينا : 6Months
    ڳرو هلائيندڙ: Gross Motors
    سڌو: Supine
    وهاڻي کان مٿو مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ٽنگون وات جي طرف وڌائيندو آهي.
    اونڌو: Prone
    ٻانهن تي وزن ڏئي، ڪنڌ ۽ ڇاتي Chest مٿي ڪندو آهي.

    سٺو هلائيندڙ ۽ نظر: Fine Motor and Vision
    • ڪنهن به شيءِ کي ڏسي هڪ هٿ سان پهچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
    • لڏندڙ ۽ ڦرندڙ بال کي ڏسندو رهندو آهي.
    • اکيون هڪ ئي طرف موڙيندو آهي.
    • بال هڪ هٿ کان ٻئي هٿ کڻندو آهي. Transfer ڪندو آهي.

    ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ: Hearing and Speech
    • مختلف آواز ڪڍندو رهندو آهي. گو، دا، آ، آ، Goo, Dah, Ach,
    • پنهنجي ڪن کان هڪ فوٽ پري آواز تي ڌيان ڏيندو آهي.
    رڙيون يا شور ڪري پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرائيندو آهي.

    سماجي ورتاءُ: Social Behavior
    • هر شي وات ڏانهن کڻندو آهي.
    • هٿن پيرن سان راند ڪندو آهي.
    • ڪاوڙ ۾ سٺو دوست به لڳندو آهي.
    • ڪجهه وقت لاءِ خود اڪيلو ويهندو آهي.
    • ٻين کي ڏسي نقل ڪري باءِ باءِ Bye, Bye ڪندو آهي.


    9 مهينا: 9 Months
    ڳرو هلائيندڙ Gross Motor :
    • ڪنهن جي مدد کان سواءِ ويهندو آهي. (8 Months)
    • سامهون پيل رانديڪي ڏانهن هٿ ڊگھيريندو آهي.( 9 Months)
    • اٿڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
    • فرنيچر کي پڪڙي ڌماڪي سان ڪرندو آهي.
    • بانبڙا پائيندو آهي. (10 Months)
    • ريڙهيون پائيندو آهي.

    سٺو هلائيندڙ ۽ نظر: Fine Motor and Vision
    • اَشهد آنڱر(Index finger) سان گاديلي تي ٽنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
    • ڪنهن به شي کي اَشد آنڱر ۽ آڱونٺي جي وچ ۾ کڻندو آهي.
    • 10 فوٽن تي گھمندڙ بال کي اک ۾ رکندو آهي (ڏسندو آهي)
    • ڪنهن به شي کي ڪيرائيندو آهي ۽ ڪرندڙ شي کي ڏسندو آهي.
    • ڪنهن به لڪل شي کي ڏسندي کوليندو يا اگھاڙو ڪندو آهي.

    ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ: Hearing and Speech
    • 3-6 فوٽن تي ڪن جي هيٺان يا مٿان آواز ٻڌندو آهي.
    • با، دادا، اگا، ماما، آواز ڪڍندو آهي.
    • وڏن ماڻهن وانگر کيڏڻ دوران آواز ڪڍندو آهي.
    سماجي ورتاءُ: Social Behavior
    • بسڪٽ جھلي، چڪ هڻي چوسيندو آهي.
    • چڱي نموني کيڏندو ۽ تاڙيون وڄائيندو آهي.
    • لڪل رانديڪي کي ڳولي وٺندو آهي.
    • هڪ جملو سمجھي ٿو. مثال طور هيڏانهن اچ Come here، اهو مون کي ڏي .Give it to me

    ٻارهن مهينا: 12 Months
    ڳرو هلائيندڙ Gross Motor :
    • فرنيچر پڪڙي پنڌ ڪري سگهي ٿو. (11 مهينا)
    • هڪ هٿ جهلڻ سان پنڌ ڪري سگهي ٿو. (12 مهينا)
    • رڇ وانگر پنڌ ڪندو يا گهمندو آهي.

    سٺو هلائيندڙ ۽ نظر: Fine Motor and Vision
    • پليٽ آڱر ۽ آڱوٽي سان کڻندو آهي.
    • لڪل ۽ ڪرندڙ رانديڪي کي ڳوليندو يا ڏسندو آهي.
    • 10 فوٽ پري کان روم ۾ ننڍن کي نهاريندو آهي اٿلائيندي سگهي ٿو.
    • 2 ڪيوبن جو ٽاور ٺاهي سگهندو آهي.
    • ڪتاب جا ورق اٿلائي سگھي ٿو.

    ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ: Hearing and Speech
    • پنهنجو نالو ڄاڻيندو آهي، سڏڻ تي هڪدم مڙندو آهي.
    • پهريون صحيح لفظ ڳالهائيندو آهي ٻه ٽي لفظ چوندو آهي.
    • 5 – 6 لفظ (Words) ڄاڻيندو آهي.
    • نشاندهي ڪندو آهي مثلاً مٿي جي وارن جي.

    سماجي ورتاءُ: Social Behavior
    • ٿوري مدد سان ڪپ مان پاڻي يا کير پي سگهندو آهي.
    • ڪپڙا پائڻ مهل، ٻانهن کي مٿي ڪري مدد ڪندو آهي.
    • باءِ باءِ ڪندو آهي.
    • رانديڪو جيڪو سندس سامهون لڪايو آهي، ان کي جلدي ڳولي وٺندو آهي.
    • درخواست (Request) تي رانديڪو ڏيندو آهي.

    ارڙهن مهينا: 18 Months
    ڳرو هلائيندڙ Gross Motor :
    • اڪيلو گهمي سگهندو آهي، پر پير پري پري ڪرڻ سان.
    • مٿي ڏاڪڻ تي هڪ هٿ جي جهلڻ سان چڙهي سگهي ٿو. هر ڏاڪي تي ٻه پير (2 Feet).
    • ويلن واري رانديڪي کي کڻڻ ۽ ڍڪڻ ۽ جي ڪوشش ڪندو آهي بال اڇلائي سگهندو آهي.

    سٺو هلائيندڙ ۽ نظر: Fine Motor and Vision
    • پينسل پڪڙي سگهندو آهي.
    • ٽن ڪيوبس جو ٽاور ٺاهي سگهندو آهي.
    • ڪتاب جا هڪدم ڪافي ورق اٿلائي سگهندو آهي.

    ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ: Hearing and Speech
    • 6 کان 20 عام لفظ استعمال ڪري ۽ سمجهي سگهي ٿو.
    • ننڍڙا ننڍڙا آرڊر مڃي سگهي ٿو. مثال طور در بند ڪر.
    • پنهنجو نڪ وار، پير ۽ اکيون ڏيکاريندو آهي.

    سماجي ورتاءُ: Social Behavior
    • اڪيلو فرش تي رانديڪن سان کيڏندو آهي.
    • جڏهن به آلو ٿيندو آهي ته ٻڌائيندو آهي.

    ٻه سال: 02 Years
    ڳرو هلائيندڙ Gross Motor :
    • صحيح ڊڪندو، بيهندو آرام ڪندو ۽ وري ڀڄندو آهي.
    • فرنيچر تي چڙهندو آهي ۽ فرش تي رانديڪن سان کيڏندو آهي.
    • مٿي ڏاڪڻ تي چڙهي ۽ لهي سگهي ٿو، هڪ هٿ جهلڻ سان.
    • دروازو کولي سگهي ٿو.
    • چوڻ سان بال کي ڪڪ لڳائي سگهي ٿو.

    سٺو هلائيندڙ ۽ نظر: Fine Motor and Vision
    • ڌاڳو ۽ پَنُ کڻي سگهي ٿو.
    • ڇهن ڪيوبس جو ٽاور ٺاهي سگهي ٿو.
    • آرام سان ڪتاب جي هر پني کي اٿلائي سگهي ٿو.
    • پينسل پڪڙي سگهي ٿو.
    • ٽن ڪيوبس جي پُل(Bridge) ٺاهي سگهي ٿو.

    ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ: Hearing and Speech
    • ٻه ٽي لفظ گڏي جملو ٺاهي سگهي ٿو.
    • پاڻ کي پنهنجي نالي سان پيش ڪري سگهي ٿو.
    • مستقل طور ماڻهن ۽ شين جا نالا پڇندو رهندو آهي.
    • 50 لفظ يا انهن کان وڌيڪ ڄاڻايل لفظ ڳالهائي سگهي ٿو.

    سماجي ورتاءُ: Social Behavior
    • آرام سان ڪوپ کڻي ۽ پهچائي سگهي ٿو.
    • ليٽرين ۾ وڃڻ لاءِ ٻڌائي سگهي ٿو.
    • ماءُ کي گهرو ڪمن ۾ مدد ڪري ٿو ۽ اندر ۽ ٻاهر جي.
    • ڪنهن به تصوير جي عضون جي نالن بابت ٻڌائي سگهي ٿو.
    • ڪهاڻيون دلچسپي سان ٻڌندو آهي. ڪتاب ۽ شڪليون ڏسي مزو وٺندو آهي.
    • چمچو آرام سان جهلي سگهي ٿو.

    ٽي سال: 03 Years
    ڳرو هلائيندڙ Gross Motor :
    • ڏاڪڻ تي چڙهڻ لاءِ هڪ ڇڏي ٻئي پير سان چڙهي ٿو ۽ واپسي تي ٻئي پير هڪ ڏاڪي تي رکي لهي سگهي ٿو.
    • پير جي آڱر کي هلائي ڦيرائي سگهي ٿو.
    • هڪ پير تي بيهي سگهي ٿو.
    • ٽراسائيڪل (ٽن ڦيٿن واري) پيڊلن سان هلائي سگهي ٿو.

    سٺو هلائيندڙ ۽ نظر: Fine Motor and Vision
    • 9 کان 10 تائين ٽاور ٺاهي سگهي ٿو.
    • ڪيتريون پليون (Bridges) ماڊل ڏسي ٺاهي سگهي ٿو.
    • گول ٺاهي سگهي ٿو.

    ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ: Hearing and Speech
    • پورو نالو، عمر ۽ جنس ڄاڻي ٿو. (ٻڌائي سگهي ٿو)
    • نرسري جا ڪيئي بيت ڄاڻي ٿو.
    • 10 تائين يا وڌيڪ ڳڻي سگهي ٿو.
    • ڪي به ٽي شيون ڳڻي سگهي ٿو.

    سماجي ورتاءُ: Social Behavior
    • ڪنهن جي به نگهباني ۾ هٿ ڌوئيندو، سڪائيندو يا خشڪ ڪندو آهي.
    • پينٽ کي هيٺ مٿي ڪري سگهي ٿو. مگر بٽڻ بند نه ٿو ڪري سگهي. (ڪنهن جي نگهبانيءَ ۾ ڪپڙا پائي سگهي ٿو.)
    • رات جو پيشاب ڪري خالي ٿئي ٿو يا ٻڌائي ٿو.
    • فرش تي رانديڪن مثلاً گڏين، ڪارن ۽ ننڍن ننڍن سرن سان کيڏڻ ۾ خوش ٿئي ٿو.

    چار سال: 04 Years
    ڳرو هلائيندڙ Gross Motor :
    • ڏاڪڻ هيٺ لهڻ لاءِ هڪ نه ٻئي پير سان لهي سگهي ٿو.
    • هڪ پير تي 5 – 3 سيڪنڊ بيهي سگهي ٿو.
    • پير جي آڱرن تي يا چنبي تي ڊڪي سگهي ٿو.
    • ڊڪڻ دوران پنهنجو پاڻ کي صحيح رکي ٿو ۽ الٽي ٿيڻ ۾ به.
    • صحيح چڙهي سگهي ٿو.

    سٺو هلائيندڙ ۽ نظر: Fine Motor and Vision
    • سمجهائڻ کان پوءِ 6 ڪيوبن سان ٽي اسٽيپس ٺاهي سگهي ٿو.
    • ڪراس ٺاهي سگهي ٿو.
    • ڪاپي سان گڏ نقل به ڪندو آهي.
    • ماڻهو جي شڪل، مٿي، ٽنگن ۽ ڳچي تائين ٺاهيندو آهي.
    • ڪيچي شڪليون ڪٽڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي.

    ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ: Hearing and Speech
    • گهر جي ايڊريس سان گڏ پورو نالو ٻڌائي سگهي ٿو.
    • گرامر موجب ڳالهائي ۽ مزيدار شيون ٻڌائيندو آهي.
    • 20 تائين يا وڌيڪ ڳڻي سگهي ٿو.

    سماجي ورتاءُ: Social Behavior
    • هٿ ڌوئي ۽ خشڪ ڪري سگهي ٿو.
    • برش سان ڏند صاف ڪري سگهي ٿو.
    • ٻين ٻارن سان جلد رُلي ملي وڃي ٿو. پوءِ انهن سان ان مهل جهيڙو ڪري ٿو. جڏهن اهي ان جي خواهش جو احترام نه ٿا ڪن.
    • هفتي جا ڏينهن ڄاڻي ٿو.
    • آکاڻي ٻڌائي سگهي ٿو.

    پنج سال: 05 Years
    ڳرو هلائيندڙ Gross Motor :
    • هڪ پير تي بيهي ۽ لڏي سگهي ٿو.
    • سڌي لڪير تي گهمي سگهي ٿو.
    • مٿي چڙهي ۽ هيٺ لهي سگهي ٿو.
    • هڪ پير تي ٻانهون ڀڪوڙي بيهي سگهي ٿو.
    • بال جهپي سگهي ٿو.
    • پاڻمرادو تعارف ڪري ۽ ڪرائي سگهي ٿو.

    سٺو هلائيندڙ ۽ نظر: Fine Motor and Vision
    • ڊگهو ڌاڳو سئي ۾ وجهي صحيح سبي سگهي ٿو.
    • چوڪنڊو ۽ ٽڪنڊو ڪاپي ڪري سگهي ٿو.

    ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ: Hearing and Speech
    • سڄو نالو، عمر ۽ ڄمڻ جي تاريخ ٻڌائي سگهي ٿو.
    • پيار سان آکاڻيون ٻڌندو آهي.
    • چار رنگ ٻڌائي سگهي ٿو.

    سماجي ورتاءُ: Social Behavior
    • هٿ منهن ڌوئي ۽ خشڪ ڪري سگهي ٿو. ٻين لاءِ مدد گهري ٿو.
    • اڪيلو ڪپڙا لاهي ۽ پائي سگهي ٿو.
    • پنهنجو گروپ ٺاهي کيڏندو آهي.
    • پاڻ کان ننڍن ٻارن جي مدد ڪندو آهي.
    • ساڄو ۽ کاٻو هٿ سڃاڻي ٿو.
    • سواءِ مددگار جي اسڪول اڪيلو ويندو آهي.


    ٻارن بابت بنيادي ڄاڻ

    ٻارن بابت بنيادي ڄاڻ
    (Basic Knowledge about children)


    چارٽ پهريون:
    هن ۾ وزن جي ڄاڻ آهي ته جيئن خبر پوندي ته ٻار ڪيترو صحتمند آهي. جي ماءُ پيٽ دوران ڪمزوري هوندي ته ٻار خود بخود ڪمزور پيدا ٿيندو. انهي ڪري پاڻ کي ۽ پنهنجي ٻار کي صحتمند رکڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه کائڻ گهرجي. ڪم سان گڏوگڏ ٿورو آرام به ضروري آهي. 7 جي انگ کي نه وساريو. انهي جي جمع (+) ڪرڻ سان وزن جي ڄاڻ ملندي.

    نمبر عمر وزن ڪلوگرام ۾ وزن پائونڊ ۾
    1. ڄمڻ وقت 3.5 kg ڪلوگرام 7 پائونڊ ۾
    2. ڇهن مهينن جو ٻار 7.5 kg ڪلوگرام 14 پائونڊ ۾
    3. هڪ سال جو ٻار 10 kg ڪلوگرام 21 پائونڊ ۾
    4. ٻن سالن جو ٻار 12 kg ڪلوگرام 28 پائونڊ ۾
    5. ساڍن ٽن سالن جو ٻار 15 kg ڪلوگرام 35 پائونڊ ۾
    6. ستن سالن جو ٻار 22 kg ڪلوگرام 49 پائونڊ ۾
    7. ڏهن سالن جو ٻار 32.5 kg ڪلوگرام 70 پائونڊ ۾
    نوٽ: جوانيءَ تائين هر سال 5 پائونڊ (اٽڪل 3 ڪلوگرام) وزن وڌندو اهي. وزن ننڍن ٻارن جو ۽ 12 سالن تائين ٻارن جو. هڪ فارمولا تحت.

    نمبر عمر وزن ڪلوگرام ۾ وزن پائونڊ ۾
    1. ڄمڻ وقت 2.50 to 3.5 kg 7 پائونڊ ۾
    2. 3 کان 12 مهينن تائين 2÷9 + (مهينا) عمر 11 + (مهينا) عمر
    3. هڪ کان 6 سالن تائين 8 + ]2 x (سال)[ عمر 17 + ]5 x (سال)[ عمر
    4. 7 کان 12 سالن تائين 2÷5 x7] -(سال)[ عمر 5 + ]7 x (سال)[ عمر


    چارٽ ٻيو: قد (Height)

    نمبر عمر قد سينٽي ميٽرن (cm)۾ قد ڦٽن (Feet) ۾
    1. ڄمڻ وقت قد 50 cm سينٽي ميٽر هڪ فوٽ 18 انچ
    2. هڪ سال ۾ قد 75 cm سينٽي ميٽر 2 فوٽ 6 انچ
    3. ٻن سالن ۾ قد 85 cm سينٽي ميٽر 2 فوٽ 10 انچ
    4. ٽن سالن ۾ قد 95 cm سينٽي ميٽر 3 فوٽ 2 انچ
    5. چئن سالن ۾ قد 100 cm سينٽي ميٽر 3 فوٽ 14 انچ
    6. پنجن سالن ۾ قد 105 cm سينٽي ميٽر 3 فوٽ 6 انچ

    جواني تائين هر سال 5 cm وڌندو آهي. قد 30 سالن کان پوءِ نه وڌندو آهي.


    باب چوٿون: ٻارن جي خوراڪ Nutrition

    ٻارن جي مٿي جي (چؤ طرف) ماپ

    چارٽ ٽيون:

    ٻارن جي مٿي جي (چؤ طرف) ماپ
    (Head Circumference)

    نمبر عمر مٿي جي ماپ سينٽي ميٽرن (cm) ۾
    1. ڄمڻ وقت 35 cm يا هڪ فوٽ 2 انچ
    2. ٽن مهينن تائين 41 cm يا هڪ فوٽ ساڍا 4 انچ
    3. ڇهن مهينن تائين 44 cm يا هڪ فوٽ ساڍا 5 انچ
    4. نون مهينن تائين 46 cm يا هڪ فوٽ ساڍا 16 انچ
    5. هڪ سال تائين 47 cm يا هڪ فوٽ 7 انچ
    6. ٻن سالن تائين 49 cm يا هڪ فوٽ ساڍا 7 انچ
    7. ٽن سالن تائين 50 cm يا هڪ فوٽ 8 انچ
    8. پنجن سالن تائين 51 cm يا هڪ ساڍا 8 انچ

    پنجن سالن کان پوءِ هر سال 5 cm وڌندو آهي. مٿو يعني 54/55 cm ان جو اهو مطلب ٿيو ته دماغ 5 سالن ۾ جلدي سان وڌندو آهي پوءِ آهستي آهستي مٿي جو گهيرو وڌندو آهي.


    ٻار جي خوراڪ:Nutrition

    خوراڪ جو اصول اهو آهي ته خوراڪ ٻار جي جسم جي ضرورت مطابق ڏيڻ گھرجي.
    اهو تمام ضروري آهي ته کاڌ خوراڪ متعلق ڄاڻ ضروري هجڻ گھرجي ته ڪهڙي ۽ ڪيتري، ڪهڙي وقت تي ٻار کي ڏيڻ گھرجي. ان لاءِ غذائي جز (Protein) ، ڪاربوهائڊريٽ، سڻڀ (چرٻي Fat) ۽ معدني (Mineral)ڏيڻ گھرجن.

    ٻار جي خوراڪ:Infant’s Feeding
    خوراڪ جا اصول:Principales of Feeding
    • ٻار کي خوراڪ وزن جي حساب سان ڏيڻ گھرجي.
    • هڪ ڏينهن ۾ اها 110 k cal/kgجسم جي وزن سان ڏجي.
    • کير 50z/kgڏينهن ۾ ڏيڻ گهرجي.
    • پاڻي 150ml/kg/dayڏينهن ۾ ڏيڻ گھرجي.
    • کير ۾ پاڻي ملائڻ نه گھرجي. 3 مهينن (12 هفتا) کان پوءِ.
    • کير ۾ کنڊ بلڪل نه ملائڻ گھرجي. جيڪو ٻار ماءُ جي کير سان گڏ بوتل ۾ کير پئي.
    • ٿورو سخت کاڌو (Solid Food)معنيٰ Wearing4-6 مهينن کان پوءِ ڏيڻ گهرجي.
    • انهيءَ لاءِ ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل ڊاڪٽر يا ٻارن جي اسپيشلٽ ڊاڪٽر کان مشورو ڪرڻ گھرجي.
    • ٻار لاءِ ماءُ جو کير Breast Feeding ٻارن لاءِ نعمت آهي. انهيءَ جو ذڪر قرآن مجيد ۾ به آهي ته مائرون پنهنجي ٻارن کي ٻن سالن تائين پنهنجو کير پيارين. اهو
    کير هلڪي ڦلڪي خوراڪ Weaning سان گڏ 6 مهينن کان کان پوءِ به 24 مهينن تائين پيارين.
    وَ الۡوَالِدٰتُ یُرۡضِعۡنَ اَوۡلَادَہُنَّ حَوۡلَیۡنِ کَامِلَیۡنِ لِمَنۡ اَرَادَ اَنۡ یُّتِمَّ الرَّضَاعَۃَ ؕ (سورت البقرة آيت 233)
    (۽ مائرون پنهنجي ننڍن ٻارن کي پورن ٻن سالن تائين ٿڃ پيارين)

    ماءُ جي کير جا فائدا:
    Advantages of the Breast feeding
    • امڙ جو کير سستو آهي. صرف ٿوري خوراڪ سان 500 cal ماءُ کي ڏيڻ سان ملندو آهي.
    • امڙ سائڻ جو کير ڪهڙي وقت به ملي سگھي ٿو. ان ۾ بيماريءَ جا ڪي به جراثيم ڪونهن. ۽ تيار ڪرڻ ۾ ڪوبه وقت نٿو لڳي.
    • اهو کير معمولي گرميءَ ۾ به ملي سگھي ٿو.
    • اهو کير ٻار کي وڌڻ ۽ اوسر ۾ سٺي مدد ڪري ٿو.
    • ماءُ جي کير سان ٻار ۽ ماءُ جي وچ ۾ محبت وڌي ٿي. کير پيئڻ سان ٻار مضبوط ۽ ماءُ ڪمزور نٿي ٿئي.
    • امڙ جو کير واپرائڻ سان ماءُ کي ٻيو ٻار جلدي نٿو ٿئي. قدرتي وقفو ٿي ويندو آهي.
    • ٻار کي ماءُ جو کير پيارڻ سان ڪينسر جا گھٽ چانس ٿيندا آهن.
    • ماءُ جو کير جلد هضم ٿي ويندو آهي، بنسبت ڳئون جي کير کان.
    • امڙ جي کير ۾ تمام گھڻيون وٽامنس ۽ رت وڌائڻ جا جزا موجود هوندا آهن.
    • ماءُ جو کير ڪهڙي به مهل ۽ ڪهڙي به وقت ڏيڻ گھرجي.

    متضاد علامتن جو هجڻ:
    Contra – Indications of Brest feeding
    • ماءُ کي ڪا به خطرناڪ بيماري هجي، مثال طور پيشاب جي ڊگھي بيماري (Chronic Renal Disease)، دل جي بيماري (Heart Disease)، ٽي.بي، تمام گهڻي ڪمزوري ۽ ڪينسر.
    • ماءُ جي دوا کائڻ سان ٻار تي فرق پئي ٿو. مثال طور اينٽي بايوٽڪ (Antibiotic)، جهٽڪي جي بيماري جي دوا.

    امڙ جي کير پيارڻ جا 5 سٺا طريقا:
    1. ماءُ آرام سان ويهي ڍلو ڇڏي (Relaxed)

    2. ٻار جو رخ ڪيئن هجي (Poistion of the body)
     ٻار جي ڳچي (Neck) سڌي يا ٿوري پوئتي مڙيل هجي.
     ٻار جو جسم پنهنجي امڙ جي جسم سان مليل هجي.
     ماءُ کي گهرجي ته پنهنجي ٻار جي جسم کي سپورٽ ڪري جهلي.
     ٻار جو منهن ببي ڏانهن هجي، نڪ نپل جي سامهون هجي.

    3. ماءُ آرام سان ويهي
    (Mother should be sitting comfortably)
     ماءُ ٻار کي پنهنجي ببي سان لڳائي ۽ ٻار جو چپ پنهنجي نپل سان لڳائي.
     ٿورو انتظار ڪجي، جيستائين ٻار پورو وات کولي.
     ٻار کي جلدي ببي جي طرف وڌائجي ۽ سندس هيٺيون چپ نپل جي هيٺيان هجي.

    4. ڏسو ته ماءُ ۽ سندس ٻار جو صحيح ميلاپ آهي
    (Check for Good Attachment)
     جيڪڏهن صحيح ۽ سٺو ميلاپ هوندو ته ٻار جي کاڏي ببي جي ڀرسان هوندي ۽ ان کي ڇهندي رهندي.
     ٻار جو وات گهڻو کليل هوندو.
     ٻار جو هيٺيون چپ ٻاهر نڪتل هوندو.

    5. ڏسو ته ٻار صحيح چوسي ٿو؟ (Check for effective sucking)

    هٿرادو خوراڪ (Artifical Feeding)
    فارمولا کير بلڪل انساني کير جي قريب آهي، مهانگي هجڻ ڪري، ڳئون يا مينهن جو کير استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪجهه فارمولا کير ته وٽامنس ۽ آئرن (Iron) سان مضبوط هوندا آهن. پائوڊر وارو کير ته پنهنجي اسٽريڪشن ذريعي ڏبا آهن. ڳئون جو کير هيٺين حساب سان ڏيڻ گهرجي.

    ڳئون جو کير Cow’s milkپاڻي Water
    • پهريان 10 ڏينهن هڪ حصو کير ٻه حصا پاڻي.
    • 10 کان 12 ڏينهن هڪ حصو کير هڪ حصو پاڻي.
    • ٻن مهينن تائين ٻه حصا کير هڪ حصو پاڻي.
    اسان وٽ وري مختلف طور طريقا آهن. ويچارا سادا سودا اسان جا ماڻهو، ڄٽن ڊاڪٽرن. دائين ۽ ناني ڏاڏي وٽ ڦاسيو وڃن. جي ڪٿي پڙهيل ڳڙهيل ماءُ آهي ته اُها وري پنهنجي سسُ ۽ ماءُ اڳيان مجبور هوندي آهي.

    کير پيارڻ جي شروعات: Initiation of Feeding
    ٻار جي پيدا ٿيڻ جي 20 منٽن اندر يا بعد ۾ کير پيارجي. جي آپريشن ٿيل هجي ته به کير ٻار کي ضرور پيارجي. سڀ کان پهرين ماءُ جو کير ٻار لاءِ تمام ضروري آهي. جي کير نه اچي ته پوءِ کير ڪڍي به (Express) پيارجي. پوءِ هر ٽن ڪلاڪن کان پوءِ 15ml پيارجي ۽ ان کي وڌائيندي 15ml ملي لٽر هر ٻئي ڏينهن تي ۽ 7 ڏينهن تائين 150 ملي گرام وڌائجي.

    کير پيارڻ لاءِ وٿي يا ساهي: Intervals of feed
    • پهريان 4 کان 6 هفتن تائين، 2 کان 3 ڪلاڪن جي وٿي سان کير پارجي.
    • 6 مهينن تائين 4 ڪلاڪن جي وٿي سان کير پيارجي.
    • 6 کان 12 مهينن تائين صرف 5 ڀيرا کير پيارجي.
    • هڪ سال ۽ ان کان پوءِ صرف ٽي ڀيرا کير پيارجي.
    • جي ڳئون جو کير آهي ته ان ۾ هڪ چمچو کنڊ وجھجي.

    ماءُ جي کير کان علاوه ٻيو کاڌو:Weaning
    • کير کان علاوه ٻيو ٿورو نرم کاڌو کارائڻ گھرجي.
    6 مهينن کان پوءِ کاڌو کارائڻ جو وقت Time of Weaning:
    • ٻار کي 4-6 مهينن کان پوءِ کاڌو کارائڻ شروع ڪجي.
    • سڀ کان پهرين ڪوبه هڪ کاڌو شروع ڪجي.
    • 10 مهينن ۾ جڏهن ٻار پنڌ ڪرڻ شروع ڪري ته ڪجهه سخت شيون مثلاََ: باداميون ۽ بيهي مڱ کارائجن.
    • شروعاتي طور Initially مليدو ڪيلي جو (Mashed Banana) 4-5 مهينن ۾ خشڪ اناج يا پاپو، بريڊ.
    • 6 مهينن کان پوءِ ڀاڄيون ۽ پٽاٽا (مليدو)
    • 7 مهينن کان پوءِ سوجي، گوشت جو مليدو. آني جي زردي.
    • هڪ سال ٿيڻ تي جيڪو کاڌو گھر ۾ ٻين ڀاتين لاءِ پچي، اهو ٻار کي به کارائجي.
    • جڏهن گھر جا سڀ ڀاتي گڏ کائين، ان وقت ٻار کي ڀرسان يا وچ ۾ ويهارجي.
    • هر ڀاتي ٻار کي هڪ هڪ گرهه کارائي ته ٻار جو پيٽ ڀرجي ويندو.
    • ان کان پوءِ ٻار کي وٽامنس ۽ ٻيون شيون کارائجن.

    ٻارن جي صحت جا سهڻا اصول:
    • پيدائش جي فورن اڌ ڪلاڪ يا هڪ ڪلاڪ اندر ماءُ جو کير ٻار کي ڏيڻ گھرجي.
    • 6 مهينن تائين صرف ماءُ جو کير ڏيڻ گھرجي.ان دوران پاڻيءَ جو هڪ ڍڪ به نه ڏيڻ گھرجي. ڇو ته پاڻيءَ جي ضرورت ماءُ جي کير مان پوري ٿي ويندي آهي.
    • 6 مهينن کان پوءِ ماءُ جي کير سان گڏ هلڪو نرم کاڌو (Cerralac)کارائڻ گھرجي.
    • ٻن سالن تائين ماءُ جو کير ٻار کي پيارجي. (قرآن مجيد)
    • ماءُ کي آرام ۽ سٺي خوراڪ ڏيڻ گھرجي ته جيئن ماءُ ۽ بار جي صحت جي حفاظت برقرار رهي.
    • ٻار کي کير پيارڻ کان اڳ سٺي نموني هٿ ڌوئڻ گھرجن. (صابڻ سان)
    • کاڌو پچائڻ ۽ کائڻ کان پهرين، ليٽرن استعمال ڪرڻ بعد پنهنجن هٿن کي صابڻ ۽ پاڻيءَ سان سٺي نموني ڌوئڻ گھرجي.
    • عام صاف پاڻيءَ کي 10 منٽن تائين اُٻاري، ٿڌو ڪري پوءِ پيئڻ لاءِ استعمال ڪجي. پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ لاءِ خاص گوريون ۽ ساشا استعمال ڪريو.
    • 2 سالن گھٽ عمر جي ٻار کي، ماءُ جو کير پياريندو رهجي.
    • ٻار کي بوتل جو کير يا چوسڻي هرگز نه ڏيڻ گھرجي.
    • دستن دوران آو. آر. ايس. (ORS) مليل پاڻي استعمال ڪرڻ گھرجي. جي طبيعت بهتر نه ٿئي ته ٻارن جي ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کي ڏيکارجي.
    • کائڻ ۽ پيئڻ جي شين کي مکين ۽ ڌوڙ مِٽيءَ کان بچائڻ لاءِ ڍڪي رکجي. پاروٿو کاڌو، ڳريل سڙيل سبزيون ۽ ميوا کائڻ کان پرهيز ڪرڻ گھرجي.
    • رات جو مڇرداني جو استعمال ڪرڻ گھرجي. مڇرن کي ڀڄائڻ لاءِ خاص تيل جو استعمال ڪرڻ گھرجي.
    • ٻارن واري ڪمري ۾ مڇرن مارڻ وارو ڪوائل استعمال ڪرڻ نه گھرجي.


    کاڌ خوراڪ متعلق ڄاڻ (Nutrition)

    ٻارن کي ڪيترين ڪيلريز جي ضرورت آهي:
    Caloric Requirement
    عمر جي حساب سان ڪيلريز جي ضرورت

    عمر گھربل ڪيلريز في ڪلوگرام تي
    ٿڃ پياڪ ٻار کان هڪ سال تائين روزانه 110 ڪيلريز في ڪلوگرام
    هڪ سال کان ٽن سالن تائين روزانه 100 ڪيلريز في ڪلوگرام
    چئن سالن کان ڇهن سالن تائين روزانه 90 ڪيلريز في ڪلوگرام
    ستن سالن کان نون سالن تائين روزانه 80 ڪيلريز في ڪلوگرام
    ڏهن سالن کان ٻارهن سالن تائين روزانه 70 ڪيلريز في ڪلوگرام
    تيرهن کان پندرهن سالن تائين ۽ مٿي روزانه 60 ڪيلريز في ڪلوگرام


    ٿڃ جو کير (ماءُ جو کير) ۽ ڳئون يا مينهن جي کير ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

    ٿڃ جو کير (ماءُ جو کير) ۽
    ڳئون يا مينهن جي کير ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    سڀ کان بهتر ماءُ جو کير آهي، جنهن جو قرآن مجيد ۾ ذڪر آهي.

    جزا ٿڃ جو کير (هڪ ملي لٽر تي) ڳئون جو کير (عام کير)
    ڪيلريز 67% 67%
    پاڻي 87% 87%
    ڪاربوهائڊريٽس Lactose 7.4% 4.4%
    سڻڀُFat 3.5% 3.5%
    پروٽينProtien 1.5% 3.5%
    ليڪٽوالبيومين 60:40 Ratio 20:80
    معدنياتي جزا
    سوڊيم 15 mg 60 mg
    (4 Times)
    فاسفورس 15 mg 90 mg
    (6 Times)
    ڪيلشيم 30 mg 120 mg (4 time)
    فولاد Iron 0.5 0.1 mg


    ٿڃ جا فائدا

    ٿڃ جا فائدا
    (Advantages of Breast Feeding)


     ٿڃ جو کير تمام سستو آهي. اهو صرف ماءُ کي 500 ڪيلريز حاصل ڪرڻ سان ملندو آهي.
     کير ڪهڙي وقت به ملي سگھي ٿو.
     ماءُ جو کير جراثيمن کان پاڪ آهي.
     ماءُ جو کير گرمي توڙي سردي ۾ موجود هوندو آهي.
     ماءُ جي کير ۾ ٻار لاءِ گھربل قدرتي گرمائش موجود هوندي آهي.
     ماءُ جي کير ۾ جيڪي ڪيميائي مادا ۽ سڻڀ هوندا آهن، اُهي آسانيءَ سان ٻار جي معدي ۾ هضم ٿي ويندا آهن.
     ٻار قدرتي طور تي ايتري ٿڃ ڌائيندو آهي، جتري سندس معدي ۾ جلدي هضم ٿي وڃي ٿي. ڀرتيءَ جي صورت ۾ ٻار جي معدي مان اضافي ٿڃ خودبخود بجڪن سان نڪري ويندي آهي.
     مائرن کان اڪثر ڪري ٻڌو ويو آهي ته اسان جو کير ٻار لاءِ پورو ڪونه آهي. انهيءَ ڪري دٻي جو کير لڳايو آهي. سو مائرن کي گذارش آهي ته ٻنهي پاسي 10 منٽن تائين ٻار کي پنهنجو کير پياريو ته ٻار جو پورائو ٿي ويندو.
     ٿڃ، ماءُ ۽ سندس ٻار جي وچ ۾ جبلت، سڪ، پيار، محبت ۽ قدرتي طور تي مامتا جو رشتو قائم رکي ٿي.
     ماءُ جي کير ۾ فولاد هوندو آهي، جيڪو 6 مهينن لاءِ پورو هوندو آهي.
     ماءُ جي کير ۾ چڱو خاصو مقدار وٽامن سي (C) جو مقدارهوندو آهي، جيڪو پڻ ماءُ کي کائڻ پيئڻ ۾ سٺي مدد ڪندو آهي.
     ٻار جيترا ڀيرا به ٿڃ ڌائيندو آهي، اوترو ئي ٿڃ وڌندي آهي.
     جيڪي مائرون پنهنجن ٻارن کي ٿڃ ڌارائينديون آهن، انهن کي جلدي حامله ٿيڻ جو موقعو گھٽ ملندو آهي.
     سڀ کان وڌيڪ ٿڃ پيارڻ سان هڪ فائدو اهو به آهي ته ماءُ کي اُرهه جو ڪينسر (Breast Cancer) ڪونه ٿيندو آهي. دنيا ۾ جيڪي سڌريل ملڪ سڏيا وڃن ٿا، مثلاََ آمريڪا ۽ انگلينڊ وغيره جي عورتن ۾ اُرهه جو ڪينسر وڌيڪ ٿئي ٿو، ڇو ته اهي پنهنجي ٻارن کي ٿڃ صفا ڪون ڏينديون آهن يا وري گھٽ ڏينديون آهن.
     ماءُ کي گھرجي ته بنا ناغي لاڳيتو ڇهن مهينن تائين پنهنجي ٻار کي ٿڃ پياري، بعد ۾ ٻن سالن جي عرصي دوران ٻار کي پنهنجي ٿڃ سان گڏ نرم کاڌو، سيريلڪ (Cerralac)وغيره به ڏي. ٻار هڪ سال جي عمر کان پوءِ گھر جو هر کاڌو کائي سگھي ٿو.
     گھر کان ٻاهر ڪم ڪندڙ مائرون پنهنجي ٻار لاءِ ٿڃ ڪڍي، ڪنهن پيالي ۾ وجھي ان کي فرج جي هيٺئين خاني ۾ رکي ۽ پوءِ گھر ۾ جيڪا به عورت ٻار کي سنڀاليندڙ هجي، سا ٻار کي چمچي ذريعي وقت تي اها ٿڃ ڏي. انهيءَ سان ڪوبه نقصان ڪون ٿيندو.


    باب پنجون: وچڙندڙ بيماريون Infectious Disease

    دست- گهمرا (Diarrhoea)

    خاصيت يا وصف (Definition)
    ٽي يا زياده گهمرا اچڻ، اُهي نرم هوندا آهن بنسبت روزانه ڪاڪوس ڪرڻ جي.
    • هڪ پاڻي جهڙو گهمرو ڪرڻ کي به دست چئبو آهي.

    اثر (Incidence)
    • ٽي يا چار دفعا دست ڪرڻ هر ٻار لاءِ هر سال ۾.
    • گهڻو ڪري اُهي دست زندگيءَ جي پهرين سال ۾ ٿيندا آهن.
    • اسپتالن ۾ 40% کان 50% داخلا اونهاري ۽ برسات جي موسم ٿيندي آهي.
    • 25000 ٻارن جي موت هر سال 5 سالن جي گهٽ عمر ۾ ٿئي ٿي. ان جي بنبست يونائيٽڊ اسٽيٽ ۾ لڳ ڀڳ 125 موت هر سال ٿين ٿا دستن جي ڪري.

    دستن ٿيڻ جا سبب (Aetiology)
    گرمي جي موسم ۾ يا برساتي موسم ۾ خشڪ تريل، غير هضم شيون کائڻ، بي وقت کاڌو کائڻ، اڻ پڪل ميوو، ٽافيون آئس ڪريم کائڻ، صبح جو چانهه پيئڻ جي ڪري دست ٿين ٿا. ڪجهه مائرون پنهنجي سستي جي ڪري يا ماءُ يا سس جي چوڻ تي يا وري ڄٽ ڊاڪٽر جي چوڻ تي ٻار کي پنهنجي کير کان منع ڪنديون آهن. ڇو ته نئون مهمان به اچڻ وارو هوندو آهي. پوءِ اها بوتل (فيڊر) ڏيڻ شروع ڪندي ۽ ان جي صفائي نه جهڙي ڪنديون آهن، رات اٿڻ ڪري فيڊر کي صرف پاڻي ۾ ڌوئنديون آهن يا وري نپل ۾ کير رهجي ويندو آهي. ان ۾ جيت ۽ جيوڙا گڏ ٿي ويندا آهن. انهيءَ جي ڪري دست ٿيندا آهن. اچڻ واري مهمان جي کير پيئڻ جو رستو الڳ آهي ۽ ٻاهر واري مهمان جو رستو الڳ آهي. ڪڏهن ڪڏهن رات جو يا ڏينهن جو کير بچي ويندو آهي ته اهو رکي ڇڏينديون آهن ۽ پوءِ جلدي يا اڻڄاڻائي ۾ اهو کير ٻار کي پيارينديون آهن. جيڪو ٻار جي پيٽ ۾ وڃي ڦٽي ويندو آهي ۽ انهي جي ڪري الٽيون يا دست شروع ٿي ويندا آهن.

    بيماريءَ جو علم (Epidemiology)
    • ڪا به عمر دستن جي بيماري کان محفوظ نه آهي.
    • ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ وڏو حصو موت جو دستن جي ڪري ٿئي ٿو.
    • دنيا ۾ هر سال 8 کان 10 لک ٻارڙا دستن جي ڪري مرن ٿا.
    • اها ٻارن جي ٻيو نمبر قاتل بيماري آهي.
    • موت جو اثر اڪثر ڪري هڪ سال جي ٻارن ۾ ڏٺو ويو آهي.
    • جنهن به ٻار کي سوڪهڙي جي بيماري هوندي آهي، انهن تي موت جو اثر زياده هوندو آهي.
    • دستن جي ڪري موت جو اثر انهن ٻارن تي گهڻو آهي جيڪي ٻار ماءُ جو کير نه ٿا پيئن.
    • هر سال دستن جي ڪري 4 ملين ٻارڙا 5 سالن جي عمر ۾ مرن ٿا.
    • پهرين ٻن سالن ۾ 80% موت دستن جي ڪري ٿئي ٿو.
    • هر سال هر هڪ پاڪستاني ٻار کي ٽي يا چار دست ٿين ٿا.
    • 90% پاڪستان ۾ ٻار کي پاڻي جهڙا دست ٿين ٿا.

    نشانيون (Clinical Features)
    • پاڻي جهڙا دست
    • الٽي
    • بخار
    • بي آرامي ۽ سستي
    • پاڻي نه پئي سگهندو ۽ نه ڪجهه کائي سگهندو.
    • اُڃ گهڻي لڳندي آهي.
    • ٻار جو دستن جي ڪري وزن گهٽبو آهي.
    • دستن جي ڪري پاڻياٺ جي گهٽتائي جي ڪري اکيون اندر هلي وينديون آهن.
    • جسم جي چمڙي خشڪ ٿي ويندي آهي.
    • دستن جي ڪري جسم ۾ پاڻي گهٽجي ويندو آهي، انهي ڪري پيشاب گهٽجي ويندو آهي.
    • جسم ٿڌو ۽ چيڙهالو ٿي ويندو آهي.
    • پيٽ ۾ سور ٿيندو آهي.
    • ڳوڙها به نه ايندا آهن.
    • زبان ۽ وات خشڪ ٿي ويندا آهن.

    علاج (Treatment)
    جسم ۾ پاڻي جي گهٽتائي ٽن قسمن جي ٿيندي آهي.
    1. پاڻياٺ جي گهٽتائي نه هئڻ (Plan A or No dehydration)
    2. ٿورڙي پاڻي جي گهٽتائي(Plan B or Some dehydration)
    3. تمام گهڻي پاڻي جي گهٽتائي (Plan C or Severe dehydration)

    جسم ۾ پاڻي جي گهٽتائي مٿئين پلان تحت ڪرڻ گهرجي.
    • جيڪڏهن ٻار ماءُ جي کير تي آهي ته ماءُ جو کير پياربو رهجي.
    • جي ٻار 6 مهينن کان مٿي آهي ته ان کي ٿورو سخت کاڌو Semi Solid ڏيڻ گهرجي.
    • وڌ کان وڌ پاڻي ڏيڻ گهرجي.
    • Zinc Sulphate وات جي ذريعي 6 مهينن کان گهٽ آهي ته سڄي ڏينهن ۾ هڪ دفعو 10mg/day ۽ جيڪڏهن ٻار 6 مهينن کان مٿي آهي ته ان کي سڄي ڏينهن ۾ 20mg/day ڏيڻ گهرجي ٻن هفتن لاءِ.
    • پلان A ۾، ٻار کي ماءُ جو کير ڏيندو رهجي. ORS، ٻوڙ جهڙو کاڌو مثلاً صوف، چانورن جي رٻ، پاڻي، ڏهي ۽ صاف پاڻي به ڏيڻ گهرجي. جي نمڪول جي پاڻي پيارڻ دوران ٻار الٽي ڪري ته پوءِ 10 منٽن تائين انتظار ڪرڻ گهرجي، ان کان پوءِ وري ڏيڻ گهرجي.
    • پلان بي جي تحت نمڪول جو پاڻي ڏيڻ گهرجي ۽ اهڙي طرح پلان سي تحت ٻار کي اسپتال ۾ داخل ڪجي.


    پوليو ميلائيٽس Polio Myelitis

    پوليو سڄي دنيا ۾ ختم ٿي چڪو آهي يا آهسته آهسته ختم ٿيندو پيو وڃي. پر پنهنجي پياري پاڪستان ۾ عقل جي انڌن پوليو پيارڻ جي خلاف محاذ کڙو ڪيو آهي. ٻارن کي پوليو پياريندڙن لاءِ مسئلو کڙو ڪيو بيٺا آهن ۽ انهن کي جان کان ماري ڇڏيندا آهن. انهن کي اها خبر ئي نه آهي ته پوليو جا ڦڙا ٻارن جي حفاظت لاءِ آهن. هي ڦڙا ٻارن جي هڏن کي کارڻ يا جڏا ٿيڻ کان بچائيندا آهن ۽ ٻار عمر ڀر جي معزوريءَ کان بچي ويندا آهن. هونئن به اسان جي معاشري ۾ انسانيت جو ڪيترو قدر آهي، سو سڀني کي خبر آهي. هاڻ ڏسون ته پوليو آهي ڇا؟ ۽ اهو ڪيئن ٿو انسانن جي ٻچڙن جا عضوا ٿو کاري يا جڏا ٿو ڪري.

    پوليو بيماريءَ جي وصف: Defination
    پوليو يوناني ٻولي Greekجي ٽن اکرن Polio’s Myelositisجو وچوڙ آهي، جنهن پهرين Polios اکر جي معنيٰ آهي Greyيعني ڪنهن عضوي جو (S)سڪي وڃڻ يا کري پوڻ ۽ ٻئي اکرMyelo’s جي معنيٰ آهي يعني Spinal cord مغزي ڏوري آهي. جڏهن ته ٽئين اکر Itis جي معنيٰ آهي سوڄ ۽ سورInflamations ، جنهن يوناني اکر کي ملائي پڙهبو ته ان سان مقصد نڪرندو ته اهڙي بيماري جنهن ۾ مغزي ڏوري سڪي وڃي يا کري پوي.
    ميڊيڪل سائنس جي دنيا ۾ پهريون دفعو ويهين صديءَ جي شروعات ۾ عيسوي سن 1908 ۾ ڊاڪٽر ڪارل لينڊ اسٽينر Dr. Karl Land Steiner پوليو جو وائرس ڳولي لڌو. هن همراهه دنيا وارن جي اڳيان ثابت ڪيو ته پوليو جي بيماري نه هيٺئين ڌڙ جي ڪمزوريءَ ڪري ٿئي ٿي ۽ نه وري هيٺئين ڌڙ جو اڌ رنگ آهي. پر پوليو هڪ الڳ بيماري آهي، جيڪا پوليو وائرس (Polio Virus) جي ڪري ٿئي ٿي.
    عيسوي سن 1952 ۾ هڪ انسانيت جي خدمت ڪندڙ جوناز سالڪ Dr.Jonas Salk پوليو جي بيماري کي روڪڻ لاءِ احتياطي اپائن خاطر پوليو جو وائرس (مئل وائرس) مان سئي ايجاد ڪئي. جنهن تي وڌيڪ تجربا ڪري 1955ع ۾ سئي جا عمر جي حساب سان وزن مقرر ڪري پوليو ويڪسين Polio Vaccine کي دنيا ۾ ٻارن لاءِ عام ڪيو. ان کان پوءِ هڪ ٻئي لائق ڊاڪٽر البرٽ سيبن Dr. Albert Sabin عيسوي سن 1957 ۾ ساڳي سُئي مان ڦڙا ايجاد ڪيا. جن ڦڙن تي وڌيڪ تجربا ڪري عيسوي سن 1962 ڌاري پوري دنيا جي ٻارڙن کي ڦڙا پيارڻ جو لائسنس مليو. مٿيان ڊاڪٽر انسانيت جا خيرخواهه هئا جو محنت ڪري دنيا جي ٻارڙن کي هن بيماري کان نجات ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن ۾ ڪيتري سمجهه آهي جو ان مان فائدو وٺن ٿا يا نه. مگر پاڻ وارا پيارا ڊاڪٽر صاحبان جيڪي هِتان ۽ هُتان وڏيون ڊگريون وٺن ٿا. انهن رڳو پنهنجي ڪلينڪ ٻاهران وڏيون گاڏيون بيهاري ڇڏيون آهن. مگر ڇا ڪجي. اسان وٽ مقابلو وڏو آهي، پيسن ميڙڻ جو، نه ڪي پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو، يا سجاڳي پيدا ڪرڻ جو.

    پوليو بيماري ٿيڻ جا سبب:Aetiology
    هن بيماريءَ جو سبب پوليو وائرس Polio Virus جنهن جي خاندان کي آر اين اي وائرس R.N.A Virus) چئبو آهي. هن جا وري سيرو ٽائيپ Sero types آهن .(P1, P2, P3)

    بيماريءَ جو علم: Epidemiology
    • هن جو خاص نشانو انسان آهي. هي بيماري اونهاري Summer ۽ خزانAutumn جي موسم ۾ ٿيندي آهي.
    • هي بيماري ٻارن کي ڪاڪوس جي جاءِ تي هٿ لائڻ سان وات جي ذريعي ٿيندي آهي.
    • پوليو جي وائرس (P.V) جا ننڍي آنڊي ۾ پهچڻ کان اڳ هيٺيان ٻيا به ڪيترا اهم ذريعا آهن جتي هي وائرس واڌ ويجهه ڪري ٿو.
    • پوليو جو وائرس مريض جي وات ۾داخل ٿيڻ کان اڳ ٻيٺل پيئڻ جي پاڻي (پوءِ ڀلي اهو ڇو نه واٽر سپلاءِ جو هجي) ۾ واڌ ويجهه ڪري ٿو ۽ مريض جي ان ناقص پاڻي پيئڻ دوران پيٽ ۾ هليو وڃي ٿو ۽ اتي وڌيڪ واڌ ويجهه ڪري ٿو.
    • پاروٿو رکيل کاڌو (ڀلي اهو ڇو نه فرج ۾ رکيل هجي) ۾ پوليو جو وائرس واڌ ويجهه ڪري ٿو. اهو روڳي کائڻ دوران هي وائرس مريض جي پيٽ ۾ هليو وڃي ٿو. جتان اڃا به وڌيڪ ننڍي آنڊي ۾ واڌ ويجهه ڪري ٿو.

    بيماري جي اوسر جو عرصو: Incubations Period
    پيئرالائٽڪ پوليو سلائيٽس جي اوسر جو عرصو 7 کان 21 ڏينن آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن اهو گهٽجي 4 ڏينهن تائين ٿيندو آهي.
    پوليو جون علامتون: Clinical Feature
    شروع ۾ مريض کي بخار ٿيندو آهي. جيڪو ڪجهه ڏينهن لاڳيتو هلندو آهي. انهيءَ وچ ۾ مريض جو بدن نستو ۽ لڳڙو ٿي ويندوآهي. بخار سان گڏ مٿي ۾ سور ۽ الٽيون ٿينديون آهن. نڙي سخت ٿي ويندي آهي.

    پوليو جا مڃيل چار قسم آهن:
    1. ايسمپوٽوميٽڪ زخم Aysmptomatic Infection
    2. ايبارٽو پوليو ميلانٽس Abortive Polio myelitis
    3. نان پيرالائٽڪ پوليو ميلائٽس Non – Paralytic Polio myelitis
    4. پيرالائيٽڪ پوليو ميلائيٽس Paralytic Poliomyelitits

    ليبارٽري ٽيسٽ: Lab: Test
    (1) پهرين معائني دوران به پتو پئجي ويندو آهي: During Exam (2) مريض جي ڪاڪوس جي ٽيسٽ (Stool Test)ٻه ڪاڪوس جا 24 ڪلاڪن ۾ ٻه نمونا هڪ هڪ ڏينهن کان پوءِ (اُهي نيشنل هيلٿ ليبارٽري اسلام آباد) ڏانهن موڪليا ويندا آهن. رپورٽ ٽن هفتن کان پوءِ ملندي آهي.
    علاج:
    مريض کي اسپتال ۾ داخل ڪرائجي، ڇو ته ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿيندي اٿس ۽ اها ته ساهه کڻن جون مشڪون سڪي نه وڃن. بستري تي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏيڻ گھرجي.
    سور کي دور ڪرڻ جي دوا ڏبي ۽ هلڪي آرام لاءِ پڻ گوري ڏجي. کاڌ خوراڪ سٺي ڏجي. پاڻيءَ جي گھٽتائي ٿيڻ نه ڏجي.
    پيشاب ۽ ڪاڪوس جو خاص خيال رکجي.

    مونجھارو:Complication
    • ساهه جو منجھڻ بلغم جي سڪڻ ڪري.
    • اسپاريشن نمونيا پليٽلPlatal جي سڪڻ جي ڪري.

    بچاءُ:Prevention
    ٻن حفاظتي ٽڪن جي ذريعي حفاظت يا بچاءُ ڪيو ويندو آهي. هڪ وات جي ذريعي ڦڙا پيارڻ .(OPV) انهيءَ کي لوَ ويڪسين (Live Vaccine) جيڪا شيڊول ۾ آهي. ٻه قطرا ڄمڻ وقت، 6 هفتن، 10 هفتن، ۽ 14 هفتن ۾ ڏني ويندي آهي.
    ۽ ٻي سئي ذريعي وئسين ڏني ويندي آهي.(IPV) انهيءَ کي مئل ويڪسين (Killed Vaccine) چيو ويندو آهي.


    ارڙي (Measles)

    ارڙي هڪ خطرناڪ وبائي (پکڙجندڙ) بيماري آهي. جيڪا RNA وائرس (Virus) سان ٿيندي آهي. هن ۾ بخار، سست سنهڙا داڻا، کنگهه، زڪام ۽ اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن. سنهڙا سنهڙا داڻا پهريائين ڪنن جي پويان ڳچيءَ تي، منهن تي، ڇاتي، ٻاهن ۽ ٽنگن تي ٿيندا آهن.

    بيماري بابت بنيادي ڄاڻ (Introduction)
    Measles ارڙي، ماتا (Small pox) ۽ لاکڙو (Chicken pox) جي ڪٽنب سان تعلق رکندڙ نهايت گهڻي وچرندڙ ۽ پکڙجندڙ (Contagious) روڳي (Infectious) بيماري آهن. هن بيماري جو اثر 6 مهينن کان 5 سالن جي ٻارن ۾ گهڻو ٿيندو آهي. ڇهن مهينن ٻارن کان گهٽ جي عمر جي ٻارن ۾ هي بيماري ورلي ٿيندي آهي. پر ڪڏهن ڪنهن ٻار ۾ جيڪو 6 مهينن يا 8 مهينن جو آهي ان ۾ هي بيماري ڏٺي وئي آهي. اهو صرف ماءُ جي طرفان ٻار کي گهٽ تحفو ڏنو ويندو آهي. هن بيمار جو اثر اڪثر ڪري سياري ۾ ٿيندو آهي. سڄي دنيا ۾ هڪ ملين (One million) هر سال موت جو ذميوار ارڙي هوندي آهي.

    نشانيون (Clinical Features)
    ارڙي جا ٽي حصا ٿيندا آهن. 3 Stages
    مدو Incubation Stage 10 کان 12 ڏينهن هوندو آهي.
    Incubation Stage 10 کان 12 ڏينهن هوندو آهي.
    Prodromal Stage 3 کان 5 ڏينهن، جنهن ۾ کنگهه، زڪام، اکين جو ڳاڙهو ٿيڻ، بخار سان گڏ وات ۾ ننڍا ننڍا سفيد ۽ سليٽي رنگ جا زخم ڪاپلڪ اسپاٽس (Koplicks Spots) ٺهي ويندو آهي. جيڪو 2 کان 3 ڏينهن جي اندر ختم ٿي ويندو آهي.

    داڻن جي اسٽيج (Rash Stage):
    ڪنن جي پٺيان، وارن واري لائين يعني پاڙن سان گڏ نرم قسم جا ڳاڙها داڻا، ميڪيولو پيوپلرريشن (Mauculopapular rash) ٺهي وڃن ٿا ۽ سڄي ڦُنڊي بيهندا آهن. بعد ۾ اهي سڄي جسم ۾ ڦهلجي ويندا آهن. ڇاتيءَ کان پوءِ پيٽ ۽ بعد ۾ ٽنگن تي اڀري بيهندا آهن. ان دوران بخار تيز تر 102–104oFٿيندو آهي.

    پيچيدگيون (Complications)
    هيٺين قسم جون پيچيدگيون ٿين ٿيون مثلاً دست 9.4% ڪن جي سوڄ، سوزش 6.6%، نمونيه 6.5%، انڪيفلائيٽس Encephalitis 0.1%۽ موت 0.3% .

    خطرناڪ نشانيون:
    • کائي ۽ پي نه سگهندو.
    • ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ڪندو ۽ نيرو ٿي ويندو.
    • رت ايندو يا وهندو.
    • چپن ۽ وات ۾ زخم، ناسور ( السر) ٿي ويندي.
    • بي هوش، هلي نه سگهندو، جهٽڪا لڳندا.

    علاج (Management)
    پاڻي جي کوٽ پوري ڪرڻ جيڪڏهن بخار آهي ته پيراسٽامول ڏيو. خوراڪ سٺي ڏني وڃي جيڪي پيچيدگيون ظاهر ٿين انهن جو علاج ڪرڻ گهرجي.
    وٽامن A ڏيڻ گهرجي. هڪ سال کان گهٽ واري ٻار کي هڪ لک يونٽ ۽ هڪ سال کان وڌيڪ واري ٻار کي 2 لک يونٽ ڏيڻ گهرجي. اِهو اکين جي روشني کي بچائيندو ۽ انڌو ٿيڻ کان بچائيندو.

    اپاءُ (Prevention)
    ياد رکو ته ارڙي بيماري روڪيندڙ آهي. حفاظتي ٽُڪا ٻارن کي ٻه دفعا لڳرائجن هڪ 9 مهينن ۽ ٻيو 15 مهيني EPI جي پروگرام موجب.


    سرءُ جو تپ يا مليريا (Malaria)

    مليريا لفظ يوناني ٻولي جو لفظ آهي. لفظ مالا (Mala) جو مطلب فائول (Foul) ۽ ايريا (Aria) جو مطلب هوا، مطلب گندي هوا.

    بيماري جا سبب (Etiology)
    جراثيم جيڪي انسان کي چڪ پائڻ سان مليريا پيدا ڪندا آهن. اهي پلازيموڊيم فيلسيپاريم (Plasmodium Falciparum)
    • پلازيموڊيم وويڪس (Plasmodium Vivax)
    • پلازيموڊيم مليئي ( (Plasmodium Malariae
    • پلازيموڊيم اوويل ((Plasmodium Ovale

    بيماري جو علم (Epidemiology)
    • مليريا سڄي دنيا جو مسئلو آهي.
    • هر سال ۾ ترقي ڪندڙ/ وڌندڙ ملڪن ۾ 500-300ملين ڪيسز آهن.
    • هر سال ۾ هڪ ملين کان وڌيڪ موت آهن.
    • آفريڪا، هٽئي، نيو جيونانا ۾ مليريا پلازيموڊيم فيسيپاريم مشهور آهي.

    مدو (Incubation Period)
    • پلازيموڊيم فيلسيپاريم 9 کان 14 ڏينهن
    • پلازيموڊيم وويڪس (Vivax) 12 کان 17 ڏينهن
    • پلازيموڊيم اوويل (Ovale) 16 کان 18 ڏينهن
    • پلازيموڊيم مليرئي (Maleria) 18 کان 40 ڏينهن

    بيماريءَ جون نشانيون (Clinical Features)
    خاص نشانيون تيز بخار، ڏڪڻي، الٽي، معدي جو خراب ٿيڻ، جسم ۾ سور ٿيڻ، ساهه جو تيز ٿيڻ، پگهر جو اچڻ، ٿڪل يا ٿڪ محسوس ڪرڻ، مٿي جو سور، کنگهه جو اچڻ، پيٽ جو سور، دست، بک جو نه لڳڻ.
    مليريا ۾ خاص ڪري تلي (Spleen) وڌي ويندي آهي. جيرو به وڌي ويندو آهي.(Hepatomegly) جسم ۾ ڳاڙهو رت جو گهٽجڻ ۽ فولاد جي ڪمي (Anaemia) ڪامڻ يا سائي (Jaundice) جسم مان پاڻياٺ جي کوٽ ۽ رت جي دوري جو گهٽجڻ.
    مليريا جي ڪري پيٽ سان عورت کي ٻار گهٽ وزن وارو پيدا ٿيندو (Low birth weight) ۽ ويم به جلدي ٿيندو. ان دوران ٻار ۾ مليريا ٿيندي پيدا ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ.

    مونجهاري واري مليريا (Complicated Malaria)
    هن ۾ ٻه خاص بيماريون آهن:
    1. دماغ جي مليريا (Cerebral Malaria) جيڪا پلازيديم فيلسيپارم (P.Falciparum) جي ڪري ٿئي ٿي.
    2. ڪاري پاڻي جو بخار (Black Water Fever) هي به پلازيديم فيلسپارم (P.Falciparum) جي ڪري ٿئي ٿي.

    دماغ جي مليريا:
    هن ۾ سمجهه گهٽجي ويندي آهي. جهٽڪا يا هلچل مچندي آهي. بي هوشي جو دورا پوندا آهن. ان سان گڏ دماغ جو نشانيون نظر اينديون آهن.

    ڪاري پاڻيءَ جو بخار (Black Water Fever)
    پيشاب ڪارو ڏسڻ ۾ ايندو. پيشاب گهٽ ايندو، رت جو گهٽجڻ ۽ فولاد جي ڏاڍي ڪمي (Sever Anamia) نظر ايندي. ڪامڻ يا سائي ٿيندي، رت ايندو، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيندي، رت جو دورو گهٽجي ويندو، گلوڪوس جي ليول پڻ گهٽجي ويندي آهي.

    مونجهارا (Complications)
    بيماري جو اٿلڻ جو وويڪس ۽ viving ۾ ٿئي ٿو. جيوڙا به پلازيڊيم مليوئي ۽ اٿلڻ جو ڪم ڪندا آهن.
    1. دماغ جي مليريا
    2. ڪاري پاڻي جو بخار
    3. ٿڌ يا سيءَ واري مليريا (Atigid) رت جو زياده گهٽجڻ جو دل جي ڌڙڪن گهٽائي
    4. پيشاب جو گهٽجڻ
    5. ڦڦڙن جي سوڄ
    6. موت

    علاج (Treatment)
    مليريا جو علاج مختلف ٽڪين، شربتن ۽ سئين ذريعي ڪيو ويندو آهي. مليريا لاءِ خاص قسم جون ٽڪيون آهن. ڪلوروڪئن 250g جون گوريون پهريون چار ڏيڻ گهرجن، ان کان پوءِ ٻه ٽڪيون روزانه 6 (O.D) ڪلاڪن ۾ 24 ڪلاڪن ۾ ۽ 48 ڪلاڪن ۾. پهرين وزن کان پوءِ ٻارن ۾ شربت 10mg/kg Chlorquine P جسم جي وزن مطابق پهريون State، ان بعد 5mg/kg ملي جسم جي وزن تي روزانه 6 ڪلاڪن ۾، 24 ڪلاڪن ۾ ۽ 48 ڪلاڪن ۾ ۽ پهرين وزن کان پوءِ. ان کان علاوه فينسيڊرا، ارٽيميٿرسيون، جينا ايم، دماغ جي مليريا لاءِ ڪونين ڊاءِ هاڊرو ڪلورائيڊ Quinine Dehydrochloride ڏبي آهي.

    بيماريءَ کي روڪڻ لاءِ اُپاءَ (Preventions)
    • مليريا کي روڪڻ لاءِ ABCD ياد ڪريو يا رکو.
    • مليريا جي رسڪ لاءِ ڄاڻ هئڻ گهرجي.
    • مڇرن جي چڪن کان حفاظت يا روڪڻ لاءِ اُپاءُ
    • مليريا کي روڪڻ لاءِ دوا کائڻ گهرجي.
    • صحيح بيماري جي ڄاڻ ۽ ان جو علاج.
    • مليريا لاءِ اسپري ڪرڻ گهرجي درن ۽ درين ۾.
    ويڪرا ۽ ڊگها ڪپڙا پائڻ گهرجن جيئڻ ٻاهون پير ۽ ٺنگو ڍڪجي سگهجن.


    مدي جو بخار: Typhoid Fever / Enteric Fever

    بيماري ٿيڻ جا سبب جا سبب: Etiology
    مدي جي بخار جي ٿيڻ جو سبب خاص قسم جا جيوڙا آهن: جيڪي هيٺيان آهين:
     سالمو نيلا ٽائفائي (عام)Salmonella Type
     سالمو نيلا پيرا ٽائفائي. اي.بي. سي A.B.& C
     بيماريءَ جو ريشو Salmonella type ۽ Para typhi آهي 10:1

    سالمو نيلا ٽائئفائي (S.Typhi Infect only humain)صرف انسان کي انفيڪشن ڪندو آهي. انفيڪشن گندو کاڌو کائڻ سان، کير ۽ پاڻي پيئڻ سان، انفيڪٽيڊ جانورن سان گڏ کيڏڻ ۽ انسان سان رلڻ ملڻ سان ۽ نڇن سان ٿئي ٿو.
    هنن جيوڙن جو تعلق آنڊن جي جيوڙن سان آهي. هي جيوڙا سڻڀن شين جي کائڻ سان واڌ ويجهه ڪندا آهن. هن بيماريءَ جو جيوڙو اڳ بيماري ۾ ورتل مريض جي ڪاڪوس، پيشاب ۾ موجود هوندو آهي. جيڪو جيوڙو مريض جي اوٻاريل پاڻي، کير، کاڌي ۾ مکين جي ذريعي يا مدي جي بخار ۾ ورتل مريض سان آمهون سامهون ڳالهائڻ سان وات مان ڦڙا نڪرڻ (Dropplets) ۽ نڇ ذريعي مريض جي اوبر وارو کاڌو کائڻ يا پاڻي پيئڻ يا مريض جي ٿانون ۾ کاڌو کائڻ سان، صحتمند ٻار جي وات ذريعي آنڊن تائين پهچي، آنڊن جي مٿاڇري تي پهچي، هي جيوڙا ننڍو ڦٽ ڪري وجھن ٿا.

    پکڙجندڙ بيمارين جو علم:Epidemiology

    Salmonella Typhi جا هر سال 4.7 ملين ڪيس ظاهر ٿين ٿا ۽ Salmonella Paratypi جا 4.5 ملين ڪيس ظاهر ٿين ٿا.
    گھڻا ڪيس ظاهر ٿين ٿا ايشيا ۾. ساليانو 200000 موت ظاهر ٿين ٿا.
    ترقي پذير ملڪن ۾ 215 ڪيسز آهن 100000 جي آباديءَ ۾.
    ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ اثر آهي 1000-100 ڪيسز 100000 جي آباديءَ تي.
    پنجن سالن کان گھٽ عمر جي ٻارن ۾ وڏو اثر آهي. پيچيدگيون ۽ اسپتالن جي داخلا جو.
    مدو 4 کان 14 ڏينهن آهي.

    بيماريءُ جون نشانيون: Clinical Features

    • هن جو مدو 4 کان 14 ڏينهن آهي. رينج 3 کان 60 ڏينهن.
    • مريض کي بيماري شروع ٿيڻ تي، ساڄي پاسي نَري (نهائين) وٽ (Illiac Region) جتي ننڍو ۽ وڏو آنڊو پاڻ ۾ ملن ٿا اتي اپينڊڪس وٽ هلڪو سور ٿيندو آهي.
    • مٿي جو سور ٿيندو آهي. الٽيون ٿينديون، جسم ساڻو ٿيندو آهي.
    • وڏن ٻارن کي ڪجهه ڏينهن ۾ بخار گھڻو وڌي ويندو آهي. دل ڪچي ٿيندي آهي ۽ الٽيون پڻ ٿينديون آهن.
    • ڪيترن مريضن کي نرم ڪاڪوس، ڪيترن کي دست، ڪيترن کي قبضي هوندي آهي ۽ ڪيترن مريضن کي مهلڪ حالت ۾ ڪاڪوس ۽ دستن ۾ به رت به ايندو آهي.
    • بيماري ظاهر ٿيڻ جي ٽئين ۽ چوٿين ڏينهن، ٻاڙن کي بخار 102 کان 103 ڊگري تائين وڌي ويندو آهي.
    • مريض کي بدهضمي، پيٽ ڦوڪجي يا سڄي پوندو آهي.
    • ڪيترن ٻارن کي بيماريءَ جي ٻئي يا ٽئي هفتي ڇاتيءَ جي هيٺان ۽ پيٽ تي گلابي رنگ جا تمام گھڻا داڻا نڪرن ٿا. هي داڻا سرنهن جي داڻن کان وٺي مسور جي دال جيترا ٿيندا آهن. جيڪي اڀري بيهندا آهن.
    • جيرو ۽ تلي وڌي وينديون آهن. پيٽ پڻ سخت ٿيندو آهي.
    • کنگهه ۽ جھٽڪا پڻ ٿيندا آهن.

    مونجھارا: Complications
    • آنڊن مان رت وهندو ۽ ٽُنگ ٿي پوندا
    • جھٽڪا يا هلچل Meningitis ٿيندي.
    • ڪنو ٿيڻ يا رت ۾ زهر چڙهندو.
    • گوڏن کي ڳاريندو يا ساڙيندو.
    • دماغ جو موجھارو 3-3.5%
    • هلچل، ٻوڙو، سائڪو، بيهوشي، غشي وڦلڻ.
    • رت جا مونجھارو
    • هڏين جي مک جو گھٽجڻ
    • دل جون نشانيون 1.5%
    • ڦڦڙن 1-6%
    • نمونيا
    • پيشاب جو معملو U.T.I
    • Renal abcess

    مرض جي تشخيص: Diagnosis
    Blood Culture
    • پهرين هفتي ۾ 40-60% ۾ +ve هوندو آهي.
    • +ve Bone Marrow. به سون جهڙي تشخيص هوندي آهي.
    • Stool and Urine Culture ٻن يا ٽن هفتن کان پوءِ ڪرائجي.
    • PCR آهي ته مهانگي، پر مدد ڏيندڙ آهي.
    علاج:Treatment

    گھڻن ٻارن جو علاج ته گھر ۾ ڪرڻ گھرجي Antibiotic سان.
    اسپتال فورن وڃڻ گھرجي، جڏهن هيٺيون نشانيون ظاهر ٿين:
    • لڳاتار الٽي
    • سخت قسم يا زياده دست
    • پيٽ جو سڄڻ ۽ مونجھارو.

    خاص انتظام:
    • آرام
    • پاڻيءَ جي ڪمي پوري ڪرڻ
    • بخار ختم ڪندڙ دوائون Antipyretics
    • کاڌ خوراڪ Nutrition


    Treatment of typhoid fever in children

    Optimal Therapy Alternative Effective Drugs
    SUSCEP-TABILITY Antibiotic Daily Dose
    (mg/kg/day)/Y Days Antibiotic Daily Dose
    (mg/kg/
    day)
    UNCOMPLICATED THPHOID FEVER
    Fully
    sensitive Chloroamphenical 50-75 14-21 Fluoroquinolone, e.g, ofloxacin 15
    Amoxicillin 75-100 14 Or ciprofloxacin
    Multi drug resistant Fluoroquinolone or cefixime 15 5-7 Azithromycin 8-10
    15-20 7-14 Cefixime 15-20
    Quinolone resistant Azithromycin or cefixime 8-10 7 Cefixime 20
    75 10-14
    SEVERE TYPHOID FEVER
    Fully sensitive Ampicillin or Cefixime 100 14 Fluoroquinolone 15
    60-75 10-14 e.g, ofloxacin or cirprofloxacin
    Multidrug resistant Fluoroquinolone 15 10-14 Ceftriaxone or cefotaxime 60
    80
    Quinlone resistant Cefixime 60-75 10-14 Fluoroquinolone 20-30


    وڏي کنگهه يا کرٽيو Wooping Cough (Pertussis)

    وڏي (ڪاري) کنگهه ٻارن جي ساهه جي سرشتي جي پکڙجندڙ (Contigious) نهايت وڏي روڳي بيماري (Infectious Disease) آهي. هونئن ته هي بيماري ٻارن کي عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگهي ٿي. 90% ٻن سالن جي گهٽ عمر ۾ ٿيندي آهي. هي بارڊيٽيلا پرٽيوسز (Bordetella Pertussis) جي ڪري ٿيندي آهي.

    بيماري متعلق ڄاڻ (Epidemiology)
    وڏي کنگهه تمام گهڻو پکڙجندڙ آهي. ان سان خاص ڪري بيماريءَ جو وچڙندڙ ذريعو آهي.
    • انسان کي ٻئي انسان کان کنگهه جي ذريعي ٿيندي آهي.
    • بيماريءَ مدو جو 6 کان 14 ڏينهن آهي.
    • ننڍڙا ٻار (Infants) ۽ عورتون گهڻيون هن بيماري جي وَر چڙهنديون آهن.
    • گهر ۾ گهڻا ماڻهو رهندڙ ۽ صفائي نه رکندڙ هن بيماري کي پکڙجندڙ ۾ مدد ڪنديون آهن.
    • موت هڪ سال جي گهٽ وارن ٻارن ۾ گهڻو ٿيندو آهي.

    نشانيون (Clinical Feature)
    هي بيماري 6 کان 8 هفتن ۾ ڇڏيندي آهي. هن بيماري جا ٽي حصا ٿين ٿا.

    1. زڪام وارو مرحلو (Catarrhal Stage)
    هن مرحلي ۾ شروع ٿيڻ سان ٻار کي زڪام ٿيندو آهي. جنهن ۾ ٻار کي سياٽو ٿيندو آهي ۽ گڏ هلڪو بخار، اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿيندا آهن. نڇون (ڇڪون) اينديون آهن ۽ نڪ مان پاڻي وهندو آهي. هي سلسلو هڪ کان 2 هفتن تائين هلندو آهي. خشڪ کنگهه خاص ڪري رات جو ٿيندي آهي.

    2. دوري پوڻ وارو مرحلو (Paroxysmal Stage)
    هي دورو 2 کان 4 هفتن تائين هلندو آهي. هن مرحلي ۾ کنگهه گهڻو زور وٺندي آهي. ٻار کي هر پنجن کان ڏهن منٽن ۾ کنگهه جا زوردار دورا پوندا آهن. کنگهه جا دورا 6 مهينن کان گهٽ ٻار ۾ ۽ وڏن ۾ نه هوندا آهن. کنگهه دوران منهن ڳاڙهو ٿي ويندو آهي ۽ ٻار نيلو پيلو ٿي ويندو آهي ۽ آخر ۾ کنگهه کان پوءِ الٽي ايندي اٿس.

    3. بيماريءَ جي مڙڻ وارو مرحلو (Convalescent Stage)
    هن مرحلي ۾ ٻار کي کنگهه جا دورا پوڻ ڏينهون ڏينهن گهٽبا ويندا آهن. انهن جي جاري رهڻ واري مدت (Duration) هڪ کان 2 هفتن تائين گهٽجي ويندي آهي. ٻار جي ڪوڪ (Whoop (Shrill اچڻ به آهستي آهستي گهٽجي بند ٿي ويندي آهي. باقي عام کنگهه ڪيترن مهينن تائين هلندي آهي.

    مونجهارا (Complications)
    1. نمونيه
    2. هلچل
    3. ڦڦڙن جي بيماري
    4. دماغ جي بيماري
    5. ڪن جو سور
    6. ڪاڪوس واري جاءِ تي داڻو
    7. ڇن (Inguinal)
    8. سُڪي جي بيماري
    9. ساهه جي تڪليف
    10. هر هر الٽي جو اچڻ

    علاج:
    ايروٿرو مائسن Erythromycin زڪام جي دورن کي گهٽتائيندي وزن 30-50mg/kg dose ڪلوگرام سڄي ڏينهن ۾ 14 ڏينهن تائين.
    ايزٿرومائسن 10mg/kg/day Azethromycin ملي گرام/ ڪلوگرام/ ڏينهن ۾ 3 ڏينهن لاءِ يا ڪلوٿرو مائيسن 15mg Clarithromycin ڪلوگرام/ ڏينهن 10 ڏينهن لاءِ. ساهه واريون دوائون سالبيٽومول Salbutomol Corticosteroids پڻ مدد ڏينديون آهن پراڻين بيمارين ۾.

    بچاءُ جا اُپاءُ (Prevention)
    حفاظتي ٽُڪا، DPT ٽُڪا EPI پروگرام ۾ شامل آهن. جيڪي 6 هفتن، 10 هفتن ۽ 14 هفتن جي عمر ۾ هڻبا آهن.


    سلهه يا ٽي.بي (Tuberculosis)

    سلهه يا ٽي.بي هڪ جيوڙي مائيڪوبيڪٽريم ٽيوبرڪلوسز جي انفيڪشن جي ڪري ٿئي ٿي. جنهن ۾ گهٽ بخار (Low grade fever) ۽ کنگهه ٿئي ٿي.

    بيماريءَ جو علم يا ڄاڻ (Incidence/ Epidemiology)
    ٽي.بي پاڪستان ۾ عام آهي. بيماري جو خاص سبب آهي. 22 وڏن ملڪن ۾ ٽي.بي جام آهي ۽ پنهنجي پياري پاڪستان جو نمبر 5 تي آهي. هر قسم جي ٽي.بي ۾ هڪ لک تي 276 ڪيس هر سال ٽي.بي جا آهن. هن جا اسان جي پياري پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ ‏420,000 نيا ڪيس هر سال ۾ آهن. نياڻين (Female) ۾ خاص ڪري 5 سالن کان گهٽ ٻارن ۾.
    پاڪستاني ٻارن ۾ هيئن ٽي.بي ڏٺي وئي آهي:
    0 کان 4 سالن تائين 2.8%ڏٺي وئي آهي.
    5 کان 9 سالن تائين7.7% ڏٺي وئي آهي.
    10 کان 14 سالن تائين12.9% ڏٺي وئي آهي.

    ڳڻتي جوڳيون نشانيون (Risk Factors)
    • عمر 5 سالن کان گهٽ، خاص ڪري 2 سالن کان به گهٽ.
    • گهر ۾ نئين ٽي.بي وارو ڪيس ظاهر ٿئي.
    • ڪمزور ٻار
    • HIV جو مريض
    • ارڙي نڪرڻ کان پوءِ(Post Measles)
    • غربت واري زندگي
    • تمام گهڻا ماڻهو هڪ ڪمري ۾ رهندڙ (Over Crowding)
    • گهٽ کاڌ خوراڪ
    • جنياتي (Genetics)

    بيماري جي ڄاڻ (Etiology)
    مائيڪوبيڪٽريم ٽيوبرڪلوسز (Mycobacterium Tuberculosis)
    ٽي.بي جي اسٽيج
    (1) ٽي بي جو ظاهر ٿيڻ + ڪا به نشاني نه هجي، PPD -ve ۽ ڇاتي جو ڦوٽو پڻ -ve هجي.
    (2) انفيڪشن (زخم) ڪا به نشاني نه هجي PPD +ve ۽ ڇاتي جو ڦوٽو پڻ -ve هجي.
    (3) ٽي.بي بيماري نشانيون هجن PPD +ve ۽ ڇاتي جو ڦوٽو پڻ صحيح نه هجي.

    نشانيون (Features)
    ٽي.بي جو انفيڪشن جسم جي ڪنهن به حصي تي حملو ڪري ٿو. خاص ڪري ڦڦڙن تي، نشانيون به اهي هونديون جيڪو حصو متاثر هوندو. خاص نشانيون ٽي.بي جون ٻارن ۾ آهن. گهٽ درجي جو بخار، بک نه لڳڻ، چيڙاڪ، وزن جو گهٽجڻ، رات جو پگهر اچڻ، ٿڪل نظر ايندو، ٻارن جي ٽي. بي ۾ ڪا به نشاني ظاهر نه ٿيندي آهي، پوءِ ظاهر ٿيندي آهي جڏهن پوري خاندان جي جاچ شروع ڪئي ويندي آهي.

    ڦڦڙن جون نشانيون (Pulmonary Features)
    • 75% سڀني ڪيسن جو.
    • نشانيون ظاهر نه ٿينديون آهن.
    • کنگهه، بخار، بک جو نه لڳڻ، وزن جو گهٽجڻ، رات جو پگهر اچڻ يا ائين به گهڻو پگهر اچڻ، ساهه جي تڪليف، ڦڦڙن جي ٻنهي پاسي سهڪڻ، سون سون جا آواز Wheeze جا آواز اچڻ.
    • ٻار ڪڏهن ڪڏهن بلغم ڪڍندا آهن.
    • بلغم چيڪ ڪرائبو ته اهو -ve هوندو.

    ڦڦڙن کان سواءِ (Extra Pulmonary)
    • ٽي.بي جا ڳوڙا، سڄل ۽ وڌيل ٽي.بي جا ڳوڙها.
    • دل جي ٽي.بي، کنگهه ۽ ساهه جو گهٽجڻ (Shortness of breath)
    • ٽي.بي ميننجائيٽس (T.B Meningitis) مٿي جو سور، الٽي، بخار، ڳچي جو سخت ٿيڻ، هلچل (جهٽڪا)، بيهوش ٿيڻ
    • ٻاجهري جي داڻي وانگر ٽي.بي، گهڻو بيمار، ساهه جي تنگي، تلي جيئرو وڌيل G.I -T.B
    • پيٽ جو سور، چوڏهن ڏينهن کان وڌيڪ دست، پيٽ ۾ ڳوڙهو يا پاڻي جو هجڻ (Ascites)
    • ريڙهه جي هڏي جي T.B، چيلهه ۾ سور، سوڄ يا سوڄ جي بغير، هيٺين حصن ۾ ڪمزوري.
    • جوڙن جي T.B، سور ۽ سوڄ مختلف جوڙن جي.

    خطرناڪ نشانيون (Danger Signs)
    • دماغ جي T.B
    • ننڍن ٻارن Infants جي T.B
    • ڦڦڙن جي وڌيل T.B ۽ ٻاجهري جي داڻن وانگر T.B
    • نشانيون مثل – هلچل (جهٽڪا) بي هوش ٿيڻ (Coma) ساهه کڻڻ ۾ گهڻي تڪليف، تمام ڪمزور، پيٽ جو سڄڻ.
    • خاص نشانيون جنهن جي ڪري معلوم ٿئي ته هي ڦڦڙن جي T.B آهي.
    • ٽي يا ان کان وڌيڪ نشانين سان معلوم ٿئي ٿو ته هي T.B آهي.
    • گهڻو هلندڙ نشانيون 14 ڏينهن کان وڌيڪ محسوس ٿيندو T.B لاءِ.
    • گهڻا ڏينهن هلندڙ بخار، کنگهه، رات جو پگهر، وزن جو گهٽجڻ.
    • جسم جون ڪجهه نشانيون جنهن جي ڪري محسوس ٿئي T.B پيٽ ۽ ڳوڙهو (Mass) ڪرنگهي ۾ ڳوڙهو Gibuss
    • ٽيوبرڪيولن نيڻ جو صحيح (+ve) ياPPD
    • ڇاتي جو ڦوٽو ظاهر ڪري T.B
    • گهر ۾ رهندڙ ڪو گهرڀاتي T.B ۾ ورتل

    علاج:
    ٽي دوائون 9 مهينن لاءِ ڏجن ٿيون جيڪي پاڪستان ۾ استعمال ٿين ٿيون.
    • Rimactal Rifampicin 10 ملي گرام/ جسم جي وزن/ ڏينهن ۾.
    • Isoniazid 10 – 5 ملي گرام/ جسم جي وزن/ ڏينهن ۾.
    • (PZA) Pyrazinamide 35-25 ملي گرام/ جسم جي وزن/ ڏينهن ۾.
    هي سڀ دائون ماني کان اڳ ۾ ڏبيون آهن.
    • اهي ٽي دوائون پهريان ٻه مهينا ڏبيون پوءِ ٻه دوائون Rifampicin ۽ Isoniazid ايندڙ 7 مهينن لاءِ ڏبيون.
    • DOTS پروگرام 8 ميهنن لاءِ شيڊيول مطابق ٽي دوائون پهريان ٻن مهينن ۽ باقي ٻه دائون ايندڙ ڇهه مهينن لاءِ ڏبيون آهن.

    مونجهارا (Complications)
    • دماغ جي ٽي.بي (T.B Meningits)
    • ٻاجهري جي داڻن واري ٽي.بي (Miliary T.B)
    • پيٽ جي ٽي.بي Abdominal T.B
    • هڏن جي ٽي.بي (T.B of Bone)
    • گڙدن جي ٽي.بي (T.B of Kidneys)
    • دل جي ٽي.بي (T.B of Heart)
    • ڪمزور يا سڪي جي بيماري (Malnutrition)

    بچاءُ جا اُپاءُ (Prevention)
    • ڪيس ظاهر ٿيڻ شرط علاج.
    • ظاهري طرح گهڻو لڳندڙ بيمار. انهن جي چڪاس ڪرائڻ.
    • حفاظتي سيون خاص ڪري B.C.G ڦڦڙن لاءِ 30% حفاظت ڪري ٿي. 95% سيڪڙو دماغ جي ٽي.بي ۽ ٻاجهري جي داڻن وانگر ٽي.بي حفاظت ڪري ٿي.
    • ٽي.بي جي لڳندڙ پيٽ واري عورت جي ڦورن چڪاس ڪرائڻ.
    • اُهي دوائون جيڪي ٽي.بي جي بچاءُ يا ڦهلڻ کان پهريون ضرور ڏجن.

    ٻار جي ماءُ ٽي.بي سان (Baby of a Mother with T.B)
    جيڪڏهن ماءُ کي ڦڦڙن جي ٽي.بي آهي ۽ ٻن مهينن کان گهٽ علاج ٿي چڪو آهي ٻار ڄڻڻ کان اڳ يا وري ٻار پيدا ٿيڻ کان پوءِ ٽي.بي طاهر ٿي آهي.
    • ماءُ (گهر ۾ رهندڙ) ۽ ٻار کي جدا ڪيو وڃي يا ماءُ جيستائين چڪاس ۾ ظاهر ٿئي ۽ گهر وارا.
    • جي ماءُ کي ٽي.بي جي بيماري آهي پوءِ ٻار کي ڄمڻ کان اڳ ٽي.بي جي چڪاس ڪرائڻ گهرجي.


    باب ڇهون: جيري جون بيماريون Liver Disorder

    سائي – يرقان Jaundice

    هيءَ بيماري رت جي صفرا جي مادي (Bile Pigment product)جي گڏ ٿي وڃڻ جي ڪري ٿئي ٿي. جنهن جي ڪري ٻار (مريض) جي اکين جون مٿيون (بلغمي) اڇو پردو (Conjunctiva)۽ چمڙي ڦڪي يا سائي ٿي ويندي آهي. جنهن جو بنيادي سبب جيري جي خرابيءَ جي ڪري صفرا جي ناڙي (نالي) Cystic Duct بند ٿي وڃڻ جي ڪري آهي. (ياد رهي ته هي ناڙي جيري ۽ پتي جي وچ ۾ ٿيندي آهي). هيءَ بيماري نئين ڄاول ٻار ۾ ٻئي يا ٽئين ڏينهن ٿيندي آهي. جي هلڪي بيماري هوندي آهي ته خود بخود يا وري اُس ۾ رکڻ جي ڪري ختم ٿي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن ختم نه ٿئي ته پوءِ علاج ڪرائبو آهي.

    ڪاري ڪامڻ: Acute Hepatitis

    بيماريءَ جا سبب: Etiology
    • وائرل ڪاري ڪامڻA.B.C.D.E.F.G
    • سائيٽو ميگلو وائرس Cytomegalo Virus
    • اِي بي وائرس E B Virus
    • ارڙي Rubella
    • ڪوڪسيڪي – بي Coxsackie - B
    • هرپيز سمپليڪس Herpes Simplex
    • دوائون: Drugs
    • سٽيرائڊس Steroids
    • ٽي بي جون دوائون – ڪينسر جون دوائون
    • بيماري – مليريا ۽ ٽائيفائيڊ جو بخار


    ڪاري ڪامڻ Hepatitis A

    هن قسم جي بيماري ڪاري ڪامڻ ته سڀني عمر جي ماڻهن کي ٿئي ٿي، پر هي بيماري ٻارڻ ۾ گھڻي ٿيندي آهي. جيڪا صحتمند ماڻهن تائين کاڌي جي ذريعي، گدلو پاڻي پيئڻ جي ڪري ننڍي ٻار جو هن بيماريءَ (يا ڪنهن به قسم جي ڪاري ڪامڻ) ۾ ورتل مريض سان گڏ کاڌو کائڻ جي ڪري ٿئي ٿي. طهارت کان پوءِ وات ۾ آڱريون وجھڻ جي ڪري.

    مدو:
    15-50 ڏينهن (خاص ڪري 30 ڏينهن). هيءَ بيماري غريب طبقي ۾ گھڻي ڏٺي وئي آهي.

    نشانيون: Clinical Feature
    • بخار Fever
    • بک جو نه لڳڻ: Anorexia
    • الٽي: Vomiting
    • مٿي جو سور: Headache
    • پيٽ جو سور: Abdominal Pain
    • چمڙي / اکين جو ڦڪو يا پيلو ٿيڻ
    • ٻار سست
    • هر وقت دل ڪچي
    ياد رهي ته هن قسم جي ڪاري ڪامڻ اهڙن ٻارن (مريضن) کي وڌيڪ ٿيندي آهي، جيڪي ڳتيل علائقن يا گھرن ۾، هيٺائين علائقن ۽ گندگيءَ وارن علائقن ۾ رهڻ وارا ۽ گندو پاڻي پيئڻ وار هوندا آهن.

    علاج: Treatment
    • علاج گھٽ مگر خيال زياده رکجي.
    • ننڊ جي ڪابه دوا ناهي ڏيڻي.
    • ڪارٽيڪو اسٽرائڊ نه ڏجي ته بهتر.
    • تمام هلڪو کاڌو ڏجي.
    • گھڻيون دوائون نه ڏجن.

    ضروري اُپاءَ:
    اسان جي پياري ديس ۾ کوڙ سارا اهڙا ماڻهو جيڪي نشو واپرائيندڙ سگريٽ ۽ ٻيڙيون پيئندا آهن ۽ اهڙا مٽ مائٽ جيڪي مهلڪ بيمارين ۾ ورتل هوندا آهن، اُهو خيال نه ڪندا آهن ته سندن تَن سان ڪيتري نه خطرناڪ بيماري لڳل آهي، تازي ڄاول ٻار، معصوم ٻارن ۽ وڏن ٻارن کي پيا سندن ڳلن ۽ وات تي پيا چميون ڏيندا آهن. اهڙا ماڻهو خطرناڪ قسم جي غلطي ڪندا آهن. جيڪي سائي يرقان ۽ ڪاري ڪامڻ جهڙيون خطرناڪ مهلڪ بيماريون/ وچڙندڙ بيماريون، اڻڄاڻ ماڻهو پيار جي بدلي معصوم ٻارن کي مهلڪ بيمارين جو تحفو ڏيندا آهن.

    خوراڪ: Diet
    هن بيماريءَ ۾ کاڌخوراڪ جي وڏي اهميت آهي.
    • ٿڃ پياڪ ٻار جي ماءُ کي ۽ وڏي ٻار کي سڻڀ، سڻڀن کاڌن، تريل شين (خاص ڪري پٽاٽن جون ڪچريون (Chipps) ديڳ جو ڀت، وڏو گوشت (خاص ڪري ڳائو گوشت) واڱڻ ۽ مرچ مصالحي وارن کاڌن کائڻ کان مڪمل پرهيز ڪرڻ گھرجي.
    • اونهارو هجي ته ڌؤنرو، ڏڌ ۽ جھارو، ٿڃ پياڪ ٻار جي ماءُ ۽ ننڍڙي ٻار کي گھڻو پيارجي.


    باب ستون: ساهه جون بيماريون Respiratory Disorder

    نمونيا Pneumonia

    بيماريءَ متعلق ڄاڻ Introduction
    ميڊيڪل سائنس ۾ نمونيا جو مطلب آهي ڦڦڙن جي سوڄ ۽ سور (Inflammation)جيڪا ڦڦڙ جي پنهنجي جسم جي ڳرُ (Parenchyma)ڦڦڙن جي خانن (Cellular) ۽ ڦپڙن جي هوادان (Alveoles)۾ ڳاڙهي/ گند (Exudation)ڀرجي وڃڻ جي نتيجي ۾ ٿئي ٿو.
    جيئن ته هيءَ بيماري هر عمر جي ماڻهوءَ کي ٿي سگھي ٿي، پر گھڻائي هن بيماريءَ جو حملو ٿڃ پياڪ ٻارن کان وٺي ٻارهن سالن جي عمر تائين، پوڙهن ۽ ضعيف ماڻهن تي ٿئي ٿو. ٻارن لاءِ هيءَ بيماري تمام مهلڪ بيماري آهي.
    موسم جي بدلجڻ، گھم ۽ سيارو هن بيماريءَ جي ٿيڻ جو پڻ سبب بڻيو آهي. پر گھڻائيءَ ۾ هن بيماري جو حملو سياري جي موسم ۾ ٿئي ٿو. ان ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته هن بيماريءَ جو اوج سياري جي موسم ۾ هوندو آهي. هيءَ بيماري اڪثر ڪري ٻارن ۾ وڌيڪ ڏٺي ويندي آهي، جن جي وڏن کي دم، سلهه يا کنگهه وغيره مان لنگھي آيا آهن. اهڙا مائٽ انهن ٻارن جي ڪپڙن ۽ کاڌ خوراڪ جو خيال نه رکندا آهن، مگر اهڙين آبادين ۾ رهندا آهن جتي صفائي جو نظام صحيح نه هوندو آهي ۽ نه وري پيئڻ جو پاڻي پڻ صاف نه هوندو آهي.

    بيماريءَ جو علم:Epidemiology
    W.H.O جي مطابق هر سال 5 سالن کان گٽ ٻارن ۾ 150 ملين ڪيس ڏٺا ويا آهن ۽ انهن مان وري 4 ملين هر سال، ان بيماريءَ جي ڪري فوت ٿي وڃن ٿا. لڳ ڀڳ 1/3rdملين ٻارن کي ساهه جي هيٺئين حصي ۾ تڪليف ٿئي ٿي، زندگيءَ جي پهرين سال ۾. نمونيا جو اندازو 1000 ٻارن تي تقريباََ 130 کان 160 آهي هر سال ٿئي ٿو. هڪ کان 5 سالن جي جي عمر ۾. اڪثر سياري جي ٿڌي موسم ۾ ٿئي ٿو ۽ اهڙين جڳهين تي جتي تمام گهڻا ماڻهو هوندا آهن يا جڳهه کان زياده.

    ڳڻتيءَ جون نشانيون: Risk Factors
    • معصوم ننڍا ٻار 12 مهينن کان گهٽ عمر جا.
    • جن جي آمدني گھٽ هجي.
    • جتي سگريٽن جو استمال گھڻو ٿيندو هجي.
    • حفاظتي ٽُڪا نه لڳل هجن.
    • جن ٻارن ماءُ جي ٿڃ نه پيتي هجي.
    • ڪمري ۾ گھڻا ماڻهو هجن.
    • ڪمزور ٻار.

    نمونيا ٿيڻ جا سبب: Etiology
    نمونيا ٿيڻ جا سبب گھڻن ئي قسن جي وائرسن/ جيوڙن جي ڪري ٿيندا آهن. اسٽريپٽو ڪوڪس نموني تمام گھڻو سبب آهي ٻارن جي بيماريءَ جو، ويندي نون ڄاول ٻارن جو. اهو وائرس تمام گھڻو آهي. 5 سالن کان گهٽ ٻارن ۾ 14 کان 35 سيڪڙو ڪيسن ۾. 5 سالن کان مٿي جي ٻارن ۾ مائڪو پلازما نمونيا Pneumoniae Mycoplasma ۽ ڪليمڊو فليا Calamydophila تمام گھڻا هوندا آهن يا ظاهر ٿيندا آهن. هيٺ عمر جي حساب سان انهن جيوڙن / وائرس جا نالا ڏجن ٿا:


    نوان ڄاول ٻار: Neonates
    1) اِي ڪُولي E. Coli
    2) اسٽرپٽو ڪوڪس گروپ بي Grop . B. Streptococcus, GBS
    3) ڪليب سيلا Klebsiella
    4) اسٽيف. اِيورس Staph. Aureus
    5) سيوڊو سوناس Pseudomonas

    معصوم ننڍا ٻار: Infants
    1) ايڇ انفلوئنزي بي H. Influenzae. B
    2) اسٽريب نموني S. Pneumoniae
    3) اسٽيف اِيورسز Staph Aureueses
    4) بارڊيٽيلا پرٽيوسز Boraditella Pertussis
    5) ڪليمپيڊيا ٽريڪيمائيس Chlamydia Trachomatis

    ٻار هڪ کان پنج سالن تائين: Children (1-5 years)
    1) ايس – نمونيا S. Pneumoniae
    2) ايڇ انفلوئنزي بي H. Influenza B.
    3) اسٽرپٽو ڪوڪس پايوجنس Streptococcus Pyogenes
    4) اسٽيف اِيورس S. Aureaus

    ٻار پنجن سالن کان مٿي: Children (above 5 years)
    1) ايس نمونيئيS. Pneumoniae
    2) مائيڪو پلازما نمونيئيMycoplasma Pneumoniae
    3) ڪليمڊو فليا نمونيئيClamydophila Pneumoniae
    4) ايڇ انفلوئنزي H. Influenza B.
    5) اسٽيف اِيورس S. Aureus

    بيماريءَ جو نشانيون: Clinical Feature
     بخار گھڻو تيز ٿيندو آهي
     کنگھه گھڻو ڪري ڄاري واري ٿيندي آهي.
     ٻار ڏاڍا تڪڙا ساهه کڻندو آهي.
     الٽي – دل ڪچي ٿيڻ – سست ۽ ڪاهل.
     ٻار جڏهن ساهه کڻندو ته اُهو تڪڙو ۽ جلدي جلدي ۽ اڻ پورو کڻندو ۽ جڏهن ساهه ڇڏيندو ته ڪنجھڻ جو آواز ايندو آهي. نڙي ۽ ڇاتيءَ مان سر سر جو آواز ڪڍندو آهي
     مريض ٻار جون نانسون هر ساهه سان گڏ ڦوٽاربيون آهن ۽ ڦڦڙن وانگر هلنديون آهن.
     مريض ٻار جي ناسن هلڻ/ جھلڻ / ڦوٽارجڻ سان گڏ مريض کي ساهه ۾ تنگي ٿيندي ۽ سندس منهن نيرو ٿي ويندو آهي.
     ٻار کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيندي آهي. ٻار کاڌو به کائي نه سگھندو، پيٽ ۾ سور ۽ ڇاتيءَ جي هيٺئين حصي ۾ سور ٿيندو اٿس.

    W.H.O جي حساب سان مختلف عمرين ۾ ٻار ڪيترا دفعا ساهه کڻندو آهي. هيٺ ڏجي ٿو:
    • معصوم ننڍو ٻار ٻن مهينن کان گهٽ، هڪ منٽ ۾ 60 دفعا ساهه کڻندو.
    • 2 کان 12 مهينن جو ٻار، هڪ منٽ ۾ 50 دفعا ساهه کڻندو .
    • هڪ سال کان 5 سالن تائين هڪ منٽ ۾ 40 دفعا ساهه کڻندو.
    • 5 سالن کان مٿي جو ٻار، هڪ منٽ ۾ 20 دفعا ساهه کڻندو.

    خطرناڪ نشانيون: Danger Signs
    معصوم ننڍن ٻارن ۾ نمونيا جون نشانيون ڏنيون ويون آهن:
    • ٻار ڪجهه به پي نه سگھندوInability to Drink
    • هلچل Convulsions
    • رنگ نيرو ٿيڻ Central Cynosis
    • آواز ڪڍڻ آرام واري ٻار ۾ Strider in a calm child
    • ظاهري طرح ڪمزور ٻار Clinically Sever Malnutrition

    ليبارٽري ٽيسٽون Labs. Tests
    ليبارٽري ٽيسٽن سان ٻار جي متعلق چڱيءَ طرح معلومات حاصل ڪرڻ ۽ چڱيءَ طرح چڪاس ڪرڻ لاءِ مدد ملي ويندي آهي.
    • بخار جو هجڻ، کنگهه جو هجڻ، اهو نمونيا ظاهر ڪري ٿو. ٻار جي عمر.
    • تازو ڇا مٿئين ڇاتيءَ جو سور Upper respiratory tract infection
    • بخار سان گڏ نمونيا جون علامتون
    • کنگهه، ڇاتيءَ جو سور، ساهه گھٽجڻ، تڪليف سان ساهه کڻن.
    • رت جي چڪاس دوران رت جا اڇا جزا وڌيل Leucocytosis هوندا آهن.
    • بلڊ ڪلچر ڪرائڻ سان ڪا خاص مدد نه ملندي. جيڪڏهن مريض Toxic lookنيلو پيلو لڳندو ته پوءِ اسپتال داخل ڪرائجي.
    • ڇاتيءَ جي ايڪسري ۾ بيماري ۾ ورتل ڦڦڙ جي حصي تي داغ هوندو.

    علاج: Management
    مدد ڪندڙ علاج:

    • آرام سان گڏ سٺو کاڌو
    • آڪسيجن جيتري ضرورت هجي. 2 کان 4 لٽر/منٽ
    • نيبلائيزن جي ضرورت پوندي.
    • پاڻياٺ جي گھٽتائي کي پورو ڪرڻ
    • کائڻ لاءِ همٿائڻ يا مدد ڪرڻ
    • بخار لاهڻ لاءِ پيرا سٽامول

    دوا 7 کان 10 ڏينهن ڏيڻ گھرجي:
    • جيوڙن موجب علاج ڪرڻ گھرجي
    • نيوموڪوڪس – بينزائيل پينسلين Benzyl Pencilline
    • سيفلو سپائرن Cephalosporins
    • اسٽرپٽو ڪوڪس – بينزائيل پينسلن – ايروٿرو ماسين – ايڇ انفلونزي – ڪلورفينيڪل – سيڪنڊ ۽ ٿرڊ جنريشن – سيفلسو پائرن – اِي ڪولا – جينٽامائين/ اميڪين.

    ٽيوبرڪلوسر = ٽي بي دوائون:
    بيماريءَ دوران ۽ پوءِ تڪليفون:
    • ڦڦڙن ۾ گند ڀرجي ويندو آهي Empyema
    • ڦڦڙڻ ۾ ڳنڍو/ ڳوڙهو ٿي پوندو آهي Abcess
    • گردن ٽوڙ بخار ٿي سگھي ٿو Meningitis
    • ڪنن ۾ سوڄ ۽ سور
    • ساهه ۾ تڪليف

    بچاءُ:
    صفائي سٿرائي جو خيال رکڻ گھرجي. ٻار کي ماءُ جو کير هر هر پيارجي . خوراڪ جو خاص خيال رکجي. حفاظتي ٽڪا وقت سر لڳائڻ گھرجن. خاص ڪري نيموڪوڪل ۽ ايڇ انفلوئنزي ٽائيپ B. ٿڌ کان خيال ڪرڻ گھرجي. پاڻيءَ جي گھٽتائي کي پورو ڪجي.


    دم – دمڪشي، اُڀ ساهي – ساهه جي بيماري (Asthma)

    Asthma يوناني ٻولي مان ورتل آهي. جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ Hard Breathing.
    دم عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگهي ٿو. پر ڏٺو اهو ويو آهي ته گهڻائي ۾ دم ٻارو تڻي ۾ ٿيندو آهي. ٻارو تڻي ۾ ڇوڪرن جي مقابلي ۾ ڇوڪرين کي دم وڌيڪ ٿئي ٿو. 80% ٻارن ۾ دم جي بيماري جي اوسر سندن عمر جي 5 سالن کان ئي شروع ٿئي ٿي. باقي 20% ٻارن ۾ دم جي بيماري جي اوسر عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگهي ٿي.

    بيماري ٿيڻ جا سبب (Etiology)
    • هڪ مورثي مرض (Atopy)
    • سموڪر (سگريٽ ڇڪيندڙ وغيره) جو دونهون
    • الرجي جو اندر هليو وڃڻ (Inhaled)
    • مٽي جو طوفان
    • جانورن جو Danders
    • ڪاڪروچ (Cockroaches)
    • سخت ڪيميڪل جي بوءِ (Odours)
    • ٿڪل
    • ٿڌي هوا (Cold air)
    • مورثي يا پيدائشي (Inheritance)

    بيماري جون نشانيون يا علامتون (Clinical Features)
    • کونگهرا، سهڪو (Wheezing) ڇاتيءَ مان ننڍڙا آواز ايندا آهن.
    • کنگهه (Cough) خشڪ هوندي آهي.
    • ٻار کي جڏهن ساهه ۾ تنگي وڌي ويندي آهي ته ٻار تڪڙا تڪڙا ساهه کڻندو آهي ۽ کيس اُڀ ساهي (Shortness of breath) ٿي پوندي آهي.
    • جڏهن ٻار کي ساهه ۾ تنگي ٿيندي آهي ته ڪيترن ٻارن کي ساهه کڻڻ Inspiration ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي.
    • ڇاتيءَ ۾ سوڙهه محسوس ٿيندي آهي.
    • ٻار کي ڊگهي (Prolonged) کنگهه ٿيندي آهي.
    • ساهه ۾ تنگي (Dyspnoea) آهي.
    • ورزش يا ڊڪڻ سان ساهه ۾ تڪليف.
    • ٻار نيلو (Cyanosis) ٿي ويندو.
    • تڪڙا تڪڙا ساهه کڻندو.
    • پيٽ ۾ سور محسوس ڪندو.

    بيماري لاءِ خاص نشانيون
    • تازو وري ٿيندڙ سهڪو
    • کنگهه گهٽ ۾ گهٽ ٻه هفتا
    • ساهه کڻڻ ۾ وري تڪليف
    • وري ڇاتي ۾ سوڙهه محسوس ٿيڻ

    علاج
    • ساهه وارن نالين کي کولڻ واري دوا (Bronchodilator) ڏجي.
    • زندگي کي بچائڻ واري دوا (Corticosteriods) ڏجي.
    • نيبلازيشن (Nebulization) ڪجي.
    • الرجي کان بچاءُ لاءِ دوا ڏجي.
    • آڪسيجن ڏجي.

    Don’ts =هيٺيون شيون نه ڏيڻ گهرجن
    • آرام ڪرڻ جون دوائون (Sedatives)
    • مبغنيشم سلڦيٽ
    • ڇاتي جي مالش يا Physical Therapy اها تڪليف وڌائيندي
    • پاڻي جي کوٽ لاءِ وڏن ۽ ننڍن ٻارن (Older Children) کي گهڻو پاڻي فليڊ (Fluid) نه ڏيڻ گهرجي.
    • اينٽيبايوٽڪ (Antibiotics)


    باب اٺون: رت جون بيماريون Heamotological Disorder

    رت جي گھٽتائي Iron deficiency Anemia

    رت جي گھٽتائي هڪ خاص بيماري آهي، جيڪا سڀني رت جي گھٽتائن جي بيمارين مان هڪ آهي جيڪا 6 مهينن کان 2 سالن جي ٻارن ۾ ڏٺي وئي آهي. آئرن جي گھٽتائي جي ڪري ائين ٿئي ٿو.
    جيڪي مائرون حمل دوران رت وڌائڻ لاءِ ۽ خوراڪ نٿيون ڪن، انهن جي ٻارن ۾ فولاد جي گھٽتائي ٿئي ٿي ۽ اهي ٻار کاڌ خوراڪ جون شيون به گھٽ واپرائين ٿا يا وري محدود وسائل هئڻ سبب ٻارن کي سٺي خوراڪ نٿي ڏني وڃي.

    بيماريءَ جو علم – پکڙجندڙ بيماريءَ جو علم: Epidemiology
    رت جي گھٽتائي ۾ اڪثر ڪري 700 کان 800 ملين ٽئين دنيا جي ملڪن جا ماڻهو 40 سيڪڙو سڀني عمرن جا رت جي گھٽتائي جي وڪڙ ۾ آهن.
    پاڪستان ۾ سڀني رت جي گھٽتائي جي بيمارين جا 83 سيڪڙو آهن.

    سبب: Causes
    • گھٽ وزن وارا ٻارLBW
    • بي وقتا ٻارPremature
    • ڄمڻ سان رت جي گھٽتائي وارا ٻار جن ۾ رت تبديل ڪبو آهي. Rh:Incompatibility
    • کاڌي پيتي جو اڻپورو هاضمو
    • ننڍي آنڊي جي بيماري: چير ڦاڙ جو عمل Malabsorption
    • ڪهنو يا پراڻا دست
    • رت گھٽجڻ ڪري Occult Blood Loss
    • ڪيڙن جي ڪري
    • پائخاني وارو ڊگھي شڪل جو ڦٽ
    • کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي.

    نشانيون: Clinical Features
    • چيڙاڪ
    • دل ڪچي ٿيڻ
    • جلدي ٿڪجڻ
    • کير پيئندڙ ٻار
    • ٿلهو – نيلو – پيلو
    • وڌڻ جون صلاحيتون گھٽجي وينديون.
    • دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿي ويندي
    • ساهه ٻوساٽجڻ
    • ٿڪل
    • مٿي جو سور
    • پيٽ دوران (حمل) ميٽ کائڻ H/o Pica
    • ڪيڙن جو هجڻ

    مرض جي تشخيص: Diagnosis
    • H.B هيمو گلوبن جو گھٽجڻ
    • رت جي ڳاڙهن جزن جو گھٽجڻ
    • Low MCH and MCV

    علاج:
    • رت وڌائڻ لاءِ دوا احتياطن ڏيڻ گھرجي، 4mg/kg (2 m to 3y) تمام گھٽ وزن واري ٻار کي V.V. LBW 3mg/kg 2 m to 3 ys گھٽ وارن ٻارن کي 1mg/kg full term Babiesپوري پني ٻار کي 4 سالن کان 10 سالن جي ٻار کي 10 mg۽ 11 سالن کان مٿي واري ٻار کي 18mgدوا جي طور فيريس سلفيٽ Elemental Iron 6mg/kg/day وات جي ذريعي ڏجي 5 مهينن لاءِ.
    • رت به لڳائي سگھجي ٿو. جي زياده رت جي گھٽتائي هجي يا رت وهندڙ هجي.
    • ۽ صحيح خوراڪ ڏجي، جنهن ۾ Iron زياده هجي.
    • ڦل فروٽ به ڏجي.
    • اُهي شيون جيڪي ٻارن جو رت وڌائين ٿيون.
    • سختيءَ سان 6 مهينن تائين صرف ماءُ جو کير ڏجي ۽ ٻيو ڪوبه کير (دٻي، ڳئون، ٻڪري ۽ مينهن جو) نه ڏجي.
    • 6 مهينن کان پوءِ ٺوس کاڌو Cerralac ڏجي.
    • ڳئون جو کير هڪ سال اندر نه ڏيڻ گھرجي.
    • اُهي کاڌا ڏيڻ گھرجن جنهن جي ڪري رت Iron زياده ٿئي. مثال طور ڳاڙهو گوشت، ڪاريون سايون ڀاڄيون ۽ داليون ڏجن.


    ٿئلسيما : Thalassemia

    ٿئلسيما هڪ يوناني لفظ آهي. اسين ان لفظ جو ڇيد ڪنداسون ته ان جي معنيٰ ٿيندي Thalass . جنهن يوناني لفظ جي معنيٰ آهي سمنڊ Sea ۽ هيمنا Hemina جي معنيٰ آهي رت Blood .
    هينئر به رت جي هي مهلڪ بيماري دنيا جي هرهڪ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿئي ٿي. هن دنيا جو زور ميڊيٽيرين سمنڊ Mediternian Sea جي علائقن ۾ تمام گھڻو آهي. اتر آفريڪا، مڊل ايسٽ ۽ ايشيا جا ملڪ جنهن ۾ خاص ڪري بنگلا ديش، سيلون، هندستان ۽ پاڪستان ۾ هي بيماري هڪ سروي مطابق ملڪ جي سڄي آدمشماري ۾ 6 کان 8 سيڪڙو آهي.

    قسم:
    هن بيماريءَ جا ٽي قسم آهن:
    1) ٿئلسيميا ميجر Major Thalassemiaجڏهن پيٽ واري ٻار جي رت جو جزو 50 سيڪڙو ليول کان وڌيڪ هجي.
    2) وچ واري ٿئلسيميا Thalassemia Intermedia جنهن ۾ پيٽ واري ٻار جو جزو 10 کان 15 سيڪڙو جي وچ ۾ هجي.
    3) ٿئلسيميا مائينر Minor Thalassemiaجنهن ۾ پيٽ واري ٻار جي رت جو جزو 10 سيڪڙو کان گھٽ هجي.

    بيماري ٿيڻ جا سبب:Etiology
    ٿئلسيميا جي بيماريءَ جي متعلق پوري ڄاڻ اڃان نه ملي آهي ته هيءَ بيماري ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ٿئي ٿي. هن لاءِ ماهرن پنهنجا پنهنجا مختلف رايا آهن:

    1. موروثي بيماري: Hereditary Disease
    هيءَ بيماري ٻارن کي تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن ٻارن جي مائٽن جي رت جي ڳاڙهن جزن جي ڪيميائي مرڪب Hamoglobin synthesis ۾ خلل ڪري رت جي لمحياتي (سڻڀي) مرڪب Polypeptic ۾ ٿورو يا مڪمل نقص هجي جنهن جي ڪري ٻار (ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ جو ٻار) جي رت جي ڳاڙهن جزن Erythrocytes جي بنيادي ذرڙن Molecules جي نظام ۾ تباهي ٿئي جنهن جي ڪري ٻار کي ٿئليسيما جي بيماري ٿئي ٿي.

    2 .جينياتي خلل: Genetic Defect
    هيءَ بيماري ٻار کي تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن ماءُ ۽ پيءُ مان ڪنهن به هڪ جي (ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي جي) رت ۾ موجود پروٽين Globin جي گھٽتائي ڪري يا رت جي ڳاڙهن جزن ۾ پروٽين جي گھٽ ٺهڻ جي ڪري، رت جي ڳاڙهن جزن ۽ رت جا نيساوي ذرڙا Molecules ناقص ٺهندا آهن. جنهن ڪري ٻار کي ڄمڻ کان پوءِ رت جي گھٽتائي Anaemia جي بيماري ٿيندي آهي. جنهن جي اڳتي هلي ٿئليسيميا ٿيڻ جو سبب بڻبي آهي. ياد رهي ته ماءُ پيءُ جي هن قسم جي جنياتي خلل کي Autosomal Defect يعي نرماد جو (جنياتي) خلل پڻ چئبو آهي.

    ٿيليسيما جون علامتون: Clinical Feature
    • ٻار جو منهن ڦڪو (پيلو) هوندو آهي.
    • ٻار کي رت جي تمام گهڻي گھٽتائي Anaemia هوندي آهي. هن قسم جي ٿيليسيميا کي Coolys Anaemia به چيو ويندو آهي.
    • بخار عام طور تي گھٽ هوندو آهي.
    • ٻار جي جسماني اوسر (واڌ ويجهه) دير سان يا سست ٿيندي آهي.
    • ٻار جي بک مئل هوندي آهي.
    • ٻار جي منهن جي هڏن ۾ سور ٿيندو آهي.
    • ٻار جلد ٿڪجي پوندو آهي.
    • جيرو ۽ تري وڌي ويندي آهي.
    • ٻار پورو ڪمزور نظر ايندو.
    • ٻار جي مشڪن جي ڪمزوري ۽ سسي وڃڻ ڪري ٻار جو جسم ڦلڙو، ٻانهون ۽ ٽنگون (مشڪن جي سسي وڃڻ ڪري) سنهيون هونديون آهن.
    • جڏهن بيماري گھڻي وڌي ويندي آهي ته ٻار ڏسڻ ۾ موڳو، سست، ساڻو (نستو) ايندو آهي.

    علاج:
    • ڪو خاص علاج نه آهي.
    • بار بار رت لڳائڻو پوندو آهي ته جيئنHb ليول 10mg/dجي ليول کان مٿي هجي.
    • سئي ڊسفيرول
    • هائڊرو آڪسسيورا Hydroxyureaبيماري کي گھٽائڻ لاءِ.
    • وٽامن سِي C جي سپليمينٽيشن.
    • خاص ڪيسن ۾ تري ڪڍي ڇڏبي آهي Spleenectomy
    • بون ميرو جي تبديلي. انهيءَ ۾ خرچ آهي پر مريض لاءِ 50 سيڪڙو ڀلو آهي.
    مونجھاري واريون (نازڪ) حالتون: Complications
    • هيموسائيڊروسز Haemosiderosis
    • ٻار جي واڌ ويجهه گھٽجي ويندي آهي.Growth Retardation
    • دل بيهي وڃڻCardiac Failure
    • انفيڪشن وڌي وڃڻ جا موقعا Increased chance of infection
    • جواني به دير سان شروع ٿيندي آهي
    • شگر جي بيماري Diabetiesوڌي وڃڻ جا امڪان

    بيماري کان بچاءُ: Prevention
    • سئوٽ ماسات Cousin Marriagesسان شاديون نه رچايو.
    • گھوٽ ڪنوار Coupleٻنهي جي شادي کان اڳ Hb Electrophoresis چڪاس ڪرڻ گھرجي. اهڙو قانون سنڌ اسيمبلي به پاس ڪيو آهي.
    • عام ماڻهن کي انهيءَ بيماري لاءِ ڄاڻ ڏيڻ گھرجي.
    • جنياتي معلومات لاءِ ڄاڻ ڏيڻ ۽ سمجھائڻ ضروري آهي.


    باب نائون:دل جون بيماريون Cardio Vascucular

    دل جا نقص جيڪي پيدائشي هجن

    دل جا نقص جيڪي پيدائشي هجن
    Tetralogy of Fallot (TOF)


    هيءَ بيماري ٻارن ۾ ڄمڻ وقت By Birth ڏٺي وئي آهي ۽ ان جو ئي حصو آهي. لفظ Tetralogy جو مطلب آهي چار. يعني چار Cardinal نشانيون ٽيٽرالاجي آف فيلٽ ۾ ڏٺيون ويون آهن.
    I. V.S.D
    II. Overridding & aorta
    III. Pulmonary Stenosis
    IV. Right Ventricular hypertrophy

    نشانيون: Symptoms
    • نيرو
    • ساهه کڻڻ جي تڪليف
    • وقت به وقت ڇاتيءَ جو انفيڪشن Recurrent
    • وڌڻ ويجھڻ جي گھٽتائي يا کوٽ
    • ورزش تي پلٿي هڻي ويهڻ Squatting on excercise

    نشاني يا علامت:
    • وڏن ٻارن ۾ آڱر ۽ آڱوٺي جو نيرو يا ٽيڙو ٿيڻ
    • دل جي ڌڙڪن جو تيز ٿيڻ

    مرض جي تشخيص: Investigations
    • ڇاتيءَ جو فوٽو جنهن ۾ بوٽ وانگر دل نظر ايندي
    • بلڊ ڪائونٽ Blood counts
    • دل جي پٽي E.C.G
    • ايڪو ڪارڊيوگرافي Echocardiography

    مونجھارا: Complications
    • C.V.A
    • دماغ جي پونء Brain Abcess
    • وڌڻ ويجهڻ جو گهٽجڻ
    • رت جي ڪمي
    • موت Death

    علاج: Treatment
    ٻن قسمن جو علاج آهي. هڪ دوائن ذريعي Medical Management ۽ ٻيو سرجيڪل Surgical Management


    باب ڏهون: گڏيل بيماريون Miscellaneous Disease

    ڪن جو سور (Otitis Media)

    ڪن جو سور ٻارن ۾ وچڙندڙ مرض آهي. جيڪو 6 مهينن کان 3 سالن جي اندر ٻارن ۾ ٿئي ٿو.
    ڪن جي اندرين حصي ۾ پاڻياٺ (Fluids) يا پيپ (Pep) ڀرجي ويندي آهي، جنهن جي ڪري ڪن سُڄي پوندو آهي.

    بيماري متعلق ڄاڻ (Epidemiology)
    بيمار ٻارن ۾ اڪثر ڪري ڪن جو سور ٿئي ٿو. خاص سبب آهي اينٽيبايوٽڪ دوائن جو زياده کان زياده استعمال ڪرڻ. اهو اڪثر ننڍن ٻارن جيڪي هڪ سال گهٽ عمر جا آهن. تقريباً 60% کان 80% ٻارن ۾ هڪ دفعو ڪن جو سور ضرور ٿئي ٿو ۽ 80% کان 90% ٻن کان ٽن سالن جي ٻارن ۾ ٿئي ٿو. ڪن جو سور ڇوڪرين جي مقابلي ۾ ٻارن ڇوڪرن کي زياده ٿئي ٿو. حفاظتي ٽڪن نيمو ڪوڪل ۽ HIB يعني ايڇ اينفليزا جي ڪري ڪن جو پاڻياٺ، پيپ ۽ سور گهٽبو آهي.

    بيماري ٿيڻ جا سبب (Etiology)
    مختلف ٻارن ۾ ڪنن جي وسيلي بيڪٽريا يا وائرل جيوڙا جيڪي ساهه جي سرشتي تحت بيماريون ڦهلائين ٿا.

    Risk Factors
    عمر = اڪثر ڪري 6 کان 18 مهينن جي عمر ۾ ڪن جو سور زياده هوندو آهي.
    • خانداني تڪليف.
    • سڄو ڏينهن ٻار جيڪي ماسين يا نرسن جي حوالي هوندا آهن.
    • جيڪي ٻار ماءُ جو کير نه پيئندا آهن.
    • سگريٽ ڇڪيندڙ ۽ گندي هوا.
    • غربت ۽ گهر ۾ زياده رهندڙ ماڻهو.
    • سردي ۽ خزان جي موسم.

    نشانيون (Clinical Features)
    خاص نشانيون مثلاً بخار، لڇ پڇ، مٿي جو سور، بي حسي، بي پرواهه، کاڌي لاءِ چاهه نه هجڻ، الٽي، دست ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻار ڪن کي ڇڪيندو آهي ۽ وڏن ٻارن ۾ سور خاص نشاني آهي ۽ ڪن سُڄي پوندو آهي. ڪن مان پيپ وهندي آهي ۽ پڻ بوءِ به محسوس ٿيندي آهي.

    مونجهارا (Complications)
    • ٻڌڻ جي سگهه گهٽجڻ (Hearing loss)
    • نه سنڀالڻ ۽ دماغ جو مسئلو
    • وچين ڪن جو سوڄ
    • ڪن جي ايراضي جي سوڄ
    • ڪن جو اندريون حصو

    علاج:
    • بخار ۽ سور لاءِ پيراسٽامول ۽ بروفين شربت استعمال ڪجي.
    • زڪام واري ڪا به ٽڪي استعمال نه ڪجي. ان جو ڪو به فائدو نه آهي.
    • ڪن جي بيماري يا سور لاءِ اينٽي بايوٽڪ استعمال نه ڪجي.
    • ايموڪسل(Amoxil) پسنديده دوا آهي، جيڪا صحيح آهي ۽ نقصان ڏيندڙ نه آهي ۽ فائديمند پڻ آهي. سَستي پڻ آهي.
    • سيپٽران پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

    اُپاءُ (Preventions)
    • صفائي جو خاص خيال رکڻ گهرجي.
    • ٻار کي سگريٽ پيئندڙ کان ۽ ڏينهن جو جمع ڪرائيندڙ سينٽرن کان پاسوڪرڻ گهرجي.
    • ٻار کي ماءُ جو کير گهڻي مقدار ۾ پيارجي.
    • ٻار کي وهنجارڻ وقت اهو خيال رکجي ته ٻار کي ڪن ۾ پاڻي نه وڃي.
    • ٻار کي زمين تي نه سمهارجي متان ٻار جي ڪن ۾ ڪو جيت نه هليو وڃي.
    • ٻار کي ڪن ۾ گند جي ڪري سور کان اڳ يا پوءِ ڪن کي صاف ڪرائڻ لاءِ پچڪاري هڻائڻ پڻ خطرناڪ آهي.


    ڊينگي بخار Dengue Fever (D.F)

    هي ڊينگي بخار اسان جي ملڪ ۾ پهريون ڀيرو 2006ع ۾ منهن ڪڍيو. نئين بيماري هجڻ جي ڪري وڏي ڦڙڦوٽ پئجي وئي. بيماريءَ متعلق گھڻي ڄاڻ نه هجڻ سبب، ڏسندي ڏسندي ڪيترا ئي مريض موت جي بک بڻجي ويا. ڏينهون ڏينهن هي بيماري وڌندي رهي.
    ڊينگي بخار جو مڇر فليو ويرائيڊاءِ (Flaviviridae) ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو. جنهن ڪٽنب ۾ ٻن قسمن جا مڇر ڊينگي بخار جو ڪارڻ بنجن ٿا. هڪ جو نالو ايڊيز آئيجائپٽس (Ades Aegypte) ۽ ٻئي مڇر جو نالو ايڊيز البويڪٽس (Ades Albopictus)آهي.
    هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته مليريا ۾ رت دير سان روڳي ٿئي ٿو، پر ڊينگي بخار ۾ رت کي جيتري گرمي ملندي آهي اوترو جلدي روڳي ٿيندو آهي. تنهن کان سواءِ مليريا جو مڇر گھڻو ڪري رات جي وڳوڙي ۾ حملو ڪري ٿو، جڏهن ته ڊينگي مڇر سوجھري ۾ صبح جو 6 وڳي کان 9 وڳي جي اندر ۽ شام جو 4 وڳي کان سج لٿي کان پهريائين حملو ڪري ٿو. مليريا جو بخار واري سان ٿيندو آهي ۽ ڊينگي بخار ساندهه هلندو آهي.

    بيماريءَ جو علم: Epidemiology
    • ڊينگي بخار (D.F) جاري ۽ ساري آهي. مڇر وسيلي وائرل بيماري موت ۽ فنا سان.
    • نقصان وارو جيوڙو ڦهلجي يا داخل ٿئي ٿو. زهريلي چڪ عورت ايڊز آئيجائٽي سان زهر ڦهلجي ٿو.
    • 50 سالن ۾ ٽيهوڻو اثر وڌيو آهي.
    • دنيا جي 112 ملڪن کان مٿي موجود آهي.
    • دنيا جي آبادي جو لڳ ڀڳ 2.5 کان 3 ڏهه کرب رسڪ تي آهن. ڊينگي بخار جي زخم سان. 5 کان 100 ڏهه لک ڊينگي بخار جا ڪيس ۽ 0.5 ڏهه لک خوني ڊينگي بخار جا ڪيس ظاهر ٿين ٿا پوري دنيا ۾.
    • پاڪستان ۾ ڊينگي بخار وڌندو ٿو وڃي ڪجهه سالن جي اندر گرمي ۽ خزا ۾ 2011ع ٽوٽل ڪيس 32000 کان مٿي ۽ 350 موت کان مٿي.
    عام ڊينگي بخار جون نشانيون: Chinical Featiors
    • مريض کي اوچتو سرديءَ سان بخار ٿيندو آهي. جيڪو 102oF فارن هائيٽ کان وڌي تڪڙو 105 فارن هائيٽ تائين پهچندو آهي. عام حالتن ۾ بخار جو سانده ٽن کان پنجن ڏينهن تائين اوج هوندو آهي.
    • مريض کي تمام گھڻي سستي ٿيندي آهي. اکين تي سوڄ ۽ غنودگي ٿيندي آهي.
    • مريض جي دل ڪچي ٿيندي آهي. اٻڙڪا ۽ آت ايندا آهن ۽ آخر ۾ الٽي ايندي آهي.
    • مريض کي مٿي ۾ سخت سور هوندو آهي.
    • مريض جي وات جو ذائقو خراب ٿي ويندو آهي. زبان به خشڪ ٿي ويندي آهي.
    • مريض کي گوڏن ۾ به سور ٿيندو آهي.
    • مريض کي نڪهري ايندي آهي ۽ مسوڙن مان رت وهندو آهي.
    • مريض کي اکين ۾ به سور ٿيندو آهي ۽ گوشت/نسن (Muscles)۾ سور ٿيندو آهي.
    • مريض ۾ پاڻياٺ جي گھٽتائي ٿي ويندي آهي.
    • ۽ بعد ۾ ريش يا سنها سنها داڻا نڪرندا آهن.

    مونجھارو: Complications
    • دماغ تي سوڄ جيڪا انفيڪشن جي ڪري ٿئي ٿي.
    • جھٽڪا
    • نڪهري
    • رت وهڻ
    • دل جي ناڪامي Heart Failure
    • ساهه کڻن ۾ ناڪامي Respiratory Failure
    • ڦڦڙن تي سوڄ
    • رت ۾ کنڊ جي کوٽ
    • ڪيلشم جي گھٽتائي يا کوٽ
    • پيشاب جي کوٽ يا گھٽجڻ
    • جڏهن مريض جو بلڊ پريشر گھٽجي وڃي ته مريض هوش ۽ حواس وڃائي ويهي ٿو.

    خطرناڪ نشانيون:Danger Signs
    • صحيح نه ٿيڻ، خراب ٿيڻ
    • لڳاتار الٽي ۽ پاڻي پي نه سگھڻ
    • پيٽ ۾ سخت سور
    • ننڊاکڙو ۽ سڪون نه ملندڙ، اچانڪ تبديل ٿيندڙ رويو.
    • رت جوا چڻ، نڪهري، ڪاري ڪاڪوس جو اچڻ، رت جون الٽيون اچڻ، پيشاب ۾ رت اچڻ.
    • رت جو جسم ۾گھٽجڻ. ٿڌو، ڏڪندڙ هٿ ۽ پير.
    • 4-6 ڪلاڪن تائين پيشاب جو نه اچڻ.
    علاج- بغير دوائن جي:
    • پاڻيءَ جي گھٽتائي پوري ڪرڻ، مڇرداني لڳائڻ، الٽيءَ لاءِ الٽي جو شربت يا ٽڪيون ڏيڻ.
    دوائن وسيلي:
    • پاڻياٺ جي گٽتائي لاءِ O.R.S، بخار لاءِ پيرا سٽامول. اسپرين ۽ بروفين ڪڏهن به نه ڏجي. پاڻي جي زياده گھٽتائي هجي ته ڊرپس لڳائڻ گھرجن.

    ڏاهپ جا موتي: Pearls of Wisdom

    • 3 ڏينهن کان وڌيڪ بخار هجي ته ان کي ڊينگي بخار تصور ڪري سگھجي ٿو. چاهي ان کي ڪابه نشاني هجي يا نه هجي.
    • مڪمل صحت ٿيڻ ۾ 6 -10 ڏينهن لڳي سگھن ٿا.
    • جيڪي بخار جا ڪيس رپورٽ ٿين ته پڪ سمجھجي ته ان ۾ هڪ ڪيس ضرور ڊينگي بخار جو هوندو.
    • ڊينگي بخار جو ڪو خاص علاج ڪونهي.
    • مريضن کي صلاح ڏجي ته بخار ۾ دوا پيراسٽاول استعمال ڪري. آرام ڪرڻ سان گڏ گھڻو پاڻي پئي. جي سمجھجي ته مريض گھڻو بيمار آهي ته جلدي ۾ ٻارن جي ماهر ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي.

    بخار کان اڳ احتياط وارا اُپاءَ:Prevention
    • ڊينگي بخار جو ڪوبه خاص علاج ڪونهي. صرف احتياتي تدبيرون ڪجن.
    • ڊينگي بخار لاءِ اڃا تائين ڪا ويڪسين (ٽُڪا) به نه آئي آهي.
    • گھريلو استعمال لاءِ گڏ ڪيل پاڻي جيڪو زمين جي هيٺان ٽاڪين ۾ يا مٿي ٺهيل ٽانڪين ۾ هجي. دٻن ۽ ڊمن ۾ هجي ان کي چڱيءَ طرح ڍڪي رکجي. ائين نه ٿئي جو مڇر اچي اتي واڌ ويجھه ڪري.


    پيٽ جا ڪيڙا Worms Helminths

    ڪيڙا (Parasites) جيڪي ماڻهن ۾ ظاهر ٿين ٿا جيڪي ماڻهن ۾ انفيڪشن ڪن ٿا. اهي ٻار جيڪي مٽي کائن ٿا، ڀت تي رنگ ٿيل پينٽ يا ڪلر پٽي کائن ٿا يا پٽا وغيره کائن ٿا. انهن ۾ ڪيڙا گهڻا ٿين ٿا.
    ڪيڙن جا ڪيترائي قسم آهن. پر خاص ٽي آهن:
    1. گول ڪيڙا (Ascaris Lumbricoides) به چئبو آهي.
    2. ڪنڊيدار ڪيڙا (Acylostoma Duodenale) انهي کي Hook Worm به چئبو آهي.
    3. سيڪيون (Enterobiuis Vermicularis) ان کي Pin Worm به چئبو آهي.

    بيماريءَ جي ڄاڻ (Epidemiology)
    زمين مان تبديل ٿيندڙ ڪيڙا جنهن کي آنڊن جا ڪيڙا چوندا آهن. هي سڄي دنيا ۾ ٿين ٿا. تازي اندازي موجب گول ڪيڙا 1 billion ماڻهن تي بيماري حملو ڪري ٿي.
    بيماري ۾ مبتلا ماڻهو پنهنجي ڪاڪوس ۾ ڪيڙن جا آنا ڦهلائين ٿا زمين ۾ ۽ پوءِ اهي کاڌي کي خراب ڪن ٿا.

    1. گول ڪيڙا (Ascaris Lumbricoides)
    گول ڪيڙا شڪل شبيهه ۾ زمين ۾ رهندڙ ساپن جهڙا ٿيندا آهن.
    هي ڪيڙا هڪ کان 6 سالن جي ٻارن ۾ ٿين ٿا. اڪثر ٻارن کي پيٽ ۾ سور ٿئي ٿو. ڪافي دير کان پوءِ کنگهه، بلغم ۾ رت اچي ٿو. گول ڪيڙن جي ڪري پيٽ سڄي پئي ٿو.

    علاج:
    • ميبنڊيزول (100mg (Mebendazole ڏينهن ۾ ٻه دفعا ٽن ڏينهن لاءِ
    • يا پارينٽل پاموٽ 11mg/kg (هڪ گرام تائين)
    • يا البينڊيزول 400mg هڪ دفعو
    • يا نائيٽرو آڪسائيڊ (Nitazoxanide) 500mg ٻه دفعا ٽن ڏينهن لاءِ

    2. ڪنڊيدار ڪيڙا (Acytostoma Duodenals)
    هي ڪهڙي به عمر ۾ ٿيندا آهن. گرم ساحل ۽ زمين تي ٿيندا آهن. انسان کي انهيءَ جي چمڙي (Skin) کي انفيڪشن ڪري داخل ٿيندا آهن. پوءِ اهي ڦڦڙن ڏي منتقل ٿيندا آهن ۽ آخر ۾ ننڍي آنڊي ۾ رهندا آهن. اتي اهي ڪيڙا وڌي وڏا ٿيندا آهن. آنڊن جي ديوار سان لڳي ويندا آهن. اهي پوءِ اتي رت چوسڻ شروع ڪندا آهن ۽ آنا پڻ لاهيندا آهن.
    نشانيون (Clinical Features)
    (Anemia) رت جي گهٽتائي تمام گهڻي هوندي آهي. جسم ۾ خارش پڻ ٿيندي آهي، پيٽ جو سور به ٿيندو آهي. پيٽ سڄي ويندو آهي ۽ آفريل لڳندو آهي ۽ دست پڻ ٿيندا آهن. هڪڙو ڪيڙو 0.2–0.5 ml بلڊ رت چوسي ٿو هڪ ڏينهن ۾.

    علاج:
    • البيڊيزون 400mg هڪ دفعو.
    • يا مينڊيزول ٻه دفعا ڏينهن ۾ ٽن ڏينهن لاءِ.
    • يا پارينٽل پائموٽ 11mg/kg يا (تقريباً هڪ گرام) ٽن ڏينهن لاءِ ۽ رت وڌائڻ جي دوا به ڏيڻ گهرجي.

    3. سيڪيون (Enterobius Vermicularis)
    هي ڪيڙا ڪهڙي به عمر ۾ ٿي سگهن ٿا. هي ڪيڙا خراب گندن هٿن جي ڪري، گندن ڪپڙن جي ڪري ۽ گهرجي مٽي جي ڪري ٿين ٿا.

    نشانيون (Clinical Features)
    هي ڪيڙا ٻارن جي وڏي آنڊي ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن ۽ پوءِ سولائي سان ٻارن جي ليٽرين واري جاءِ تي پهچي آنا لاهين ٿا ۽ ويهڪ واري جاءِ تي خارش ڪن ٿا ۽ ٻارن جي ننڊ حرام ڪن ٿا. ٻار خارش ڪرڻ لاءِ دانهون ۽ رڙيون ڪندا آهن.

    علاج:
    • پارينٽل يا موٽ 11 mg/kg هڪ دفعو يا هڪ گرام تائين ڏئي سگهجي ٿو.
    • موبينڊيزون 100 mg هڪ دفعو يا لابينڊيزون400mg هڪ دفعو.
    • دوائون ٻن هفتن کان پوءِ وري ڏيڻ گهرجن.

    نشانيون (Clinical Features)
    خاص ڪري ڪي به نشانيون نه آهن.
    • پيٽ واريون نشانيون: الٽي، دست، ڪئي اچڻ، معدي جو سور، پيٽ جو وڌڻ.
    • رت جي کوٽ (Anemia) ۽ واڌ ويجهه جو گهٽجڻ.

    بچاءُ ۽ حفاظت:
    • سٺي صحت
    • هٿ هر وقت صاف رکڻ گھرجن.
    • صاف سٿرو پاڻي پيئڻ گهرجي.
    • سٺو کاڌو صحيح پچائي کائڻ گهرجي.
    • ٻارن جو ڪاڪوس خاص جڳهه تي اڇلڻ گهرجي.

    ڏاهپ جا موتي (Pearls of Wisdom)
    هميشه انهن ٻارن ۾ ڪيڙا تصور ڪيو جن ۾:
    • جيڪي سدائين مٽي کائيندا هجن. گنديون شيون ۽ ڀتين کي رهڙي کائن.
    • جن کي رت جي کوٽ (ڪمي) هجي.
    • ڪنهن به سبب جي پيٽ جو سور هجي.
    • ويهڪ واري جاءِ (يا ڪاڪوس واري جاءِ) تي خارش هجي خاص ڪري رات جو.
    • هميشه سڄي ڪٽنب جو علاج ڪيو نه صرف هڪ مريض جو.
    • ٻئي هفتي کان پوءِ ان جو ضرور علاج دهرايو.


    هنڌ ۾ پيشاب ڪرڻ: Bed Wetting (Enuresis)

    تعارف Introduction
    عام حالتن ۾ هي بيماري ٻارن ۾ 3 کان 14 سالن جي عمر تائين ٿئي ٿي. پر هي بيماري 14 سالن کان پوءِ به ڏٺي وئي آهي. جيڪڏهن هن بيماري لاءِ جلد ڪوشش نه ورتي وئي ته هي بيماري عمر جي گهڻي حصي تائين ٻارن جي جند ناهي ڇڏيندي. ٻار جو پنهنجي اختيار ۾ پيشاب ڪرڻ 2 سالن کان شروع ٿئي ٿي ۽ ٽن سالن کان پوءِ ته مڪمل اختيار هوندو آهي. ان بعد جي ٻار هنڌ ۾ پيشاب ڪري ڇڏيندو آهي ته اهي صورتحال ٻار ۾ والدين لاءِ ڏاڍي خراب ۽ ڏکوئيندڙ هوندي آهي.
    هن بيماري ۾ ٻار گهڻو ڪري رات جو هنڌ ۾ پيشاب ڪندا آهن. ڪي ٻار ته صبح جو يا وري ڏينهن جو به سمهڻ وقت پيشاب ڪندا آهن. ٻار گهڻو ڪري پهرين سوپي ۾ آڌي رات جو، يا وري وري صبح جو سوير پرهه ڦٽي جو، هنڌ ۾ پيشاب ڪري ڇڏيندا آهن. هي گهري ننڊ ڪندڙ ٻارن ۾ ڏني وئي آهي.

    بيماري ٿيڻ جا سبب (Etiology)
    هن بيماري ٿيڻ جا سبب، گهڻو ڪري ٻار جي نفسيات، رهڻي ڪهڻي، ورتاءُ ۽ کاڌ خوراڪ سان تعلق رکن ٿا.
    • گهڻا نفسياتي اثر به ٻارن ۾ هنڌ ۾ پيشاب ڪرڻ جو ڪارڻ بنجن ٿا، مثال طور ٻار کي دڙڪا ڏيڻ، مار ڏيڻ، ٻين جي اڳيان ٻارن کي ڇڙٻون ۽ ٽوڪڻ به هن بيماري جا ڪارڻ بنجن ٿا.
    • جسماني طور ڦيڦا، ٿلها، ڪمزور، رت جي گهٽتائي وارا ٻار ڪرنگهي جي بيماري ۾ ورتل ٻار هن بيماري جو سبب بڻجن ٿا.
    • جن ٻارن کي خود سلهه هجي يا والدين کي سلهه هجي.
    • ذيابطيس (Diabetic) ۾ ورتل ٻار، هميشه ڪلين جي سوڄ ۽ سور (Tonslitis) ۾ وڪوڙيل ٻار پڻ هن بيماري جو شڪار ٿين ٿا.
    • جن ٻارن کي سڌو سمهڻ جي عادت هوندي آهي، يا وري گهڻي دير تائين سمهڻ جي عادت هجي، گهڻي ننڊ جي عادت هجي، انهن ٻارن ۾ هي بيماري ٿيندي آهي.

    بيماريءَ کي روڪڻ لاءِ اُپاءُ (Preventive Measures)
    هن بيماريءَ جو علاج ڪرائڻ کان اڳ ۾ بيماريءَ کي روڪڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ گهرجن، جيڪي گهڻو ڪري نفسياتي ۽ کاڌ خوراڪ جي ڪري ٿين ٿا.
    • ننڍڙن ۽ وڏن ٻارن کي، جيڪي هن بيماري جي ور چڙهيل آهن، انهن کي آٿت ڏجي، ٻارن کي بيماريءَ متعلق سمجهائجي، ان سان مقابلو ڪرڻ جي همت افزائي ڪجي.
    • بيمار ٻار کي ٻين جي سامهون دڙڪا نه ڏيڻ گهرجن يا شرمسار ڪري مار نه ڏيڻ گهرجي. خاص ڪري جڏهن سندن هڪ جيڏا، دوست، ڀائر، ڀينرون يا قريبي عزيز موجود هجن.
    • ٻار کي سڌي سمهڻ کان بهتر آهي ته انهيءَ کي ڪنهن هڪ پاسي سمهارجي.
    • ٻار کي گهڻي وقت تائين سمهڻ نه ڏجي.
    • ٻار کي هلڪو نرم کاڌو ڏجي.
    • ٻار کي سمهڻ کان اڳ گهڻو پاڻي نه پيارجي، مٺيون شيون نه کارائجن، چانهه نه پيارجي.
    • ٻار کي سمهڻ کان اڳ ضرور پيشاب ڪرائجي انهي کان پوءِ 3 کان 4 ڪلاڪن کان پوءِ اٿاري به پيشاب ڪرائجي.
    • ٻار کي رات جي ماني کارائي يڪدم نه سمهارجي. گهٽ ۾ گهٽ رات جي ماني کائڻ کان پوءِ، ٻن ڪلاڪن کان پوءِ سمهارجي.


    رات جو پيشاب جو غير ارادي طور تي اچڻ (نيڪالي)

    رات جو پيشاب جو غير ارادي طور تي اچڻ (نيڪالي)
    (Nocturnal Enuresis)


    رات جو پيشاب جو پاڻهي يا پاڻ مرادو اچڻ، سمهڻ دوران، ڪپڙن ۾ يا بستري تي اچڻ. هي پيشاب صرف رات جو ئي ايندو آهي.
    • هيءَ بيماري خانداني هوندي آهي.
    • هن بيماريءَ ۾ والدين کان ڪجهه سوال پڇبا آهن ته جيئن بيماريءَ جي تهه تائين پهچي سگھجي.
    • مثلاََ هيءَ بيماري ڪڏهن کان ٿي آهي.
    • ڏينهن ۾ ٻار ڪيترا ڀيرا پيشاب ڪري ٿو.
    • ٻار کي ڪيتري اُڃ لڳي ٿي. ٻار هر هر پاڻي گھري ٿو.
    • ٻار جي پيشاب ۾ ڪائي خرابي ته نه آهي. يا جلن (سڙي) ٿو.
    • ٻار پيشاب ڪرڻ دوران سور جي دانهن ڪري ٿو.
    • ٻار جو پهرين کان وزن گھٽيو آهي.
    • ٻار پڙهائيءَ ۾ ڪيئن آهي.
    • ٻار کي ڪوئي نفسياتي مسئلو يا ذهني دٻاءُ ته نه آهي.
    • خاندان ۾ ٻين ڀاءُ، ڀينرن، ماءُ پيءُ کي ٻار پڻي ۾ هي مسئلو ته نه هيو.

    علاج: (Treatment)
    هدايتون: (Counseling)
    • ٻارن کي دڙڪا نه ڏيو. پر انهن کي سمجھايو ۽ حوصلو ڏيو.
    • شام جو 6 بجي کان پوءِ ٻارن کي چانهن وغيره نه ڏيو.
    • سمهڻ کان کان اڳ ۾ ٻار کي واش روم ضرور موڪلڻ گھرجي ته جيئن پيشاب ڪري خالي ٿئي.
    • ترقي يافته ملڪن خاص قسم جو الارم دستياب هوندو آهي، جو پينٽ يا بسترو آلو ٿيڻ جي صورت ۾ وڄندو آهي ۽ ٻار فوراََ اٿي ويندو آهي.
    • رات جو دير سان ٻارن کي اٿاري پيشاب ڪرائڻ گھرجي.
    • جيڪڏهن انهيءَ سڄي محنت کان پوءِ به ڪو فائدو نه ملي ته پوءِ تحقيق ڪرڻ گھرجي ۽ ان بعد پيشاب کي ڪنٽرول ڪرڻ جون دوائون ڏيڻ گھرجن ۽ ٻارن جي ماهر ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ گھرجي.


    چڍي واري جاءِ تي خارش يا سوڄ

    چڍي واري جاءِ تي خارش يا سوڄ
    (Diaper Dermatitis)


    جيئن ته چڍيءَ واري جاءِ گرم هوندي آهي. اڪثر ڪري اِها جاءِ نرم پڻ هوندي آهي ۽ بار بار ڪاڪوس ڪرڻ جي ڪري خراب ٿي ويندي آهي. چڍي واري جاءِ تي خارش خاص ڪري هڪ سال جي اندر ٻارن ۾ (Infancy) ڏٺي وئي آهي ۽ خارش وڏن ٻارن کي پڻ ٿيندي آهي.

    چڍي واري جاءِ تي آزاريندڙ خارش
    (Irritant Diaper Dermatitis)
    چمڙيءَ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، بار بار صاف ڪري گهِڪو ڏيڻ ۽ گھڻي عرصي تائين ڪاڪوس ۽ پيشاب جي محنت ڪرڻ، خارش جي صابڻ ۽ ملم لڳائڻ جي ڪري ڦرڙين سان ڀريل ڳاڙها داڻا، ڏار يا چير وانگر اڀريل هوندا آهن:

    علاج:
     جلدي جلدي چڍي مٽائڻ گھرجي.
     پيار سان ڪپهه ۽ ڪپڙي سان صاف ڪرڻ گھرجي.
     ڪابه سڻڀي شي لڳايو ۽ ملم جو تهه ڏئي ڇڏيو.


    چهري تي داڻا يا موهيڙا (Acne)

    چهري تي داڻا يا موهيڙا اڪثر ڪري ڇوڪرين ۾ 15 سالن کان پوءِ ٿيندا آهن. ڇوڪرن ۾ به ٿيندا آهن پر اڪثريت ڇوڪرين جي آهي. هن لاءِ مختلف حوالا آهن. ڄٽ ڊاڪٽرن جا پنهنجا حوالا آهن ۽ پڙهيل ڪڙهيل ڊاڪٽرن جا وري ٻيا. هي اڪثر جوانيءَ جي قريب آيل ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ ٿيندا آهن. موهيڙا ڳلن تي، اڌ مٿي تي ۽ نڪ تي ٿيندا آهن. ڪي چوندا آهن ته سوڍا بوتل پيئڻ جي ڪري ٿين ٿا، پر ائين نه آهي.

    کليل موهيڙو، تر، ڪارو داغ:
    لڪل موهيڙا، تَرَ- جيڪي گھڻو ڪري سڄيل هوندا آهن- جيڪڏهن تر يا موهيڙا ڦٽجي پون يا ڦاٽي پون.
    جيڪڏهن موهيڙا ڦاٽي پون، سڄي وڃن ۽ ڳوڙهي ٺهي پوي. اُهي جسم سان لڳل هوندا آهن ۽ ننڍڙيون ڳوڙهيون ڦرڙين وانگر يا ننڍا ننڍا داڻا ٺهي پوندا آهن:

    علاج:
    هر ڪنهن جو علاج مختلف آهي:
     صابڻ سان معمولي صاف ڪيو.
     ڪا به ملم ڳوڙهن، داڻن يا موهيڙن تي استعمال ڪيو.
     بينزائل پر آڪسائيڊ Benzoyl Peroxide
     (ريٽن Tretinoin (Retin – A) (A
     صرف هڪ ئي سٺو آرام ڏيندڙ آهي. هڪ دفعو ايڊا پلين (Adapalene)مختلف ملم (Different gel) اينٽيبايوٽڪ ايرٿو مائيسن يا ڪلينڊو مائيسن (Erythromycin or Clindemycin)4 کان 8 هفتن تائين لڳائي ڏسجي ته ڪيترو فائدو ٿيو.
     ترتيب وار علاج تڏهن ڪجي جڏهن ڏسجي ته ملم وغيره سان خاص فائدو نه ٿيو.
     اينٽيبايوٽڪ خاص ڪري ٽيٽرا سائڪلين Tetracycline ، منو سائڪلين Minocycline، ڊائڪيسائڪلين Doxycycline، ائيروٿرو ماسين Erthromycin، ڪلنڊو ماسين Clindamycine.
     هارمونل علاج به استعامل ڪري سگھجي ٿو. ڪارٽيڪو اسٽرائڊ به استعمال ڪري سگھجي ٿو.


    ڳلي جي تڪليف/ ڪليون پوڻ Acute Pharyngitis/ Tonsillitis

    ڳلي جي تڪليف ڪري ڪليون پونديون آهن ۽ سور محسوس ٿيندو آهي.

    بناوت (Structure)
    هر هڪ انسان کي (ٻارن سميت) ٻه عدد ڪليون ٿين ٿيون جيڪي زبان جي پاڙ ۾ نڙي جي هر هڪ پاسي، نڙي جي اندرين ڀت سان هڪ خاص کڏ (Crypts) ۾ هونديو آهن. ڪليون گوشت جي ننڍڙي لوٿڙي مان ٺهيل هڪ خاص قسم جا غدود (Glands) آهن. جن جي بناوت ۾ سُت (پاڻيٺ) وارن نلين (Lymphatic vessels) جي تاڃي جي پيٽي (Network) مان ٿئي ٿي.
    ڪلئين ۾ سوڄ ۽ سور عمر جي هر هڪ حصي ۾ ٿي سگهي ٿو. هي بيماري وڏن جي مقابلي ۾ ٻارن ۽ جوانن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي. گهڻو ڪري هن بيماري جو شڪار ننڍا ٻار ٿين ٿا. سَنهن جي مقابلي ٿلهن ۽ ڦيڦن (Flabby) ٻارن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي. هي انهن ٻارن ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي جن جا مائٽ ساهه ۽ ڦڦڙن جي بيماري ۾ ورتل هوندا آهن. هي بيماري موسم جي تبديلي جي ڪري گرم کان وڌيڪ سرد (ٿڌي) موسم ۾ زيادهه ٿئي ٿي. هي بيماري خاص ڪري سوڙهن گهرن ۾ رهندڙ ٻارن ۽ عام ٿئي ٿي.
    هي بيماري انهن ٻارن ۾ به زياده ٿئي ٿي جيڪي سدائين برف جو يخ ٿڌو پاڻي پئندا آهن ۽ ڪلفي، آئسڪريم، ڪيڪ، پيسٽريون، مٺايون کائيندا آهن ۽ جيڪي ٻار گهر جون شيون گهٽ ٻاهران برگر، تريل شيون ۽ سڻڀ واريون شيون کائيندا آهن ۽ وري مٿان ٿڌيون بوتلون پيئندا آهن.

    بيماري ٿيڻ جا سبب (Etiology)
    وائرل (Viral) انفلينزا (Influenza) پيرا انفلينزا (Parainfluenza) ۽ ايڊينو وائرس (Adenovirus)
    • جيوڙا (Bacterial) (Group A beta hemolytic strepto cocuss) (GABHS) هڪ خاص جيوڙو آهي، جيڪو 3 کان 15 سالن جي ٻارن تي اثر ڪندو آهي.
    • وائرل (Viral) اڪثر ڪري، سردي جي موسم، بهار ۽ ويجهي رهڻ جي ڪري ٿئي ٿو.
    • وئرل – ٽن سالن کان گهٽ جي ٻارن ۾ ۽ بيڪٽريل (Bacterial) ٽن سالن کان 15 سالن ۽ 14 سالن کان پوءِ گهڻو ڪري اسٽرپٽو ڪوڪل فارئيف جائيٽسو پر گهٽ (GABHS) ٻن کان ٽن سالن جي عمر ۾ هوندو آهي.

    بيماريءَ جون علامتون (Clinical Features)
    ڪلين ۾ سوڄ ۽ سور ٿيڻ کان اڳ ۾ پهريائين ٻار کي سستي ۽ (ڪاهلي) ٿيندي آهي. ان سان گڏ نڙي خشڪ ٿي ويندي آهي ۽ ٻار کي ڳيت ڏيڻ ۽ تڪليف ٿيندي آهي. پوءِ ڪليون سڄڻ شروع ٿينديون آهن. هونئن ته وڏو ٻار سور جي دانهن ڪندو پر معصوم ٻار کائڻ پيئڻ يا ٿڃ وٺڻ به ڇڏي ڏيندا آهن. هونئن ته وڏو ٻار سور جي دانهن ڪندو پر معصو ٻار کائڻ پيئڻ يا ٿڃ وٺڻ به ڇڏي ڏيندا آهن. ان جو سبب سور ۽ سوڄ جي ڪري ٻار ڳيت ڏئي نه سگهندو آهي. نشانيون جلد ظاهر ٿينديون آهن. 2 کان 4 ڏينهن اندر.
    • تيز بخار – ڳلي جي سوزش، ڪلين جو سڄڻ.
    • مٿي جو سور – الٽي ۽ دست بار بار ٿين ٿا.
    • نڪ مان غلاظت ۽ کنگهه گهٽ ٿيندي آهي.
    • علاج نه هئڻ باوجود بخار 3 کان 5 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندو آهي.
    • ڳيت ڏيڻ ۾ مشڪل، نڪ مان پاڻي وهڻ.
    • اکين مان پاڻي وهڻ، سڄي جسم (بدن) ۾ سور.

    مونجهارا (Complications)
    مونجهارا ٻن قسمن جا ٿين ٿا Non Suppurative and Suppurative
    • مدد وارا: کاڏيءَ جي پويان ڳوڙهيون.
    • دل جي اندرين پردي جي سوڄ Endocarditis
    • ٿڻن جي ايراضي جي سوڄ Mastoiditis
    • دماغ جي پردن جي سوڄ Meningitis
    • ڪنن جو سور Otitis Media
    • نمونيه – نڙگهٽ جي پاڻياٺ Retropharngeal Abcess

    علاج (Treatment)
    مددگار علاج: ٻاڦ ڏجي، پاڻياٺ جي گهٽتائي ٿيڻ نه ڏجي.
    نڪ لاءِ قطره: %0.9 سوڊيم ڪلورائيڊ وجهڻ گهرجن جي نڪ بند نه ٿي وڃي.
    نيم گرم پاڻي سان يا Disprin ٽڪين سان گراڙا ڪرڻ گهرجن.

    دوائن وسيلي علاج:
    • بخار ۽ سور لاءِ پيراسٽامول يا بروفين شربت ڏجي.
    • سئن جي ذريعي اينٽيمبايوٽڪ ۽ ± سرجيڪل ڊرينيج
    • ٿرڊ جنريشن سيفلوسپائرن + اسپسيلين + ڪليڊ ومائسن ڏجي.

    دوا گهٽ ۾ گهٽ 10 ڏينهن هلائڻ گهرجي پر جي 5 ڏينهن ۾ ڪو به فرق محسوس نه ٿئي ته پنهنجي معالج سان احوال ڪجي.
    ڊگهي عرصي لاءِ جي ڪا به دوا اثر نه ڪري ته پوءِ سئي Benzathine Pencillim صرف هڪ (Singh dose)دفعو ڏجي. پنجن سالن کان گهٽ 600,000 Units گوشت 1/M ۾ ڏجي.
    پنجن سالن کان وڌيڪ 1200,000 Units گوشت 1/M ۾ ڏجي.
    گهر ۾ ڪاڙهي سان گڏ ماکي به ڏئي سگهجي ٿي.


    پيچش (سُوري) (Dysentry)

    پيچش وڏي آنڊي جي بيماري آهي. پيچش جي ڪري وڏي آنڊي ۽ ويهڪ جي جاءِ ۾ سور ۽ سُوڄ (Inflammation) ٿي پوندو آهي. جنهن ڪري ٻار کي پيٽ ۾ وٽ، مروڙ ۽ هر هر ذرو ڪاڪوس ايندو آهي. هن بيماري ۾ ٻار کي ڪاڪوس ۾ رت ايندي آهي. لئي جهڙو چيڙهو ڪاڪوس، جنهن ۾ گند هوندو آهي. انهن ٻارن ۾ گهڻي مقدار ۾ ٿيندي آهي جيڪي ڳتيل جڳهن ۾ رهن ٿا ۽ غير معياري کاڌو کائن ٿا، گندو پاڻي پيندڙ ۽ پارٿو ميوو کائيندڙ ٻارن کي عام ٿيندي آهي.

    پيچش جا ٻه قسم ٿين ٿا:
    1. هڪ خوني (عام) پيچش (Bacillary Dysentry)
    2. دائمي (ايموبئڪ) پيچش (Amoebic Dystentry)
    خوني پيچش ۽ هن قسم جي پيچش ٿيڻ جو سبب شگيلا (Sheigilla) نالي قسم جي جيوڙن جو هڪ گروپ آهي. هن ۾ چار قسمن جا Sheigillah جيوڙا آهن.

    پکڙجندڙ (Epidemiology)
    هي خاص بيماري. جيڪا شروع ۾ هڪ کان 10 سالن جي ٻارن ۾ ڏٺي ويندي آهي. هن بيماريءَ ۾ 6 مهينن تائين (Infection) زخم نظر نه ايندو آهي، ڇو ته ٻار ٿڄ پيئندڙ آهي. انسان ۾ ئي خاص انفيڪشن هوندو آهي.
    هن بيماري کي وڌائڻ لاءِ غير معياري کاڌو ۽ گدلو پاڻي جو وڌائڻ ۾ اهم ڪردار آهي.
    مدو: هڪ کان 7 ڏينهن آهي، عام طور 2 کان 4 ڏينهن آهي.

    بيماريءَ جو علامتون (Clinical Feature)
    • هي بيماري اوچتي (Abrupt) ٿيندي آهي.
    • ٻار کي پهريائين پيٽ ۾ گرڙاٽ، پوءِ پيٽ ۾ سور ٿيندو آهي. ڏينهن ۾ ٽي چار دفعه نرم ڪاڪوس ايندو آهي.
    • ٻار کي بخار 104oF تائين ٿيندو آهي ۽ 1 کان 3 ڏينهن هلندو آهي ۽ بعد ۾ ڇڏيندو آهي.
    • دست ۽ الٽي جي ڪري جسم مان پاڻياٺ جي گهٽتائي ٿيندي آهي.
    • پاڻي جهڙا دست يا گهمرن ۾ رت ايندو آهي.
    • هن بيماريءَ جون علامتون 3 کان 7 ڏينهن ۾ ختم ٿي وينديون آهن.
    • ٻار کي جيئن ئي جلاب ٿيندا آهن تيئن ئي ٻارن کي پيٽ ۾ سور ۽ مروڙ ٿي پوندا آهن. جلابن جي ڪري ٻارن کي ويهڪ واري جاءِ چپ ۾ سُور، باهه ۽ سوزش ٿيندي آهي. ان وقت ڪاڪوس جو ڦوڳ (Faccel) گهٽ، پر رت وڌيڪ ايندو آهي. ان وقت ٻار کي نهائين ۾ سور ٿيندو آهي، جيڪو تمام گهڻو هوندو آهي. انهيءَ ڪري ٻار ڏوَڙو ٿي پوندو آهي.
    • جڏهن ٻار کي مرض وڌندو آهي، ته ٻار کي بخار ٿي پوندو آهي. جنهن سان گڏ جسم جو پاڻي سڪي خشڪ (Dehydration) ٿي ويندو آهي. ان سان گڏ ڪمزوري، مٿي جو سور ۽ پيڙا ٿيندي آهي. سور جي ڪري ٻار جو جسم ٽٽندو آهي، انهيءَ دوران ٻار بار بار رڙيون ڪري مٿي ۽ ٽنگن کي زور ڏياريندو آهي.

    مرض جي تشخيص (Diagnosis)
    مريض جي ڪاڪوس (Stool DR) يا ڪاڪوس جو Stool Culture ڪرائبو ته، ان مان خبر پوندي ته ٻار جي ڪاڪوس ۾ ڳاڙهي رت (Red Blood) پس سيل (Pus Cells) ڪيترا آهن ۽ شگيلا جي ڪهڙي قسم جا جيوڙا آهن. جن سان ٻارن ۾ زهر ڦهلجي ويندو آهي. انهن جي رت جو ڪلچر (Blood Cultures) +ve صحيح هوندو آهي.

    ڏکيائي مونجهارا (Complications)
    • جسم جي پاڻياٺ جي ڪمي، پيشاب جو گهٽ، تيزابيت لوڏو (Shock)
    • بخار وارا جهٽڪا يا هلچل (Febrile Seizure)
    • ويهڪ واري جاءِ تي گوشت جو وڌڻ (Rectal Prolapse)
    • ڪاڪوس ۾ رت جو اچڻ (Blood in Stool)

    احتياط وارا اُپاءُ (Prevention)
    • ماءُ کي پنهنجي ٻار کي 2 سالن تائين صرف پنهنجو کير ڏيڻ لاءِ همٿائجي.
    • صابڻ سان هٿ صاف ڪرڻ گهرجن، ٻارن کي ڪاڪوس ڌورائڻ وقت ۽ ماني پچائڻ وقت يا کاڌو ڏيڻ وقت.
    • ٻار کي پاڻي اُٻاري ڏيڻ گهرجي، جي ٻار ليٽرين کان سواءِ ٻاهر ڪاڪوس ڪيو آهي ته ان کي ڦورن صاف ڪرڻ گهرجي.
    • ٻار جي کاڌي پيتي جو خيال رکڻ گهرجي. کير پياريندڙ ماءُ کي يا سندس وڏي ٻار کي مرچ مصالا (خاص ڪري لونگ وڏو ڦوٽو) ديڳ جو ڀت، وڏو گوشت، آچار، ليمون، اڻ پڪل يا تمام گهڻو پڪل، ميوو، کٽو ۽ ترش ميوو، پاروٿو کاڌو نه ڏجي.
    • هي بيماري اڪثر ڪري گرمي جي موسم ۾ ٿيندي آهي، زور به وٺندي آهي. برسات جي موسم ۾ ٻار راند روند ڪرڻ کان پوءِ هڪدم ٿڌي شيءِ کائيندا آهن. انهن لي منع ڪرڻ گهرجي، برسات ۾ وهنجڻ کان ٻار کي منع ڪرڻ گهرجي.

    علاج (Treatment)
    ٻار کي جيڪڏهن پاڻياٺ جي گهٽتائي آهي ته ان کي ORS جي پاڻي سان ان کي دور ڪجي، جي پاڻياٺ جي گهٽتائي ان سان به نه گهٽجي ته پوءِ ٿيلهي (Drip) چاڙهجي.
    • Antibiotic تڏهن ڏجي، جڏهن Stool Sulture جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ ان مطابق ڏجي.
    • Antibiotic صرف 5 ڏينهن لاءِ ڏجي.
    • دوا مثلاً: سيپٽران، ايمپسلين، نيگرام، سپرو فلاڪس، ٽيٽا سائڪلين، سيفڪزين، ايزو ٿرومائن 12 mg/kg جسم جي وزن سان پهرين ڏينهن ۽ پوءِ ٻي ڏينهن کان 6mg/kg جسم جي وزن سان 4 ڏينهن تائين ڏجي.


    قبضي (Constipation)

    ڪاڪوس تڪليف سان اچڻ کي قبضي چئبو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اچي ۽ اچڻ وقت سور ٿئي ٿو. قبضي واري ٻار ۾ ڪاڪوس 60% رڪجي اچي ٿو ۽ پوءِ بغير وقت جي ٿورو گھڻو وهندو وهندو رهي ٿو.

    بيماري ٿيڻ جا سبب: Causes of Constipation
    • عذائيت جي گھٽتائي (اڻپوري خوراڪ) (Malnutrition)
    • پاڻياٺ جي گهٽتائي (Dehydration)
    • ڳري (وڏي) کاڌي جي گھٽتائي (Lack of bulk in food)
    • وڌيڪ کير پيئڻ (واپرائڻ) (Excessive milk intake)
    • موڪا يا ڇپ جا ڏار (Hemorrhoids, anal fissure)
    • دوائون: مثلاََ ڪيلشم، زڪام ۽ ننڊ لاءِ (Drugs, Calcium)
    • ٿارائيڊ هارمون جي گھٽتائي (Hypothyroidism)
    • اڌ رنگ جي بيماري، جسم جو هڪ پاسو سڪي وڃڻ(Cerebral Palsy)
    • رت ۾ ڪيلشم جو ضرورت کان وڌيڪ مقدار جو هجڻ (Hyper – Calcemia)
    • وٽامن D جو نشو ۽ خمار (Vitamin D – Intoxication)
    • ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته آنڊن جي حرڪتي نظام جي ڪم ڪار ۾ گھٽتائي ٿي پوندي آهي. جنهن ڪري آنڊن (خاص ڪري ننڍي آنڊي) جي فعل ۾ سستي يا گھٽتائي اچي ويندي آهي. ان عمل جي ڪري به قبضي ٿيندي آهي.
    • ٿڃ پياڪ ٻار کي قدرتي طور دست ۽ ڪڏهن ڪڏهن قبضي ٿيندي آهي، جا چار يا پنج ڏينهن هلندي آهي. پوءِ ڄٽ ڊاڪٽر اهو فرمان جاري ڪندا آهن، ته ماءُ جو کير ٿڃ خراب آهي يا ماءُ کي قبضي آهي.
    • ٻارن کي سايون ڀاڄيون گهٽ کارائڻ، گوشت وڌيڪ کارائڻ، مڇي گهٽ کارائڻ يا بلڪل به نه کارائڻ، فروٽ بنهه نه کارائڻ (انهيءَ ڪري قبضي ٿئي ٿي).
    • ٻار کي ڪوشش ڪري گهر ۾ تيار ٿيل شيون ڏيڻ گهرجن، بجاءِ طور ٻاهريون فاسٽ فوڊ کان.
    • گهڻي کير پيارڻ سان به وڏن ٻارن ۾ به قبضي ٿي ويندي آهي.
    • ٻارن کي دٻي جو کير يا پائوڊر جو کير نه ڏجي ته بهتر، پر ڪمزور ٻارن کي قدرتي کير، ماءُ جو کير، ڳئون، مينهن ۽ ٻڪري جو کير ڏيڻ گهرجي، انهيءَ سان قبضي گهٽبي آهي.
    • ٻارن کي نيراني چانهن نه پيارڻ گهرجي، نيراني چانهن پيئڻ ڪري ٻار جي معدي جو اندريون تهه خشڪ ۽ ڪمزور ٿي وڃي ٿو.
    • ٻارن کي مقرر وقت تي ڪاڪوس ڪرائڻ جي عادت به وجهڻ گھرجي وڏن ٻارن کي ڪاڪوس اچي ته راند روند جي ڪري ڪاڪوس ناهن ڪندا، پوءِ قبضي ٿي ويندي آهي. ماءُ کي ٻار تي توجهه ڏيڻ گهرجي، ماءُ کي گهرجي ته پنهنجي هٿ جون شيون ٺاهي ٻارن کي کارائڻ گهرجن. پر دير جي سبب يا اچڻ وڃڻ جي ڪري، ٻاهريون شيون کائڻ جي ڪري قبضي ٿي ويندي آهي.
    • مٺڙي مائن کي ننڍڙو عرض آهي ته مهرباني ڪري پنهنجي مصروفيتن سبب ٻار کي ڪا به نشي جي دوا نه ڏيو. وقت بچائڻ خاطر ٻاهريون شيون نه ڏيو. صرف ۽ صرف پنهنجي هٿ سان ٺاهيل شيون ڏيو.

    قبضي کان بچڻ لاءِ ضروري اُپاءُ (Preventive Measures)
    • ٻارن کي چاهي معصوم هجي يا وڏو مقرر وقت تي ڪاڪوس ڪرڻ جي عادت وجهڻ گهرجي.
    • ٻارن کي خالي پيٽ تي هر حال ۾ چانهه نه پيارڻ گهرجي.
    • خاص ڪري انهن ٻارن جي سامهون چانهه تيار نه ڪيو يا وري پئو، معصوم ٻار ڪاپي ڪندڙ آهن، جڏهن اهي ڏسن ٿا ته اسان جا والدين اهيو سٺو ڪم ڪن ٿا ته اسان ڇو نه. پوءِ اهي روئي به مسئلو حل ڪرائيندي چانهه پئن ٿا.
    • وڏن ٻارن کي سيکارجي ته دير تائين کاڌو چٻاڙي کائين.
    • ٻارن کي ٻاهريون کاڌو مثلاً فاسٽ فوڊ کان پاسو ڪرائجي ۽ تريل شيون به پاسو ڪرائجي ته بهتر.

    علاج (Treatment)
    • پاڻياٺ (Liquid) واريون شيون وڌائڻ گهرجن. ڪتر ٿيل کاڌو، ڪڻڪ، فروٽ ۽ ڀاڄيون ڏيڻ گهرجن.
    • ڪاڪوس نرم ڪرڻ واريون دوائون ڏيڻ گهرجن مثلاً Lactulose ۽ Liquid Parrafin
    • ٻار کي ڪاڪوس ڪرڻ جي عادت سيکارجي پر مقرر وقت تي.


    کير وارا يا عارضي ڏند (ڪچا ڏند) Milk teeth or Deciduous

    پهريون ڏند ڇهن مهينن ۾ نڪرندو آهي ۽ پوءِ اڍائي سالن ۾ يعني ٽوٽل 20 ڏند نڪرندا آهن. اڪثر اڻ پڙهيل ڊاڪٽرن کان يا وري اسان جي ڏاڏيءَ ۽ نانيءَ کان جڏهن ڊاڪٽرن کي ٻار ڏيکارڻ اينديون ته اهو ضرور چونديون آهن ته ٻارن کي دست يا گهمرا ڏندن جي ڪري ٿيا آهن. جيڪا ٻولي جي ڄٽ ڊاڪٽر انهن کي ٻڌائيندو. اهو ئي چونديون اسان وري انهن کي اهو سمجهائيندا آهيون ته ڪچا ڏند اڍائي سال تائين ايندا آهن پوءِ دائمي (پختا) ڏند جو عرصو ٻاويهه سالن تائين هلندو آهي ڇا تيستائين دست يا گهمرا هلندا رهندا. اهو انهي ڪري آهي ته ڇهن مهينن کان پوءِ ٻار بانبڙا پائيندا آهن ۽ سڄي گهر جو سير پيا ڪندا آهن. جراثيم انهن جي هٿن کي لڳي ۽ پوءِ اهي انهن هٿن جي ذريعي يا آڱرين جي ذريعي وات ۾ ويندا جڏهن اهي ٻار آڱريون يا هٿ پنهنجي وات ۾ وجهندا آهن.

    نمبر ڏندن جو نالو مٿي ڄاڙي وارا ڏند (Maxillar) هيٺين ڄاڙي وارا ڏند (Mandibular)
    1. اڳيان ٻه ڏند (Incisors) 7 مهينا 6 مهينا
    2. پاسي وارا (Lateral Incisors) 8 مهينا 9 مهينا
    3. چيرڻ وارا ڏند (Canine Teeth) 18 کان 19 مهينن تائين 18 مهينن دوران
    4. پهريون ڏاٺون (First Molars) 15 مهينن کان پوءِ 15 مهينن کان پوءِ
    5. ٻيون ٻه پاسي واريون ڏاٺون
    (Second Molars) ½ 2 سالن دوران ½ 2 سالن دوران


    پختا (دائمي) ڏند Permanent Teeth

    1. 6 سالن تائين نڪرندا آهن هر هڪ پاسي واريون پختيون ڏاٺون
    (First Molars)
    2. 8 سالن تائين هيٺيان مٿيان اڳيان ۽ پاسي وارا ڏند
    (Central & Lateral Incisors)
    3. 9 سالن تائين هر هڪ پاسي واريون ڏاٺون
    (First Premolars)
    4. 10 سالن تائين اڳيان پاسي واريون ڏاٺون
    (Second Premolars)
    5. 11 سالن تائين هر هڪ پاسي واريون ڏاٺون (Canines)
    6. 22 سالن کان پوءِ عقل ڏاٺون (Wisdom Teeth)


    باب يارهون: اکين جون بيماريون Opthmology

    اکين ۾ پيدائشي ڌنڌ Congenital Glaucoma

    پهريون پيدائشي ڌنڌ 10,000 ٻارن تي هڪ ٻار ۾ ڏٺو ويو آهي. گھڻو ڪري غير وبائي مرض آهي. عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي. گھڻو ڪري پيدائش وقت هوندو آهي يا وري ٽن سالن جي اندر ظاهر ٿيندو آهي.

    نشانيون:
    اکين جو شفاف پردو وڌي ويندو آهي. تقريبن 13m.m کان مٿي، ڇو ته اکين جي مستقل پريشر وڌڻ جي ڪري.
    • اکين جو اڳيون صاف پردو سفيد ۽ ڌنڌلو هوندو، اکين جي اڳئين پردي جي سوڄ جي ڪري.
    • اکين ۾ ڪمزوريءَ سبب گھٽ نظر اچڻ.
    • ڳوڙهن جو وهڻ.
    • اکين کي مهٽڻ.
    • ٻئي اکيون ڍونگي Affected هونديون آهن، پر هڪ جهڙيون.

    علاج: سرجيڪل پاڻيءَ جو نيڪال
    ميڊيڪل: ڌنڌ دور ڪرڻ جون دوائون.
    ڪرڻ جي موٽ لاءِ Refraction روزانه ڪرائيندو رهجي.


    اک جي سفيد پردي جي سوڄ, اک جو اٿڻ، اک جو سڄڻ

    Conjunctivan – اک جي ڳاڙهاڻ، انگوري پردي جي سوڄ Chemosis، اک جي پنبڙيءَ جي سوڄ، پونءَ جو وهڻ Purulent discharge، اک مان پاڻي جو وهڻ يا ڳوڙها اچڻ ۽ اک جو سڄڻ:

    سبب: Causes
     اک جو سڄڻ Chemical Conjuctivitis عام ٿيندو آهي. زندگيءَ جي پهرين 24 ڪلاڪن ۾، يعني پهرين ڏينهن 1st day.
     سوزاڪ Gonorrhea ٻئي هفتي ۾.
     ڪليمبڊيا Chlamydia ٻئي هفتي ۾ عام ٿيندو آهي. دوا سلورنائٽريٽ ۽ ايروٿرومائيسن جي ڪري ٿئي ٿو.
     سوزاڪ جنهن جو مدو 2 کان 5 ڏينهن آهي.

    مونجھارا Complications
     اک جو ناسور يا زخم، اک جي اندرين بناوٽ ۽ سوزش (Iridocyclitis)، معدي جو ٽنگ (Perforation)

    علاج: Treatment
    سوزاڪ: سيفٽريڪزان Ceftriaxone :
    اُٻاريل پاڻي يا Normal saline سان ڌوئڻ گھرجي.
    ڪليمڊيا : ائرو ٿرومايسين Erythromycin وات جي ذريعي (Po) ٻن هفتن لاءِ ۽ نارمل Saline سان اک کي ڌوئڻ گھرجي.


    باب ٻارهون: ٻارن لاءِ حفاظتي ٽُڪا Immunization

    ٻارن لاءِ حفاظتي ٽڪا يا بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ

    ٻارن لاءِ حفاظتي ٽڪا يا بيمارين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ
    : Immunization/ Vaccination


    اڃان تائين 2.3 ملين ٻارڙا مرن ٿا. دنيا ۾ هرسال حفاظتي ٽڪن کان بچڻ وارين بيمارين کان. ٽڪا هڪ مرڪب آهي ننڍڙن جيوڙن جو، جيڪي مئل ۽ جيئرا هوندا آهن. اُهي جسم ۾ داخل ڪيا ويندا آهن ته جيئن ڪجهه بيمارين کان بچاءُ ٿي سگھي.

    ڪجهه ٽُڪن جو ذڪر ۽ انهن جو ڪم:
    1. وچڙندڙ بيمارين کان بچائيندڙ: Active Immunization
    2. ماٺ ميٺ (صبر سان) وچڙندڙ بيمارين کان ڇوٽڪارو:
    3. Passive Immunization
    4. بيماري کان بچيل ردعمل Immune Response:

    مختلف ٽڪا:
    جيرا رهندڙ ٽڪا: Live Vaccine
    Vellow Fever, M.M.R. Polio Drops, B.C.G
    بي اثر ٽڪا: Killed Vaccene
    Injectable Polio, Influenza, Cholera, Pertussis and Rabies.
    زهريلو: Toxoids
    Dipltheria and Tetanus, Polysaccharide Vaccine, Meningoocal and Pneumococal. H. Influenza type.B. Genetically engeneered Vaccine Hepatitis. B.

    هيٺيون خاص بيماريون آهن جن لاءِ (WHO) سفارش ڪئي آهي.
     ٽي بي يا سلهه T.B
     خناق Diptheria
     ڪاري کنگهه Pertusis
     ڪزاز Tetanus
     پوليو Polio
     ارڙي Measles
     هيپٽائيٽس B.

    Hib: Vaccine:
    پاڪستان ۾ هر سال پنجن سالن جي عمر تائين وارا ساڍا ست لک ٻار، مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا.گھڻا ٻار ته انهن بيمارين جي ڪري معذور به ٿي وڃن ٿا. انهن کي آسان علاج، مناسب سنڀال ۽ وقت تي حفاظتي ٽُڪا لڳائي، انهن جي جان بچائي سگھجي ٿي.
    صحت جي عالمي اداري جي اندازي موجب پاڪستان ۾ هرسال تقريبن 7 لک ٻارنمونيا (Pneumonia) جو شڪار ٿين ٿا، جن مان 27 هزار ٻار مري وڃن ٿا. 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي موت جو 5.7% سيڪڙو سبب نمونيا آهي.
    هت مختلف ماڻهن جا يا وري اسان جي ڊاڪٽر ڀائرن جا مختلف رايا ڏجن ٿا:
    ته ٿورو بخار يا زڪام هجي ته ٽُڪا نه هڻايو. پر ائين نه آهي، معمولي بيماري ۾ يعني نزلو، زڪام، کنگهه،دست ۽ هلڪي بخار ۾ به مقرر وقت تي پنهنجي ٻارن کي ٽُڪا لڳرايو. هنن ٽڪن جو نالو ئي حفاظتي ٽُڪا آهي. سو ضروري آهي ته جيڪي حفاظت ڪندڙ ٽڪا هجن، سي ضرور لڳرائجن. ڪجهه ٻارن کي ٽُڪن لڳڻ کان پوءِ بخار نڪرندو آهي. انهيءَ جو مطلب آهي ته دوا پنهنجو ڪم ڪري پئي. انهيءَ ٻار کي پيرا سٽامول سيرپ 10-15/kg/day جسم جي وزن جي حساب سان ڏيڻ گھرجي. ٻار ٻن ٽن ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندو آهي.
    پبلڪ سيڪٽر WHO نوان ٽُڪا به شامل ڪيا آهن.EPI شيڊول ۾ پڻ جلدي Rota Virus جا ٽُڪا به شامل ڪيا ويندا.

    حفاظتي ٽُڪن جو شيڊول (EPI شيڊول 2014 مطابق)
    • پهريون دفعو – پيدائش جي فورن بعد – پوليو جا قطرا +0 بي سي جي. B.C.G
    • ٻيو دفعو – ڏيڍ مهيني کان پوءِ – پوليو جا قطرا+1 پينٽا ويلنٽ+1 نيمو ڪوڪل1.
    • ٽيون دفعو – اڍائي مهينن کان پوءِ – پوليو جا قطرا +2 پينٽا ويلٽ 2+ نيمو ڪوڪل 2.
    • چوٿين دفعي – ساڍن ٽن مهينن بعد – پوليو جا قطرا 3+ پينٽا ويلنٽ 3+ نيموڪوڪل 3
    • پنجين دفعي – 9 مهينن کان پوءِ جلدي ارڙي جي پهرين خوراڪ
    • ڇهين دفعي- 15 مهينن کان پوءِ ارڙي جي ٻي خوراڪ
    حفاظتي ٽڪا انهن لاءِ، جن معمول موجب (Routine) موجب نه هڻايا آهن:
    2 کان 5 سالن جي عمر جو گروپ:
    • هڪ ڊوز بي – سي- جي BCG
    • ٻه ڊوز DT جا
    • ٽي ڊوز OPV جا.

    5 سالن کان پوءِ عمر جو گروپ:
    • هڪ ڊوز BCG
    • ٻه ڊوز (وڏن جو)TT/Td
    ٽُڪا بيسَل ڪالميٽ گيورن Bacille Calmette Guerin (BCG) سڄي دنيا ۾ اهي ئي ٽڪا ڏنا وڃن ٿا.اهي انهيءَ ڪري ڏنا وڃن ٿا ته اُهي ڪارائتا (اثر وارا) آهن. ٽي بي جو زور ٽوڙڻ لاءِ ننڍن ۽ وڏن ٻارن کي ڏنا وڃن ٿا.
    ٽُڪن هڻڻ جي صحيح عمر آهي نوان ڄاول ٻار هڪ هفتي جا. پر جيڪڏهن وڏن ٻارن هي ٽڪا نه هڻايا آهن ته پهريون مانٽوز ٽيسٽ (Mantoux Test) ڪجي. جي اُها Nagative نه هجي ته پوءِ ان کي BCG جا ٽڪا هڻڻ گھرجن.
    ٽُڪن جو وزن: Vaccine Dose
    نئين ڄاول ٻار ۾(New born) 0.05ml چمڙي 1/D۽ وڏن ٻارن ۾ 0.1mg. انهيءَ سان 80% سيڪڙو ڦڦڙن جي ٽي .بي تي اثر ٿئي ٿو.75-86% سان ميننجائيٽس (Meningits) ۽ مائلري ٽي. بي تي اثر ٿئي ٿو.
    BCG جي ٽُڪي لڳڻ سان سئي واري جاءِ تي ڦيٿي (Wheal)وانگر ٺهندي 30 منٽن ۾ ختم ٿي ويندو.

    ٻن کان ٽن هفتن کان پوءِ ڳوڙهي ظاهر ٿيندي ۽ ڦهلجي مٿي حصي تي گند ڀرجي ويندو. اهو 4-6 هفتن ۾ ٺيڪ ٿي ويندو. اهو سڄو عمل 2 مهينن ۾ ختم ٿي داغ ٺاهيندو.

    • BCG ٽُڪي جون پيچيدگيون Complication of BCG
     اندروني گند ۽ السر ٺهندو
     بغلن ۽ ڪنڌ جي هيٺين حصي تي ڳوڙها ٺهندا.

    • پوليو جي ٽڪن جا ٻه قسم ٿيندا آهن.
    1. Injectable Poliovirus Vaccine (IPV, Salk)
    2. Live attenuated oral poliovirus vaccine (OPV)

    پوليو ٽُڪن جو تاثير اثر ڪندڙ 90% کان مٿي ڪارخانن واري ملڪن ۾. هنري ملڪن ۾ 98-72% گرم ملڪن ۾ سڄي زندگي ان جو اثر ٿئي ٿو.

     ڪهڙن کي پوليو جو ٽُڪو نه لڳائڻ گهرجي.
    • HIV جو انفيڪشن + گهر ۾ ڪو اهڙو HIV جو ماڻهو هجي.
    • گهر ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو هجي، جنهن کي ڪينسر، ڳوڙها يا انهن جي دوا کائيندو هجي.
    • پوليو جا ٽڪا هيٺين ٻارن کي ڏئي سگهجن ٿا.
    • کير پيئندڙ ٻار کي.
    • معمولي دستن سان.

    اُرڙي جا ٽُڪا (Measles Immunization)
    اُرڙي جي ٽُڪن جو اثر (Vaccine Efficacy)
    • 12 مهينن جي ٻارن ۾ 90% مٿي اثر آهي.
    • 9 مهينن جي ٻارن ۾ 85% مٿي اثر آهي.

    ٽڪن جي دوا جو وزن (Dose of vaccine)
    چمڙي ۾ 0.5 ml s/c

    ارڙي جي ٽُڪن جون پيچيديگيون (Adverse effects)
    • ٿورا داڻا داڻا ۽ معمولي بخار ٿيندو.
    • بخار سان گڏ هلچل ٿيندي (Convulsion)
    • دماغ جي بيماري (Encephalitis) اها ٽيهه هزار تي.
    • هڪ کي ٿيندي SSPE (1:30,000)
    • هنن کي ارڙي جا ٽُڪا نه لڳائڻ گهرجن.
    • جنهن کي Neomycin کان ريڪشن ٿيندو هجي.
    • ٻار دوران Pregnancy
    • قوت مدافيت جي ڪمي جو گهڻو وقت هلندڙ علاج.


    مڃتا

    هن ڪتاب جي تياري ۾
    پنهنجي تجربي ۽ ڄاڻ کان علاوه
    هيٺين ڪتابن مان به مدد ورتي

    1. Basis of Pediatrics 8th Edition
    Pervez Akbar Khan

    2. Pediatries Problems
    By: Prof. Khurshid Abbasi

    3. Common Disease of Children Vol: I & II
    Dr. Nazeer Ahmed Charan


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 926
    ڪتابن جو مشاهدو: 2942288
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 764562
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ