ڪتاب جو نالو: سنڌ گھمندڙ سيلاني
مصنف: دادا سنڌي
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: سنڌ شناسي
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 08 مئي 2020 ع
پڙهيو ويو: 421 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 152 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
عرب دنيا، چين ۽ يورپ جي مختلف سيلانين، قبل مسيح جي ھيرو ڊوٽس کان ابن بطوطه ۽ البيروني تائين، انگريز دور جي ڊاڪٽر جيمس برنس کان وليئم فرمليئن تائين سنڌ کي جيئن ڏٺو، ان جو تفصيل محترم دادا سنڌيءَ سھيڙي 36 مضمونن جي شڪل ۾ پيش ڪيو آهي. اميد ته هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۽ تذڪرن سان دلچسپي رکندڙن وٽ پذيرائي حاصل ڪندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڇپائيندڙ پاران
  • هيروڊوٽس
  • ميگئسٿنيز
  • اسٽرابو
  • هيونسانگ
  • ابوزيد حسن سيرافي
  • سليمان تاجر
  • اليعقوبي
  • بزرگ بن شهريار
  • المسعودي
  • اصطخري
  • ابن حوقل
  • ابودلف
  • بشاري المقدسي
  • البيروني
  • ابن بطوطا
  • سيدي علي رئيس
  • محمود بلخي
  • نڪولس وٿنگٽن
  • نڪولس منوچي
  • اليگزينڊر هئملٽن
  • ناٿن ڪرو
  • سر هينري پاٽنجر
  • اليگزينڊر برنس
  • ڊاڪٽر جيمس برنس
  • چارلس مئسن
  • آرٿر ڪونولي
  • ڪيپٽن ايسٽوڪ
  • لطف الله سورتي
  • سر رچرڊ فرئنسز برٽن
  • جوزف سالبئنڪ
  • ڪئپٽن ٽي پوسٽنس
  • ديوارت باربوسا
  • رابرٽ ارسڪن
  • فري سباسٽن منريق
  • ڊبليو ايڇ مور لينڊ
  • وليئم فرمليئن
  • مددي ڪتاب

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : سنڌ گهمندڙ سيلاني
    ليکڪ : دادا سنڌي
    ڇاپو : پهريون
    سال : 2009
    تعداد : هڪ هزار
    قيمت : هڪ سئو رپيا
    ڇاپيندڙ : سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، سنڌ
    ڊجيٽل ايڊيشن: 2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    books.sindhsalamat.com


    (هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ پرٽنگ پريس ڄام شورو ۾ انچارج مئنيجر خضر خان وگهئي ڇپيو ۽ پروفيسر سيد زوار حسين شاهه نقوي، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ان کي پڌرو ڪيو)


    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ” سنڌ گهمندڙ سيلاني“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب نامياري ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان دادا سنڌيءَ جو لکيل آهي.
    عرب دنيا، چين ۽ يورپ جي مختلف سيلانين، قبل مسيح جي ھيرو ڊوٽس کان ابن بطوطه ۽ البيروني تائين، انگريز دور جي ڊاڪٽر جيمس برنس کان وليئم فرمليئن تائين سنڌ کي جيئن ڏٺو، ان جو تفصيل محترم دادا سنڌيءَ سھيڙي 36 مضمونن جي شڪل ۾ پيش ڪيو آهي. اميد ته هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۽ تذڪرن سان دلچسپي رکندڙن وٽ پذيرائي حاصل ڪندو.
    ھي ڪتاب 2009ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري قاسم سومري جا جنھن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڇپائيندڙ پاران

    ڇپائيندڙ پاران

    دنيا جا سمورا سيلاني دنيا جي سماجي، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ جا وڏا راوي رهيا آهن. قديم سنڌي شعري ادب جي تذڪرن ۾ ٻڌ مذهب جو پرچارڪ ”سرهيو سيلاني“ هڪ وڏو نالو رهيو آهي. جنهن جو شعر، قديم سنڌ جي آڳاٽي ادبي تذڪرن ۾ لڀي ٿو. ان ريت يوناني سياح هيروڊوٽس وٽان هخامنشي ( ايراني ) حاڪمن ۾ ۽ ان دور جي سنڌي سپاهه جو تذڪرو ملي ٿو، جيڪي ايراني فوج ۾ ڀرتي ٿي ڪري يونانين سان جنگ ڪندا هئا. هيروڊوٽس 489 ق – م ۾ ڪپهه جا ٻوٽا ڏسي حيران ٿي ويو ۽ لکيائين ته سنڌ ۾ اهڙا ٻوٽا ٿين ٿا، جن ۾ پشم پيدا ٿئي ٿو، سنڌ تي عرب دور حڪومت کان اٽڪل هڪ صدي اڳ چين جي تانگ گهراڻي جي دور حڪومت ( 607 – 618 ) ۾ مهاتمان ٻڌ جي 75 بنيادي قلمي مخطوطن کي چيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، هن لکيو آهي ته مهاتما گوتم ٻُڌ سنڌ آيو هو ۽ هن جي مقدس رک جو هڪ حصو سنڌ ۾ موجود رهيو. وري عرب سيلانين جي تذڪرن ۾ اهو پڻ ملي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن سڀ کان پهرين اسلام قبول ڪيو ۽ ڪيترائي اصحابي رضه پڻ سنڌ آيا هئا. اهڙو تذڪرو سنڌ جي ٺٽي جي مشاهيرن پڻ ڪيو آهي. هڪ اصحابي رضه ندي ڪناري آرامي آهي. عرب دنيا، چين ۽ يورپ جي مختلف سيلانين سنڌ کي جيئن ڏٺو. ان جو تفصيل محترم دادا سنڌي سهيڙي 36 مضمونن جي شڪل ۾ پيش ڪيو آهي. آءُ بورڊ پاران تاريخ جي ههڙي املهه سوکڙي کي پيش ڪندي سرهائي محسوس ڪريان ٿو. اميد ت هيءَ ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۽ تذڪرن سان دلچسپي رکندڙن وٽ پذيرائي حاصل ڪندو.


    ڄام شورو، سنڌ پروفيسر سيد زوار حسين شاهه نقوي
    اڱارو 9 ربيع الاول 1430 هه سيڪريٽري
    بمطابق 7 مارچ 2009 سنڌي ادبي بورڊ


    هيروڊوٽس

    هيروڊوٽس
    ( 489 ق. م - 420 ق.م )

    هيروڊوٽس يونان جو مشهور عالم، سياح، پهريون تاريخدان ۽ مهم جُو شخص ٿي گذريو آهي. هو ايشيا مائنر جي شهر فئلڪارناسر ۾ 489 ق.م ۾ ڄائو ۽ سن 420 ق.م ۾ وفات ڪيائين. هو ڄائو، نپنيو، پليو ۽ وڏو اُتي ئي ٿيو. پر پوءِ جون سياسي حالتون ڏسي اتان لڏي ويو ۽ ايران جي شهنشاهه دارا اعظم ( اول ) جو ڌاڪو ٻُڌي، ان وٽ ويو ۽ دارا لاءِ ئي ڪم ڪرڻ شروع ڪيائين.
    ايران جا سنڌ سان پراڻي زماني کان سياسي ۽ تجارتي ناتا هئا. دارا اعظم ( اول ) 519 ق.م ۾ سنڌ کي فتح ڪري پنهنجي ايراني شهنشاهيت ۾ شامل ڪيو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ايرانين جي آمد وڌي وئي. 380 ق.م ۾ بهمن بن اسفنديار، سنڌوندي جي لوهاڻي شاخ تي بهمن آباد ۽ اقليم، سنڌ جي ڪڇي صوبي ۾ قندابيل شهر ٺهرايا. فردوسي شهنشاهه نامي ۾ ڄاڻائي ٿو ته سنڌ جا ست راجا ڪابل، سنڌ، هند، ساندل، چندل، ڪشمير ۽ ملتان ايران کي ڍل ڀريندا هئا. سائرس اعظم 558 ق.م ۽ 530 ۾ بلخ تائين ملڪ فتح ڪيو هو. جڏهن دارا سنڌ تي قبضو ڪيو. تڏهن هيروڊوٽس به هن سان آيو. هن سنڌ کي دارا اعظم جي اڻٽيهين ولايت ڄاڻايو آهي. هن ان وقت جيڪي ڏيهي رياستون، ايراني شهنشاهت جي ماتحت هيون، تن ۽ انهن قومن جا يوناني نالا ڏنا آهن.
    1. ساڪا يعني ساڪستان يا سيتان جا رهاڪو، هي هامان ڍنڍ جي آسپاس رهندا هئا. سندس راجا جو ” هاماورگا“ هو. 2. ماڪا، هنن کي هيروڊوٽس ميڪان لکيو آهي. هي مڪراني علائقي جا هئا. 3. ستاگيدائي، گنداروئي، ٿاتاگو، داديڪائي، اپاريتائي، ديدڪائي ڪسپوئي، ٿامايوئي، پڪٽائي، منجهانئن ديدڪائي ڪشمير ۽ چترال جي وچ واري علائقي جا رهاڪو هئا. اپاريتائي، هندوڪش ۽ ڪابل جي وچ واري پرڳڻي جا رهاڪو هئا. ڪسيوئي ساڪا وارن جا پاڙيسري هئا. ٿامايوئي وچ افغانستان ۾ رهندا هئا. پڪٽائي (پشتو ) ڪوئيٽا ۽ پشين جا رهاڪو هئا.
    سنڌ مان ڪيترائي فوجي سپاهي ايراني لشڪر ۾ ڀرتي ٿيا. دارا اعظم ( اول ) ( 486 ق.م ) جڏهن يونان تي حملو ڪيو، تڏهن پنهنجي لشڪر سان گڏ هڪ سنڌي فوجي دستو به ان ۾ شامل ڪيو. تنهن جنگ ۾ سنڌي هاٿي به استعمال ٿيا. 486 ق.م ۾ دارااعظم جو پٽ زرڪيز تخت تي ويٺو. هن يونان کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو جنگي ٻيڙو ۽ فوج تيار ڪئي. اها جنگ ٿماپلي ۽ سليمس جي نالي مشهور آهي. زرڪيز ٻه لک 40 هزار لشڪر، 12 سئو جهازن ۽ ٽي هزار بار برداري جي جهازن سان هيلسپانٽ جي سمنڊ کي لتاڙي اٿينز تي گهيرو ڪيو. هن فوج ۾ سنڌين جو گهڻو تعداد هو، جن پاڻ سان ڪتا به کنيا هئا. هيروڊوٽس ان جنگ جي سنڌي سپاهين بابت لکي ٿو : ” سنڌي سوار ۽ پيادل فوج جا سپاهي هئا. سندن پوشاڪ سوٽي ڪپڙي جي هئي ۽ سندن هٿيار، تير ۽ڪمان هئا. تير ۽ ڪمان بيد جا جڙيل هئا. تيرن جون اڻيون / نوڪون لوهه جو هيون. اهي پاڻ سان هلڪا رٿ ۽ هاٿي آندا هئا. سوارن وٽ گهوڙا ۽ رٿن ڇڪڻ لاءِ گورخر هئا. سيستاني سنڌي سپاهين کي ڊگهيون ٽوپيون پاتل هيون. بلوچستان وٽ پتل ۽ فولاد جا هٿيار هئا، سندن پوشاڪ چمڙي جي هئي. سنڌي قبيلن مان جاٽ ( جٽ ) محنتي، سادا، ايماندار، بدن جا مضبوط، قد جا ڊگها ۽ جنگجو هئا. جاٽن اٺين صديءَ تائين هندستان جي تاريخ ۾ نالو ڪڍيو. بهرحال سنڌي پهرئين قوم هئي، جنهن 500 ق.م ۾ سمنڊ پار يونانين سان بحري ۽ بري ويڙهه ۾ پنهنجي فوجي قابليتن جو ثبوت ڏنو. دارااعظم (ٽئين ) سڪندر مقدونيءَ سان جنگ ڪرڻ وقت اربيلا واري ميدان ۾،تورانين، بلوچن، باختري، ساڪا ۽ سنڌي فوجن کان به مدد ورتي هئي. سنڌين وٽ هاٿي به هئا. ” دارااعظم هر سال نوروز ۽ مهرجان جي موقعن تي شاهي مجلسون ڪري، پنهنجي لشڪر جي اڳواڻن جون دعوتون ۽ کين سوکڙيون ڏيندو هو. هيروڊوٽس جي چوڻ موجب اهڙيون خلعتون سنڌي فوجين کي به ملنديون هيون.
    هيروڊوٽس جي زماني ۾ سنڌ سون جو گهر سڏبي هئي. هت گهڻي مقدار ۾ ۽ اعلى قسم جو سون ملندو هو. سنڌ ۾ سون جي گهڻائي جو ذڪر ڪندي هيروڊوٽس لکي ٿو ته ” سنڌي جي اترئين حصي ۾ اهڙيون ماڪوڙيون آهن جي قد ۾ لومڙ جيڏيون آهن. اهي پنهنجن ٻرن ۾ سون ميڙي رکن ٿيون. سنڌي ماڻهو ڪتا ساڻ ڪري، ماڪوڙين کي ڀڄائي، ٻرن کي کوٽي سون ميڙيندا هئا.“ هنن ماڪوڙين جو ذڪر جلد ٻئي ۾ به ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح ايم ڪرنڊل قدم هند جي صفحي 44 تي اهڙين ماڪوڙين جو ذڪر ڪيو آهي. ان زماني ۾ ايراني حڪومت کي ايشيائي صوبن مان جيڪا اُ پت ٿيندي هئي. تنهن جي ٽئين حصي جي ڍل سنڌ جو ساليانو خراج هو. هي ساري ڍل سنڌ سون جي صورت ۾ ادا ڪندي هئي. هيروڊوٽس لکي ٿو ته ” سنڌ سون جي ٻوري جا ٽي سئو سٺ ٽئلينٽ ڏن طور ڏيندا هئا. جيڪي ذري گهٽ ڏهن لکن پائونڊن يعنى تڏهوڪن ٻن ڪروڙن رپين جي برابر ٿين ٿا. ” ايلم ميڊيا وارا ۽ بابل وار سنڌ حڪومت کان سون خريد ڪندا هئا. سوسا، ايڪباتانا ۽ بابل وارن جا خزانا سنڌ جي سون سان ڀريل هئا. ميڊيا جي تختگاهه ايڪباتانا ( همدان ) تي قبضي ڪرڻ وقت دارااعظم کي سترهن لکن پائونڊن جو خالص سنڌي سون، شاهي خزاني مان هٿ لڳو. ايراني حڪمرانن جيڪي سڪا ٺهرايا، تن ۾ نج سنڌي سون هو. انهن سڪن جو وزن 130 گرام هو. جنهن جي هڪڙي پاسي کان تير ڪمان جي شڪل ۽ ٻئي پاسي تي شهنشاهه جي تصوير اڪريل هئي. اهو سڪو سودريڪ سڏبو هو. دارااعظم سنڌ لاءِ چوڪنڊا ۽ پنج ڪنڊا چانديءَ جا سڪا جاري ڪرايا هئا، ته جيئن مغربي دنيا ۾ سندس واپار چالو رهي. هي سڪا بنارس کان وٺي اوفير تائين جاري هئا.
    هيروڊوٽس سنڌي جي زرعي جنسن جو ذڪر به ڪيو آهي، پر تمام عجيب نموني ۾ لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ اهڙا وڻ ٿين ٿا. جن ۾ پشم ٿئي ٿي.“ هن جيئن ته اڳ وونڻن جا ٻوٽا ڪين ڏٺا هئا. ان ڪري ئي هو ڪپهه کي پشم لکي ٿو. سنڌ جي سرزمين جيئن ته زرخيز هئي ان ڪري ٻوٽا تمام وڏا، مضبوط ۽ گهاٽا نظر ايندا هئا، جنهن کي هيروڊوٽس وڻ لکي ٿو.
    بهرحال هيروڊوٽس سنڌ جو اهو سياح آهي، جنهن لاءِ سنڌ جو نامور محقق ايم ايڇ پنهور صاحب لکي ٿو ته ” هيروڊوٽس جيڪڏهن سنڌ ۾ نه اچي ها ته اخمينين جي سنڌ جي فتح، سنڌ ۾ نظام حڪومت، واپار، سنڌ جي پيدائش مثلاً: ڪمند ۽ ٻين فصلن، اسڪائليڪس جو دريائي سفر، سنڌ تي لڳايل ڍل ۽ 480 ق.م ۾ سنڌي جي سپاهين جو ايراني بادشاهن طرفان يونانين سان جنگ جو احوال اسان کي معلوم نه ٿي سگهي ها.“ ”هيروڊوٽس “ داراعظم جي سنڌ جي چڙهائي “ نالي سفرنامو 431 - 484 ق – م ڌاري لکي پورو ڪيو.
    مطلب ته هيروڊوٽس جو ” سفرنامو سنڌ “ جي تاريخ جو اَملهه خزانو آهي.


    ميگئسٿنيز

    ميگئسٿنيز

    سڪندر يوناني (سڪندر اعظم) جي تباهي ۽ ڦرلٽ مچائڻ کان پوءِ، بهار جي موريا گهراڻي جي نامور راجا چندر گپت، سنڌ تي تسلط ڄمايو، چندر گپت ٽئڪسيلا جي مڪتب ۾ تعليم ورتي ۽ سڪندر اعظم جي فوجي جوڙجڪ ۽ جنگي فتحن مان واقف ٿيو. هن مُگڌ جي ننڊا خاندان جي پوئين راجا مهاپدما کان 322 ق.م ۾ مُگڌ جي فتح ڪيو ۽ پنجاب ۽ سنڌ مان يونانين کي ڀڄائي هڪ منظم ۽ مضبوط سلطنت جو پايو وڌو. هن جي گاديءَ جو هنڌ پاٽلي پتر (پٽنه) هو ۽ سندس سلطنت مغرب ۾، هرات تائين پکڙيل هئي. هن جي ڏينهن ۾ سڪندر اعظم جي فوجي جرنيل سيليوڪس سنڌ تي ڪاهه ڪئي، پر سنڌي لشڪر جي بهادري ۽ عسڪري قوت آڏو مات کائڻي پئي. ان ڪري چندر گپت کي پنهنجي ڌيءَ جو سڱَ ڏيئي ساڻس دوستي رکي ۽ پنهنجي هڪ سفير ميگئسٿنيز کي سندس درٻار ۾ موڪليائين.
    جن ڏينهن ۾ ميگئسٿنيز برضغير ۾ آيو، ان وقت سنڌ ۾ به چندرگپت جي حڪومت هئي، ۽ چندرگپت جو وزيراعظم، سنڌ جو نامور سياستدان ۽ ماهرطب چانڪيه پنڊت هو، جنهن سنڌ ۾ بهترين انتظام رکيو، ان وقت جي سنڌ جو احوال هن يوناني سياح جي، لکت مان ملي ٿي. سنڌ جو مشهور محقق جناب ايم. ايڇ پنهور لکي ٿو ته ” ميگئسٿنيز ڪو گهڻو سفر ڪونه ڪيو، پر چوي ٿو ته، هن سڪندر اعظم کان ملڪ جا زياده حصا ڏٺا هئا. جيڪي ڪجهه لکيو اٿس، ان جو واسطو هندستان جي ڪن صوبن سان آهي، پر ملڪ جون عام حالتون ساڳيون هيون. ان ڪري ڪي ڳالهيون، سنڌ سان لاڳو ڪري سگهجن ٿيون. هن جا لکيل بيان ڪافي دلچسپ آهن ۽ ڏيکارين ٿا ته لکندڙ لائق ماڻهو هو ۽ جيڪي به لکيو اٿس سو ايمانداري سان لکيو اٿس، جيئن ته ان وقت سنڌ، چندرگپت جي حڪومت جو هڪ صوبو هو، ان ڪري جيڪا انتظامي ۽ سياسي پاليسي هڪ مرڪز جي هئي، اهائي سنڌ ۾ لاڳو هئي ۽ جيڪي حالتون سڄي برصغير ۾ هيون، اهي ئي ساڳيون سنڌ جون هيون ۽ ملڪ سڄو هڪ هو، ان ڪري ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ميگئسٿنيز سنڌ ۾ نه آيو هجي. ملڪ جون انتظامي خوبيون بيان ڪندي هو لکي ٿو ته ” سارو ملڪ صوبن ۾ ورهايل هو، جن مٿان گورنر مقرر ڪيا ويندا هئا، جي شاهي خاندان مان هوندا هئا. بادشاهه کي صلاحڪار هئا جي کيس جدا جدا شعبن ۾ ڪم جي مدد ڪندا هئا. ضلعي جا آفيسر جن کي هو ايگرونامي سڏي ٿو، زمين جي ماپ، پاڻي ماپ سان ڏيڻ، کيتي، ٻيلن ۽ کاڻين جا انچارج هئا. “ عسڪري قوت بيان ڪندي هو لکي ٿو ته ” مرڪز ۾ ” عسڪري شعبو“ هو، جنهن ۾ ڇهه لک سپاهي هئا، جيڪي جدا جدا علمدارن جي ماتحت هئا، جنگي هٿيارن ۾ ساڍا پنج فوٽ ڪمان، چمڙي جي ڍال، تلوار ۽ ٻيا ڪيترائي هٿيار هئا. لڙاين ۾ مخالف ڌريون ن فصل جو نقصان ڪن ۽ نه هارين کي تنگ ڪن. تمام پورهيت پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهيو ٿي. “ شهري انتظام لاءِ لکي ٿو ته ” شهر ۾ هڪ قسم جي ميونسپالٽي هئي، جا مسافرن جي رهائش، ڄم ۽ موت جو حساب رکڻ، تجارت، تور – ماپ ۽ بازار جي اگهه جي نگراني، ڍل جي وصولي ۽ نيلام جو حساب ڪتاب رکڻ جو بندوبست ڪندي هئي.“ عدالتي نظام لاءِ لکي ٿو ته : ”ملڪ جو فوجداري قاعدو، ڏاڍو سخت هو. عام رواجي ڏوهن لاءِ هٿ ۽ پير ڪپي ڇڏڻ جي سزا هئي. ڪوڙي شاهدي ڏيڻ واري جا هٿ پير ڪپيا ويندا هئا، جيڪڏهن ڪو ڪنهن جي اک ڪڍندو هو ته، ان کي موت جي سزا ڏني ويندي هئي. ڇالاءِ ته هن هڪ ڪار آمد شخص کي بيڪار بنائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ڏوهه گهٽ هئا. ڇالاءِ ته بادشاهه ۽ سندس مقرر ڪيل جاسوس، ڏوهه ڪندڙن سان پاڇي وانگر لڳا رهندا هئا.“ هو سماجي حالتن بابت لکي ٿو ته : ” ماڻهو زندگي ڏاڍي سادي گذاريندا هـئا. ڳوٺن ۽ شهرن ۾ گهڻو گهڻو ڪري ڪاٺ جا هوندا هئا. ماڻهو ايماندار ايترا هوندا هئا جو ڪو به گهر کي قلف ڪين ڏيندو هو. ذات پات جو فرق برابر هو ۽ اوچ ذات وار نيچ ذات وارن سان، سڱا بندي ڪين ڪندا هئا. مذهبي ڏڻ يا وڏا ڏينهن ماڻهو ڌام ڌوم سان ملهائيندا هئا. ماڻهو ٺٺ ٺانگر، عيش ۽ عشرت کان پري هئا. هو پنهنجو وقت بحث مباحثن ڪرڻ ۽ پڙهڻ پڙهائڻ ۾ صرف ڪندا هئا. بت پرستي ڪئي ويندي هئي. زياده تر وشنو ۽ شو ديوتائن جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. ستي جو عام رواج هو. زالون مڙس جي مُئي کان پوءِ زهر کائي مرنديون هيون ته ڪي چکيا چڙهنديون هيون. سنڌ جي سرحدي علائقن ۾ جهڙوڪ : ٽئڪسيلا ۽ بلوچستان جي ايران واري علائقن جا ماڻهو مُڙدن کي ميدانن ۾ ڦٽو ڪندا هئا. جن جو ماس ڳجهون پٽي کائينديون هيون.“
    ملڪ جون اقتصادي حالتون بيان ڪندي ميگئسٿنيز لکي ٿو ته ” ماڻهو سُکيا ستابا ۽ ڏاڍا سٺا ڪاريگر هئا. خاص طور ڌاتن مان شيون ٺاهڻ ۽ ڪپڙو اُڻڻ ۾ قابل هئا. سوداگرن کي عزت ڏني ويندي هئي. واپار سمنڊ پار ملڪن جهڙوڪ : چين ۽ هندي سمنڊ جي ٻيٽن سان هلندو هو. شين جو قيمتون سرڪار مقرر ڪندي هئي ۽ هر روز نين قيمتن جو اعلان ٿيندو هو. عورتن ۽ لاچار انسانن کي سرڪار طرف مدد ملندي هئي. پٽنا کان پشاور تائين 1150 ميل ڊگهو رستو هو، جنهن سان واپار هلندو هو. ڪڏهن به هت ڏڪار ڪونه پيو ۽ نه وري اناج جي کوٽ ٿي. “ ميگئسٿنيز جو هيءَ سفرنامو جيتوڻيڪ هڪ مڪمل ۽ ڌار ڪتاب ۾ ڪين ڇپيو آهي پر مئڪوندل جي هڪ ڪتاب ” اينشنٽ انڊيا ائزڊسڪرائيبر باءَ ميگئسٿنيز ائنڊ آرين “ ۾ ڇپيو آهي. جتان مورخن سندس مواد وٺي ان جي ڪارگذارين جو ذڪر ڪيو آهي، بهرحال ميگئسٿنيز جي هيءَ لکت ان دور جي سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ مذهبي حالتن جو آئينو آهي، جنهن کي اڳيان رکي اسان پنهنجي شاندار تاريخ مرتب ڪري سگهون ٿا.


    اسٽرابو

    اسٽرابو
    ( 64 ق.م – 19 )

    ايرانين جي لاڳيتن ڪاهُن، باهمي ۽ اندروني جنگين ڪري اٿنيز ۽ اسپارٽا جي فوجي ۽ سياسي قوت ختم ٿي چڪي هئي. 220 ق.م يونان ۾ اٿينز، اسپارٽا ۽ ٿيبيس ٽي رياستون هيون، جن مان اٿينز وٽ بحري ٻيڙو هو. ان وقت مقدونيا جو حاڪم فلپ ( ٻيو )هو، جيڪو يونانين ۾ اتفاق ۽ اتحاد قائم ڪري ايرانين کان انتقام وٺڻ جي ڪوشس ڪري رهيو هو، پر هو 336 ق.م ۾ هڪ سازش تحت قتل ٿي ويو، ان کان پوءِ سندس پٽ سڪندر اعظم تخت تي ويٺو، ” تاريخ تمدن سنڌ “ جي ليکڪ رحيمداد خان مولائي شيدائي جي بيان موجب : هن پنهنجي پيءُ پاران ورثي ۾ مليل حڪومت جون حدون يورپ ۾ درياءَ ڊئنوب تائين وڌايون. بعد ۾ 333 ق.م يونان جي فسادن کي مٽائي کين اتحاد ۾ آڻي 232 ق.م ۾ ايراني شهنشاهيت جي ايشيائي مقبوضيت تي ڪاهه ڪئي. ايشياڪوچڪ ٽپي شام جي سرحد اسوس وٽ پهتو.“ اهڙي طرح سڪندر اعظم شام، فلسطين ۽ مصر کي فتح ڪيو. مصر کان فارغ ٿي اربيلا جي جنگ ۾ دارا ( ٽئين ) کي شڪست ڏيئي بابل، سوسا، اصطخر ۽ ايڪباتانا تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ هو پاڻ کي ايران جو شهنشاهه ڪوٺائڻ لڳو. ايشيا جا ٻيا صوبا سندس ڪاهه هيٺ اچي ويا. چناچه ڪومانيا، پارٿيا، ميڊيا، آرمينا، هرڪينيا، گيدروشيا، ڊرئنگيانا، ايريا، آرچوسيا، صغدانيا، بئڪٽرينا ۽ افغانستان تي هن قبضو ڪيو. هاڻي هن ڪابل ۽ سوات جي رستن کان هندستان فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ۽ اهڙي طرح 326 ق.م ۾ هو سنڌ ۾ پهتو. سنڌ تي سڪندراعظم جي ڪاهه جو خاص مقصد ايشيا جي اڻ کٽ دولت ۽ واپار تي قبضو ڪرڻ هو، جيئن يورپ ۽ ايشيا جا واپاري ناتا مضبوط رهن، يوناني تهذيب هنر ۽ زبان جو مشرق تي اثر رهي، اهڙي ارادي کي عملي جامي پهرائڻ لاءِ، سڪندر اعظم پاڻ سان هنرمندن، تاجرن، جاگرافيدانن، تاريخ نويسن، مسترين، انجنيئرن ۽ فلاسفرن جي هڪ خاص جماعت گڏ آندي، ته جيئن هر عالم ۽ فن جو ماهر پنهنجي پنهنجي ميدان ۾ ڪم ڪري سگهي ۽ مشورو ڏيئي سگهي. اهڙن ماهرن مان اسٽرابو به هڪ هو.
    اسٽرابو بنيادي طرح جاگريفيدان هو. پاڻ ماني مڇي لائق هو. ان ڪري پنهنجي شوق کي پوري ڪرڻ ۽ علم ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ هن تمام گهڻو سفر ڪيو. هن يونان جي مشهور عالم ٽائرنيين جي صحبت ۾ رهي ڪري. جاگرافي جي علم ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي. جناب ايم. ايڇ. پنهور لکي ٿو : ” اسٽرابو پنهنجي جاگرافي جي ڪتاب ۾، اڳوڻن جاگريفيدانن جي تصنيفن کي استعمال ڪري، انهن کي تباهه ٿيڻ کان بچايو. ڌرتي کي گولو تسليم ڪرڻ سان گڏ هن نوان کنڊ دريافت ڪيا ۽ انهن کي نالا ڏنا. هن جي تحقيق موجب کنڊن جي چوطرف سمنڊ آهي ۽ ڌرتي جو سڪل حصو، اتر واري اڌ گول جي چوٿين حصي تي ڇانئيل آهي، باقي ايراضي ۾ سمنڊ آهي“. اسٽرابو جي لکيل جاگرافي جو ترجمو، اٺن جلدن ۾، لولب ڪلاسيڪل لائبريري طرفان ڪيو ويو. جيڪو لنڊن مان 1917ع ۾ شايع ٿيو. بعد جي ڪيترن ئي مورخن سندس ڪتاب تان استعفادو ڪيو.
    اسٽرابو سنڌ ۾ رهي سنڌ جي واپار تي تمام گهڻو لکيو آهي. جناب ايم. ايڇ. پنهور صاحب جي لکڻ موجب ” سنڌ جي پراڻي جاگرافي تي سندس هيءُ هڪ ناياب ڪتاب آهي. “ اسٽرابو لکي ٿو : ” مون هڪ سڱو گيندو، آگسٽس جي قلوپطرءُ تي فتح جي موقعي تي ڏٺو. جيڪو ان وقت سنڌو درياءَ ۾ عام هو. اهو هڪ سڱو گينڊو گهڻو ڪري، سنڌ مان مصر موڪليو ويندو هو. “ اسٽرابو لکي ٿو ته ” هن هڪ 9 فوٽ ڊگهو نانگ، مصر ۾ ڏٺو. جيڪو هت سنڌ مان موڪليو ويو. “ هو ماکيءَ جي مک متعلق لکي ٿو : ” سنڌ ۾ ماکي، وڻن مان پيدا ٿئي ٿي، جا ماکيءَ جي مک جي مدد سان پيدا ٿئي ٿي. اسٽرابو سنڌ جي تجارت بابت تمام گهڻو لکيو آهي ۽ خاص ڪري هن ڀنڀور واري بندر جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. ڀنڀور ان وقت سنڌو ندي جي الهندي شاخ گهارو ۽ سمنڊ جي کاري جي اُترئين ڪپ تي اقتصادي ۽ واپاري هلچل سان ڀرپور بندرگاهه ۽ عاليشان شهر هو، جيڪو هندوستاني واپار لاءِ پهريون بندر هو، ڇاڪاڻ ته ڳاڙهي سمنڊ کي پار ڪرڻ کان پوءِ پهرئين پهرئين هندوستاني ڪناري جي انهيءَ تي اچبو هو. هي ءُ بندر ق. م کان يارهين صدي عيسويءَ تائين هند ۽ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو تجارتي بندر هئڻ سان گڏوگڏ سنڌ ۽ هند جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ قافلن جو لنگهه ( گيٽ وي ) به هو. اندرون سنڌ جو مال ٻيڙين رستي هت ايندو هو ۽ هتان اهو مال بين الاقوامي بندر جي حيثيت حاصل هئي. سنڌ، هند، چين ۽ ڏور اوڀر جي تجارتي مال هن بندر تان ڏورانهن ڏينهن ڏانهن اُ ماڻيو ويندو هو. چين جو ريشم، شاهراهه ريشم جي رستي ڀنڀور بندر تان روم ويندو هو. اسٽرابو ڀنڀور کي بارباريڪان لکي ٿو. سندس چوڻ آهي : ” هي بندر ان وقت گڏيل هندوستان جو وڏي ۾ وڏو تجارتي بندر هو. ۽ ان جو مصر جي شهر، سڪندريه جي ڪندي ڄاڻائي ٿو ؛ ” مصر مان قافلا ڳاڙهي سمنڊ ۾ ايندا هئا ۽ اتان عربي سمنڊ لاءِ روانا ٿيندا هئا. آگسٽس جي دور تائين مصر جا جهاز ورلي باب المغرب تائين پهچندا هئا پر سندس هٿان 25 ق.م ۾ عدن تباهي ۽ عرب قبيلن تي حاوي ٿيڻ بعد مصري، يوناني ۽ رومن جهاز عربي سمنڊ ۾ اچڻ لڳا. عربستان مان قافلن جا رستا بيان ڪندي لکي ٿو : ” سنڌ مان مال عدن تائين ويندو هو. جتان عرب قافلن رستي اهو مال مصر ۽ ڀونچ سمنڊ جي ڏاکڻين ڪناري تي پهچندو هو.“ اسٽرابو جي اهم ڳالهه هي آهي ته سنڌ جي هن يوناني سياح جو مختصر احوال، جنهن سنڌ ۾ سير ڪرڻ وقت هتان جي ڪن عجيب و غريب شين جو ذڪر ڪيو ۽ هتان جي تجارت تي خاص روشني وڌي، جيڪا اسان جي تاريخ جو اهم باب آهي.


    هيونسانگ

    هيونسانگ
    ( 596ع – 664 ع )

    چين ملڪ ۽ اتي جي تهذيب ۽ تمدن ٻين ملڪن جي قومن جي ثقافتي روايتن کان بنهه منفرد ۽ نرالي آهي. چين پنهنجي تهذيب جون روايتون ٽن هزار سالن کان به اڳ ترتيب ڏيڻ شروع ڪيون. چين جا ماڻهو هر نئين ڳالهه ۾ هر نئين فڪر کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان هئا، ان ڪري هو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ خوب کان خوب تر جي تلاش ۾ ۽ پڻ پنهنجي نئين تهذيب ٻڌڌرم جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هند سنڌ ڏانهن پنهنجا سڄاڻ ۽ ذهين فرد موڪليا، جن مان فاهيان، سونگ يون ۽ هيونسانگ مشهور سياح آهن. جيڪي ٽئين عيسوي صدي عيسوي کان ستين صدي عيسوي تائين گهميا ڦريا ۽ مهاتما گوتم ٻُڌ جي زندگي، تعليم ۽ پيغام بابت تحقيق ڪيائون. سنسڪرت ۽ پالي زبان ۾ پيش ڪيل ٻوڌي اصول ۽ هدايتون چيني زبان ۾ ترجمو ڪيائون.
    هيونسانگ چين جي هونان صوبي ۾ سن 596ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ديني علوم جو سٺو ڄاڻو هو. هن جو وڏو ڀاءُ ٻڌ ڀڪشو هو. هيونسانگ تي به ڀاءُ جو اثر پيو ۽ هو به ٻڌ ڌرم جو پوئلڳ بڻجي ويو. اهڙيءَ طرح ويهن سالن جي عمر ۾ هو، پڪو ڀڪشو بڻجي ويو. هن کي ٻڌ مذهب جي صحيح تعليم ۽ ان جي باني جي جنم ڀومي جي زيارت جو شوق ستائڻ لڳو. ان ڪري هن هند ۽ سنڌ ڏانهن اچڻ جو پڪو ارادو ڪيو ته جيئن هو ان مذهب جي صحيح اصولن، متن ۽ مُسلڪ کي سمجهي سگهي. ان زماني ۾ چين تي تانگ گهراڻي ( 607ع – 618ع ) جي حڪومت هئي ۽ هو چين جي ڪنهن به فرد کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏيندا هئا. ان ڪري ئي هو لڪي چوري تاشقند، سمرقند ۽ افغانستان کان ٿيندو ڪشمير پهتو ۽ سنڌو ندي ذريعي وچئين ميداني علائقي مان ٿيندو سنڌ پار ڪري هندستان ويو. مهراڻ جي ٻنهي ڪپن تي ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين پڌ ڌرم وارن جا ڪيترائي مندر ۽ پاٽ شالائون هيون، جيڪي پنهنجي زماني ۾ علم ۽ هدايت جا اهم مرڪز هئا ۽ ڏورانهن ملڪن جي ماڻهن لاءِ مقدس مقامات هئا. هيونسانگ سنڌ پهچي هتي تمام مقدس جڳهن کي ڏٺو ۽ پوءِ هو ٻڌ مذهب جي پوتر شهر ” گايا “ يعني پٽنا پهتو ۽ بنارس جي زيارت ڪيائين. 631ع ۾ هونالندا خانقاهه ۾ ٻڌ مذهب جي مشهور پادري، سلا بهادر وٽ به پڙهيو. هت هو 628ع ۾ آيو. 631ع جي آخر ۾ ويو يعنى ٽي سال رهي، هند سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي، احوال هٿ ڪري، هڪ ضخيم ڪتاب تيار ڪيو. سندس سفرنامي جي هن ڪتاب ۾ 138 ملڪن جي حڪومتن، ماڻهن، ريتن رسمن، طور طريقن ۽ رواجن جو احوال آهي. هيونسانگ کان به اڳ ڪن چيني سياحن جو سنڌ ۾ اچڻ ثابت آهي. جن مان فاهيان ۽ سن ين جو ذڪر خاص ملي ٿو. 138 ملڪن مان 110 ملڪ هن پنهنجي سر گهمي ڏٺا. هيونسانگ جو هي سفرنامو ڪلاسيڪل حيثيت رکي ٿو. ٿيودور ڊي بيري پنهنجي ڪتاب ” سورسز آف چائينيز ٽريڊيشنس “ ۾ لکي ٿو ته ” هيونسانگ جي هي ياتر ا، چيني تاريخ ۽ ادب جو هڪ اهم باب آهي. هن پنهنجي سفر جي دوران، مقامي فيلسوفن ۽ دانشورن سان بحث مباحثا ڪيا، جن جي نتيجي ۾ ٻڌ ڌرم جي 75 بنيادي مخطوطات کي چيني ٻولي ۾ ترجمو ڪيو.
    هيونسانگ سنڌ جي شهرن، اروڙ، سيوهڻ ۽ ٻين شهرن جو دورو ڪيو. لئمبرڪ مطابق هو موئن جو دڙو، جهرڪ، ٻميو، سيوهڻ، ٺل، مير رڪن، سن، ٽريدن جي دڙي ۽ ديبل به ويو ۽ اتي ٺهيل عاليشان اسٽوپا ڏٺائين، ان کان سواءِ ٻيا به ننڍا ننڍا وڏا ڳوٺ ۽ شهر گهميو. هن ان وقت جي رهڻي ڪهڻي حڪومت جي طرز طريقي، تهذيبي قدرن ۽ روايتن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس سفرنامي ۾ ان وقت جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حالتون جيڪي سنڌ ۾ هيون، جهلڪا ڏيندي نظر اچن ٿيون. سندس سفرنامي مان چند ٽڪرا پيش ڪجن ٿا، جن مان ان دور جي سنڌ ( يعنى 7 صدي عيسوي ) جي سرسبزي، خوشحالي ۽ مذهبي حالتن جي خبر پوي ٿي. هو لکي ٿو ته ” گجرات کان اتر طر، خوفائتي رڻ پٽ ۽ خطرناڪ لڪن مان لنگهي، اٽڪل 1900 لي (يعني 684 ميل ) پنڌ ڪري، اسان سنڌ پهتا سين. هتي جي زمين اناج پيدا ڪرڻ لاءِ موزون آهي ۽ هت ڪپهه، جوئر ۽ ٻاجهري تمام گهڻي ٿئي ٿي. هتي سون، چاندي ۽ ڪوپر تمام جهجهو آهي. ڍڳن، رڍن، اٺن، خچرن ۽ ٻين جانورن لاءِ هتي چارو جام آهي. هتي جا اُٺ هڪ ٿوهي وارا ٿين ٿا. ۽ هتي سنڌ ۾ سنڌي لوڻ جا وڏا ذخيرا آهن. ان کان سواءِ اڇو لوڻ، ڪارو لوڻ ۽ جابلو لوڻ به عام آهي. مختلف جاين تي اهو لوڻ، دوائن ۾ به استعمال ڪيو وڃي ٿو. ماڻهن جو سڀاءُ سخت ۽ پورالو آهي پر آهي آهن ايماندار ۽ سنوان وڃي ٿو. ماڻهن جو سڀاءُ سخت ۽ پورالو آهي. پر اهي ايماندار ۽ سنوان سڌا پاڻ ۾ ڪونه ٺهن. پڙهن نه ٿا پر بنا مقصد جي ٻُڌ مت جا پوئلڳ آهن. هتي ڏهه هزار ڀڪشو ٽڙيل پکڙيل آهن. انهن ٻڌمت جي لوڪن مان ڪيترا، سچ جا ڳولائو سالڪ، ويران جاين، جبلن ۽ ٻيلن ۾ دنيا کي تياڳ ڪيو اڪيلا پيا رهن ۽ ارهت ماڻڻ واري منزل جي آس ۾ پيا رات ڏينهن جالين، سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ پي شين ڦو ٻولو ( يعنى برهمڻ آباد ) آهي ۽ بادشاهه ( راءِ سيهرس ) آهي. جيڪو نهايت ايماندار ۽ مخلص آهي ۽ ٻڌ مت کي مان ڏيندڙ هيءُ پهريون ليکڪ آهي، جنهن ٻڌايو ته ” جڏهن گوتم ٻڌ، هن سنسار ۾ جيئرو هو، تڏهن سنڌ ۾ آيو هو. ان ڪري راجا اشوڪ جتي جتي به گوتم ٻڌ جي رهڻ جا نشان لڌا، اتي اسٽوپا ٺهرائي ڇڏيا اٿس. مهاارهت، اپاگيتا به هن ملڪ سنڌ ۾ آيو ۽ مذهب کي وڌيڪ پکيڙيائين. “جتي جتي هو رهيو اتي اسٽوپا ٺهيل آهن. هونئن به سنڌ ۾ سٽوپا جتي ڪٿي نظرن اچن ٿا. سنڌ جي ماڻهن جي سماجي زندگي بابت هيونسانگ لکي ٿو ته ”سنڌو ڌرياءَ جي ڪنارن سان، تمام گهڻا ماڻهو آباد آهن. اهي ماڻهو مال چاري گذارو ڪن ٿا. ۽ نه ڪو شاهوڪار ئي آهن نه وري سُڃا آهن. انهن بابت چيو وڃي ٿو ته اڳي اهي ماڻهو سرڪش هئا. پر پوءِ هڪ ارهت جي پوئلڳي ڪندي پنهنجا مٿا ڪوڙائڻ شروع ڪيا ۽ مذهبي زندگي گذارڻ لڳا. پرڪيئن پيڙهين گذري وڃڻ کان پوءِ هاڻي انهن جا پٽ پوٽا مذهب کان پري دنيا جي ماڻهن وانگر رهن ٿا. “بهرحال هيونسانگ جون هي چند سٽون ان وقت جي سنڌ جي رنگين ۽ سونهري تصوير پيش ڪن ٿيون.
    سنڌ جو هي سيلاني 645ع ۾ چانگ پهتو ته شهر جا ننڍا وڏا سندس آڌر ڀاءُ لاءِ شهر جي مکيه در کان ٻاهر اچي ڪٺا ٿيا، جو اها رات هيونسانگ شهر قلعي کان ٻاهر گذاري. بادشاهه تائي سنگ هن جو شهر اندر شاهي نموني استقبال ڪيو ۽ کيس هن جي ڪتاب جي ترجمي لاءِ مختلف ٻولين جا ڄاڻو ماڻهو مقرر ڪري ڏٺائين. اهي ترجمو ٿيل ڪتاب دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾موجود آهن. هو سن 664ع ۾ چين ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.


    ابوزيد حسن سيرافي

    ابوزيد حسن سيرافي

    ابوزيد حسن ايراني نار جي مشهور بندرگاهه سيراف جو رهاڪو هو. انهيءَ ڪري سيرافي سڏيو وڃي ٿو. هو ٽئين صدي هجريءَ جو عالم جو. هو ڪيترائي ڀيرا سنڌ ۾ آيو. ان ڪري سندس لکتون اکين ڏٺي احوال تي مشتمل آهن. سندس مشهور تصنيف جو نالو ” ڪتاب الثاني “ آهي، اهو ڪتاب سن 210 هه / 825ع ۾ لکيو ويو ۽ سن 246 هه / 877ع ۾ ڇپيو.
    ابوزيد سيرافي هند سنڌ جي ريتن رسمن جو مڪمل ذڪر ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ هتان جي تجارت ۽ راجائن جو احوال به لکيو آهي. هو لکي ٿو ته ” هندستان ۽ چين جا ماڻهو تناسخ جا قائل آهن. پر اهو سندن پختو يقين آهي. هت اهڙا به ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجو پاڻ کي باهه ۾ ساڙين ٿا. ولڀ راءِ ۽ ٻيا اهڙا راجا به آهن، جيڪي ڄاڻي واڻي پاڻ کي باهه ۾ وجهن ٿا. هت اونهاري ۾ ٽي مهينا لاڳيتي برسات پوندي آهي. ماڻهو ان کان اڳ پنهنجي کاڌي پيتي جو سامان گڏ ڪندا آهن ۽ جڏهن مينهن شروع ٿيندو آهي ته اهي پنهنجن گهرن ۾ ويهي رهندا آهن. سندن گهر ڪاٺ جا ٺهيل هوندا آهن. ڇتين ۾ گاهه، پن ۽ ڀوسو وجهي ليپو ڏيندا آهن. ان موسم ۾، ماڻهو ڪنهن خاص ڪم کان سواءِ ٻاهر نه ويندا آهن. پورهيت ماڻهو گهرن ۾ ئي ڪم ڪندا آهن. ان مينهن تي هتان جي ماڻهن جو گذارو آهي، جي مينهن نه پوي ته اهي ماڻهو ختم ٿي وڃن. هتان جي عالمن ۽ عابدن کي برهمڻ چوندا آهن، جيڪي هتان جا درٻاري شاعر پڻ هوندا آهن. هت نجومي، جادوگر، شعبده باز تمام گهڻا آهن. فالون وجهڻ، جادو ڪرڻ ۽ اک ٻوٽ ڪرڻ ۾ کين ڪمال آهي. “ هو لکي ٿو ته ” سنڌ جي اميرن ۽ راجائن لاءِ روزانو ناريل جي کل جي ٿالهي جهڙو ٿانءُ ٺاهيو ويندو آهي. جڏهن کاڌو ايندو آهي ته انهيءَ ٿالهي ۾ وجهي کائيندا آهن. کاڌي کان واندا ٿي اهو دسترخوان کل واري ٿالهي ۽ بچيل کاڌو پاڻي ۾ اڇلي ڇڏيندا آهن ۽ ٻئي ڏينهن وري نئين ٿالهي جوڙي ويندي آهي. هت گڏجي کائڻ کي عيب سمجهيو ويندو آهي. منجهائنس هر هڪ جدا جدا کائيندو آهي. انهن ماڻهن جو هر هڪ گروهه، جيڪو سئو ماڻهن تي مشتمل هو. جڏهن سيراف آيو ۽ هڪ وڏي تاجر سندن پنهنجي گهر تي دعوت ڪئي. تڏهن هر شخص لاءِ جدا جدا ٿالهي آندي ويئي. جيئن هو اڪيلا کائي سگهن. “ هو لکي ٿو ته ” هت اهڙا راجا به آهن، جيڪي جڏهن تخت تي ويهندا آهن ته ڀت رڌي، ڪيلي جي پن تي، انهن جي آڏو رکيا ويندا آهن ۽ ٽي چار سئو ماڻهو، خوشي سان راجا جي زور زبردستي کان سواءِ اچي گڏ ٿيندا آهن. راجا پهرين پاڻ ٿورو ڀت کائي، پوءِ سڀني کي ورهائي ڏيندو آهي. هر هڪ ماڻهو راجا جي آڏو ويهي ڀت کائيندو آهي. جيڪي ماڻهو راجا آڏو ڀت کائيندا آهن انهن لاءِ لازمي آهي ٿي ويندو آهي ته راجا جي موت يا ان جي قتل ٿي وڃڻ کان پوءِ انهيءَ ڏينهن سواءِ ڪنهن دير جي اهڙي طرح جلي وڃن، جو انهن جو نالو نشان نه بچي. “ هو لکي ٿو ته ” هتان جا راجا اڪثر ڪري پنهنجن ڪنن ۾ سونا والا پائيندا آهن. جن ۾ قيمتي جواهر ۽ موتي جڙيل هوندا آهن. ڳچي ۾ قيمتي هار پائيندا آهن. جن ۾ قيمتي جواهر ۽ ڳاڙهي سونهري رنگ جا جواهرات هوندا آهن. هي جواهرات ۽ موتي سندن ذاتي ملڪيت ۽ خزانو هوندا آهن. انهيءَ ساڳئي قسم جا زيورات فوجي سپهه سالار ۽ ٻيا آفيسر به پائيندا آهن. سنڌ جا راجا مصر جو زمرد، منڊين ۾ ڪم آڻين ٿا. مرجان به هت ٻاهران گهرايو وڃي ٿو. سنڌ جي معدنيات ۽ ٻين قيمتي شين جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” هتان جي پاڻي ۾ موتي ۽ عنبر آهن. جبلن ۾ جواهرات ۽ سون جون کاڻيون آهن. جانورن جي منهن ۾ عاج آهي. سنڌ جي زمين ۾ آبنوس، بيد، عود، ڪافور، لوئنگ، جائفل، صندل ۽ هر قسم جون پاڪيزه خوشبوئون آهن. انهيءَ سرزمين ۾ زباد، مشڪ وارا هرڻ ۽ اهڙي قسم جو ٻيون گهڻيون شيون آهن. جن جو شمار ڪري نه ٿو سگهجي. هتي پکين ۾ طوطي جهڙا خوش الحان ۽ مور جهڙا خوشنما پکي آهن. قديم زماني ۾ سنڌي دينار به بر آمد ڪيا ويندا هئا ۽ هڪ دينار، ٽن يا ان کان وڌيڪ دينارن ۾ وڪيو ويندو هو. “ هو لکي ٿو ته ” هتان جا ڪجهه ماڻهو (جوڳي / سامي / سياسي ) بيابانن جهنگلن ۽ پهاڙن جو سير ڪندا وتندا آهن ۽ ماڻهن سان تمام گهٽ ملندا آهن. هي پيٽ قوت گاهه ۽ جهنگلي ميوو ڪڏهن ڪڏهن کائي وٺندا آهن. سندس وار ايڏا وڏا ٿين ٿا، جيڪي بدن ۽ اوگهڙ کي ڍڪين ٿا. سندن ننهن وڏا تيرن جيڏا اٿن، اهي پاڻ ننهن ۽ وار نه ڪٽرائيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اهي پڄي ڀُري ڪري پوندا آهن. هي ماڻهو سير سياحت ڪندا آهن. سندن ڳچيءَ ۾ مڻڪن جي مالها هوندي اٿن. جنهن ۾ انساني کوپڙي (ڪشول ) لٽڪندڙ هوندي آهي. جڏهن کين بک لڳندي آهي ته ڪنهن جي در تي هليا ويندا آهن. اڳيون پنهنجي لاءِ برڪت سمجهي، کين اٻاريل چانور ( ڀت ) ڏيندو آهي. جنهن کي هو کوپڙي (ڪشول ) ۾ وجهي هليا ويندا آهن. “ هو ملتان لاءِ لکي ٿو ته ” هتان جي هڪ بُت جي زيارت لاءِ پري پري کان ماڻهو مهينن جا سفر ڪري ايندا آهن ۽ پاڻ سان عود آڻيندا آهن. جنهن کي بت سان ڌوتو ويندو آهي. هڪ خاص قسم جي عود جي قيمت هڪ هزار روپيا آهي. جيڪو ايترو نرم هوندو آهي، جو ان تي منڊي جي مهر لڳائي ويندي آهي. تاجر بت جي پروهتن کان عود خريد ڪندا آهن. “هن دعوى ڪئي آهي ته ” مان پهريون شخص آهيان، جنهن ڏٺو ته هندستان ۽ چين جو سمنڊ مٿان ڦري ميڊيٽريين سمنڊ سان ملي ويو آهي. “
    مسعودي سياح سن 300 هجري ۾ ساڻس سيراف ۾ مليو. هي مسلمان تاجر جي سفرنامي کي پڙهي 25 – 30 سالن کان پوءِ ان تي مقدمو لکيو. اهڙيءَ طرح ابو زيد حسن سيرافيءَ جو هي سفرنامو سنڌ ۽ هند جي حاڪمن، تاجرن ۽ عوام جي رهڻي ڪهڻي جي تصوير پنهنجي ڪتاب ۾ محفوظ ڪري هتان جي تاريخ کي اسان آڏو پيش ڪيو.


    سليمان تاجر

    سليمان تاجر

    سليمان تاجر ٽئين صدي هجريءَ جو عرب سياح ٿي گذريو آهي. جنهن جو مڪمل سفرنامو ڪتاب جي صورت ۾ ڇپيو آهي. هو هڪ عرب واپاري هو. جيڪو عراق جي بندرگاهه بصرءَ کان چين تائين رهندو هو ۽ اهڙي طرح هند ۽ سنڌ جي سڄي سامونڊي ڪناري جو، چڪر ڏيندو هو. هن پنهنجو ڪتاب 237 هه بمطابق 851ع ۾ لکيو ۽ اهو ” سلسله التواريخ “ جي نالي سان سن 1261 هه / 1845ع ۾ پهريون ڀيرو فرينچ ترجمي سان پيرس مان ڇپيو. جنهن جو تنقيدي مقدمو فرانسيسي عالم رينو لکيو هو. پنهنجي سفرنامي ۾ هن سڄاڻ، سياح ۽ سوداگر، سنڌ ۽ هند جي تهذيب ۽ تمدن، سياست ۽ معاشرت، راجائن ۽ حڪمرانن بابت ڏٺل ۽ ٻڌل ڳالهيون لکيون آهن. ان سان گڏ سنڌ ۽ هند جي سماجي ۽ اقتصادي، معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي ڀيٽ ڪري، سنڌ ۽ هند کي مٿاهون مقام ڏنو اٿس. جيئن ته سندس معلومات ذاتي مشاهدي، محققانه پرک ۽ پروڙ جو نتيجو آهي. تنهنڪري سندس احوال کي وڏي تاريخي اهميت حاصل آهي.
    سليمان هڪ عجيب ڳالهه لکي آهي : ” اهل هند ۽ اهل چين جو گڏيل بيان آهي ته دنيا ۾ صرف چار بادشاهه آهن. سڀ کان اول عرب جو بادشاهه هي شهنشاهه ۽ ٻين بادشاهن جو بادشاهه، سڀني کان زياده شاهوڪار ۽ وڏي مذهب جو بادشاهه آهي. ان کان پوءِ چين جي بادشاهه جو نمبر آهي، تنهن کان پوءِ روم جي بادشاهه جو ۽ پوءِ هندوستان جي راجا بلرام جو مرتبو آهي. “ ان کان پوءِ هن سنڌ ۽ هند جي ڪناري چئن بادشاهن جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ پهريون راجا بلرام آهي جو سڀني راجائن جو راجا آهي. هن جي فوجن جو نمونو عربي فوجن وانگر آهي. ٻيو گجرات جو راجا گوجر آهي. هن جو ملڪ سمنڊ جي ساڄي پاسي آهي. هن وٽ چوپايو مال تمام گهڻو آهي. هتان جا گهوڙا مشهور آهن. ٽيون طافن جو راجا آهي. جيڪو صلح جو شوقين آهي. چوٿون رهمي جو راجا آهي. جنهن وٽ تمام گهڻي فوج آهي ۽ پنجاهه هزار هاٿي آهن.“
    سليمان جيئن ته هڪ تاجر هو. ان ڪري هن هتان جي تجارت ۽ سامونڊي رستن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته ” پهريائين بصره ۽ عمان مان سامان کڻي سيراف اچجي ٿو، جتي اهو جهازن ۾ چاڙهجي ٿو. اتان جهاز مسقط پهچن ٿا. جتان مٺو پاڻي کڻي جهاز هندستان روانا ٿين ٿا ۽ هڪ مهيني ۾ ڪولم پهچن ٿا. هتان چين وارا جهاز چين وڃن ٿا. ڪولم ۾ جهازن جي مرمت جو ڪارخانو به آهي. “ هو لکي ٿو ته ” يورپي جهازن جا تختا لوهي ڪلين سان جوڙيا ويندا هئا، جڏهن ته هندي سمنڊ وارن جهازن جا تختا ڏورين سان ڳنڍيا ويندا هئا.“ سامونڊي سفر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” اهو سمنڊ جيڪو هندستان، چين ۽ سرانديپ جي وچ ۾ آهي، ان ۾ وڏيون وڏيون مڇيون هونديون آهن، جن کان جهاز به ڊڄن ٿا. رات جو سمنڊ ۾ جڏهن جهاز هلن ٿا. تڏهن گهنڊ وڄائيندا آهن ته جيئن مڇيون جهاز جي رستي کان پري هٽي وڃن. ان ۾ اسان ويهن هڏن جي هڪ مڇي ماري، جنهن کي وهيل مڇي چيو وڃي ٿو. “ هتان جي تجارتي شين ۽ ٻيءَ مصنوعات جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ” هت عنبر ۽ ناريل عام آهي. هت اهڙو ته سوٽي ڪپڙو ٺهي ٿو، جهڙو ٻي جاءِ تي ڪڏهن به نه ملندو. هتان جي ڪن ٻيٽن ۾ سون، ياقوت، سمنڊ مان موتي ۽ سنک ( جنهن کي ڦوڪ ڏيئي وڄائبو آهي) ملن ٿا. ڪٿ ڪٿ سقم، بيد ۽ هاٿي ٿين ٿا. انڊمان جي ٻيٽن ۾ سياهه فام آدم خور ماڻهو رهن ٿا. “سنڌ جي ڪڙتن ۽ پهراڻن بابت هو لکي ٿو ته ”سنڌ جي ڪاريگري جو هيءُ ڪمال آهي جو هو اهڙو ڪڙتو تيار ڪن ٿا، جنهن ۾ ٻيئي آستين، ڪليون ۽ کيسا اڻيل هوندا آهن. انهن ۾ سلائي جي ڪابه ضرورت نه آهي. “ هتان جي تاريخي ڪپڙي ململ، جنهن کي سنڌڻ چيو وڃي ٿو، جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته ”سنڌ جا عرب سوداگر گينڊن جا سڱ چين ۾ وڪرو ڪندا هئا. جن تي چينائي تصويرون ڪڍندا هئا، ڪي فنڪار انهن سڱن مان تصويرون جوڙيندا هئا. في صندوق جي قيمت ٽي هزار اشرفيون هئي. سنڌ ۾ ٺهيل ڪاٺ ۽ چمڙي جو پيٽيون ٻاهر وينديون هيون. انهن مٿان روغن جو ڪم تمام سٺو ٿيل هوندو هو. ان ڪري اهي دنيا ۾ مشهور هيون.“
    هتان جي سماجي رسمن جو ذڪر ڪندي سليمان لکي ٿو ته ” سنڌ ۽ هند وارا جڏهن شادي ڪندا آهن. تڏهن پهريائين سلام دعا شروع ڪندا آهن. پوءِ سوکڙيون پاکڙيون موڪليندا آهن ۽ پوءِ طبل جهانجهه وڄائي شاديءَ جو اعلان ڪندا آهن. جيتريقدر به ٿي سگهندو اٿن، مال ۽ دولت ڏيندا آهن. جڏهن ڪو مرد ڪنهن عورت کي کڻي اچي ۽ بدڪاري ڪري ته بدڪاري ڪرڻ واري عورت ۽ مرد ٻنهي کي قتل ڪرڻ سڄِي ملڪ ۾ ضروري سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن مرد زبردستي عورت سان زنا ڪئي ته اڪيلو مرد قتل ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن عورت جي رضامندي سان بدڪاري ڪيائين ته مرد ۽ عورت ٻنهي کي قتل ڪيا ويندا آهن. “ هتان جي ڏوهه ۽ سزا جي رسمن بابت هو لکي ٿو ته ” جڏهن ڪو ڪنهن ٻئي تي ڏوهه مڙهي ٿو ته ملزم جي سامهون، لوهه گرم ڪري رکيو وڃي ٿو ۽ هن جي هٿ تي پان جا پتا رکي لوهه رکيو وڃي ٿو ۽ هو ان کي کڻي اڳيتي پوئتي هلي ٿو. وري هو لوهه کي ڪيرائي ڇڏي ٿو ۽ هن جي هٿ کي کل جي ٿيلهي ۾ ويڙهي ان تي بادشاهي مهر هنئي وڃي ٿي. ٽن ڏينهن کان پوءِ، ان کي ساريون ڏنيون وڃن ٿيون، جن مان هو چانور ڪڍي ٿو. پوءِ جيڪڏهن هن جي هٿ تي تپيل لوهه جو اثر نٿو ٿئي ته هن کي سچو سمجهيو وڃي ٿو ۽ فريادي تي ڏنڊ وجهي، حڪومت جي خزاني ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو. ڪڏهن لوهه جي بدران لوهي يا ٽامي جي ٿانءُ ۾ پاڻي گرم ڪيو ويندو آهي ۽ ان ۾ لوهه جي منڊي رکي وڃي ٿي ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته هٿ وجهي ڪڍ. مون پاڻ اهڙن ماڻهن کي ڌٺو آهي، جن انهي گرم پاڻي ۾ منڊي ڪڍڻ لاءِ پنهنجو هٿ وڌو ۽ صحيح سالم نڪري آيو. پوءِ فريادي تي مڻ سون ڏنڊ رکيو ويو. هند، سنڌ ۽ چين ۾ گهٽ يا وڌ هر قسم جي چوري جي سزا قتل آهي. ان جو طريقو هي آهي ته جڏهن چور هڪ پيسو يا ان کان وڌيڪ چوري ڪندو آهي ته هڪ ڊگهي ڪاٺي جي چهنب نوڪدار ڪئي ويندي آهي ۽ ان تي چور کي ويهاريو ويندو آهي. اها ڪاٺي هيٺيان داخل ٿي، نڙي کان نڪري ويندي آهي. جڏهن ڪنهن کي قيد ڪندا آهن يا ڏنڊ وجهندا آهن ته ستن ڏينهن تائين ان کي کاڌو پيتو نه ڏيندا آهن ۽ اهي ست ئي ڏينهن ماڻهو ڏوهاريءَ سان گڏ رهندا آهن.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته ” مان هتان جي ماڻهن کي ٽي ٽي هٿ ڊگهيون ڏاڙهيون ڏٺيون. جڏهن ڪو مري وڃِي ٿو ته سندس ويجها مائٽ ڏاڙهي مڇون ڪوڙائن. هتان جا ماڻهو منجهند جي ماني کائڻ کان اڳ نڙ ڪندا آهن ۽ ڏندڻ ڏيندا آهن. ڏندن ڏيڻ کان سواءِ ماني نه کائيندا آهن. چانور هتان جي ماڻهن جي خاص خوراڪ آهي. مرد ۽ عورتون سڀيئي سون ۽ جواهر جا زيور پائيندا آهن. هتي مردار اڇلايا وڃن ٿا. صندل، ڪافور ۽ زعفران لاش تي وجهن ٿا ۽ خاڪ کي هوا ۾ اڏائي ڇڏين ٿا. هتي هڪ رسم هي به آهي ته جڏهن راجا مري ٿو ته ان سان گڏ ان جو راڻيون به ماريون وڃن ٿيون.
    سليمان تاجر جو آخر ۾ جوڳين ۽ تارڪ الدنيا ماڻهن بابت رايو آهي ته ” هت اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي جبلن ۽ جهنگلن ۾ گهمندا رهن ٿا. بک لڳندي اٿن ته گاهه، پن يا جهنگ جا ميوا کائين ٿا. مون هڪ اهڙي ماڻهو کي ڏٺو جيڪو اس ۾ ويٺو هو. 14 سالن کان پوءِ، جڏهن مان اتان لنگهيس ته مون کيس ساڳي حالت ۾ ڏٺو، مون کي اچرج ٿيو ته اس جي تپش کان ان جي اک ڇو ڪين نڪتي.


    اليعقوبي

    اليعقوبي

    احمد بن ابي يعقوب بن جعفر وهب بن واضح الڪتاب جي جواني آرمينا ۾ گذري. ان کان پوءِ خراسان ۾طاهري درٻار سان وابسته ٿيو. عباسي سلطنت ۾، انشاءَ جي آفيس جو علمدار هو. سنڌ، هند ۽ ٻين ملڪن جو سير و سفر ڪيائين. آخر مصر هليو ويو، جتي سن 284 هه / 897ع ۾ وفات ڪيائين. هيءُ پهريون مورخ آهي، جنهن سڄي دنيا جي قومن جي تاريخ عربيءَ ۾ لکي. ان سان گڏ، ان ۾ مسلمانن جي فتوحات جو به تفصيل سان ذڪر ڪيو اٿس. سندس ڪتاب ۾، مسلمانن جي انهن جملن جو ذڪر آهي، جيڪي هنن سنڌ تي ڪيا، سندس لکيل ڪتاب جو نالو ” ڪتاب التاريخ “ آهي. هيءَ ڪتاب سن 1883ع ۾ ٻن جلدن ۾ لنڊن مان شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ انهن سڀني ڪتابن جو به احوال ڏنل آهي. جيڪي سنڌ ۽ هند جي عالمن جا ڇپيل هئا۽ پوءِ عربي ۾ ترجمو ٿيا. ان کان سواءِ يعقوبي، جاگرافيءَ بابت به هڪ ڪتاب لکيو. جنهن ۾ تاريخي مواد ملي ٿو. هو تاريخ ۾ اليعقوبي جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو.
    اليعقوبي پهريون سياح هو، جنهن هند، سنڌ جي فلسفي، حڪمت، طب، علم، ادب ۽ علم نجوم بابت تفصيل سان بحث ڪيو. هو لکي ٿو ته ” هنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو عقل وارا، سوچ ويچار جا ڪوڏيا آهن ۽ اهي انهيءَ حيثيت جي ڪري سڀني قومن ۾ اڳرا آهن.، جوتش ۽ نجوم، سندن ڳالهيون سڀ کان وڌيڪ صحيح نڪرن ٿيون. سڌانت، سندن ئي ذهانت جو نتيجو آهي. جنهن مان يونانين ۽ ايرانين لاڀ حاصل ڪيو. طب ۾ سندن شناس سڀني کان زياده آهي. طب، منطق ۽ فلسفي ۾ سندن ڪيتريون ئي لکڻيون آهن ۽ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب لکيا اٿن.“ ان کان پوءِ سنڌين جي علم نجوم، هيئت، حڪمت ۽ فلسفي بابت لکي ٿو ” اهل سنڌ جو چوڻ آهي ته خدا ستارن کي حمل جي پهرئين دقيقي ۾ پيدا ڪيو. اهوئي دنيا جو پهريون ڏينهن آهي. پوءِ اتان اک ڇنڀ ۾ ستارن کي جنم ڏنائين هر ستاري لاءِ ميعاد ۽ رفتار مقرر ڪيائين. ايستائين جو سڀ هند ۽ سنڌ جي چند ڏينهن پورن ڪرڻ کان پوءِ وري انهيءَ جاءِ تي اچن ٿا جتان اول اڃايل هئا. پوءِ هو پنهنجي پهرئين هيئت مطابق ٿي پون ٿا. ان کان پوءِ خدا جيئن چاهي ٿو تيئن ٿي پوي ٿو. سنڌ جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته دنيا جا سمورا ڏينهن سڌانن ۾ شامل آهن. هي ستارن جي گردش کان عمل جي دقيقي، جمع ٿيڻ تائين پنهنجي پئدائش واري ڏينهن جي هيئت ٿي ڦري اچن ٿا.“ هو لکي ٿو ته ” هتان جي هڪ راجا جو نالو ڪوش هو، جيڪو ادب، حڪمت ۽ ذهانت ۾ مشهور ٿي گذريو آهي. هن سڀ کان پهريائين توهم جو نظريو ايجاد ڪيو. اهو انڪشاف به ڪيائين ته انسان جي طبيعت ۾ جنهن شيءِ جو وهم پيدا ٿئي ٿو. انهيءَ جو ان پاسي لاڙو هوندو آهي. جنهن به شيءِ جي باري ۾ اهو وهم ڪيو ويندو ته اها نفعي واري سان برابر مفيد ثابت ٿيندي ۽ ان جي لاءِ جيڪڏهن نقصان جو تصور ڪيو ويندو ته منجهائن واقعي نقصان رسندو. يعني انسان وهم مان جيڪي چاهيندو، سو ٿي رهندو. هي بادشاهه سندن ( هڪ زهردار شيءَ ) کائيندو هو. هن قاتل زهر بابت هن جو وهم هو ته اها دل تي برف جهڙو اثر ڪري ٿي. هي نهايت صحيح ذهن وارو هو. هن جي حافظي ۾ تقويت هوندي هئي هتان جي هڪ راجا، عورتن جي فريب ۽ رياڪاري تي هڪ ڪتاب لکيو.“ يعقوبي لکي ٿو ته ” هند ۽ سنڌ جو پهريون راجا، جنهن کي سڀ مڃين ٿا، سو برهمڻ هو. جنهن جي ڏينهن ۾ رعيت خوشحال هئي. هنر،فن ۽ عمارت سازيءَ ۾ ترقي ٿي. نجوم ۽ حسابن جي علم ۾ وڏو واڌارو آيو. انهيءَ برهمڻ راجا جي ڏينهن ۾ سنڌ ۽ هند يعني سڌاتن نالي ڪتاب لکيو ويو. ان ڪتاب جي روشنيءَ ۾ ارجهر نالي هڪ ٻيو ڪتاب به لکيو ويو. ان بادشاهه جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ تخت تي ويٺو، جنهن جي ڏينهن ۾ چوپڙ راند ايجاد ڪئي ويئي هئي. بادشاهه جي ڏينهن ۾ وري شطرنج راند جي ايجاد ٿي. ” هو لکي ٿو ته ” شطرنج فارسي لفظ هشت رنج مان نڪتل آهي. هشت جي معنى اٺ ۽ رنج جي معنى ڪنارو آهي. شطرنج جا 64 خان ۽ 32 مهرون هونديون هيون.
    يعقوبي سنڌ ۾ لکيل ڪتابن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. سڌانت سنڌين جو مشهور ڪتاب آهي. جنهن مان سڀني علمن جو شاخون نڪرن ٿيون. طب به هنن جا دليل ۽ بحث سڀ کان اڳرا آهن. انهيءَ فن تي هنن جو هڪ ڪتاب سرد يعنى شرٽ سنگها آهي. جنهن ۾ بيمارين جي علاج، علامتن ۽ دوائن جو تفصيل ڏنل آهي. هنن جو ٻيو ڪتاب ندان آهي، جنهن ۾ چار سئو بيمارين جو احوال ڏنل آهن. هنن جو ٽيون ڪتاب ” سنڌستان “ به طب متعلق آهي، جنهن جي معنى ” ڪاميابي جي ڪنجي “ چوٿون ڪتاب جنهن ۾ دوائن جي گڏ سرد هئڻ جي قوتن ۽ موسمي حالتن جي ورهاست جي باري ۾ بحث ٿيل آهي. هنن جو پنجون ڪتاب جڙي ٻوٽين بابت آهي، جنهن ۾ هڪڙي جڙي ٻوٽيءَ جا ڏهاڪو نالا لکيل آهن. انهن کان علاوه طب جا ٻيا به ڪيئي ڪتاب وٽن موجود رهن ٿا. هتان جو هڪ مشهور ڪتاب ” ڪليه دمنه “ هو، جنهن کي هڪ ويديا پنڊت لکيو. منطق ۽ فلسفي تي به هنن وٽ گهڻا ئي ڪتاب آهن. جنهن ۾ انهن علمن جي اصولن متعلق بحث ٿيل آهي. ٻيو ڪتاب جن ۾ هند ۽ روم جي فلسفن ۽ اختلافي مسئلن جو ذڪر آهي، سو به هنن وٽ محفوظ آهي. سندباد جهازيءَ جا ڪتاب به هتان جي ئي رهاڪن جا لکيل آهن. ديپڪ نالي هڪ هندي جي آکاڻي، جنهن ۾ عورت ۽ مرد جا ڪردار آيل آهن ۽ حضرت آدم ع جي زمين تي اچڻ جي ڪهاڻي آهي جنهن کي وڏي دلچسپي سان پڙهيو ويندو هو. هڪ هندي راجا جي آکاڻي جنهن ۾ لڙڻ ۽ ترڻ بابت لکيل آهي ۽ ٻي ڪهاڻي جنهن ۾ ٻن هندن جو احوال ڏنل آهي. جنهن ۾ هڪ سخي ۽ ٻيو ڪنجوس پاڻ ۾ مناظره ڪن ٿا ۽ سندن فيصلو هڪ دانشمند راجا ڪري ٿو.“
    يعقوبي سنڌ جي شهرن جو به پنهنجي ڪتابن ۾ ذڪر ڪيو آهي. خاص ڪري منصورہ بابت هو لکي ٿو ته منصورہ جون جايون ڪاٺ جون جڙيل آهن. صرف جامع مسجد پٿر جي ٺهيل آهي. جا عمان جي جامع مسجد جي تيوفي جهڙي آهي. موسى پٽ يهب پنهنجي دور ۾ هن مسجد جي نئين سر اڏاوت ڪرائي هئي. ان زماني جي رواج مطابق، مسجد جي ڀرسان حمام ۽ مسافرخانه پڻ ٺهيل هئا. منصورہ جي شاهي بازار، ڊگهي ۽ ڪشادي هئي. شهر جي چوڌاري وڏي ديوار هئي، جنهن ۾ چار دروازا هئا، جيڪي دشمن جي حملي وقت بند ڪيا ويندا هئا. سنڌ ۾ سون ۽ معدنيات ۽ ساڳ جي ڪاٺي تمام گهڻي ٿئي ٿي. ڪن هنڌن تي عورتن جي حڪومت به آهي.
    احمد بن ابي يعقوب، اليعقوبي جو ڪتاب ” تاريخ يعقوبي “ جي نالي سان مشهور آهي. جنهن جو موضوع تاريخ عالم آهي. هيءَ انسانذات جي پيدائش کان شروع ٿي خليفي متعصم باالله عباسيءَ جي احوال تي ختم ٿئي ٿي. تاريخ قديم ترين تاريخن ۾ ڳڻجي ٿي. هي تصنيف ” ڪتاب التواريخ “ سن 1883ع ۾ ٻن جلدن ۾ لنڊن مان شايع ٿي.


    بزرگ بن شهريار

    بزرگ بن شهريار

    بزرگ بن شهريار، هڪ عرب جهازران هو، جيڪو پنهنجا جهاز عراق جي بندرگاهن کان، سنڌ ۽ هند جي بندرگاهن تائين آڻيندو هو. ان کان پوءِ چين ۽ جاپان تائين به ويندو هو. هيءُ عربي سياح سنڌ ۾ ٽئين صديءَ مطابق ڏهين صدي عيسويءَ ۾ آيو. هن جي سفر نامي جو نالو ” عجائب الهند “ آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ هند بابت ڏٺل ۽ ٻڌل واقعا لکيا اٿس. جن ۾ ڏکڻ هند ۽ گجرات جا گڏيل واقعا به لکيا اٿس. سندس ڪتاب ۾ فان ڊيسٽ، فرينچ زبان ۾ ترجمو ڪري ڇپرايو. بعد ۾ هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو به ڇپيو.
    شهريار لکي ٿو ته ” سنڌو درياءَ ۾ گرمين جي موسم ۾ دجلا ۽ فرات ندين وانگر تيزي ايندي آهي. ان وقت ڪشمير جا ماڻهو، ڳٺڙين ۾ قسط هندي رکندا آهن ۽ هر ڳٺڙي ۾، ست سئو يا اٺ سئو مڻ، قسط ايندي آهي. ڳٺڙي تي چمڙو يا چمڙي تي روغن ڪار يعني تارڪول لڳائيندا آهن. جنهن ڪري ان ۾ پاڻي وڃي نه سگهندو آهي. ان کان پوءِ ڳٺڙين کي هڪٻئي سان چڱي طرح ٻڌي ڇڏيندا آهن. ان کان پوءِ ان تي ويهي سنڌو درياءَ ۾ تري 40 ڏينهن ۾، منصورہ جي بندرگاهه تي پهچندا آهن ۽ قسط ۾ پاڻي جو قطرو به نه ويندو آهي.
    بزرگ بن شهريار سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآ ن شريف جي ترجمي بابت هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي ڪتاب ” عجائب الهند “ ۾ لکي ٿو ته 720 هه بمطابق 1320ع ۾ سنڌ جي هڪ هندو راجا مهروڪ بن رامڪ جوالور يعني اروڙ جو حاڪم هو، جو تمام تيز طبيعت، سياڻو ۽ شاعر هو. جيئن ته هو سنڌ ۾ پليو ۽ نپنو هو. تنهنڪري سنڌ جون مختلف زبانون ڄاڻيندو هو. امير جي چوڻ سان هو تيار ٿيو. هن راجا جي زبان ۾، هڪ قصيدو لکي راجا ڏانهن اماڻيو. راجا اهو قصيدو پسند ڪيو ۽ خرچ جو سفر موڪلي گهرايائينس. هو رجا جي درٻار ۾ ٽي سال رهيو ۽ سندس خواهشن مطابق هن قرآن شريف جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. راجا روزانو ترجمو ٻڌندو هو ۽ بيحد متاثر ٿيندو هو. هڪ دفعي سورت ياسين جو جڏهن کيس ترجمو ٻڌايو ويو. تڏهن هو تخت تان هڪدم لهي آيو ۽ ٻيهر ترجمو ٻڌي به ٽي قدم اڳتي وڌي. سجدي ۾ ڪري پيو ۽ ايترو ته رنو جو سندس پير مٽيءَ ۾ آلا ٿي پيا. گهڻي وقت کان پوءِ جڏهن سجدي مان اٿيو. تڏهن سندس زبان مان وڏي آواز ۾ هي الفاظ نڪتا ” بيشڪ اهو ئي رب معبود آهي جو ازلي ۽ ابدي آهي. جڏهن مذڪوره شاعر موٽي اچي منصورہ ۾ عبدالله سان مليو تڏهن ٻڌايائنس ته راجا دل سان ته مسلمان ٿي چڪو آهي، پر رعيت جي ڀوءَ کان ظاهر نٿو ڪري.
    عالم لکن ٿا ته ” قرآن حڪيم جو ساري دنيا ۾ پهريون ترجمو اهو ئي آهي ۽ وڏي ڳالهه اها آهي ته اهو هزار سال اڳ سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿيو. ان کان اڳ ٻي ڪنهن به زبان ۾ قرآن شريف جو ترجمو ثابت نه آهي. چون ٿا ته راجا ان عالم کي ترجمي جي بدلي ڇهه سئو مڻ سون، ٽي ڀيرا انعام ۾ ڏنو.“
    بزرگ بن شهريار، سنڌ جي ڌاڙيلن بابت به مزيدار ڳالهه چئي آهي. ” هت اهڙي قسم جا چور ۽ ڌاڙيل آهن. جيڪي هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃي مالدار ۽ تاجر ماڻهن کي گهرن، بازارن ۽ رستن مان پڪڙي کين ڇرا ڏيکاري ۽ ڊيڄاري چون ٿا ته هيتري رقم ڏيو، نه اوهان کي مارينداسين. ان حالت ۾ اڳيون ماڻهو کڻي عام هجي يا سرڪاري، مقابلو ڪري ٿو ته ان کي ماري ڇڏين ٿا. کين اها ڳڻتي ناهي ته ڪي هو به ماريا ويندا.“ پوءِ هو، سندن چوڻ موجب ڪنهن ڪنڊ پاسي لڪي ٿو ته ويهي ۽ اڳئين ماڻهو جو وارث، پُٽ پئسن جي پٽ سٽ ڪري کين گهربل رقم پهچائي ٿو ۽ اهڙي طرح اڳلو ماڻهو آزاد ٿئي ٿو. هڪ دفعي 11 ڌاڙيلن هڪ هندوستاني تاجر صرف هڪ هزار رپيا ڏيڻا ڪيا پر چورن نه مڃيو. ان ڪري هو بادشاهه وٽ ويو. بادشاهه کيس چيو ته اسان ڌاڙيلن تي حملو نه ڪنداسين، ڇو ته هو تنهنجي پٽ کي ماري وجهندا. واپاري چيو ته ٺيڪ آهي. پٽ مئو ته گهوريو، ڌاڙيلن جو آزار ته ختم ٿي ويندو. آخر بادشاهه ان عمارت کي چئني پاسن کان ڪاٺيون ڏياري جاءِ کي باهه ڏياري. اهڙي طرح ڌاڙيل ڇوڪري سوڌا سڙي مري ويا.
    هو لکي ٿو ته ” هت چوري تمام وڏو ڏوهه آهي. جيڪڏهن ڪو گهٽ درجي وارو چوري ڪندو ته راجا ان کي قتل ڪرائي ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن مالدار چوري ڪندو آهي ته راجا ان جو مال ضبط ڪندو آهي يا ان تي وڏو ڏنڊ رکندو آهي. اهڙي طرح جيڪڏهن ڪو شخص چوري ڪيل مال واقفيت کان پوءِ خريد ڪندو آهي ته ان تي به ڳرو ڏند رکيو ويندو آهي. چوريءَ جي سزا، انهن وٽ قتل آهي. جيڪڏهن اتي ڪوبه مسلمان اتي ساڳيو ڏوهه ڪندو آهي ته ان جو معاملو مسلمانن جي ” هنرمن “ وٽ پيش ڪيو ويندو آهي. جيئن اسلامي قانون موجب ان تي ڪاروائي ڪئي وڃي. ” هنرمن “ جي اهائي حيثيت آهي. جيڪا اسلامي ملڪن ۾ قاضيءَ جي آهي. ” هنرمن“ فقط مسلمان ئي ٿيندا آهن.“
    سنڌ جي واپار ۽ ان مان نفعي بابت هو لکي ٿو ته ” اسان هتان تجارتي مال کڻي عمان وياسين. اسان جي جهاز تي ايترو ته مال اسباب هو، جو عمان جي حاڪم اسان جي جهاز تان ڇهه لک دينار ( ٽئڪس ) وصول ڪيو. اهو انهيءَ هڪ لک دينار کان سواءِ هو، جو هن پنهنجي مهربانيءَ سان معاف ڪري ڇڏيو يا واپارين لڪائي ڇڏيو ۽ ظاهر نه ڪيو. ان ئي سال سرانديپ کان هڪ ٻيو جهاز نه آيو، جنهن به هڪ لک محصول ادا ڪيو. عمان ۾ هڪ يهودي رهندو هو. جيڪو دلالي ڪندو هو. اهو هڪ ٻئي يهوديءَ سان وڙهي پيو ۽ سنڌ هليو ويو. اتان چين ويو ۽ ٽيهن ورهين ۾ سنڌ جي واپار مان ايتري دولت ڪمايائين جو پاڻ جهاز جو مالڪ ٿي پيو. آخرڪار ٽيهن ورهين کان پوءِ عمان جي حاڪم کي هڪ لک درهم رشوت طور ان ڪري ڏنائين ته سندس مال چڪاسيو نه وڃي. وٽس مشڪ جو ايترو ته ذخيرو هو جو هڪ دفعي هن ان جو هڪ ٽولو هڪ سوداگر کي وڪيو ۽ سٺ هزار اشرفين جي مشڪ ٻئي سوداگر کي وڪرو ڪئي. “
    هو هڪ عجيب نانگ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” منصورہ، سنڌ جو هڪ ماڻهو مارڪين شهر ويو. جتان جو راجا اهلوا نالي هندو آهي. ان ماڻهو مون کي ڳالهه ڪئي ته مارڪين جي جبلن ۾، چيتل ۽ ڀوري رنگ جا نانگر ٿين ٿا. جيڪڏهن اهي اول ماڻهن کي ڏسن ته ماڻهو مري وڃي ۽ جيڪڏهن ماڻهو ان کي ڏسي ته اهو مري وڃي ۽ جيڪڏهن اتفاقاً هڪ ئي دفعي پيئي هڪ ٻئي ڏسي وٺن ته ٻئي هڪ ئي وقت مري وڃن.“
    مطلب ته بزرگ بن شهريار جو سفرنامو سنڌ جو املهه خزانو آهي، جنهن مان اسان کي ان دور جي سنڌ بابت وڏو احوال ملي ٿو. سندس ڪتاب ” عجائب الهند “ سن 1886ع ۾ لنڊن مان ڇپيو، ان جو فرينچ ۽ انگريزي ترجمو به ڇپيو آهي.


    المسعودي

    المسعودي
    ( سن 892 ع – 957ع )

    ابو الحسن علي بن حسين بن علي المسعودي مشهور عرب سياح ٿي گذريو آهي. سندس نسب جو سلسلو حضرت محمد ﷺ جي اصحابي حضرت عبدالله بن مسعود سان ملي ٿو. ان ڪري کيس مسعودي سڏيو وڃي ٿو. هو سن 279 هه / 892 ع ۾ بغداد ۾ ڄائو ۽ پنهنجي ننڊپڻ جو زمانو اتي ئي گذاريائين. هن جوانيءَ جي شروع ۾ ئي سير وسفر جو ارادو ڪيو. هن بغداد کان سياحت شروع ڪيو ۽ پوءِ عراق، شام، آرمينا، روم، آفريقا، سوڊان، حبش، چين، تبت، ايران، سلون، سنڌ ۽ هند گهميو هو. سنه 300 هه / 912 ع ۾ سيرو سياحت ختم ٿيڻ کان پوءِ تنهنجو مشهور ڪتاب ” مروج الذهب و معادن الجواهر “ لکيائين. هن ڪتاب ۾ حضرت آدم عليه السلام کان وٺي، سندس وفات تائين تاريخي احوال آهي. ان ڪتاب جي مقدمي ۾، سڄي دنيا جي قومن جي مختصر مگر جامع تاريخ ڏنل آهي. جنهن ۾ سنڌ ۽ هند به اچي وڃن ٿا. هيءُ ڪتاب نون جلدن ۾ فرينچ ترجمي سان 1872ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب کان سواءِ مسعودي ٻيا به ڪجهه ڪتاب لکيا. جن مان التبيهه و الا شراف“ موجود آهي.
    مسعودي پهريون مسلمان مورخ آهي. جنهن تاريخ لکڻ لاءِ جاگرافيءَ جو اڀياس ڪيو. هن کي يورپ ۽ آمريڪا جا دانشور هيروڊوٽس ڪري سڏيندا آهن. هو برصغير ۾ پورا ٻه سال رهيو. مسعودي تجارتي رستن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” خراسان کان چين تائين زميني رستو آهي، جيڪو هندستان کي خراسان سان ملائي ٿو ۽ سنڌ ۾ هڪ پاسي ملتان ۽ ٻئي پاسي منصورہ آهي ۽ واپاري قافلا اسان کان سنڌ ۽ اهڙي طرح هندستان اچي وڃن ٿا، جتان هيءُ ملڪ وري افغانستان سان ملي ٿو.“ اهڙي طرح مسعودي سنڌي سمنڊ ويرن جي لهڻ چڙهڻ ۽ طوفان جي اچڻ جو وقت مقرر ڪري. واپاري جهازن جي وڃڻ ۽ اچڻ جا مهينا مقرر ڪيا.“ هو لکي ٿو ته ” اسان وٽ بغداد ۽ هندستان ۾ موسمن جو فرق آهي. اسان وٽان ماڻهو هندستان سياري ۾ وڃن ٿا. ڇو ته جون ۾ هندستان جهاز گهٽ وڃن ٿا ۽ جيڪي وڃن ٿا اهي هلڪا هوندا آهن ۽ انهن ۾ گهڻو سامان ڪونه ٿو وڌو وڃي. انهن جهازن کي تيرماهي يعني جون وارا جهاز چئجي ٿو. ” سنڌ جي واپاري وکر بابت هو لکي ٿو ” هتان ناريل بڪم جو ڪاٺ، بيد، سون ۽ قسمين قسمين جون خوشبودار شيون جهڙوڪ : ڪافور، عود، لونگ، جائفل، دالچيني، جئونتري ۽ وڏا ڦوٽا عرب تاجر کڻي وڃن ٿا. ان کان سواءِ ڪمند، ڪيلو ۽ ناريل جو پاڻي، لوهه جي بدلي خريد ڪن ٿا. “ نارنگي ۽ ليمو سنڌ جو خاص شيون آهن. اهي شيون عرب ۾ ٽئين صديءَ ۾ آنديون ويون ۽ پهرئين عمان ۾ اتان پوءِ عراق ۽ شام پهتيون. ايتريقدر جو اهي شام جي ساحلي شهرن ۽ مصر ۾ گهر گهر ڦهلجي ويون پر انهن ۾ اهو سنڌ وارو ذائقو نه آهي.
    مسعودي سنڌ حڪومت جي ٻن شهرن، ملتان ۽ منصورہ جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. ملتان جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” هت سامه بن لوئي بن غالب جي حڪومت آهي. ان وٽ فوج ۽ طاقت آهي ۽ ملتان اسلامي حڪومت جي زميني سرحدن مان هڪ سرحد آهي. هن حڪومت هيٺ هڪ لک ويهه ڳوٺ آهن.“ ساڳيءَ طرح هن هتان جي مشهور بت جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو سورج ديوتا جو بت هو. “ مسعودي لکي ٿو ته ” هت اهو تمام مشهور بت آهي. ملتان جي امير جي زياده آمدني، انهن خوشبودار ڪاٺين مان ٿئي ٿي. جيڪي پر انهن علائقن مان هن بت خاني ۾ روشني ۽ سڳند ڪرڻ لاءِ موڪليون وڃن ٿيون. جڏهن ڪوبه هندو حاڪم ملتان تي حملو ڪندو آهي ۽ مسلمان انهن سنا پڄڻ جي قوت نه رکندا آهن، تڏهن هو انهن کي ڌمڪي ڏيندو آهي ته مان هن بت کان پوءِ مسعدي، منصورہ ويو. منصورہ سنڌو ندي جي ڪناري آباد شهر هو. جيڪو سنڌ جي گاديءِ جو هنڌ هو. “ مسعودي لکي ٿو ته ” منصورہ جي ڪنٽرول ۽ قبضي ۾ جيڪي علائقا آهن، تن جو تعداد ٽي لک ڳوٺ ۽ شهر آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته منصورہ جي حڪومت خاصي وڏي هئي.“ مسعودي وڌيڪ لکي ٿو ” هتان جون زمينون سرسبز آهن. وڏا وڏا وڻ آهن ۽ ڳوٺ ڳتيل آهن. “ منصورہ جي جنگي ۽ عسڪري قوت بابت لکي ٿو ته ” منصورہ جي بادشاهه وٽ، اسي جنگي هاٿي آهن ۽ قاعدو آهي ته هڪ جنگ هاٿي سان پنج سئو پيادل فوج هوندي آهي. اهڙي طرح اسي هاٿين جي پويان چاليهه هزار فوج سنڌ ۾ آهي. “ مسعودي زندگي ۾ پهريون دفعو هاٿي منصورہ ۾ ڏٺا. هو لکي ٿو ته ” منصورہ جي حاڪم وٽ ٻه هاٿي اهڙا هئا جو سندن مشهوري هند ۽ سنڌ ۾ هئي. هڪ جو نالو منفرقلس ۽ ٻئي جو حبدرہ هو. هڪ دفعي سڀئي جنگي هاٿي فيل خاني مان نڪري منصورہ جي هڪ سوڙهي گهٽي مان وڃي رهيا هئا ته هڪ عورت جا بي خيالو اٿي بيٺي هئي سا اوچتو هاٿي ڏسي رستي تي اگهاڙي بدحواس ٿي ڪري پئي. فنفرقلس جيڪو سڀ کان اڳ ۾ هو، سو آڙ وٺي بيهي رهيو ۽ ڪنهن به هاٿي کي اڳتي وڌڻ نه ڏنائين. پوءِ پنهنجي سونڍ سان مائي جا ڪپڙا درست ڪري سندس سترپوشي ڪيائين. جڏهن مائي کي هوش آيو ته اٿي ڀڳي پوءِ منفرقلس پنهنجي ساٿين کي ساڻ ڪري هليو ويو.“
    مسعودي سنڌ جي ان وقت جي ٻولي جي باري ۾ لکي ٿو ته ” سنڌ جي هڪ خاص ٻولي آهي، جيڪا هندستان کان الڳ آهي. “ ساڳ جي ڪاٺي ايتري ته ڊگهي ٿئي ٿي جو ڪڏهن ته سئو هٿ به ٿي وڃي ٿي. بيد ۽ بانس ٻيئي وڻ مشرقي ايشيا ۾ ٿين ٿا پر سنڌ جي آبهوا، تن ڏينهن ۾ انهن وڻن لاءِ موافق هئي. ٻيئي وڻ ڊيگهه ۾ سٺ فوٽ ڊگها هئا. سندن گهاٽن ٻيلن ۾ هاٿي ۽ گينڊا رهندا هئا. “ سنڌي مور جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته ” هتان جا مور عراق آندا ويا ۽ اتي سندن نسل تيار ڪيو ويو. پر انهن جي رنگ روپ ۾ فرق ضرور هو. منصورہ جو قاضي، مور جو گوشت مزي سان کائيندو هو. “ سنڌين جي عمارت سازي واري فن لاءِ هو لکي ٿو ” هت زر ۽ جواهر سان مرصع ( سينگاريل ) محل ٺاهيا ويا. جن ۾ افلاڪ، ٻارهن برجن ۽ ستارن جون تلوارون، خنجر ۽ لڙائي جا قسمين قسمين سامان ايجاد ڪيا.“ سنڌ ۾ علم ۽ حڪمت جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ پراڻي زماني ۾ هڪ برهمڻ نالي بادشاهه هو، جنهن جي زماني ۾ رعيت خوشحال هئي. هنر، فن ۽ عمارت سازي ۾ ترقي ٿي ۽ نجوم ۽ حسابن جي علم ۾ به واڌارو آيو. هن بادشاهه حڪيمن ۽ فيلسوفن کي ڪٺو ڪيو. جن ” سنڌ ۽ هند “ نالي هڪ ڪتاب لکيو. هن ڪتاب جي روشني ۾ ٻيا ڪتاب ارجهد، مجسطى جي مطالعي کان پوءِ بطليموس جو ڪتاب لکيو ويو. پوءِ انهن جي مدرسن پاران جنتريون جوڙيون ويون ۽ ماڻهن اهي 9 حرف ايجاد ڪيا جي هندي حساب جو احاطو ڪن ٿا. انهيءَ راجا سڀ کان پهرئين سج جي اوج تي بحث ڪيو ۽ بيان ڪيو ته هو هر برج ۾ هزار سال رهي ٿو ۽ پنهنجي فلڪ کي 36 هزار سالن ۾ طئي ڪري ٿو.“
    مسعودي سنڌ جو اهو عرب سياح آهي. جنهن پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جو ذڪر ڪري ان دور جي تاريخ کي محفوظ ڪيو. هن ڪتاب ” اخبارالزمان“ ٽيهن جلدن ۾لکيو، جيڪو اڻلڀ آهي. سندس هڪ ٻيو ڪتاب ” التنبيهه والاشراف“ فرينچ ترجمي سان 9 جلدن ۾ لنڊن مان ڇپيو هو.


    اصطخري

    اصطخري

    ابو اسحاق ابراهيم بن محمد فارسي اصطخري بغداد جو رهاڪو هو. وڏو سياح هو. ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سير و سفر ڪيائين، سنه 340 هه بمطابق 951ع ۾ سنڌ ۽ هند ۾ آيو. هتي سندس ملاقات مشهور سياح ۽ جاگرافيدان ابن حوقل سان ٿي. جاگرافيءَ تي سندس لکيل 2 ڪتاب مشهور آهن. پهريون ڪتاب ” الاقاليم “ ۽ ٻيو ڪتاب ” مسالڪ و الممالڪ “ پهريون ڪتاب گوٿا ۾ 1255 هه / 1839ع ۾ ۽ ٻيو ڪتاب لنڊن ۾ سن 287 هه / 1870ع ۾ ڇپيو. ” مسالڪ الممالڪ “ ڪتاب ۾، سنڌ جو احوال ملي ٿو. سيد سليمان ندوي لکي ٿو ته ” اصطخري جو ڪارنامو، فقط ملڪن جو احوال لکڻ نه آهي. پر دنيا جو نقشو تيار ڪرڻ به آهي. جنهن ۾ سنڌ جو نقشو به شامل آهي.“
    اصطخري سنڌ جي شهرن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ” سنڌ جي مشهور شهرن ۾ منصورہ، ديبل، بيرون، ڪالري، انري، بلري، مسوهي، لهرج، بانيته، منجاتري، سدوسان ۽ رور آهين. رور يعنى اروڙ ملتان جيڏو شهر آهي. ان ۾ به فصل ٿيندا آهن. سنڌو ندي جي اولهه ۾، سمنڊ جي ڪناري تي ديبل، هڪ وڏو واپاري مرڪز آهي ۽ انهن علائقن جو هڪ وڏو بندرگاهه پڻ آهي. هتي گهڻي پوک ۽ وڻ ڪونهن، سارو علائقو بنجر ۽ ويران آهي. ماڻهن جو اصل ڪاروبار واپار آهي. نيرون ڪوٽ، ديبل ۽ منصورہ جي وچ ۾ بلڪ منصورہ کي وڌيڪ ويجهو شهر آهي. منجاتري سنڌو ندي جي اولهه رخ تي آهي. اتري ۽ قالري، منصورہ ۽ ملتان جي رستي ۾، سنڌو جي اوڀر طرف، مگر ان جي ڪناري کان پري آهن. بلري درياءَ جي اولهه رخ تي، ان نار جي ويجهو آهي، جيڪا درياءَ کان نڪري منصورہ جي پٺيان وڃي ٿي. بانيه هڪ ننڊو شهر آهي. منصوررہ سنڌ جو مرڪزي شهر آهي. جيڪو هڪ ميل چورس تي پکڙيل آهي. هن جي چوڌاري هڪ نهر آهي. هتان جا رهاڪو مسلمان آهن. سندس امير قريشي آهي. جيڪي هبارين جي آڪهه مان آهن. منصورہ وارن جي طرز زندگي ۽ پوشاڪ عراق وارن جهڙي آهي. پر سندس شڪل شبيهه هندستان جي راجائن سان ملي جلي ٿي. انهن جا وار به ڊگها آهن ۽ ڪُڙتا به پائين ٿا. هيءُ علائقو ڏاڍو گرم آهي. هت کارڪون ۽ ڪمند ٿئي ٿو. هت هڪ خاص ميوو صوف جيڏو ٿئي ٿو. جنهن کي ليمو چوندا آهن. ڏاڍو کٽو ٿئي ٿو ۽ شفتالو وانگر هڪ ميوو انب به لذيذ آهي.
    ملتان به سنڌ جو مشهور شهر آهي. جيڪو منصورہ جي اڌ جيترو آهي. منصورہ کان ملتان ڏانهن به رستا وڃن ٿا. هڪڙو ڳوٺن ۽ شهرن مان وڃي ٿو. جيڪو چاليهه فرسخ آهي ۽ ٻيو رستو ويرانين مان جنهن جو فاصلو هڪ سئو فرسخ آهي. شهر کي محفوظ ۽ مستحڪم چار ديوارون آهن. شهر کان ٻاهر اڌ فرسنگ تي تمام گهڻيون جڳهيون آهن ۽ جنهن کي حيذروان چئبو آهي. هت فوجي ڪئمپ به آهي. هت بادشاهه رهندو آهي. هو نسلي طرح قريشي آهي. ساس بن لوئي خاندان مان آهي. جنهن ملتان تي قبضو ڪري ورتو آهي. ۽ منصورہ جي امير يا ڪنهن ٻئي جي هو تابع ناهي. صرف خليفي جي نالي خطبو پڙهندو آهي. هو ملتان ۾ هاٿي تي سوار ٿي جمعي نماز لاءِ ويندو آهي. ملتان جي امير جي آمدني جو خاص ذريعو هتان جو بت خانو آهي. جنهن جي زيارت لاءِ پري پري کان ماڻهو ايندا آهن ۽ تمام وڏي رقم نذر نياز جي صورت ۾ ڏيندا آهن. جنهن قوم تي هتان جو راجا قبضو ڪندو آهي. ملتان، منصورہ ۽ آسپاس جي ڳوٺن جي ٻولي سنڌي ۽ عربي آهي.“
    هو لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ ميد قوم مشهور آهي. جيڪا دراڻ کان وٺي ملتان تائين پکڙيل اهي. مهراڻ ۽ قامهل جي وچ وارن ميدان ۾ سندن چراگاهه ۽ ٻنيون آهن. انهن علائقن ۾ سندن اڪثريت آهي. قامهل ۽ چيمبور ۾ جامع مسجدون آهن. هت ناريل، ڪيلا، انب ۽ ٻي پوک. ٿئي ٿي. ماکي به گهڻي ٿئي ٿي.“ هت جت به رهن ٿا جن جي مڪران ۾ اڪثريت آهي. انهن وٽ ٻن ٿوهن وارا اُٺ آهن. جن جي نسل مان نجائي اٺ آهن. جيڪي خراسان ۽ فارس رستي ٻين ملڪن ڏانهن موڪليا ويندا آهن. مڪران هڪ وسيع علائقو آهي. جيڪو گهڻو ڪري ڀنجهر ۽ خشڪ آهي. ان ڪري ڏڪر پوندو آهي. هتان جي گاديءَ جو هنڌ ڪيزهه آهي، جيڪو ملتان جي اڌ جيترو آهي. هت کجور گهڻي ٿيندي آهي. مڪران جو بندرگاهه تيز آهي. هتان جي مٺائي ” فانيذ “ مشهور آهي. طوران به هتان جو وڏو شهر آهي. هتان جي مسلمانن ۽ غير مسلمانن جي پوشاڪ ۽ مٽي جي وارن کي اٽڪائڻ جو هڪئي نمونو آهي. سندن عام لباس چادر ۽ تهبند
    ( گوڏ ) آهي ڇو ته وٽن گرمي گهڻي ٿئي ٿي. ڪيز ڪانان به هتان جو مشهور شهر هو. جنهن لاءِ هو لکي ٿو ؛ ” سندس پسگردائي سرسبز ۽ شاداب آهي. سهانگائي ڏاڍي آهي. انگور، ڏاڙهون ۽ هر قسم جا ٿڌي قسم جا ميوا ٿين ٿا. ڪمند جو فصل آهي. هتان جهڙي فانيذ ٻيءَ تي ڪڏهن به نه ملندي.“ ٻڌ وارن جو خاص مرڪزي شهر قندابيل آهي.قندابيل جيتوڻيڪ وڏو شهر آهي. پر هت کجور ڪونه ٿئي. “ اهڙي طرح اصطخري پنهنجي سفرنامي ۾ سنڌ جي قديم شهرن جو احوال ڏيئي سنڌ جي تاريخ کي محفوظ ڪيو.


    ابن حوقل

    ابن حوقل
    ( وفات 358 هه بمطابق 979ع )

    ابن حوقل چوٿين صدي هجريءَ جو مشهور عرب سياح ٿي گذريو آهي. هو بغداد جو هڪ ناميارو واپاري هو، جيڪو سن 331 هه بمطابق 943ع ۾ بغداد کان سفر تي نڪتو. هن اسپين ۽ سسلي کان وٺي هندوستان تائين سمورا ملڪ گهميا. هو يورپ، ايشيا ۽ آفريقا به ويو. هن گهميل ملڪن جا نقشا به تيار ڪيا. هندوستان جي نقشي ۾ هن گجرات کان وٺي سيستان تائين آبادين ۽ شهرن جا ڏس پتا ڏنا آهن. هي سنڌ جو پهريون نقشو آهي. ابن حوقل پهريون سياح ۽ جاگريفيدان آهي، جنهن سنڌ ۽ هند جي ڊيگهه ۽ ويڪر ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن پنهنجو سفرنامو سن 367 هه / 977ع ۾ لکي پورو ڪيو. جنهن ۾ سنڌ ۽ ان جي ڀر وارن علائقن بابت هڪ ڌار باب لکيو اٿس. هن 368 هه بمطابق 979 ع ۾ وفات ڪئي. سندس ڪتاب ” سفرنامه ابن حوقل “ جي نالي سان مشهور آهي.
    ابن حوقل سنڌ ۽ هند جو حدون بيان ڪندي لکي ٿو ته ” سنڌ، ڪشمير، تبت ڌار ڌار ملڪ آهن. هند جي اڀرندي پاسي فارس جو درياءَ آهي ۽ ان جي ڏکڻ الهندي ڪنڊ تي، مسلمانن جي حڪومت آهي. سنڌ جي سرزمين جي ڊيگهه مڪران کان منصورہ ۽ ساري سنڌ جي پرڳڻي کان وٺي قنوج وٽ ختم ٿئي ٿي. “ ابن حوقل جي اچڻ واري وقت سنڌ، ٽن انتظامي يونٽن ۾ ورهايل هئي، مڪران طوران ۽ منصورہ، مڪران بابت هو لکي ٿو ته ” مڪران هڪ وسيع علائقو آهي. جنهن جو گھڻو حصو جھنگل ۽ ميدان آهي. هتي جو حاڪم عيسى بن معدان آهي. ان جو تختگاهه ڪيزہ آهي. هتي جون کجيون تمام گهڻيون ٿينديون آهن. تيز، مڪران جو بندرگاهه آهي. هتان جا مشهور شهر نيحپور، ڪسرڪند ۽ راسڪ آهن. هتان جو ڪمند ۽ کنڊ مشهور آهي. عام طرح کنڊ جا سڄي دنيا ۾ وڃي ٿي. سا هتان جي آهي. مڪران جي ڳوٺن ۾ اڪثريت اڻ سڌريل ماڻهن جي آهي. مڪران جي زمين زياده تر ريگستان آهي ان ڪري زراعت گهٽ ٿئي ٿي. “ ابن حوقل جي لکت مان ظاهر ٿئي ٿو ته منصورہ ۽ مڪران جي وچ ۾، سنڌو ندي جو پاڻي تلائن ۽ ندين جي شڪل ۾ هوندو هو. جنهن تي سنڌ جي ان وقت جا اڻ پڙهيل ماڻهو قابض هئا. انهن مان جيڪي قبيلا اڳ قبضو ڪندا هئا. اهي انهن جي ملڪيت هئا. انهن ماڻهن جي خوراڪ مڇي ۽ پکي هئي.
    طوران جي باري ۾ لکي ٿو ته ” هي هڪ اهڙو علائقو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ آهن. هن تي اڄ ڪلهه معين بن احمد نالي هڪ شخص جو قبضو آهي. هتان جي گاديءَ جو هنڌ ڪير ڪانان آهي. هن خطي ۾ ان جي ڏاڍي گهڻائي آهي. انگور، ڏاڙهون ۽ ٻيا سرد ميوا جام آهن. ليڪن کارڪ ڪونهي. طوران ۾ ان وقت ڪيزڪانان، شورہ ۽ محاله شهر هئا.
    سنڌ بابت هو لکي ٿو ته ”سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ منصورہ آهي. هن جا مشهور شهر هي آهن: ديبل، نيرون، ڪلري، انري، بلري، مسوڙي، ڀرج بانيه، مٽخابري، سيستان، اروڙ ۽ چند رور. “ ابن حوقل منصورہ بابت لکي ٿو ته” ان کي هڪ چورس ميل جي ڊيگهه ۽ ويڪر آهي. جنهن کي سنڌو ندي جي هڪ شاخ گهيرو ڪيو بيٺِي آهي. ان جي شڪل ٻيٽ وانگر آهي. اتي جا رهاڪو مسلمان آهن ۽ اتي جو بادشاهه، قريشي، هبارين الاسود جي خاندان جو آهي، جنهن جي وڏن هن ملڪ تي قبضو ڪري اهڙي طرح حڪومت ڪئي جا مسلمانن ۾ ڏاڍي مقبول ٿي ۽ غير مسلمانن سان به سهڻو سلوڪ اختيار ڪيو هئائين. بادشاهه جو خودمختيار هو. منصورہ هڪ گرم شهر آهي. جنهن ۾ کجيءَ جو وڻ تمام گهڻو آهي. پر انگور، صوف، اخروٽ ۽ زيتون نه آهن. ڪمند گهڻو ٿيندو آهي. هت صوف جيترو هڪ ميوو ٿئي ٿو. جنهن کي ليمون چون ٿا. جو ڏاڍو کٽو ٿئي ٿو. ٻيو ميوو انب آهي جيڪو کائڻ ۾ ڏاڍو مزيدار هوندو آهي. هت سُڪار ۽ خوشحالي گهڻي آهي. هتان جو سڪو قنڌاري آهي. دينار به واپاري حلقن ۾ ڪتب اچي ٿو. ماڻهن جو لباس راجائن جي لباس جهڙو آهي. ماڻهو عام طرح وار ڊگها رکائيندا آهن ۽ ڪنن ۾ والا پائيندا آهن.“ ابن حوقل سنڌ جي شهر ديبل بابت لکي ٿو ته ” ديبل سنڌو درياءَ جي اتر سمنڊ جي ڪناري تي آباد آهي. هتي وڏي تجارتي منڍي آهي. ڪيترن ئي قسمن جي هت تجارت ٿئي ٿي. هيءُ شهر هن ملڪ جو بندرگاهه آهي. اناج به گهڻو ٿئي، هتان جي عام ماڻهن جو ڌنڌو واپار آهي. ساڳيءَ طرح اروڙ جي باري ۾ لکي ٿو ته ” سنڌ جي وڏن شهرن مان هڪ آهي، ملتان جيڏو شهر آهي. هن شهر کي چوڌاري ڪوٽ ڏنل آهي. سنڌو درياءَ جي ڪناري تي آهي، نهايت سرسبز، شاداب ۽ واپار جي منڊي آهي.“ ساڳيءَ طرح ملتان لاءِ لکي ٿو ته ” هي شهر منصورہ جيڏو آهي. هت سستائي تمام گهڻي آهي. ماني هڪ درهم ۾، ۽ حلوو هڪ درم ۾ ٽي مڻ ملي ٿو. واپار ۾ هتان جا تاجر ڪوڙ اصل نه ٿا ڳالهائين. هتان جي تجارتي سدائين فائدي ۾ آهي. “ ملتان جي ڀرواري شهر قنوج جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته ” هيءُ وڏو شهر آهي، هن کي چوڌاري ڪوٽ ڏنل آهي. هت گوشت سستو ملي ٿو. باغن جي گهڻائي آهي. منڊي نفع بخش آهي. هتان جا ڪيلا سستا آهن. مگر ڪڻڪ گهٽ ٿئي ٿي. ماڻهن جي خوراڪ چانور آهن. “
    سنڌ ۾ کنڊ جي گهڻائي جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ چئن شهرن ۾ کنڊ ٺهندي آهي. ماسڪان، قزوا، مڪران ۽ طوران انهن شهرن مان ماسڪان جي کنڊ، وڌيڪ صاف ۽ داڻيدار آهي. ان ڪري اها مشهور آهي. بعد ۾ طوران ۾ به سٺي کنڊ ٺهڻ لڳي. سنڌ، عباسي دور ۾ ساري اسلامي دنيا کي ڳاڙهي کنڊ ( مُستي ) ۽ ڳُڙ فراهم ڪندي هئي. “ آخر ۾ ابن حوقل جيڪو سنڌ واسين جي پوشاڪ، اٿڻي ويهڻي ۽ ٻولي جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته ” هتان جي مسلمانن ۽ هندن جو لباس هڪجهڙو آهي ۽ وارن رکڻ جو طريقو به ساڳيو ئي آهي. منصورہ ملتان ۽ انهن جي پسگردائي ۾، عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهائيون وڃن ٿيون. مڪران وارن جي ٻولي فارسي ۽ مڪراني آهي. ڪڙتن / پهراڻ جو رواج به عام آهي. مگر تاجر ماڻهو قميص ۽ چادر استعمال ڪن ٿا. جهڙيءَ طرح عراق ۽ فارس جا ماڻهو اهو ويس ڍڪين ٿا. “
    ابن حوقل جو ڪتاب ” الماسڪ و الممالڪ “ صفحا 976 عربي زبان ۾ لنڊن مان سن 1872ع ۾ ڇپيو. ان کان اڳ ميجر اينڊرسن هن ڪتاب جي سنڌ سان لاڳاپيل حصي کي ” بوڪ آف روڊس اينڊ ڪنگڊم “ نالي سان ترجمو ڪيو.


    ابودلف

    ابودلف

    ابودلف مسعد بن مهلهل بنبوعي، هڪ مشهور ۽ وڏو، عرب سياح ٿي گذريو آهي. هيءُ پهريون سياح آهي. جيڪو سنڌ ۽ هند ۾ خشڪي جي رستي داخل ٿيو. هو بغداد کان ترڪستان آيو ۽ شاهه بخارا، نصر ساماني سان مليو. اتان هڪ چيني سفير سان گڏ، چين هليو ويو. چين ۾ ڪجهه عرصو رهڻ کان پوءِ، اتان نڪري ترڪستان، ڪابل، تبت ۽ ڪشمير کان ٿيندو ملتان ۽ سنڌ ۾ آيو. سنڌ مان ٿي ڏکڻ هندستان جي ڪولم ٻيٽ تائين ويو. سندس سنڌ ۾ اچڻ جو زمانو سن 331 هه / 942ع تائين آهي. يعني هو هت چوٿين صدي هجريءَ ۾ آيو. سندس ڪتاب جا ڪجهه حصا برلن ۾ 1845ع ۾ لاطيني زبان ۾ ڇپيا. ان کان سواءِ سندس سفرنامي جا ڪجهه خلاصا ابن نديم جي ڪتاب الفهرست، ياقوت حموي جي ڪتاب ” معجم البلدان “ ۽ قزويني جي ڪتاب ” آثار البلاد “ ڏنل آهن.
    ابودلف پنهنجي سفرنامي ۾ ملتان جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي. لکي ٿو : هتان جي جامع مسجد بت جي قبي سان مليل آهي. ملتان ۾ اسلامي شان وشوڪت آهي. ” امر باالمعروف ونهي عن المنڪر “ جو چرچو عام آهي. هيءُ شهر يحى بن محمد اموي جي قبضي ۾ آهي. ان کان وڌيڪ هيءُ منصورہ ۽ ساري سنڌ جو حڪمران آهي ۽ سنڌ جو سڄو انتظام هن جي حوالي آهي. “ ملتان جي بت خاني جو به هن ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته ” ملتان جو مشهور بت ڪاٺيءَ جو ٺهيل هو. سندس جسم تي ڳاڙهي کل لپيٽيل هئي. سندس ٻنهي اکين جي جڳهه تي به لعل لڳل هئا ۽ مٿي تي سونو تاج پاتل هو.“
    ملتان کان ٿي ابودلف منصورہ ۾ آيو. منصورہ ان وقت سنڌ جو دارالخلافه ۽ مشهور واپاري شهر ۽ علم جو مرڪز هو. هت بنو اميه خاندان طرفان ناظم مقرر ٿيل هو. ابودلف لکي ٿو ته ” منصورہ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ اموي خليفو هت رهي ٿو. هو پنهنجي نالي جو خطبو به پڙهي ٿو ۽ شرعي حدون به جاري ڪري ٿو ۽ سنڌ جي سڄي اڇي ڪاري جو مالڪ به هو اڪيلو ئي آهي. “
    ابودلف منصورہ کان پوءِ هندستان ويو. جتي هو ڪولم ۽ مدراس تائين پهتو. هو هند ۽ سنڌ جي گڏيل مصنوعات ۽ زراعت جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکي ٿو ؛ هت ( سنڌ ۽ هند جي شهرن ) مٽيءَ جا اهڙا خوشبودار ٿانوَ ٺهن ٿا. جيڪي اسان جي ملڪ ۾ چيني ڪري وڪامجن ٿا. پر اهي اصل ۾ چيني نه آهن. ڇو ته چين جي مٽي هتان جي مٽي کان سخت ٿئي ٿي ۽ باهه ۾ گهڻي وقت تائين پچائي نه ٿي سگهجي. “ هتان جي مٽي جي ٿانون جو رنگ ٿورڙو ميرو ٿئي ٿو ۽ چيني مٽي جو رنگ اڇو ۽ ٻين رنگن وارو هوندو آهي. هتي ساڳ جي ڪاٺي ايڏي ته ڊگهي ٿئي ٿي جو ڪڏهن ڪڏهن ان جي ماپ هڪ سئو هٿن تائين به پهچي وڃي ٿي. ان کان سواءِ بيد، نيزي جي ڪاٺي به هت گهڻي ٿئي ٿي. ريوند چيني ۽ هڪ يوناني دوا جو قسم تيزپات، جيڪا اکين جي دوا لاءِ ڪم اچي ٿي. سا به هت جام ملي ٿي ۽ ان کان سواءِ هتان عود، ڪافور ۽ لوبان به تاجر خريد ڪري پنهنجي ملڪن ڏانهن کڻي وڃن ٿا. “
    مطلب ته ابودلف جي سفرنامي ۾، سنڌ متعلق جيتوڻيڪ ٿوري معلومات ملي ٿي. پر اها بنيادي ۽ معياري ضرور آهي. ٿوري مواد ملڻ جو اهو سبب آهي، جو سندس سفرنامي جو احوال ٻين ٻن سياحن جي ڪتابن ۾ گڏجي ويو آهي، نه ته انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ابودلف جڏهن پاڻ سنڌ ۾ آيو، تڏهن سندس ڳالهيون ضرور دلچسپ ۽ تاريخي نوعيت جون هونديون. بهرحال اسان جي سنڌ جو هيءُ عرب سياح به، پنهنجي ٿوري احوال ۾ گهڻيون ڳالهيون ڪري ويو آهي. جن ۾ اسان جي تاريخ جو چڱو مواد شامل آهي.
    1. سندس زمانو 331 هه کان 377 هه تائين سمجهڻ گهرجي.
    2. غالباً هيءُ پهريون عرب سياح آهي، جيڪو خشڪيءَ رستي هندستان پهتو.


    بشاري المقدسي

    بشاري المقدسي
    (ولادت : 336 هه )

    ابوعبدالله شهاب الدين محمد مقدس بشاري، چوٿين صدي هجري ۽ ڏهين صدي عيسويءَ جو مشهور عرب سياح ٿي گذريو آهي. هو سن 336 هه / 947 ع ۾ بيت المقدس ۾ ڄائو. سندس والد صاحب رازو هو. بشاري کي ننڊپڻ کان ئي گهمڻ جو شوق هو. ان ڪري جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن هن مراڪش کان تاشقند تائين اسلامي ملڪن جو سفر شروع ڪيو. هڪ ٻن مسلمان حڪومتن کي ڇڏي سڀني مسلمان حڪومتن جو دورو ڪري اتي جي رهاڪن، انهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ زندگي جي ٻين شعبن کي تحقيقي نظر سان ڏٺو. ويهه سال سياحت ڪرڻ کان پوءِ ان پنهنجي اکين ڏٺي احوال کي قلمبند ڪيو. هو سنڌ ۾ به آيو ۽ هتان ئي واپس ويو. 20 ورهين جي سياحت کان پوءِ سنه 375 هه / 985 ع ۾ پنهنجا مشاهدا قلمند ڪيائين ۽ ان ڪتاب جو نالو ” احسن التقاسيم معرفته الاقاليم“ رکيائين. هيءُ سفرنامو پهريون دفعو سن 1877ع ۾ ٻيو دفعو 1906ع ۾ ڇپيو. بشاري جي ڪتاب ۾ مسلمان ملڪن جي معاشرتي ۽ معاشي حالتن، رسم رواج، جاگرافيائي حالتن، زبانن ۽ انهن جي لهجن، ماڻهن جي شڪل، صورت، مذهبن ۽ فرقن، هنرن ۽ فنن، پئداوار ۽ پيدائش، ميون، گلن، ٻوٽن، وڻن ۽ سڪن، شهرن ۽ واپاري منڊين،آمدني ۽ روانگي، ويرانين ۽ آبادين، شاهراهن ۽ مفاصلن، پهاڙن ۽ دريائن تي تفصيل سان روشني وڌي ويئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن ڪتاب کي هڪ منفرد حيثيت حاصل آهي. آخري باب سنڌ بابت آهي، جيڪو 14 صفحن تي ڦهليل آهي. هن ڪتاب جي خاص خوبي هيءُ آهي ته ان ۾ مسلمان ملڪن جا نقشا ڏنل آهن، جنهن ۾ سنڌ جو به نقشو ڏنل آهي.
    بشاري، پنهنجي سفرنامي ۾ سنڌ ۽ سندس مليل علائقن کي هڪ اقليم جو نالو ڏنو آهي. ان سڄي اقليم کي ڇهن صوبن ۾ ورهايو اٿس. جن مان پهريون مڪران آهي لکي ٿو ته ” مڪران جو علائقو برپٽ بيابان لڳو پيو آهي. پاڻي گهٽ آهي. هيءُ علائقو گرم آهي. البت ڪي ڪي علائقا سرسبز ۽ شاداب باغن سان ڀريل آهن. مڪران جو والي نهايت عادل ۽ خداپرست آهي. مڪران جي گاديءَ جو هنڌ پنجگور آهي. جنهن کي اوچو ڪوٽ ڏنل آهي. وڏي مزار جي وچ ۾ جامع مسجد آهي.“ اقليم سنڌ جو ٻيو صوبو طوران آهي. هو لکي ٿو ” طوران جي گاديءَ جو هنڌ قضدار آهي.جيڪو واپار جو مرڪز آهي. هتي واپاري قافلا ڏينهن رات خراسان، ايران، افغانستان ۽ هندوستان کان اچن ٿا. کاڌي جون شيون جون شيون سستيون ۽ سٺيون آهن.“ اقليم سنڌ جو ٽيون ۽ مرڪزي صوبو منصورہ آهي. جنهن بابت بشاري لکي ٿو ته ” هيءُ هڪ مستقل ۽ مرڪزي رياست آهي. اڳ سڄي اقليم سنڌ ان جي ماتحت هئي. هت عربي ۽ سنڌي ٻوليون ڳالهائيون وڃن ٿيون. منصورہ سڀ کان وڏو شهر آهي. هتان جو جايون مٽي ۽ ڪاٺ جون ٺهيل آهن. هتان جي مسجد نهايت ڪشادي، سهڻي ۽ شاندار آهي. منجهس ڪٺ جي ڪاٺي جا چٽيل ٿنڀا جڙيل آهن. هتان جا رهاڪو علم دوست، سمجهو، بامورت، مسافردار ۽ ديندار آهن. هيءُ شهر علم ۽ واپار جو مرڪز آهي. هتان جون مينهون سهڻيون آهن ۽ کير گهڻو ڏينديون آهن. هتان جي هوا هلڪي آهن. سردي گهٽ پوندي آهي.“ سنڌ جي ديبل شهر جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ” ديبل هڪ وڏو رونق وارو بندرگاهه آهي. جنهن جي چوڌاري سون جي تعداد ۾ ننڍا ڳوٺ آهن. هن بندرگاهه جي وڏي اُپت آهي. هتان جا ماڻهو خوش خوراڪ خوش پوش ۽ خوش مزاج آهن. اقليم سنڌ جي چوٿين صوبي ويهند جو ذڪر ڪندي بشاري لکي ٿو : هيءُ علائقو پراڻي وقت کان مشهور آهي. هتان جو تخت گاهه به ويهند آهي. هيءُ شهر منصورہ کان به وڏو آهي. هتي ساون باغن جي گهڻائي آهي. هتان جا وڻ سڌا سنوا ۽ سهڻا آهن. ماڻهو سکيا ستابا آهن. کاڌي جون شيون سستيون ۽ سُٺيون آهن. “ بشاري سنڌ ولايت جي پنجين صوبي قنوج لاءِ لکي ٿو : ” هن جي گاديءَ جو هنڌ به قنوج آهي، هيءُ شهر نهايت شاندار آهي. هت گوشت سستو آهي. پاڻي مٺو ۽ هاضمي وارو آهي. شهر درياءَ جي ڪپ تي ڪشادو ۽ سهڻو اڏيل آهي. شهرجي چوڌاري باغ آهن. هتي جو حاڪم هندو راجا نهايت انصاف پسند ۽ مروت وارو آهي. “ سنڌ ولايت جي ڇهين صوبي ملتان جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” ملتان جي آباديءَ جو وڏو حصو عرب نسل مان آهي. شهر سکيو ستابو آهي. واپاري جو وڏو مرڪز آهي. ماڻهو خوشرو ۽ ڪڻڪ رنگا آهن. بلند اخلاق بڇڙاين کان پاسو ڪندڙ، شراب ۽ جوئا جهڙين براين کان بچيل آهن. واپاري نهايت ايماندار آهن. بازارن ۾ ڪابه عورت سينگار ڪري نه نڪرندي آهي.“
    بشاري سنڌ جي انهن ڇهن صوبن جي احوال ڏيڻ کان پوءِ سنڌ جو اجتماعي طرح هيئن ذڪر ڪري ٿو: ” سنڌ سون، واپار، دوائن، اوزارن، مصري ۽ ٻين سهڻين ۽ سٺين شين جو مرڪز آهي. هتي چانور، ڪيلو ۽ ٻيون عجيب شيون پيدا ٿين ٿيون. شين جا اگهه سستا ۽ شيون عام جام آهن. کجيون ۽ کارڪون گهڻيون ٿين ٿيون. ادب، انصاف ۽ سياست به سنڌ ۾ گهڻي هلي ٿي. واپار جو وٽ، نفعي جون شيون، فخر جهڙيون ڳالهيون واپار ۽ هنر گهڻو آهي. هتي جا شهر وڏا ۽ قبضا آباد آهن. ملڪ ۾ سلامتي، عافيت، امن امان ۽ امانتداري عام آهي. هن جي ڀر ۾ سمنڊ آهي ۽ درياءَ مهراڻ جنهن کي سنڌو درياءَ به چوندا آهن. وچ مان لنگهي ٿو. ميدان ۽ پوکون ته گهڻيون آهن. شهر سهڻا، درياءَ شرف وارو ۽ عجيب آهي. جيڪو برڪت ۽ فيض جو سرچشمو سمجهيو ويندو آهي. جهڙي طرح نيل درياءَ مصر جي وادي جي خوشحالي ۽ آسودگيءَ جو ضامن آهي.“
    سنڌ ولايت جي پوشاڪ بابت بشاري لکي ٿو : اقليم سنڌ جا اڪثر رهاڪو، مٿي جا وار ڊگها رکندا آهن. سٿڻ ۽ چولو پهريندا آهن. ليڪن واپاري، امير ۽ درٻاري هڪ خاص قسم جو لباس استعمال ڪندا آهن. شوقين نوجوان، ڪنن ۾ واليون پائيندا آهن. مٿي جو لباس عام طر ح سان پٽڪو آهي.“ هتان جي واپار بابت هو لکي ٿو ” طوران مان مصري بر آمد ٿيندي آهي. صندان مان چانور گهڻي مقدار ۾ ۽ ڪپڙو ٻاهر موڪليو ويندو آهي. ساري ملڪ ۾ فراشين / پٿراِڻين ۽ غاليچن جي صنعت موجود آهن. ناريل ۽ عمدو ڪپڙو گهڻو ٻاهر موڪليو ويندو آهي. منصورہ مان کنڀاٽي جتيون موڪليون وينديون آهن.“ سنڌ جو مڻ مڪي مڻ جي برابر آهي. 4 مڻ مڪي به اٽڪل 34 سير ٿيندا. 8 مڻ ڪڻڪ هت 4 درهمن ۾ ملي ٿي. هن ملڪ ۾ ٻن قسمن جا سڪا جاري آهن. جن کي قاهريات ۽ طاطري سڏنو آهي. هتان جي جانورن ۾ فالح يعني ٻن ٿوهن وارو اٺ مشهور آهي. اهو اٺ بختي اٺ کان سهڻو ۽ گهڻو وڏو ٿيندو آهي. مهانگي هجڻ ڪري ان کي رڳو امير ئي خريد ڪري سگهندا آهن.“ محصول جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو: ” هت هر پاسي کان ايندڙ ۽ ويندڙ مال تي ڇهه درهم ٽئڪس ورتي ويندي آهي ۽ رڳو ملڪ ۾ داخل ٿيندڙ هر غلام تي ٻارنهن درهم ٽئڪس ورتو وڃي ٿو. هندوستان کان ايندڙ هر مال تي ٽئڪس جي شرح ويهه درهم آهي. سنڌ مان ايندڙي سامان جي قيمت جو اندازو لڳائي محصول مقرر ڪيو ويندو آهي. صاف ڪيل چمڙي جي کل تي هڪ درهم محصول آهي. “ هتان جي حاڪم کي هر سال ٽئڪس مان ڏهن لکن درهمن جي آمدني ٿيندي آهي. انهيءَ ڳالهه مان صاف ظاهر آهي ته بشاري المقدسي هڪ اهم عرب سياح آهي. جنهن ان وقت جي سنڌ جو چپو چپو گهميو ۽ ايڏي جامع معلومات، سنڌ بابت ڏني جيڪا اڄ اسان جي تاريخ جو اهم باب آهي.
    سندس مشهور ڪتاب ” احسن لاتقاسيم في معرفته الاقاليم “ ٻه ڀيرا هالينڊ مان ٻيهر شايع ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب ۾ اسلامي ملڪن جي سڙڪن، فاصلن، واپار ۽ جاگرافيءُ بابت ڄاڻ ڏنل آهي. سندس وفات چوٿين صدي هجريءَ جي آخر ۾ ٿي. هيءُ ڪتاب جيتوڻيڪ جاگرافي جي موضوع تي آهي، پر ان ۾ زندگيءَ جي ريتن، رسمن، عقيدن، مذهبي لاڳاپن، هنري خصوصيتن، فرقن، زبان، شڪل ۽ صورت جي احوال کي چٽيو آهي.
    ” احسن التقاسيم في معرفته الاقاليم “ تصنيف 375 هه / 985 ۾ سنڌ جي زرعي پيداوارن ۽ تجارتي اوج متعلق لکيو آهي. : ” دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مصري چانور ۽ مشڪ جي پيداوار سنڌ ۾ آهي. سنڌ هڪ تجارتي ملڪ آهي. هتي سون، جڙي ٻوٽيون، ڪيلو، کارڪون، ڇوهارا، عمدا ٿين ٿا. هتي شيون گهڻائي ۾ ۽ سستيون آهن. عدل ۽ انصاف آهي ۽ سياست ۾ دانائي به آهي. “ ديبل ۽ منصورہ متعلق لکي ٿو: ” ديبل هڪ سامونڊي شهر آهي. هتي تقريباً هڪ سئو ڳوٺ آهن. سمنڊ جو پاڻي ٻوڏن وقت قلعي جي ديوارن سان لڳي ٿو. منصورہ مان عمدا جوتا، هاٿي، هاٿي جا ڏند ۽ ٻيون اعلى قسم جو شيون، جڙي ٻيوٽيون ٻاهر موڪليون وڃن ٿيون.“
    هن ڪتاب جو اردو زبان ۾ ترجمو ” اسلامي دنيا دسوين عيسوي مين“ نالي سان خورشيد احمد فاروقي ڪيو. هيءُ ڪتاب 1962ع ۾ دهليءَ ۾ ڇپيو.


    البيروني

    البيروني
    (ڄم : 972 ع وفات : 1089ع )

    ابوريحان محمد بن احمد، خوارزم جي هڪ ڳوٺ جو رهاڪو هو. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هو خوارزم ۾ پهتو ته ڏيک ويک ۾ ٻهراڙي جو رهاڪو ٿي معلوم ٿيو. انهيءَ ڪري درٻاري کيس بيروني سڏڻ لڳا ۽ اهڙي طرح تاريخن ۾ هو بيروني مشهور ٿي ويو. پهريائين هو، منصور (ثاني ) بن نوح ( 997ع – 999ع ) جي درٻار ۾ هو. پوءِ جرجان ۾ شمس المعاني قابوس وٽ ويو. سن 1008ع ۾ خوارزم جي درٻار ۾ پهتو. جڏهن 1017ع ۾ محمود غزنوي، خوارزم فتح ڪيو ته هو غزني هليو ويو. ان کان پوءِ هو هند ۽ سنڌ ۾ آيو ۽ ڪيترو ئي وقت هت رهي. هتي جي علوم و فنون جو اڀياس ڪيائين. 1030 ع ۾ سنڌ ۽ هند جي علمن بابت مشهور ڪتاب، ” ڪتاب الهند “ لکيائين. هو سن 972ع ۾ ڄائو ۽ 1048 ع ۾ غزني ۾ وفات ڪيائين.
    بيروني سنڌ ۾ چاليهه سال گذاريا. سندس هيءُ وڏو ڪارنامو آهي جو هن هندن ۽ مسلمانن درميان علمي سفارت جي مهم سرانجام ڏني. بيروني، عربن ۽ ايرانين کي، هندن جي علوم کان روشناس ڪرايو. ساڳئي وقت هندن کي عربي ۽ ايراني عالمن جي تحقيقات کان واقف ڪيائين. هن اٽڪل 17 ڪتاب لکيا. جن مان ” ڪتاب الهند “ مشهور آهي. بيروني زمين جي جاگرافيائي جوڙجڪ جو به عظيم الشان ڪم سرانجام ڏنو ۽ هندستان جي وڏن ننڍن شهرن جي ويڪرائي ڦاڪ ۽ ڊگهائي جو به ذڪر ڪيو. قديم زماني ۾ اسان جي سنڌ واري ملڪ کي هو ” سپت سنڌو “ وارو ملڪ سڏي ٿو ۽ ان کي ستن ديپن يعني صوبن ۾ ورهايو اٿس. پهريون جنب ديپ، جيڪو ڪوهه ميروديپن ۽ سمنڊن جي وچ ۾ آهي. هتي جا ماڻهو عبادت گهڻي ڪن ٿا ۽ ٿورو کائن ٿا. هتان جي بادشاهه کي سمنار سڏيو وڃي ٿو. ٻيو شاڪ ديپ آهي. جنهن ۾ ست درياءَ آهي. هتان جي جبلن ۾ جواهرات آهن. هڪ جبل سون جو آهي ۽ هڪ جبل ۾ فقط دوائون آهن. ٽيون ڪش ديپ آهي. جنهن ۾ جواهرات، ميوا، مکڙيون، گل ۽ اناج سان ڀريل ست جبل آهن. جن سڀني ۾اعلى قسمن جون دوائون آهن. چوٿون ڪورنج ديپ آهي. جتان جي جبلن ۾ جواهرات آهي. هن جا درياءَ گنگا جون شاخون آهن. ماڻهو گوري رنگ جا نيڪ ۽ پاڪ آهن. پنجون شامل ديپ آهي. جنهن ۾ جبل ۽ درياءَ آهن. ماڻهو حليم آهن ۽ منجهن ڪاوڙ نه آهي. هتي پاڻي زمين مان نڪري ٿو. ڇهون گوميرز ديپ، هتي به وڏا جبل ۽ سهڻا ۽ عمدا آهن. هتي جي آبهوا خوشگوار آهي. هن ٻيٽ ۾ سڀ دوائون آهن. ستون پسڪر ديپ آهي. جنهن جي جبلن واريون چوٽيون جواهرات سان پر آهن. هتي نڪي سردي ٿئي نه ڪي گرمي ماڻهو خوبصورت آهن. پاڻي زمين مان اڀري، جبلن مان وهي، هيٺ ڪري ٿو.
    سنڌ ۾ اچڻ جي رستي بابت هو لکي ٿو ته ”پنهنجي ملڪ مان، اسان کي سنڌ لاءِ، نيمروز (سجستان ) کان روانو ٿيڻو پوندو ۽ جڏهن ته هند لاءِ ڪابل کان هلڻو پوندو. ائين به ڪٿان به روانو ٿي سگهي ٿو. رڳو رستي جون رنڊڪون دور ڪرڻيون پونديون. جبلن ۾ جيڪي هند جي اولهه سرحد تي آهن. تن ۾ هندن جا قبيلا ۽ انهن جهڙا ماڻهو رهندا آهن. جيڪي جنگهلي ۽ ويڙهاڪ آهن. انهلواڙ جي ڏکڻ طرف هلي، لاڙ ديس پهچبو. بزاند کان ڏکڻ اولهه طرف 15 فرسخن تي الور، سنڌ جي ٻن شاخن جي وچ تي ويهه فرسخ بهمنوا ۽ ٽيهه فرسخ تي لوهزائي پهچبو. سنڌونديءَ، سنڌ، درد ۽ ٻين شهرن مان وهي ٿي. “ ديبل لاءِ هو لکي ٿو : ” برهم جي پٽن مان هڪ پٽ بياس واري ڇهه شاگرد هئا. جنهن مان هڪ جو نالو ديبل يعني وڏي طاقت وارو آهي.“ هو لکي ٿو : ”سنڌ جا ميد هتان جي مشهور ذات آهي، جيڪي ملتاب جون سامونڊي حدن واري علائقي ۾ ويٺل آهي. مهراڻ ۽ قامهل جي وچ وارن ميدانن ۾ سندن چراگاهه ۽ ڪيتريون ئي آباديون آهن. ڏکڻ سنڌ جي ساحلي علائقي ۾ ملگاري يعنى ملواري زبان زياده رائج هئي. جنهن کي سين دب يعنى سنڌي چوندا هئا.“ بيروني هتان جي ماڻهن جي علميت بابت لکي ٿو ته ” هتان جا ماڻهو ائين سمجهن ٿا ته هنن کان سواءِ ٻئي وٽ علم نه آهي. جڏهن کين خراسان ۽ فارس جي ڪنهن عالم جو نالو ٻڌايو ويو ته هو ٻڌائڻ واري جاهل ۽ چريو سمجهڻ لڳا. هو لکي ٿو : ” سنڌ جي عالمن جي خاص تصنيف سونڌانت آهي. هي ڪتاب 154هه م سنڌ جي هڪ وفد سان گڏ علم هيئت ۽ علم رياضي جو هڪ سنڌي ڄائو ۽ عالم کڻي بغداد ويو ۽ خليفي جي حڪم سان، درٻار جي هڪ رياضيدان ابراهيم فزاري جي مدد سان، ان جو عربي ۾ ترجمو ڪيو. علم رياضي جو هيءُ بنيادي ڪتاب آهي. ان ڪري عربن جو چوڻ آهي ته انهن 9 تائين انگن لکڻ جو طريقو سنڌين کان سکيو ۽ ان ڪري ئي عرب مورخ هنن انگن کي حساب هندي يا ارفام هندبه چون ٿا. “ هو لکي ٿو ته : ” هتان جي هڪ عالم سنگهل عربي ۾ علم نجوم تي هڪ ڪتاب ” المواليد الکبير “ لکيو. ان کان سواءِ هڪ سنڌي حڪيم بيڊيا ” ڪليليه و دمنه “ ڪتاب لکيو. هن ڪتاب کي پوءِ پنج تنتر به سڏيو ويو. جنهن جو پوءِ ترجمو عبدالله بن مقفع به ڪيو هو. “
    بهرحال البيروني جو ” ڪتاب الهند“ هڪ اهم ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن سنڌ جي تاريخ، حڪمت، علميت ۽ فلسفي بابت اهم معلومات ڏيئي اسان تي وڏو احسان ڪيو آهي.


    ابن بطوطا

    ابن بطوطا
    (ولادت : 703 هه بمطابق : 1304 ع )
    (وفات : 779 هه بمطابق 1377ع )

    محمد بن عندالله بن ابراهيم بن عندالله اللطواني الطنجي، ڪنيت، ابو عبدالله لقب شرف الدين، ابن بطوطا جي نالي سان مشهور آهي. سن 703هه بمطابق 1394 ع ۾ طنج (مراڪش ) ۾ ولادت ٿيس ۽ سن 779 هه بمطابق 1377ع ۾ وفات ڪيائين. ابن بطوطا مشهور سياح ٿي گذريو آهي. ڪيترن ئي ملڪن جو سير و سفر ڪيائين. سنڌ ۾ هو ته 734 هه جي محرم مهيني جي پهرئين تاريخ تي ڪابل ۽ ديراغازي خان کان ٿيندو پهتو ۽ هتان پوءِ دهلي ويو. هن پنهنجي سفر جو احوال هڪ ڪتاب ” تحفته النطار في غرائبه لابصار“ جي نالي ۾ ڏنو آهي. سفرنامي ۾ سنڌ جو تمام احوال ڏنل آهي. سنڌ جي شهرن، مشهور عالمن ۽ سندن رهڻي ڪهڻي جو تفصيل سان احوال ڏنل آهي. هو لکي ٿو ” اسين سنڌو درياءَ تي پهتاسين، جنهن کي پنج آب ( پنجاب ) به سڏيو وڃِي ٿو. هيءُ دريا دنيا جي وڏن نهرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. گرمي جي موسم ۾ هن ۾ چاڙهه ايندو آهي. سنڌ جي ماڻهن جو هن درياءَ تي گذران آهي. هتان سلطان محمود شاهه تخلق جي حڪومت جي حد شروع ٿئي ٿي. ان وقت سنڌ جو امير سرتيز هو، جيڪو سيوستان شهر ۾ رهندو هو ۽ سنڌ ملتان صوبي جي ماتحت هئي. جنهن جو گورنر قطب الملڪ هو. سيوستان ۽ ملتان جي وچ ۾ ڏهن ڏينهن جو فاصلو هو. ٽپال کي بريد چيو وڃي ٿو. جيڪا گهوڙن ۽ پيادل ماڻهن جي رستي موڪلي وڃي ٿي. هتان جا اخبار نويس بادشاهه لاءِ جاسوسي جو ڪم ڪندا آهن.
    سيوستان يا سيوهڻ هتان جو هڪ وڏو سهر آهي. هت ٻٻر جي وڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه وڻ نه آهي. هن جي ڀرسان جيڪا نهر وهي ٿي. ان جي ڪناري تي گدري جي فصل کان سواءِ ٻي ڪابه پوک ڪونه ٿئي. هن شهر جا ماڻهو جوئر جي ماني کائين ٿا. مڇي تمام سستي آهي. مينهن جو کير جام آهي. هتي گرمي ڏاڍي آهي. ماڻهو ڪپڙو پسائي گوڏ ٻڌندا آهن ۽ پوتڙو پسائي ڪلهن تي رکندا آهن ۽ جڏهن اهي گرمي سبب سڪي ويندا آهن ته وري پسائيندا آهن. هن شهر ۾ سما قبيلي جو سردار ڄام انڙ رهندو هو ۽ امير قيصر رومي به هت رهندو هو. اهي ٻيئي محمد شاهه تغلق جا ملازم هئا، جن وٽ ارڙهن سئو سپاهين جي فوج هئي. “
    ” لاهري بندر سنڌ جو خوبصورت شهر سمنڊ جي ڪناري آهي ۽ هتي سنڌو دريا سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. هن شهر ۾ يمن ۽ فارس جا ڪيترائي واپاري رهن ٿا. شهر به نهايت مالدار آهي. شهر جو محصول سٺ لک دينار آهي. مان اتان جي منتظم علاءُ الملڪ وٽ پنج ڏينهن رهيس. جنهن منهنجي گهڻي خاطرداري ڪئي ۽ مون کي سفر جو سمر عطا ڪيو. “
    ” سنڌو ندي جي ڪناري تي جوڻ جو شهر آهي. هيءُ شهر وسيع ۽ خوبصورت آهي. چوڌاري باغات آهن ۽ ان جي بازار ڊگهي ۽ خوشنما آهي. هن شهر ۾ سما ۽ سومرا قبيلي جا ماڻهو آباد آهن، جي نهايت پراڻي زماني کان اتي رهن ٿا. سومرا نه ڪنهن سان کائن ٿا ۽ نه پنهنجي قبيلي کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به رشتو جوڙين ٿا. هن زماني ۾ سندس سردار انڙ آهي.
    ” بکر اتر سنڌ ۾ آهي ۽ سنڌو جي هڪ شاخ هن شهر جي وچان لنگهي ٿي. هن شهر ۾ هڪ خانقاهه آهي جا ڪشلو خان ٺهرائي هئي، جنهن ۾ مسافرن کي مفت، عمدو کاڌو کارايو ويندو هو. هت منهنجي ملاقات امام عبدالله حنفي ۽ شهر جي قاضي ابو حيقه ۽ شمس الدين محمد شيرازي سان ٿي. ان وقت سندس عمر هڪ سئو ويهه سال هئي.“
    اُچ سنڌو درياءَ جي ڪناري تي آهي، شهر جي بازار عمدي آهي، ان جون جايون پڪيون ۽ مضبوط آهن. شهر جو حاڪم سيد جلال الدين ڪيجي آهي. هن مون کي اجازت ڏني هئي ته ” جڏهن به مون کي پيسن جي ضرورت ٿئي ته واسطيدار ڳوٺن مان محصول اڳاڙي مالي ضرورت پوري ڪري سگهان.“
    ملتان سنڌي جي گاديءَ جو هنڌ آهي. جتي سنڌ جو امير الامرا رهي ٿو. جيڪو نهايت وڏو امير ۽ فاضل شخص آهي. هن مون کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو. مون کيس هڪ غلام،هڪ گهوڙو ۽ ڪشمش ۽ بادام تحفي طور پيش ڪيا. ڪشمش ۽ بادام هن ملڪ ۾ ڪونه ٿين ۽ خراسان مان آندا ويندا آهن. ملتان کان پوءِ مان دهلي وڃڻ جو ارادو ڏيکاريو. جنهن لاءِ مون کان هندستان ۾ رهڻ جو عهدنامو ورتو ويو. دهليءَ جو شهر ملتان کان چاليهن ڏينهن جي پنڌ تي آهي.
    ابن بطوطا سنڌ ۾ جيڪو عرصو رهيو، ان ۾ سنڌ جي هر هڪ شيءَ کي چڱي طرح ڏٺو. لکي ٿو : ” اسان سنڌ جي هڪ جهنگ ۾ گينڊو ڏٺو، اهو حيوان رنگ جو ڪارو ۽ وڏي ڏيل وارو جانور هو. هن جو مٿو وڏو هو. هي جانور هاٿي کان ننڍو آهي. کيس ٻن اکين جي وچ ۾، نراڙ تي هڪ سڱ هوندو آهي. جنهن جي ڊيگهه 8 انچ ۽ ٻانهن جهڙو ٿلهو هوندو آهي. جڏهن اهو گينڊو جهنگ مان نڪتو ته هڪ سوار سندس اڳيان اچي ويو. گينڊي گهوڙي کي ٽڪر هنيو ۽ سوار جي ران چيريندي، ان کي زمين تي ڪيرايائين ۽ ٻيلي ۾ غائب ٿي ويو.
    ابن بطوطا جي سفرنامي مان سنڌ جي تجارت ۽ سامونڊي جهازن جي به خبر پوي ٿي، هو لکي ٿو : ” هتان جي تجارتي جهازن ۾، ٻه ٻه منزلون هونديون هيون، منجهن جدا جدا ڪمرا هوندا هئا. پاڻي پيئڻ ۽ کائڻ جو به ڪافي ذخيرو هوندو هو. مسافرن کان سواءِ تجارتي مال جا گدام هوندا هئا. جهازن ۾ ڪم ڪندڙ خلاصي، ملاح، راکا ۽ تير اندز هڪ هزار کن هوندا هئا. هر وڏي جهاز تي، ٽي ننڍيون ٻيڙيون، اتفاقي حادثن لاءِ موجود رهنديون هيون. انهن جهازن ۾، مٿئين عملي کان سواءِ چئن سون مسافرن جو عمدو بندوبست هوندو هو. ان کان سواءِ بي انداز سامان جنهن به جهاز ۾ هوندو هو ان جي قدرو قيمت جو اندازو پاڻ پڙهندڙ لڳائي سگهي ٿو. چين ويندڙ جهازن ۾ عملو ٻن قسمن جو هوندو هو. ڪپتان کي روساءِ ۽ ملاحن يا خلاصين کي ” اصحاب الارجل “ چئبو هو. عرب، سمنڊ ۾ رات جو ستارن وسيلي رستو ۽ طرف معلوم ڪندا هئا. انهن ستارن جا نالا نباته النعش، فرقدين، ثريا، سهيل، زهره، دبور ۽ دبران آهن. عرب تاجر جهازن مان ٽن قسمن جو ڪم وٺندا هئا. ٻيڙين ذريعي مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ، سمنڊن مان سچا موتي ۽ مرجان ڪڍڻ ۽ ٽيون سوداگري ڪرڻ.“
    آخر ۾ سنڌ جي اعلى طبقي جي طعام خاني بابت ابن بطوطا لکي ٿو : ”سڀ کان پهرئين مانيون آنديون ويون جي تمام سنهيون چپاتيون هيون. ٻڪري کي ڀُڃي هر هڪ ماڻهو جي اڳيان چار يا پنج ٽڪر رکيا ويندا هئا. ان کان پوءِ گهر ۾ تريل اڦراٽا جن ۾اندر مٺاڻ ڀريل هوندو هو. ڏنا ويندا هئا. ان سان گڏ هڪ ٽڪي به ڏني ويندي هئي. جنهن ۾ اٽو، کنڊ ۽ گيهه استعمال ٿيل هوندو هو. ڏيندا هئا. ان کان پوءِ گيهه ۾ تريل چانور آڻيندا هئا ۽ ان جي مٿان ڪڪڙ جو گوشت رکيل هوندو هو. سون، چاندي ۽ شيشي جي گلاسن ۾ مصري ۽ گلاب جو شربت پياريو ويندو هو. کاڌي کائڻ کان پوءِ فقاع پيئندا هئا جو ڏاڙهون ۽ ٻين ميون جي رس مان ٺاهيو ويندو هو ۽ آخر ۾ پان ۽ سوپاريون ڏنيون وينديون هيون.“
    البيروني تاريخ جي حوالي سان چوٿين صدي هجريءَ ( ڏهين صدي عيسويءَ ) ۽ پنجين صدي جي تمام گهڻن عالمن ۽ سائنسدانن جهڙوڪ : بو علي سينا، ۽ عمر خيام وانگر ان ايراني ۽ اسلامي ثقافت جي پيداوار هو. جنهن جو ان زماني ۾ مرڪز خراسان هو. خراسان جي علمي مرڪزيت جو اثر هڪ طرف مغرب ڏانهن پوري اسلامي دنيا تي اثر انداز هو ته ڏکڻ طرف، برصغير پاڪ ۽ هند تائين ان جو اثر ۽ فيض هو.
    دنيا جي ڪيترن ڏاهن سندس علمي ڪماليت جو نهايت احترام سان اعتراض ڪيو آهي. جارج سارٽن چيو آهي ته ” بيروني اسلام جي عظيم ترين سائنسدانن مان هڪ ۽ هر عالم کيس هر زماني جو عظيم ترين عالم ۾ شمار ڪري چڪو آهي.“ ايڇ جي. جي ونٽر لکيو آهي ته ” اهي ايراني عالم يعنى البيروني ايراني شاعر فردوسيءَ جو هم عصر هو، ايران سان گڏ بيروني، هر زماني لاءِ عظيم سائنسدان آهي.“

    سندس ڪجهه تصنيفون هيٺين ريت آهن.
    1. العيدليه ( طب تي اٺ سئو کن دوائن بابت )
    2. الاثار الباقيه ( هي ڪتاب عربن جي ايران تي حملي سبب قديم آثارن جي ٿيل تباهيءَ بابت لکيل آهي)
    3. ڪتاب التفهيم ( علم هندسه تي فارسي ۾ )
    4. القانون المسعودي ( علم هيئت تي )
    5. تجديد نهايت الامڪان ( جاگرافيءَ تي )
    6. ڪتاب الهند ( هند ۽ سنڌ تي لکيل مشهور ڪتاب).


    سيدي علي رئيس

    سيدي علي رئيس

    سيدي علي رئيس بن سيدي حسين رئيس ترڪي جو رهاڪو هو. سندس پيءُ ڏاڏو، دريائيءَ جهاز راني جا ڪمانڊر ۽ انهيءَ فن جا استاد ۽ ماهر هئا. سيدي علي رئيس، پڻ پنهنجو اباڻو پيشو اختيار ڪري، ڪيترين دريائي جنگين ۾ پهرو ورتو ۽ مهمن کي منهن ڏيئي نالو ڪڍيو. رمضان 960 هه ۾ هو سلطان سليمان پئي جي ملازمت ۾ حلب جي منزل تي داخل ٿيو.
    رئيس علي رئيس 961هه ۾ حلب مان بصري، هڪ ٻيڙيءَ تي روانو ٿيو، جتان گهمندو ڦرندو هندستان جي سورت بندر تي پهتو. جتان گجرات آيو ۽ اتان ٿي ربيع الاول 962 هه ۾ پارڪر پهتو ۽ اهڙي طرح سنڌ ۾ آيو. هو سنڌ ۽ هند ۾ ڪجهه وقت گذاري افغانستان، خراسان، فارس ۽ آذربائيجان کان ٿيندو 964هه ۾ بغداد پهتو ۽ بغداد کان قسطنطنيه آيو. اتي هو باقي ڏينهن سرڪاري نوڪري ۾ گذاري سن 980 هه بمطابق 1572ع ۾ گذاري ويو.
    محقق سيد سليمان ندوي ۽ شمس الدين قريشي لکيو آهي ته :
    سيدي علي رئيس : عثمانيه خلافت طرفان پرتگالي ٻيڙي جي مقابلي ڪرڻ لاءِ مصري ٻيڙي جي ڪمانڊر جي حيثيت سان بصري مان پهرين شوال 961هه / 9 سيپٽمبر 1554ع تي نڪتو. رستي ۾ سامونڊي مشڪلاتن ۽ حادثن مان منهن ڏيندو، سورت پهتو. اتان احمد آباد آيو ۽ پوءِ ڏهين ربيع الاول 562 هه / 12 فيبروري 1555ع تي پارڪر پهتو. هي ارغونن ۽ ترخانن جو دور هو. سيد علي رئيس جي اچڻ وقت، انهن فاتحن ۽ قابضن جي وچ ۾ وڏي پئماني تي گهرو گهوٽالو شروع هو. مرزا شاهه حسن پاڻ بيمار ۽ فالج ڪرڻ سببان معذور هو. ارغونن ۽ ترخانن سندس خلاف انهيءَ ڪري بغاوت ڪئي هئي جو هن مقامي ماڻهن کي اهم عهدن تي رکيو هو. شاهه حسن جو موت ۽ سلطان محمود بکري ۽ عيسى ترخان جي وچ ۾ سنڌ جو ورهاڱو، سيدي علي رئيس جي موجودگيءَ ۾ ٿيو. هن ان وقت جي سياسي خواهه ادبي ماحول جو ذڪر ڪيو آهي.
    هي سنڌ جي مشائخن مان شيخ عبدالوهاب پوراني، شيخ حماد جمالي، شيخ مير محمد ( المتوفي 962هه) جي مقبرن تي زيارت لاءِ ويو.
    سنڌو نديءَ ۾ سفر ڪندي، کيس مانگر مڇ منهن پيا ۽ ڪناري سان ڪيترا ئي ڀيرا ببر شينهن ڏٺا. عام طور گهوڙن، اٺن ذريعي سفر ڪندو هو سميجا، ماڇي ۽ جت قبيلن سان سندس مقابلو ٿيو. ان وقت سنڌ ۾ گهاٽا ٻيلا هئا. جيڪي خطري کان خالي ڪونه هئا. ان ڪري سيدي علي رئيس ريگستاني ۽ ويراني وارن رستن تان سفر ڪندو هو. هڪ لڱا، گرمي ۽ اڄ سببان سندس ڪيترائي ساٿي ساڻا ٿي پيا. جنهن ڪري کيس اعلى درجي جو آفيم کارايو ويو. انهيءَ ويراني ۾ هن جهرڪن جيڏي ماڪڙ ڏٺي.
    سيدي علي رئيس سنڌ ۽ هندستان ۾ ڪجهه وقت گذاري افغانستان خراسان، فارس ۽ آذربائجان کان ٿيندو 964 هه / 1537ع ۾ بغداد پهتو ۽ قسطنطنيه آيو. جتي سن 980 هه / 1572 ع ۾ وفات ڪيائين.
    سيدي علي رئيس، پنهنجو سفرنامو ” مراته الممالڪ “ جي نالي سان لکيو. جنهن ۾ سن 961 هه کان 964 تائين جي چئن سالن جي سفر جو احوال آهي. هن ڪتاب جي ٻين بابن ۾ سنڌ جو احوال آهي. جنهن ۾ ڏهين صدي هجريءَ واري سنڌ جي خبر پوي ٿي. سندس سفرنامو اهم تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. جنهن ۾ هن ڪيترائي اکين ڏٺا واقعا، جيڪي سياسي طرح وڏي اهميت رکين ٿا، لکيا آهن. سندس دور سنڌ جي ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي وقت سان تعلق رکي ٿو. هو لکي ٿو : ” اسين پارڪر جي رڻ ۾ ڏهه ڏينهن رلڻ کان پوءِ، وڳهه ڪوٽ پهتاسين. جيڪو سنڌ جو سرحدي شهر آهي. ان وقت سنڌ جي تخت تي ميرزا شاهه حسن ارغون ويٺل هو. هن چاليهه سال راڄ ڪيو ۽ گذريل 5 سالن کان فالج جي مرض ۾ مبتلا هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ، ٺٽي تي عيسى ترخان، شاهه حسن جي ڪجهه لائق اميرن کي قتل ڪري خزاني تي قبضو ڪري ويٺو هو. هن نقد رقم پنهنجي ماڻهن ۾ ورهائي، پاڻ کي همايون بادشاهه جو لقب ڏيئي جمع جي خطبي ۾، پنهنجو نالو شامل ڪري نقارو وڄرايو. “ جڏهن سلطان محمود کي اها خبر پئي تڏهن هو ڪوڪلتاش کي وڏو لشڪر ڏيئي مير عيسى جي سرڪوبي لاءِ موڪليو. مان ٺٽي ۾ ساڻ ملڻ کان پوءِ سنڌ جي مشائخن عبدالوهاب سان ملي کانئس دعائون حاصل ڪيون. جمالي ۽ شيخ ميرڪ جي مقبرن جي به زيارت نصيب ٿي. پوءِ مان مير عيسى ترخان سان مليم. جنهن مون کي ملاحن سميت ست جهاز ۽ هڪ خط همايون بادشاهه لاءِ ڏنائين. جنهن ۾ پنهنجي اڻ ٽٽندڙ وفاداري جو يقين ڏياريائين. اسان ان کان پوءِ پنهنجو سفر شروع ڪيو. اسان کي درياءَ ۾ مانگر مڇ منهن پيو ۽ ڪناري سان ڪيئي ڪيهر شينهن به ڏٺاسين. واٽ تي سميجن ۽ ماڇين سان مقابلو ڪرڻو پيو. جن جي حدن مان لنگهي رهيا هئاسين. اهڙي طرح اسين سيوهڻ پهتا سين. پوءِ پاٽ ۽ درٻيلي وارو رستو ڏيئي بکر آياسين. اتي سلطان محمود ڪوڪلتاش سان ملي کيس تحفا ڏنم. سلطان همايون بادشاهه جي تابعداري مڃي، خطبو پڙهائڻ قبول ڪيو ۽ مرزا عيسى ترخان سان ٺهڻ به قبول ڪيو. اتان ٿي، اسان اُچ لاءِ روانا ٿياسين. سلطان محمود مون کي هڪ اعلى درجي جو گهوڙو ڏهه اُٺ، هڪ خيمو شامياني ۽ سائبان سميت ڏنو. سفر خرخ لاءِ رقم به ڏنائين ۽ همايون بادشاهه جي نالي تي اطاعت جي عرضداشت ڏيئي، اڍائي سئو سنڌي سپاهي ڏنا. جنهن صورت ۾ راجپوتن ۽ جاٽن ڌاڙيلن جو خطرو هو. ان ڪري اسان ٻيلي وارو رستو ڇڏي، ريگستاني ويراني راهه سان وڃڻ مناسب ڄاتو. انهي ويراني ۽ ريگستان ۾ اسان جهرڪن جيڏي ماڪڙ ڏٺي. اهڙي ريت ڏهن ڏينهن کان پوءِ اُچ پهتاسين. اتي شيخ ابراهيم سان ملاقات ڪري دعائون حاصل ڪيم. اتان پوءِ ملتان آياسين. ملتان ۾ مون شيخ محمد راجو سان ملاقات ڪئي. پوءِ ميران مير ۽ ميرزا حسن سلطان کان موڪلائي اتي پهتاسين. هتان جي صوبيدار مرزا شاهه، دهلي اجازت لاءِ لکيو. اتان اجازت ملڻ کان پوءِ دهلي ڏانهن روانا ٿياسين. جڏهن اسان جي پهچڻ جو اطلاع همايون بادشاهه کي مليو. تڏهن هن خان خانان ۽ ٻين ڪيترن ئي اميرن کي چئن هاٿين ۽ وڏي سپاهه سميت استقبال لاءِ موڪليو، مون بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ٿي سلطان محمود بکري جو عرض پيش ڪيو ۽ عهدنامي ڪرڻ لاءِ کيس عرض ڪيو، پاڻ منهنجي گذارش قبول ڪري عهدنامو لکرايو ۽ ان تي پنهنجي شاهي مُسهر هڻي سلطان محمود ڏانهن موڪليو.“
    اهڙي طرح سيدي علي رئيس، همايون جي مرڻ تائين دهلي ۾ رهيو ۽ ان کان پوءِ، جڏهن اڪبر اعظم، هند جو بادشاهه ٿيو تڏهن هو لاهور آيو ۽ اتان ڪابل ويو، جتان هو ترڪي ويو.
    سيدي علي جو هي سفرنامو سنڌ جي تاريخ ۾ سياسي واقعن تي مشتمل هجڻ سان گڏ ان دور جي افراتفري ۽ ڦرلٽ جي به تصوير پيش ڪري ٿو. مثلاً هڪ جاءِ تي لکي ٿو : ” جيئن اسين پارڪر پهتاسين، تيئن ڌاڙيلن اسان کي گهيري ۾ آندو. مون اوٺن کي حڪم ڏنو ته پنهنجي مهرين کي ويهاري ڇڏين. جيئن حلقو ٿئي ۽ توب هلائڻ ۾ آساني ٿئي پوءِ اسان چوڌاري باهه وسائڻ شروع ڪئي. اها حالت ڏسي ڌاڙيلن مقابلو نه ڪيو پر اسان کان محصول جي گهر ڪئي. “ اهڙي طرح سيدي علي جو هي سفرنامو، سنڌ جي عظيم محقق ۽ تاريخدان مرحوم سيد حسام الدين راشدي اشاعت جي زيور سان آراسته ڪيو. “


    محمود بلخي

    محمود بلخي

    محمود بن امير ولي سنه 1004 هه / 1595ع ۾ بلخ ۾ ڄائو ۽ اعلى تعليم بخارا ۾ ورتائين. هو هڪ ئي وقت شاعر، اديب، صوفي ۽ سياح هو. ننڊي عمر ۾ شاعري جا ڇهه ڪتاب لکيائين. تصوف ۾ سندس ڪتاب روح الطيبه آهي. هو سنه 1034 هه / 1624ع ۾ بلخ مان نڪتو ۽ سيلون، سوماترا، اوڙيسا کان ٿيندو آگري پهتو. آگري ۾ هڪ سال رهڻ کان پوءِ، هو بکر جي نئين فوجدارا مرزا حسيني سان گڏ، سنڌ ۾ آيو. سنڌ ۾ هو ٻه سال رهيو. پوءِ 9 محرم 1041هه / 8 آگسٽ 1631ع ۾ واپس بلخ ويو. جتان جي حاڪم نذر محمد کيس شاهي ڪتبخاني جو منتظم مقرر ڪيو. اتي محمود هڪ ضخيم ڪتاب ” بحرالاسرار في مناقب الاخبار “ لکيو، جيڪو ستن جلدن ۾ هو. هن ڪتاب جي پهرئين جلد جي ٽئين حصي ۾ زمين، عنصرن، ملڪن، شهرن ۽ جبلن جو احوال ڏنل آهي. هن حصي م سنڌ جي ڪجهه شهرن جو به ذڪر ٿيل آهي. ڇهين جلد جي آخر ۾ ڪجهه ترڪ قبيلن جي احوال ڏيڻ کان پوءِ، هن سنڌ جي سفر جو احوال ڏنو آهي.
    محمود جڏهن سنڌ ۾ آيو. اهو سترهين صديءَ جو وچ وارو زمانو هو. هن جي سفرنامي مان ان زماني ۾ سنڌ جي سماجي حالتن، سنڌ جي وسعت ۽ انتظامي حدن ۽ ارغونن خلاف سنڌي سوڍن جي جدوجهد جو پتو پوي ٿو.
    محمود لکي ٿو : ” جيسلمير ۾ چوڏهن ڏينهن رهڻ کان پوءِ، ستن ڏينهن ۾ الرور پهتاسون. جيڪو بکر جي هٿ هيٺ آهي. هڪ ڏينهن اتي خوشي ۽ مزي سان گذاري ٻئي ڏينهن سنڌو درياءَ ٽپي سکر شهر ۾ اچي رهياسين. هن شهر ۾ هر ڪنهن جو مقام مقرر ٿي ويو. تڏهن سڀ ڪو وڃي پنهنجي ڪم کي لڳو. سکر ۾ هڪ فصل رهڻ کان پوءِ وري بکر ۾ اچي رهڻ جو حڪم ٿيو. اتي مان ڇهه مهينا رهيس ۽ منهنجي اميدن جي سڪل پوک تي هميشه احسان ٿيندا رهيا. اتي مان ” واري جي تپ “ ۾ بيمار ٿي پيس. علاج صحيح نه هئڻ ڪري جلندر جو عارضو ٿي پيو. هيءُ مرض اٺ مهينا هليو ۽ ايترو ڪمزور ٿي ويس جو چُري پُري به نه پيو سگهان ان وچ ۾ حاذق حڪيم ۽ طبيب مولانا صلاح الدين سيوهاڻي جو سايو سر تي پيو. جنهن هريڙ جي رس ذريعي ڇهن ڏينهن جو علاج ڪري مون کي خوش ڪيو. ان کان پوءِ مون شهر جي واليءَ کان اجازت گهري. جنهن مون کي گنجابي پرڳڻي جو حاڪم مقرر ڪيو. مان جيئن ئي اتي پهتس. تيئن ئي شير افغان حملو ڪري گرفتار ڪيو. پر اتان آزاد ٿي پنهنجي وطن بلخ پهتس.
    محمود، سنڌ جي شهرن جو ذڪر ڪندي بکر بابت لکي ٿو : ” هي شهر سنڌو درياءَ “ جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ وانگر آهي. هن کي هڪ زبردست قلعو آهي ۽ ڪيترائي مدرسا ۽ مسجدون به. هيءَ سڀ پٿرن سنا ٺهيل ۽ ڪاشي سان سينگاريل آهن. بکر ڪي ڪيئي شايع علائقا ۽ مضافات روهڙي ۽ سکر آهن. هيءُ ٻيئي جايون ندي جي ٻنهي پاسن واقع آهي. جنهن مان روهڙي کاٻي ۽ سکر ساڄي طرف آهي. بکر ۾ کجي، ڊاک، ڏاڙهون، گدرا، ڇانهيون ۽ انب پيدا ٿين ٿا. هن شهر ڪيئي عالم ۽ سٺين خوبين وارا ماڻهو پئدا ڪيا آهن. هتي جا ماڻهو شريف، حياءَ دار ۽ قناعتي آهن. هتان جا ماڻهو مهمانن، مسافرن ۽ سياحن لاءِ مهمان نواز آهن ۽ مذهبي آهن ۽ خاص ڪري روزي نماز جي پابندي ڏي مائل رهن ٿا. قلعي جي اندرين فصيل ۽ ٻاهرين ڀت جي وچ ۾ سهڻيون عمارتون ۽ باغ آهن. سنڌو درياءَ قلعي جي چوطرف‌ وهي ٿو.“
    ٺٽي شهر لاءِ هو لکي ٿو : ” هيءَ سنڌ جي شهرن مان هڪ آهي. اهو پهرئين ولايت ۾ آهي. ٺٽو، ڪيچ ۽ مڪران جي ڀر ۾ آهي. جيڪو ايران ۽ هندستان کي ملائي ٿو. شروع ۾ هن جاءِ کي بيبل پوءِ ديبل ۽ پوءِ اي جي گرم آبهوا سبب ٺٽو سڏيو ويو. هي هندي سمنڊ جي ڪناري تي واقع ۽ مشهور بندرگاهن مان هڪ آهي. گرم ملڪن ۾ پئدا ٿيندڙ ميوو هتي جهجهي انداز ۾ پيدا ٿئي ٿو. هن جي ڀرسان مهراڻ ندي وهي ٿي. جيڪا هندي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. ڪپڙو ۽ ايران توڙ هند جون مصنوعات به هتي موجود آهن. هتان فارس، عراق ۽ عراق بندرن جا واپاري وڏي تعداد ۾ لنگهن ٿا. سندس اڪثر آبادي حنفي فرقي سان واسطو رکي ٿي. جيڪي زاهد ۽ روزي نماز جا پابند آهن.“
    محمود سنڌ جي ٽئين شهر ملتان جو ذڪر ڪندي لکي ٿو : ” هيءُ سنڌ جي شهرن مان هڪ آهي ۽ ماضي ۾ ان جو تختگاهه هو. هتان جي ماڻهن، هند ۽سنڌ ۾ سڀني کان اڳ، اسلام قبول ڪيو. رسول اڪرم ﷺ جن جاڪيئي ساٿي پڻ هت پهتا. اسلام کان اڳ هت هڪ وڏو مندر هو. جنهن ۾ هڪ بت ملتان نالي هو. جنهن جي پٺيان هن شهر جو نالو رکيو ويو. مسلم فاتحن هتان لٽ جو هيڪاندو مال هٿ ڪيو. جنهن کين ايترو ته خوش ڪيو جو انهن هن شهر بيت الحرج (خوشين جو گهر ) ۽ بيت الذهب ( سون جو گهر ) سڏيو. هن جا ٻيا به نالا آهن. هي شهر مهراڻ جي ڪناري تي واقع آهي. هي واپاري رستو آهي. “ جيڪو اولهه خراسان، عراق ۽ ٻين ملڪن ۽ اوڀر ۾ هندوستان کي ملائي ٿو. سنڌ جي اڪثر جاين کان هتي جي آبهوا سٺي آهي ۽ هتي ان ۽ ميوو جهجهي تعداد ۾ پئدا ٿئي ٿو. قديم دور ۾ ملتانين کان سواءِ هند – سنڌ مان ٻاهر وڃي ٿو ته ملتاني سڏجي ٿو. وڏن بزرگي سندن ورثو آهي. جيڪو به هن منصب تي ويهي ٿو. اهو خدا وارو ٿئي ٿو.“ سندس سفرنامو ” بحرالاسر في منافب الاخبار“ فارسي زبان ۾ ستن جلدن تي ٻڌل هو. جنهن جي پهرئين جلد جو اڌ ۽ ڇهين جلد جو اڌ وڃي بچيا آهن. انهن ڀاڱن کي ڊاڪٽر رياض الاسلام جامع انگريزي مقدمي سان ايڊٽ ڪري سال 1980ع ۾ ڇپرايو. جنهن ۾ سنڌ جي حالتن ۽ شهر جو ذڪر به آيو آهي.
    مطلب ته محمود بلخي جو هيءُ سفرنامو، سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي.


    نڪولس وٿنگٽن

    نڪولس وٿنگٽن

    نڪولس وٿنگٽن پهريون سياح آهي، جنهن سنڌ ۾ جيڪي ڏٺو ان کي ايمانداري سان لکيو. هو ايسٽ ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪندو هو، جتي هن پهرئين سورت ۽ پوءِ آگري ۾ به پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا. هو واپار جي خيال سان بمبئي ۽ سرفيج به ويو هو. ڪمپني طرفان هن کي آڪٽوبر 1613ع ۾ سنڌ ۾، نير جي خريداريءَ لاءِ موڪليو ويو. سندس تجارتي قافلي ۾ به واپاري، چار ملازم، اَٺ اُٺ ۽ اَٺ اُٺ جت هئا. وٽس تجارتي سامان به تمام گهڻو هو. سنڌ ۾ هو احمد آباد کان ٺٽي، خشڪي رستي آيو. اهو رستو ڪلال ۽ راڌڻپور مان لنگهي. ڪڇ جي رڻ مان ٿيندو ٺٽي ڏانهن ٿي ويو. نڪولس آيو به هن رستي سان ۽ واپس به هن رستي سان ويو. سندس سنڌ جي سفر جو احوال ” فاسٽرس ارلي ٽريولس “ نالي ڪتاب مان ملي ٿو. جنهن ۾ ان دور جي سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي تاريخ سان گڏ امن امان جو پتو پوي ٿو.
    نڪولس لکي ٿو : ” ننگر پارڪر هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، پر هت سياحن کي ضرورت جون سڀئي شيون ملن ٿيون. ريگستان جي جنهن ٽڪري مان اسين ٽپياسين اتي جهنگلي گهوڙا، ڳاڙها هرڻ، لومڙيون ۽ مختلف جهنگلي جانور تمام گهڻا هئا. هي ڳوٺ تائين نه ڪو ڍل ڀريندو هو نه وري ڪنهن سرڪاري علمدار کي کنگهندو هو. هن دور ۾ مغلن جو سنڌ ۾ ڪنٽرول بنهه گهٽ هو. ماڻهو اڪثر پيشور چور ۽ ڌاڙيل هئا. جڏهن به سندس مقابلو فوج سان ٿيندو هو ته اهي پنهنجي گهرن کي اجاڙي، جبلن ۽ ٽڪرن ۾ لڪي ويندا هئا. جيئن ته سندن گهر، سڪل گاهه ۽ گاري مان ٺهيل هوندا هئا ۽ ان جي شڪل ماکيءَ جي ماناري جهڙي هوندي هئي. ان ڪري، سڙي رک ٿي ويندا هئا. اهڙن گهرن کي ٻيهر ٺاهڻ سولو هو. مسافرن جي نگراني لاءِ ڪسٽم جو انتظام سهڻو هو. هت پاڻي کارو / ٻاڙو هو، ان ڪري ان ۾ کير ۽ ماکي ملائي پيئڻو پيو، پر ان مون کي بيمار ڪري وڌو.“
    17 هين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ سنڌ ۾ ڌاڙيل ڏاڍا هئا. اهڙن ڌاڙيلن نڪولس جي قافلي کي به اچي ورايو پر سندس ماڻهن تير وسايا ۽ نڪولس پستول مان فائر ڪري کين ڀڄائي ڪڍيو. ان کان پوءِ هن ٺٽي کان ٽيهه ميل پري گورنر سان ملاقات ڪئي. هو لکي ٿو ” گورنر مون سان خاص مهرباني مليو. مون کان منهنجي ملڪي حالتن بابت ڳالهه ٻولهه ڪيائين ۽ مون سان گڏ شراب به پيتائين. گورنر مون کان منهنجيون قيمتي شيون ائين چئي کسي ورتيون ته هو انهن کي مغلن تائين پهچائيندو. هن مون سان هيءَ به واعدو ڪيو ته هو مون کي ٺٽي تائين سلامتي سان پهچائيندو. سندس ان يقين دهاني تي اسان خوب ننڊ ڪئي اٽڪل ٻي بجي گورنر اسان کي اُٺ تيار ڪرڻ لاءِ چيو درياءَ سان ڏيڍ ميل هلڻ جو حڪم ڏنو. سندس ماڻهو اسان کي هڪ بند جاءِ ۾ وٺي آيا ۽ اُٺن تان سڀ سامان ۽ ٻيون سڀ قيمتي شيون به کسي ورتيون. جن جو املهه اٽڪل ويهه هزار رپيا هو. هن سڀني تاجرن ۽ سندن ملازم کي به قتل ڪري ڇڏيو. پر مون کي ۽ منهنجي نوڪرن کي آزاد ڪيو. “ وٿنگٽن ٺٽي جي باري ۾ لکيو آهي : ” سنڌ جي ٺٽي شهر جي مقابلي ۾ ٻيو شهر نه آهي. ايتريقدر جو هندستان جو ڪوبه شهر واپار ۾ ٺٽي کان وڌيڪ نه آهي. ڏکڻ سنڌ جو تختگاهه ٺٽو بي شڪ هندستان جو عظيم ترين واپاري مرڪز هو. سنڌ جو مکيه بندر لاهري ٺٽي کان ٽن ڏينهن جي پنڌ تي هو. ٺٽي جي ويجهو سنڌو درياءَ ۾ چار هزار ٻيڙيون هونديون هيون. سنڌ جي بندرن ۽رستن تي راهداري جا محصول ۽ چونگيون هونديو هيون. سنڌ جو چوپايو مال، سموري هندستان جي بهترين چوپائي مال مان لکيو ويندو هو ۽ گهڻي گوشت ۽ عمدي کير کان مشهور هو.“
    ان کان سواءِ وٿنگٽن لکي ٿو : ” گورنر اسان کي ڦري واپس احمد آباد وڃڻ لاءِ اسان کي چيو، اسان وٽ ڪجهه به نه هو. بي يارو مددگار ۽ سواءِ ڪنهن سونهين جي مارچ 1614ع ۾ مان واپس روانو ٿيس. مون کي رستي جي ڪابه خبر ڪانه هئي. صرف ڌڪي تي پئي سفر ڪيم. ڏينهن رات پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، رات جي وقت ۾ جتي غريب مالوندن جا گهر نظر ايندا هئا ته انهن وٽ آرام ڪندو هوس. سندس روش همدردي واري هئي. هنن کان جيڪو ڇڱو ٿي سگهيو سو ڪيائون. گهوڙا ٿڪي پيا هئا ۽ مان به پنڌ کان نڍال ٿي پيو هوس. پيدل پنڌ ڪرڻ جو تجربو به ڪونه هو. رات مان ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ رهي ماڻهن کان مدد گهرندو هوس. مون کي اهي ڳوٺاڻا ڏاڍا ڀلا لڳا. ڇهين ڏينهن اُڃ ۽ بُک کان بيحال ٿي، ننگرپارڪر پهتس. هت مون کي احمد آباد جو هڪ هندو واپاري مليو. جنهن مون کي پئسا به ڏنا ۽ منهنجن ماڻهن کي ضروري سامان ۽ ڪپڙا به وٺي ڏنا ۽ رهائش جو خرچ پکو به ڏنو. مان اتي چار ڏينهن رهي ٿڪ پٽيو. اتان پوءِ ان واڻئي جي ماڻهن سان راڌڻپور آيس ۽ اهڙي طرح احمد آباد واپس پهتس. “
    نڪولس وٿنگس جي هن سفرنامي مان ان دور جي، جيڪو مغلن جو سونهري دور سڏجي ٿو، جنهن مان لاقانونيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. بهرحال وري به سنڌي ڳوٺاڻن جي انساني همدردي، حسن سلوڪ، مهمان نوازي ۽ پيار ۽ محبت جا تاريخي ثبوت نڪولس ضرور فراهم ڪري ٿو ۽ انهن کي ساراهي ٿو.
    ” اوائلي هند جا سفر “ ڪتاب ۾ وليم ڊبليو فاريسٽ هن جو ذڪر ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس سال 1921ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب ۾ ڪجهه سياحن جو ذڪر ڪيل آهي جن سنڌ ڏٺي هئي.


    نڪولس منوچي

    نڪولس منوچي
    (سن 1639 – 1717ع )

    نڪولس منوچي اصل اٽليءَ جو ويٺل هو. هو 1639ع ۾ ڄائو. جڏهن 14 ورهين جو ٿيو. تڏهن ايشيا گهمڻ لاءِ پنهنجي ملڪ مان نڪتو ۽ سمرنا ڏانهن ويندڙ هڪ جهاز ۾ اچي چڙهيو. رستي ۾ هڪ انگريز خاندان وائڪائونٽ بيلامانٽ سان واقفيت ٿيس. جيڪو ايران اچي رهيو هو. پر ٽن سالن اندر وائڪائونٽ مري ويو. ان ڪري منوچي ايران مان بي يارومددگار هندستان ۾ آيو. اهو سن 1656ع جو زمانو هو. هن هت اچي داراشڪوهه جي توبخاني ۾ نوڪري ڪئي ۽ انتهائي ايمانداريءَ ۽ سچائي سان داراشڪوهه جي زندگيءَ تائين ڪم ڪيائين ۽ ڏکن سکن ۾ هو سندس خدمت ڪندو رهيو. دارا جي مرڻ کان پوءِ اورنگزيب کيس چڱي عهدي جي آڇ ڪئي پر هن پنهنجي مرحوم آقا جي دشمن وٽ نوڪري ڪرڻ پسند نه ڪئي ۽ حڪمت جو ڌنڌو شروع ڪيو. هو 1717ع ۾ وفات ڪري ويو. ان وقت سندس ملڪيت ڏهن هزارن پائونڊن جي لڳ ڀڳ هئي.
    نڪولس مغل سلطنت جي معاملن لي ويجهو ويهي ڏٺو. سندس ڪتاب آسٽوريا ڊومگو يعنى ” مغل هندستان 1653ع – 1708 ع “، انگريزيءَ ۾ 1906ع ۾ لنڊن مان چئن جلدن ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ سنڌ بابت مفيد معلومات ڏنل آهي. ڇو ته نڪلولس شاهجهان جي پٽن جي وچ ۾ تخت ۽ تاج لاءِ وڙهندڙ آخري جنگ بکر ۽ سکر ۾ ڏٺي ۽ دارا جو قافلو لٽبو ڏٺو. سندس انداز بيان نهايت ڏکوئيندڙ، رقت آميز ۽ عبرتناڪ آهي. مثلاً جڏهن داراشڪوهه 14 مئي 1658ع ۾ لشڪر وٺي مراد ۽ اورنگزيب سان مقابلي لاءِ نڪتو، تڏهن ڏکويل پيءُ پنهنجي پٽ کي هن طرح لکيو ” منهنجا پيارا پٽ ! مان هميشه توکان راضي رهيو آهيان ڇو ته تون منهنجو وڏو فرزند آهين ۽ فرمانبردار رهيو آهين. تنهنجي پيءُ کي هيءُ اميد هئي ته آءُ توکي امن ۽ آرام سنا پنهنجي تخت تي ويهاريندس. پر الله پاڪ جا راز، انساني سمجهه کان ٻاهر آهن. منهنجو اصل ارادو هو ته، توکي هن قلعي ۾ ڇڏي، پاڻ اورنگزيب ۽ مراد بخش، جهڙن غدارن ۽ باغين جي مقابلي لاءِ وڃان ها، جيڪي نه منهنجا پٽ ۽ نه تنهنجا ڀائر سڏجڻ جي لائق آهن. مون کي اميد هئي ته انهن غدارن، باغين ۽ بي ايمان جو مقابلو مان پاڻ ڪندس. پر تون منهنجي عمر ۽ خراب حالت تي رحم ڪري، پنهنجي پيءُ جي قيد مان آزاد ڪرڻ ۽ سلطنت جي سلامتي خاطر، پنهنجي جان خطري ۾ وجهي رهيو آهين. مان هن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪري نٿو سگهان ته الله پاڪ توکي وڏي عمر بخشي ۽ تون هندستان جو تاجدار بڻجين ۽ اسان جا دشمن تباهه ٿي وڃن. آءُ تنهنجو وجود الله پاڪ جي سپرد ڪيان ٿو، ته هو تو کي انهي غدارن ۽ باغين تي ڪامياب ڪري.
    داراشڪوهه پنهنجي لشڪر سان لاهور ۽ ملتان کان ٿيندو بکر پهتو. جنهن سان گڏ منوجي پڻ هو. هن بکر جي قلعي ۾ ٻه هزار چونڊ ماڻهو 22 يورپي ۽ ڪجهه نوڪر قلعي ۾ رهائي پاڻ گجرات روانو ٿي ويو. منوجي بکر ۾ رهي پيو. بکر جو احوال ڏيندي هو لکي ٿو : ” بکر درياءَ سنڌ جي وچ ۾ پٿريلي دڙي تي آهي. جنهن جا پٿر توبن ۾ گولن طور ڪم اچي سگهن ٿا. قلعو 975 قدم ڊگهو ۽ 553 قدم ويڪرو آهي. وچ ۾ هڪ وڏو برج آهي. جنهن تان درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي نظر پئجي سگهي ٿي. بکر جي اڀرندي ڪناري تي هڪ وڏو شهر سکر آهي. جنهن کي اورنگزيب جي ڌر هٿ ڪرڻ لاءِ زور سان حملو ڪري رهي آهي. درياءَ جي الهندي ڪناري تي روهڙي آهي. قلعي جي اتر ۾ هڪ ٻيٽاري آهي. جنهن جو نالو خواجه خضر جو آستان آهي. ان آستان تي هڪ درسگاهه آهي جنهن جي مسلمان ڏاڍي عزت ڪندا آهن.“ اڳتي هو لکي ٿو ته ” اسان بکر جي قلعي ۾ نهايت محفوظ هئاسين ۽ اسان وٽ کاڌي جو سامان تمام گهڻو هو. اورنگزيب جو لشڪر به سکر پهچي چڪو هو ۽ اسان وٽ کاڌي جو سامان تمام گهڻو هو. ان کان سواءِ سون، رپيا، هيرن ۽ جواهرن جو به اڻکٽ خزانو رکيل هو. اورنگزيب جو لشڪر به سکر پهچي چڪو هو ۽ اسان جي سامهون خيمه زن هو. عرض ته سکر بکر ۽ روهڙي جا شهر انهن ڏينهن ۾ سخت هنگامي ۾ مبتلا هئا. صبح شام وقت به وقت توبن جا ٺڪاءُ ٿي رهيا هئا. قتل ۽ خونريزي جي ڪابه ڪمي ڪانه هئي. اورنگزيب جي لشڪر اسان جي يورپي گوله بازن کي پنهنجي طرف ڪرڻ لاءِ نياپا موڪلڻ شروع ڪيا.“ دارا جو احوال ڏيندي هو لکي ٿو ته : ”دارا گجرات مان ايران وڃڻ لاءِ سبي پهتو. جتي جي مير جملي خان کيس گرفتار ڪري اورنگزيب جي امير بهادر خان جي حوالي ڪيو. جنهن کيس ٻڌي بکر جي رستي دهلي ڏانهن نيو. جڏهن دارا قيدي جي حيثيت ۾ بکر وٽان ٽپيو. تڏهن هن اسان کي قلعي ڇڏڻ جو حڪم ڪيو ۽ دارا جي چٺي موڪليائين. جنهن ۾ دارا لکيو هو ته : ”بدقسمت آهي هي، جنهن لاءِ اوهان جنگ ڪندا رهيا آهيو. هينئر اوهان کي منهنجو عرض آهي ته قلعو خالي ڪري ڇڏيو.“ جڏهن اسان چٺي پڙهي ته زارو قطار رناسين. اسان روئندي قلعو، خزانو، شاهي گهراڻي جا ڀاتي اورنگزيب جي سپاهين حوالي ڪيا. سليمان شڪوهه جا ننڍڙا پٽ جي سندس ڀائيٽي جا پٽ هئا سي سندس حڪم تي قلعي ۾ قتل ڪيا ويا. پندرهن ڏينهن رکي اسان پهتاسين. “ سنڌ ۾ هن لاڳيتن جنگين سبب ڏڪار پئجي ويو. هو لکي ٿو ته : ” مان به گابا ڇهين روپئي خريد ڪيا ۽ مکڻ جو هڪ آئونس پئي مليو. ڪڪڙ جو هڪ چوزو تيرهن رپين ۾ مليو. “ ان کان پوءِ منوجي داراشڪوهه جي شهادت جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ان وقت جي هندستان جي سياسي ۽ سماجي حالتن جو جائزو پيش ڪيو آهي.
    بهرحال نڪولس منوجي، سنڌ ۾ پهريون يورپي سياح آهي جيڪو آيو ته هت دارا شڪوهه جي فوج سان گڏ هو، پر پنهنجي ڪتاب ۾ ان دور بابت سٺي معلومات ڏيئي، اسان جي تاريخ کي محفوظ ڪري ويو.


    اليگزينڊر هئملٽن

    اليگزينڊر هئملٽن

    ڪپتان اليگزينڊر هئملٽن اسڪاٽلينڊ جو هڪ سيلاني سوداگر هو. جيڪو سن 1668ع کان 1723ع تائين آفريقا جي ڪيپ آف گڊ هوپ کان ڦرندي، جاپان تائين ايشيائي ملڪن ۽ ٻيٽن جو سفر ڪيو. هو سنڌ ۾ سال 1669ع ۾ آيو. هن جو سفرنامو نيو اڪائونٽ آف ايسٽ انڊيز نالي 1727ع ۾ ايڊنبرگ مان ٻن جلدن ۾ ڇپيو. سندس سفرنامي مان مغليه دور واري سنڌ جي خبر پوي ٿي.
    هئملٽن بنيادي طرح واپاري هو. هو سنڌ ۾ به تجارت جي خيال سان آيو هو. سندس واپاري قافلي ۾ 15 سئو اُٺ مال سان ڀريل هئا. هو مالابار کان ڏهن لکن پائونڊن جو مال کڻي هت آيو. ٺٽي جي نواب حفيظ الله خان کيس هڪ ڍڳو، پنج دُنبا، ويهه ٻڪريون، ويهه ڪڪڙ، پنجاهه تتر، مٺائي ۽ ميوا مهماني طور موڪليا ۽ ملاقات لاءِ به وقت مقرر ڪيو. هئملٽن نواب کي هڪڙو آئينو، پنجن پائونڊن جي قيمتي هڪڙي بندوق، ٻه گلٽ ٿيل پستول، جن تي خوبصورت چٽ هئا. هڪڙو خنجر جيڪو پڻ گلڪاري سان چٽيل هو. هڪڙي ٿالهي، ڪي ترارين جا ڦر سوکڙي طور پيش ڪيا. هئملٽن هت اٽڪل ٽي مهينا رهيو ۽ گجرات جي رستي کان هندستان موٽي ويو. هئملٽن لکي ٿو : گورنر مون کي ملاقات جو وقت ڏنو. مون کي گورنر جي خاص ڪمري ۾ وٺي آيا. هو اڪيلو ويٺو هو. ٻيا ماڻهو جيڪي مون سان گڏ آيا هئا. انهن کي اندر اچڻ جي اجازت ڪانه ملي. هڪ ڪلاڪ کان پوءِ مون جڏهن واپس وڃڻ جي اجازت گهري ته سندن خدمت ۾ هڪ معمولي تحفو پيش ڪيو جيڪو هن قبول ڪيو.“
    هئملٽن ان دور جي ڌاڙيلن بابت لکي ٿو ” ملڪ ۾ چوطرف ڌاڙيلن جا ٽولا تجارتي قافلن جي تلاش ڪندي گهمندا وتندا هئا. مغل علمدار رستن کي سلامت رکڻ کان قاصر هئا. انگلينڊ، فرانس ۽ جرمني ۾ به ساڳي حالت هئي. لاهري بندر جي الهندي ڪپ تي مڪراني بلوچن جو راڄ هو ۽ اڀرندي ۾ ڪڪرالي جي ڄامن رڻ ٻاري ڏنو هو. شروعات ۾ اهي ڌاڙيل مغليه لشڪر کان دٻيل هئا. پر پوين ڏينهن ۾، هر ڪو ڄائي ڄام هو. هر هڪ قافلي جي بچاءُ لاءِ، سئو يا ٻن سون سپاهين جي ضرورت پوندي هئي. لاهري بندر کي ڇڏڻ کان سورهن ميلن ج مفاصلي تي پهچڻ کان پوءِ لاتعداد مڪراني ڌاڙيلن اسان جي قافلي کي اچي گهيرو ڪيو. جنهن ۾ 15 سئو اُٺ زالن ۽ ٻارن سميت هئا ۽ ٻه سئو سوار هئا. منهنجن خلاصين وٽ بندوقون هيون. هڪڙي خلاصي بندوق سان ٻه ڌاڙيل ماري وڌا. اهڙي روبڪاري ڏسي، ڌاڙيل همت هاري ويٺا ۽ قافلو سلامتي سان هڪ سراءِ پهتو. جنهن کي ”ڌڱاڻ “ جو ڳوٺ چئبو هو. جتي ٿوريون جهوپڙيون، مالدارن جون هيون جيڪي مسافرن کي ڪڪڙ، رڍون ۽ ٻڪريون وڪڻندا هئا. ڪي غريب هئا جيڪي انگريزن جي ” قلمي شوري“ صاف ڪرڻ واري ڪارخاني ۾ نوڪر هئا. ٺٽي ۽ لاهري بندر ڏانهن ايندڙ ويندڙ قافلا، رات جو هن سراءِ ۾ گذاريندا هئا ۽ سج لٿي مهل سراءِ جا دروازا بند ڪيا ويندا هئا ۽ صبح جو کلندا هئا. جيڪڏهن اندر ڪا چوري ٿيندي هئي ته تيسين در نه کلندو هو. جيسين چوري ٿيل مال، چور مالڪ کي موٽائي نه ڏيندو هو. انهن سرائن ۾، هزار کان مٿي ماڻهو جانور، اٺ، گهوڙا، گاڏين سميت سمائجي سگهندا هئا.
    هئملٽن لاهري بندر لاءِ لکي ٿو ته ” انهي زماني ۾ لاهري بندر ۾ هڪ سئو ڪاٺ ۽ مٽي جا جڙيل گهر هئا. شهر جي وچ ۾ پٿر جو هڪ قلعو هو، جنهن تي بلوچن جي ڪاهن کي روڪڻ لاءِ توبون رکيل هيون. ٺٽو لاهري بندر کان چاليهه ميل پري هو.“ ٺٽي شهر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو : ”هي شهر ملڪ جي مارڪيٽ آهي ۽ تمام وڏو ۽ آسودو شهر آهي. اٽڪل ٽي ميل ڊگهو ۽ ٽي ميل ويڪرو آهي. هيءُ شهر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي. ٺٽو مذهبيات، علم لغت ۽ علم سياست جي ڪري ساري دنيا ۾ مشهور آهي. منجهس چار سئو کان به مٿي ڪاليج آهن. جن ۾ نوجوانن کي انهن علمن جي تعليم ۽ تربيت ڏني وڄي ٿي. ٺٽي ۾ هڪڙو قلعو آهي، جنهن ۾ نواب جو محل آهي. جنهن ۾ پنج هزار لشڪر به رهندو آهي. قلعي جي ڀر ۾ فوجن جي گهوڙن لاءِ ڪڙهه ٺهيل آهي. هڪ دفعي مهراڻ جي ڊيلٽا تي، بلوچي ڌاڙيلن سان، مقابلي ڪرڻ لاءِ ٺٽي جو نواب ڏهه هزار لشڪر وٺي نڪتو هو.
    ٺٽي ۾ تازه ميوا جام هئا. هت في روپئي چارسئو صوف وڪامندا هئا. خاص ڪري هت ڏاڙهون ڏاڍا بهترين ملندا هئا. هت بهترين قسم جو سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو ٺهندو هو. سوٽي ڪپڙو، هڪ سادي ڊزائن وارو، نهايت لسائي سان اڻيل هوندو هو ۽ سندس جوڙيون نه رڳو نرم ۽ نفيس هيون پر ٻين هنڌن جي جوڙين کان وڌيڪ جٽادار پڻ هيون. هت ڪپڙن تي ڀرت به سٺو ڀريو وڃي ٿو. منهنجي اچڻ کان ٽي سال اڳ ٺٽي ۾ هڪ اهڙي سخت پليگ پيئي هئي جنهن ٺٽي جي شهر ۽ ان جي پسگردائي تي ايڏو ته اثر ڪيو جو رڳو ٺٽي جي شهر جا، اسي هزار ڪاريگر مري ويا ۽ اڌ کان مٿي شهر ويران ۽ خالي ٿي ويو.“
    سنڌ جي چوپائي مال جي بابت هو لکي ٿو : ” هتان جي ماڻهن وٽ چوپايو مال آهي. جن ۾ مينهون تمام گهڻيون آهن ۽ وهٽ سٺا ۽ وڏا آهن. جن مان هر هڪ منجهان هوند اسي کان سئو پائونڊن تائين، بهترين قسم جو گوشت ملي ٿو. هتي ماڻهو مکڻ گهڻي مقدار ۾ ٻاهر موڪلين ٿا. انهي مکڻ کي وٽڙائي، چوپائي مال جي کلن مان ٺهيل متبانن ۾ جن دٻا سڏيو وڃي ٿو ٻاهر موڪلين ٿا.“ سنڌ جي مڇيءَ جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” سنڌو درياءَ ۾ مٺي پاڻي جي مڇيءَ جا ڪيترائي قسم آهن، جن سڀني ۾ پلي جهڙي بهترين مڇي مون سڄي ڄمار ۾ چڱي يا ڏٺي به ڪين هئي.“ سنڌ ۾ جنڊي جي ڪم جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” سنڌي عاليشان قسم جا ڪٻٽ، ڪاٺ جون ٿالهيون ۽ جنڊي جو ميزون تيار ڪن ٿا. ڪٻٽن تي عاج جو ڪم ٿيل هوندو آهي. ان کان سواءِ هاٿي جي ڏندن جو هت تمام گهڻو کاپو آهي. زالن ۾ ته عاج جا زيور پائڻ جو گهڻو شوق آهي. هو ڪلهن کان ٺونٺين تائين ۽ ٺونٺين کان ڪرائين تائين عاج جون ٻانهون، ٻنهي ٻانهن ۾ پائين ٿيون.“ سنڌ لاءِ مجموعي طور هو لکي ٿو : ”سنڌ جا ماڻهو آسودا آهن ۽ هنن ڏڪر جي مصيبت ڪڏهن ڏٺي به ڪين آهي.“


    ناٿن ڪرو

    ناٿن ڪرو

    ناٿن ڪرو بمبئي سول سروس جو هڪ اعلى علمدار هو. هو وڏو مڪار ۽ چالاڪ سياستدان هو. جنهن جي آڏو برٽش سرڪار جي خوشنودي ۽ سنڌ ۾ انگريز راڄ قائم ڪرڻ خاص مقصد هو. سندس زمانو 18 صدي عيسويءَ جو هو. برصغير ۾ هڪ وڏي سياسي، سماجي ۽ معاشي تبديلي اچي رهي هئي. مغل سلطنت جا پساهه پورا ٿي رهيا هئا ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني پنهنجا پير ڄمائي چڪي هئي، ۽ سنڌ ڏانهن سري رهي هئي. جيئن جيئن هندستان ۾ سندس سياسي طاقت وڌڻ لڳي تيئن تيئن هو سنڌ ۾ سياسي مفادن کي ترجيح ڏيڻ لڳي. ان ڪري هن ٽالپورن واري دور ۾، ٻيهر سنڌ ۾ ڪوٺي کولڻ جو ارادو ڪيو ته جيئن سياسي ۽ تجارتي مقصد پورو ٿئي. ان ڪري ڪمپني پنهنجو پهريون وفد سن 1799ع ۾ ناٿن ڪرو جي سربراهي ۾ سنڌ موڪليو. هن شهداداڻي سرڪار سان ڳالهائي، ڪراچي ۾ عمارت تعمير ڪرائي واپار شروع ڪيو. ناٿن ڪرو جو بنيادي مقصد سياست هو. ان ڪري هن ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾، پنهنجن ايجنٽن جو ڄار وڇائي ڇڏيو. ناٿن ڪرو سنڌ ۾ 17 مهينا رهيو. هن سنڌ بابت وڏي معلومات گڏ ڪئي ۽ سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جي ڄاڻ حاصل ڪئي. جنهن مان هو هن نتيجي تي پهتو ته سنڌ جي حڪومت فوجي ۽ سياسي لحاظ کان مضبوط نه آهي ۽ جيڪڏهن انگريزي فوجون افغانستان تي حملو ڪن ۽ جيئن آهي سنڌ مان گذرن ته اها سندن راهه ۾ رڪاوٽ نه وجهي. هن پنهنجي قيام دوران جيڪا رپورٽ تيار ڪئي ان ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن بابت قيمتي مواد آهي. ان رپورٽ ۾ هن هتان جي حڪومت، فوج، آبادي، پئداوار، شهر ۽ بري ۽ بحري رستن جي باري ۾ تفصيل سان لکيو آهي. هو جيئن ته بنيادي طرح ٽالپرن جي حڪومت جي خلاف هو. ان ڪري سندس تحرير ڪجهه تلخ ۽ ترش به آهي.
    ناٿن ڪرو لکي ٿو : ” سنڌ هڪ زرخيز علائقو آهي. پر هتان جا ماڻهو جاهل، ڄٽ، مغرور، بي خبر، جهيڙاڪ ۽ پوئتي پيل آهن. جن ۾ نه تهذيب جا ڪي گڻ آهن ۽ نه وري ڪي وحشيپڻي جا اوصاف منجهن آهن، جنهن جا هاري ناري اڌ بکيا ۽ مظلوم آهن. جن پنهنجي حياتيءَ ۾ غلامي ۽ مفلسي کان سواءِ ڪي به ڪين ڏٺو آهي. مير فتح علي خان، حيدرآباد جي ڀرسان زرخيز ترين زمين جي ايراضيب مان هڪ خاص قسم” ڪوتا پاچ “ رهي ٿو، جنهن کي شڪار ڪرڻ، هن جي بهترين وندر آهي. ۽ انهي ڪري خود سندس خزاني کي اٽڪل ٻن ٽن لکن رپين جي ڍل جو نقصان پيو آهي.“ واپار بابت لکي ٿو ته ” سنڌ ۾ مال درآمد ڪرڻ مان ڪافي فائدو آهي پر محصول جي سختي ۽ هيسائڻ جي نيتي واپار کي تڪڙو تباهه ڪري رهي آهي ۽ انهي ڳالهه لاءِ هتان جي حاڪمن کي جيڪي پنهنجي وقت ( حال ) کان اڳتي بنهه ڪين ٿا سوچين، رتي برابر به ڳڻتي ڪانهي. هن وقت واپاري صلاحيتون ڏيکارڻ ۽ پنهنجي دولت جو مظاهرو ڪرڻ سان، ماڻهن کي انعام اڪرام ملڻ ته ٺهيو مورڳو انهيءَ ڪري مٿن دٻاءُ ۽ ظلم ڪيو ٿو وڃي. انهيءَ ڪري هرڪو شخص لازمي ٿو سمجهي ته پنهنجن صلاحيتن کي وڌائڻ بدران، انهن کي دٻائي ڇڏي. نتيجو اهو نڪتو آهي جو ماڻهن جون دليون ڪومايل آهن ۽ ملڪ ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندو ٿو وڃي. ٺٽي شهر جا ڪيترائي صنعتڪار شهر مان لڏي هندستان هليا ويا آهن.“ هو لکي ٿو : ” سنڌ جا شهزادا غير معمولي ويڪرا ۽ ٿلها مڙس هئا، ايتريقدر جو بلوچ سردارن ۽ ڪامورن مان ڪيترا، يورپ جي ڪنهن به ڪرسي جي ماپ کان نهايت وڏا هئا. ٿولهه کي عظمت جي نشاني يا امتياز سمجهيو ويندو هو. ايتريقدر جو ان کي سونهن جي نشاني سمجهيو ويندو هو ۽ ان لاءِ هنن ۾ هڪ خاص چاهه هوندو هو. “ هو لکي ٿو : ” سنڌ جاماڻهو راڳ جا نهايت ئي شوقين هئا ۽ ساز توڙي آواز جي موسيقي ۾ وٽن سٺا فنڪار هئا. “ سنڌ جي آدمشماري بابت هو لکي ٿو : ” سنڌ جي آدشماري بابت اندازو تيسين اڻ پورو ۽ اڻ ريتائتو ٿيندو. جيسين اهو اندازو ڪن سرڪاري دستاويزن جي روشني ۾ سموري ملڪ جي پڙتال ۽ تياس جي خيال سان نه ڪيو ويو آهي. پر اهڙا دستاويز ملي ڪين ٿا سگهن. ملڪ جا مختلف حصا پکيڙ ۽ حالت جي لحاظ کان هڪٻئي کان نرالا آهن ۽ ڪيترائي خانه بدوش قبيلا، پنهنجي چوپائي مال سان، هڪ چراگاهه کان ٻئي چراگاهه تائين گهمندا ڦرندا وتندا آهن. هو اتي جي عام رهواسين سان اهڙي طرح مليو وڃن جو ڳڻپ ۽ تخمينن کي ئي منجهايو غلط ڪريو ڇڏين. حڪومت جي گهڻي ظلم ۽ هرقسم جي مزدورن ۽ ڪاسبين جي دلڪشي جي ڪري، گذران جي ذريعن جي نسبت سنڌ جي آدمشماري ڇڊيري آهي. “ هو لکي ٿو ته : ” سنڌ جي فوجي طاقت اٽڪل چاليهه هزار آهي. عام شوق ۽ جوش جذبي وارن ڏينهن ۾، انگ ان کان گهڻو هوندو آهي. “ هو لکي ٿو ته ” ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ وارن ڳوٺن ۾ چوپايو مال گيهه ۽ کير جهجو ملي ٿو.“
    ناٿن ڪرو جي سياسي خيالات جي عڪاسي هيٺين تحرير مان ملي سگهي ٿي. هو لکي ٿو ته : ” سنڌ ۾ انگريزن جي موجودگي جي ڪري افغانستان جي بادشاهه زمان شاهه جو سمورو ڌيان، سنڌ ڏانهن ڇڪيل رهندو آهي. سنڌ هڪ اسلامي رياست آهي. جنهن سان دوستي رکڻ ڪري، اسين آساني سان قنڌار تي فوج ڪشي ڪري سگهنداسون. افغان بادشاهه سان جيڪڏهن ٽالپورن جي جنگ لڳندي ته اسين هر حال ۾ فائديمند رهنداسون ۽ سنڌ ۾ قيام ڪرڻ ڪري اسين وچ ايشيا جا حالات معلوم ڪري سگهنداسو. هو لکي ٿو ته : ”جيڪڏهن انگريز سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ چاهين ته کين پهريائين ڪراچي کان 10 ملين جي فاصلي تي گسري (گِذري) وٽ فوجون لاهڻ گهرجن. هت کاري جي ڏکڻ اوڀرندي پريان وڏا جهاز، لنگر انداز ٿين ٿا. ڪناري وٽ فوجون لاهڻ گهرجن ۽ حفاظت لاءِ مختصر توبخانا رکڻ جي ضرورت پوندي. ڪراچي ۾ سستائي آهي. هتي چوپايو مال ۽ گيهه جام ملي ٿو. ڪراچي کان ٺٽي تائين، سڌو سنئون رستو وڃي ٿو. جنهن تان، آساني سان توبخانو لنگهي سگهندو. درياءَ رستي به ٺٽي پهچي سگهيو. سنڌو ندي جي ٻيڙين تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد جو قلعو ڪناري کان فقط ڇهن ميلن جي پنڌ تي آهي. رستي تي فقط هي تڪليف جو هر وقت بلوچي لشڪر تيار بيٺل رهي ٿو. ٺٽي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ جهرڪن جو شهر آهي. هت اناج، چوپايو مال ۽ گيهه جام ملي ٿو. ڪراچي ۾ قبضو ڄمائڻ هرحال ۾ بهتر ٿيندو. “ هو هتي جا جوکيا ۽ نومڙيا (نهمڙيا ) ٽالپرن جي خلاف آهن. سندن چوڻ آهي ته سندن زمين تي ٽالپورن قبضو ڄمايو آهي. جيڪڏهن اسان مٿن هٿڙو گهمائينداسون ته حيدرآباد پهچڻ تائين اسان جا معاون ۽ مددگار ٿيندا. جيڪڏهن ميان عبدالبني ڪلهوڙي جي پوين مان ڪو سنڌ لاءِ حقدار کڙو ڪنداسين ته پوءِ ٽالپور سنڌ مان تڙجي ويندا.“
    انگريز واپارين جا آزاد افغانستان جي حڪمرانن ٺيڪ نه ٿي ڄاتا. ان ڪري هنن سنڌ جي شهداداڻي ٽالپورن حڪومت کي لکيو ته ” سنڌ مان انگريز کي نيڪالي ڏني وڃي. “ ان وقت تائين ” ناٿن ڪرو“ کي سنڌ ۾ آئي مس هڪ سال ٿيو هو، جو سنڌ جي حاڪم مير فتح علي خان کيس 15 ڏينهن اندر سنڌ مان نڪري وڃڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو. هو 29 آڪٽوبر 1800ع تي ٺٽي مان نڪري وڃي بمبئي پهتو. جتي هن ايسٽ انڊيا ڪمپني سرڪار کي سنڌ تي قبضو ڪرڻ لاءِ لکيو. ڇو ته هن سمجهيو ٿي ته سنڌ تي قبضي کان پوءِ افغانستان جي حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ سولو ٿي پوندو.
    بهرحال ناٿن ڪرو، سنڌ جو اهو سياح آهي جنهن کي مشهور تاريخدان جناب ڊاڪٽر مبارڪ علي برطانيا جي انهن سياحن مان ڳڻي ٿو جيڪي هت بحيثيت سفارتڪار جاسوس ٿي آيا. سندس معلومات ان دور جي سياسي تاريخ جو املهه خزانو آهي.


    سر هينري پاٽنجر

    سر هينري پاٽنجر
    ( 1779 ع کان 1856ع )

    ڪئپٽن هينري پاٽنجر سنه 1779ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو ۽ سنه 1857ع ۾ وفات ڪئي. هو انگريزي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ ترقي ڪندي ڪئپٽن جي درجي تي پهتو. هن کي فوج کان سواءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ به وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. ان ڪري ئي ڪمپني طرفان ٽالپورن سان ڳالهائڻ لاءِ 2 جنوري 1819ع ۾ جيڪو وفد بمبئيءَ کان موڪليو ويو، ان ۾ سر هينري پاٽنجر کي به موڪليو ويو هو.
    سر هينري پاٽنجر سنڌ جي سفر تي نجي طرح به نڪتو. اهو جنوري سن 1810ع جو زمانو هو. بمبئي کان آيو. هن ڏيهي ماڻهن وارو ويس پاتو ۽ بلوچستان کان ٿيندو سنڌ ۾ آيو. هن سنڌين کي ويجهو ويهي ڏٺو آهي. هن پنهنجي ڪتاب ” سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر “ ۾ سنڌ جي تاريخ، ثقافت، جاگرافي، زبان ۽ ادب بابت ڪافي مواد ڏٺو آهي. سندس انهيءَ انگريزي ڪتاب جو ترجمو ” سنڌ ۽ بلوچستان جو سير سفر “ جي عنوان سان جناب حنيف صديقي ڪيو آهي. جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڇاپيو آهي. جيئن ته هينري پاٽنجر هڪ برطانوي سول ۽ فوجي آفيسر هو ان ڪري سندس تحرير ۾ سياسي رنگ موجود آهي.
    سنڌ جي بيهڪ جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” سنڌ صوبي جي اتر طرف ڪڇ گنداوا جو صوبو، شڪارپور جو ضلعو ۽ بهاول خان جا علائقا آهن. جنهن کي عام طور دائودپوٽو چيو وڃي ٿو. ڏکڻ طرف هندي سمند ۽ ڪڇ پُڇ جو ڪجهه حصو آهي. اوڀر طرف هڪ وسيع ريگستان آهي جيڪو ان کي اجمير، مارواڙ، اڌيپور، بيڪانير وغيره کان جدا ڪري ٿو ۽ الهندي طرف لس ۽ جهالاوان جا صوبا واقع آهن. هي ملڪ مصر سان جيڪو مشاهبت رکي ٿو سا ايتريقدر ته گهڻي آهي جو اها ڏسندڙ کي حيرت ۾ وجهيو ڇڏي. هڪ سڌو سنئون ميدان، جنهن جي وچان هڪ شاندار درياءَ وهي ٿو ۽ ڪجهه مفاصلي تائين، ٻنهي ڪنارن واري علائقي کي سائو ۽ آباد ڪري ٿو. جنهن کان پوءِ ان جي هڪ ڪناري تي زمين جو مٿاڇرو وارياسو ريگستان ٿيو پوي ۽ ٻيو ڪنارو غير آباد ۽ خشڪ ٽڪرين سان ڀرجيو وڃي. جيڪي سندن زمين توڙي آب وهوا ٻنهي جي لحاظ کان نهايت غير مهمان نواز آهن.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته ” هن صوبي جي قدرتي بيهڪ جيڪا هندستان ۾ انگريزي حڪومت جي مقبوضه علائقن جي الهندي طرف تي آهي ۽ اها عظيم رڪاوٽ، جيڪا ان جي درياءَ انهيءَ طرف کان ايندڙ ڪنهن به حملي آور جي آڏو پيش ڪندو، جيڪا ڳالهه انهن سهولتن سان گڏجي جيڪي انهي رڪاوٽ طرفان اسان کي، سمنڊ جي مالڪ هئڻ جي حيثيت ۾، هندستان ڏانهن پيشقدمي ڪندڙ، ڪنهن به دشمن جي ڪارواين کي منهن ڏيڻ لاءِ مهيا ڪندي، سي سڀ گڏجي، هميشه سنڌ کي وسيع سياسي اهميت جو علائقو بنائين ٿيون. “
    سر هينري پاٽنجر سنڌ جي شهرن مان ڪراچي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو : ” هي شهر سنڌ جي انتهائي ڏکڻ اولهندي ڪنڊ تي ويڪرائي ڦاڪ 52، 24 ۽ ڊگهائي ڦاڪ 17.67 ڊگرين وٽ بيٺل آهي ۽ گذريل ڪجهه سالن کان وٺي سنڌ جي مکيه سامونڊي بندرگاهه جو درجو حاصل ڪيو آهي. سن 1809ع ۾ ڪراچي مان وصول ٿيل ۽ سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايل ڪل آمدني نوانوي هزار رپيا ساليانه هئي. هاڻي اها آمدني وڌي هڪ لک 23 هزار ٿي آهي. انهيءَ ڳالهه مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ شهر مستقل طور سڌري رهيو آهي ۽ ان جو خاص سبب، هن بندر جي جاگرافيائي بيهڪ مان حاصل ٿيندڙ، اهي فائدا آهن، جيڪي ان کي هندستان ۽ ڪابل جي بادشاهه جي سڀني علائقن سان گڏوگڏ، ايران، خراسان، بلخ، بخارا وغيره جي عين وچ ۾ هئڻ ڪري حاصل ٿي رهيا آهن. “ ٺٽي لاءِ هو لکي ٿو : ” ٺٽو جڏهن کان گادي جو هنڌ بنيو، تڏهن اهو شهر جلد ئي
    ئي ايشيا جي انتهائي دولتمند ۽ خوشحال شهرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو۽ انهي سڄي وڻج واپار جو مرڪز ٿي پيو. جيڪو هندستان واري اپٻيٽ ۽ ايشيا کنڊ جي انهيءَ حصي جي درميان هلندو هو. جيڪو ان جي اترئين ۽ الهندي طرفن ۾ هلندو هو. انهن شهزادن شهر کي خوبصورت عمارتن جي تعمير ۽ دلپسند ۽ سهڻن باغيچن قائم ڪرڻ ذريعي شاندار بنائڻ ۾، پئسي ۽ محنت جي خرچ ڪرڻ ۾ ڪوبه بخل ڪونه ڪيو. ساڳئي وقت تي، هنن سنڌو نديءَ مان جيڪا انهي شهر جي اڀرندي ۾، چئن ميلن جي مفاصلي تي وهي رهي آهي. واهن کوٽائڻ جي ذريعي، جن جي رستي، ٻيڙين ذريعي دور دراز علائقن کان مال اندر ۽ واپارين جي دروازن وٽ مهيا ڪيو ويندو هو. تجارتي طبقي کي سهوليت ۽ آساني پهچائڻ جي وڌيڪ اهم مقصدن کي پوري ڪرڻ ۾، اوترائي آماده هوندا هئا. ” پاٽنجر، حيدرآباد جي قلعي بابت لکي ٿو : ” هي قلعو مير فتح علي خان ٺهرايوهو. سنڌين طرفان انهي قلعي کي، ايڏو مضبوط سمجهيو وڃي ٿو، جو هنن جو اعتقاد آهي ته ان کي فتح ڪرڻ لاءِ جيڪي به ڪوششون ڪيون وينديون. تن کي هو ناڪام بنائي ڇڏيندا. پر اهو هڪ يورپي دشمن جي باقاعده حملن جي خلاف ڪو خاص بچاءُ ڪري نه سگهندو. فصيلن جي شڪل و صورت بلڪل بي قاعدي آهي. ڇاڪاڻ ته اهي اهڙي نموني ٺاهيون ويون آهن ته جيئن اُهي پهاڙي جي ڪنڊن ۽ وروڪڙن سان مشاهبت رکن. ديوارون زياده تر سرن جون ٺهيل آهن ۽ انهن جي اوچائي پندرهن کان ٽيهن فوٽن تائين آهي. انهن جا بنياد ڇڱا خاصا ٿلها ۽ مضبوط آهن پر اهي چوٽي ڏانهن ويندي سنها ٿي ويندا آهن ۽ ديوارن ۾ رکيل نالين ۽ ٻاهر ڏسڻ لاءِ ڪيل سوراخن سبب ايتريقدر ته ڪمزور ٿيل آهن جو انهن تي جيڪڏهن مهارت سان ڪي ٿورائي گولا هنيا وڃن ته انهن جو ڪوبه حصو ڊهي پوندو ۽ فصيلن جي پناهه ۾ بيٺل ماڻهو ٻاهران موڪليل بندوقن جي گولين جو آساني سان نشانو بنجي پوندا. مڙني فصيلن جي پاسن کان جيڪي گول برج تعمير ٿيل آهن، سي ڏاڍن مناسب هنڌن تي بيهاريل آهن ۽ انهن جو هڪٻئي کان مفاصلو ٽن يا چئن سون قدمن جيترو آهي ۽ اهي سڀ تعميرات، پهاڙي جي اوچائي سان گڏجي سمورو قلعو مجموعي طور رعبدار نظارو پيش ڪري ٿو. ان کان علاوه ٽڪري جو پٿر تمام نرم ۽ ڀرڻو آهي ۽ ان جي سلامي اهڙي آهي جو ديوار ۾ وڌل زخني مان ڪرندڙ ڪچرو، ان تي بيهي رهندو ۽ حملي آور فوجن کي مضبوطي سان پيرن ڄمائڻ لاءِ جاءِ فراهم ڪري انهن جي پختي مدد ڪندو.“
    سنڌ جي ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي ۽ پوشاڪ بابت هو لکي ٿو : ” سنڌ جا ماڻهو رنگ جا پڪا آهن. پر مجموعي طور انهن کي بيحد خوبصورت چئي سگهجي ٿو. قد ڪاٺ ۾ اهي ٻين ايشيائي قومن جي وچولي قد کان، مٿڀرا آهن ۽ شڪل شبيهه توڙي بدن جي عضون جي بناوٽ سٺي اٿن. سندن زالن جي سونهن پهاڪي چڙهيل آهي ۽ اهي واقعي آهن به، انهيءَ تعريف لائق، مردن جي پوشاڪ ڍلو پهراڻ، مُرن وٽ جهل هڻندڙ شلوار ۽ چورسين اڳڙين کي ڳنڍي ٺاهيل ڪپڙي جي لسي ٽوپي تي مشتمل آهي. جنهن جي شڪل انگريزي ٽوپلي جي مٿئين حصي وانگر آهي ۽ انهن کي هيٺين ڪناري وٽ، خوبصورت ريشمي يا زري جي گلن ۽ ٻوٽن سان سينگاريو وڃي ٿو. مردن جي پوشاڪ ۾ خاص ڳالهه پٽڪو آهي. سنڌ جي وڏن ماڻهن طرفان جنهن غير معمولي ماپ جا پٽڪا ٻڌا وڃن ٿا. تن جو تصور هن حقيقت مان قائم ڪري سگهجي ٿو ته انهن مان ڪي جنهن ڄاري جهڙي ڪپڙي جا پٽڪا ٻڌندا آهن. سي ڊيگهه ۾ اسي فوٽن کان به مٿي هوندا آهن. عام طرح سان ان جي ويڪرائي اٺن کان وٺي ٻارهن انچن تائين هوندي آهي. زالن جو لباس، مرداڻي ويس ٽوپي ۽ پٽڪي کان سواءِ ذري گهٽ ساڳيو آهي. ان کان سواءِ هو ٻاهرئين لباس جي هيٺان ريشمي چولي پائن ٿيون. جيڪا سندن بدن تي پوري طرح سان لڳي بيهي ٿي ۽ پٺئين طرف کان ٻڌي مضبوط ڪجي ٿي ۽ جڏهن ٻاهر نڪرن ٿيون، تڏهن ساڙهي يا وڏي چادر بدن کي ويڙهين ٿيون ۽ جڏهن به اهي ڪنهن نامحرم جي منهن چڙهن ٿيون ته انهيءَ چادر جي هڪ ڪناري کي پٺيان کان مٿي تان ورائي منهن تي پردي وجهڻ جو ڪم وٺن ٿيون. “
    اهڙي طرح ڪئپٽن سر هينري پاٽنجر جو هيءُ سفرنامو سنڌ تاريخ ۽ سياست جو اعلى دستاويز آهي.


    اليگزينڊر برنس

    اليگزينڊر برنس

    سر اليگزينڊر برنس 14 مئي 1805ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو. 16 سالن جي عمر ۾ ” ايسٽ انڊيا ڪمپني “ جي ملازمت ۾ داخل ٿيو ۽ اهڙي طرح سن 1823ع ۾ کيس سورت بندر موڪليو ويو ۽ سن 1825ع ۾ سنڌ جي علائقي ڪڇ ۾ آيو. 1830ع ۾ راجا رنجيت سنگهه جي درٻار ۾ پنجاب ويو. 1832ع ۾کيس حڪومت هند جي سفارش تي، سنڌ جي ايراضي جي مطالعي ۽ تحقيقات تي مامور ڪيو ويو. برٽش شمالي هندوستان، افغانستان، بخارا ۽ ايران جي سياحت تفصيل سان ڪيائين. سنڌ کي ته پنهنجو گهر ڪري ڇڏيائين. هتان هُتان گهمي سنڌ ۾ موٽي ايندو هو. سنڌ جي اميرن سان، مهراڻ جي تفصيلي سروي لاءِ حيدرآباد ۾ مذاڪرات ڪيائين. سن 1836ع ۾ تجارتي وفد جو سربراهه ٿي روس جي اندروني حالاتن کي پرکڻ لاءِ پڻ ويو. 1841ع تائين ڪابل ۾ انگريزن جي سياسي نمائندي جي حيثيت ۾ رهيو. سندس ٽي ڪتاب مشهور آهن. جيڪي آهن ” بخارا جو سفر “ سنڌ 1828ع، ٻيو ڪتاب ” اي ووآئج ٽو انڊس “ ( سنڌ جو سفر ) سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي تي لکيل آهي.
    سر اليگزينڊر بنيادي طور بيروڪريٽ ۽ سياستدان هو. سنڌ ۾ سندس سير و سفر جو مقصد صرف سياست هئي. ان ڪري سندس سرڪردگي ۾ جيڪو وفد سنڌ ۾ آيو سو ظاهري طرح ته سنڌ جي سرزمين ۽ دريائي واپار جي تحقيقات لاءِ آيو پر اصل ۾ سندن مقصد اهو هو ته ڪابل ۽ خراسان جي رستن جو فوجي نقطئه نگاهه کان جائزو ورتو وڃي. ان کان سواءِ اليگزينڊر برنس سنڌو درياءَ رستي پنجاب جي حڪمران رنجيت سنگهه ڏانهن گهوڙا وٺي ويو، پر اصل ۾ سنڌو رستي فوجين جي نقل و حمل جو جائزو ورتو، ان ڪري ئي سنڌ جي هڪ سياڻي چيو هو ” افسوس، اڄ فرنگين سنڌو درياءَ ڏٺو. هاڻي سنڌ، سنڌين جي هٿن مان وئي. “
    اليگزينڊر برنس لکي ٿو : ” اسان سکر کان درياءَ اڪري سکي کان ٿيندا شڪارپور پهتاسون. شڪارپور سنڌ جو تاريخي شهر آهي. جنهن کي ” نولکي سنڌ “ سڏيو وڃي ٿو. شڪارپور جو بنياد سن 1026هه بمطابق 1617 ع پيو آهي. سنڌو ندي جي ساڄي پاسي شڪارپور ضلع ۾، مسلمانن دائودپوٽن جو هڪ قبيلو آهي. جنهن کي اورنگزيب جي شروعاتي دور ۾، حڪمراني مليل آهي. هتي جي آدمشماري ٽيهه هزار آهي. هندن ۾ واڻيا، ڀاٽيا ۽ لوهانا قبيلي جا آهن پر بابا نانڪ پنٿي سِک اڌ کان به وڌيڪ آهي. هڪ ڀاڱي ڏهه آدم مسلمان آهن، جن کي زمين پٽي تي مليل آهي. اهي شڪارپور جي آس پاس تي رهن ٿا. اهي زمينون کين دراني حڪومت جي وقت ۾ مليل آهن. اهو شڪارپور جي ترقي بابت لکي ٿو : ” شڪارپور جي آسودگي سن 1715ع کان شروع ٿي. اها هن ريت ته قنڌار جي حاڪم تيمور شاهه، هندن کي حفاظت جو يقين ڏياريو ۽ انجام ڪيائين ته جيڪڏهن هو پنهنجي واپار ۾ رڌل رهندا ته هنن تي ڪنهن به قسم جو ظلم نه ٿيندو. ان ڪري شڪارپور ۾ ڪامياب ترين بئنڪر يا صراف پئدا ٿيا ۽ هن شهر ۾، ان وقت وڏيون بئنڪون يا ڏيتي ليتي جا ادارا هئا جن جا گماتشا سڀني مشهور شهرن جهڙوڪ اولهه ۾ اشرخان يعني ڪئسپئن سمنڊ جو ڪنارو، اوڀر ۾ ڪلڪتو ۽ ڏکڻ ۾ حيدرآباد دکن هوندا هئا. وڏي واپار لاءِ اهي جوڙيون پئدا ڪندا هئا ۽ سندس هنڊيون هر هنڌ هلنديون هيون. “ هو وڌيڪ لکي ٿو : ” شڪارپور ۾ تمام سهانگائي آهي. سنڌ جي ٻين شهرن کان هتي شيون سٺيون، گهڻيون ۽ سستيون آهن. هتان جي بازار ۾ 884 دڪان، جدا جدا شين جا آهن. شڪارپور جو واپار مسقط، بندر عباس، مشهد، بخارا، سمرقند، قندوز، استرخان، قندار، سبزاوار، غزني، ڪابل، همدان، يزد، ديره غازي خان، بکر، اُچ، بهاولپور، ملتان، جئپور، جوڌپور، جيسلمير، بمبئي، ڪلڪتو، امرتسر، مانڊوي، حيدرآباد سنڌ سان ڳنڍيل هو.“
    هو لکي ٿو: ” اسان شڪارپور ۾ ڏاڍي آرام سان ڏهه ڏيهن رهياسون. هن ان وقت حيدرآباد ۽ ميرپور جي ميرن جي گڏيل حڪومت هئي. هندو واپارين کان اسان کي ايران، هرات ۽ قنڌار جي ڪاهن جون خفيه خبرون مليون. بهاولپور ۽ پنجاب جي سکن جون اکيون شڪارپور تي آهن.“ سنڌ جي تجارتي مال جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” سنڌ جي مال جو دهلي جي شهنشاهن جي دور ۾، گهڻو مان هوندو هو. جڏهن سنڌ ۾ نادرشاهه داخل ٿيو. ان وقت سنڌ جو واپار عروج تي هو.“ اليگزينڊر برنس جي آمد وقت، سنڌ ۾ ننڍي پئماني تي صنعتي تنظيم هئي. ڪاريگر يا ته پنهنجي ليکي ڪم ڪندو هو يا ته اڳواٽ مليل آرڊر تي مال تيار ڪري ڏيندو هو. برنس سنڌ جي انهيءَ صنعتي تنظيم بابت لکي ٿو ته : ” هتي ڪم وڏين فيڪٽرين يا ڪارخانن ۾ ڪونه ٿو ٿئي. پر خانگي جڳهين تي ٿئي ٿو. جتي تمام ٿوري ايراضي ۾، جتي هڪ ڪمري ۾ ٽي ٽي اڏاڻا لڳل آهن. ڪم ڪرڻ جو طريقو به انگلينڊ جي طريقي کان مختلف نه آيه ۽ نڙو به ساڳيو ئي ڪتب اچي ٿو. “ برنس سنڌ جي تجارت ۽ آمدني ۽ روانگي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو : ” سن 1838 ع ۾ ڪراچي ۾ ڪيل درآمدي واپار 16 لکن رپين جو هو. جن مان سُٽ جي درآمد کي ڇڏيندي رڳو انگريزي سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙو اٽڪل 6 لکن رپين جو هو۽ حيدرآباد جي 4 لک ويهه هزار رپين جي، ڪل درآمدي واپار مان اهي شيون اٽڪل هڪ لک اسي هزار روپين جو گهرايون ويون هيون. شڪارپور ۾ البت ٻاهران ايندڙ ڪپڙي جو کاپو گهٽ هو، هتان جو ڪل درآمدي واپار ٻه لک ايڪويهه هزار رپين جو هو. جن ۾ انگلينڊ کان گهرايل سموري مال جو ٽيهه هزار روپيا مس هو ۽ ان ۾ ڪيترن ئي وڙن مان ڪپڙو به هڪ وڙ هو. ٺٽي ۾ سوٽي ڪپڙي کان انگريزي ٺهيل ڪپڙو سستو هجڻ ڪري گوءِ کڻي ويو.“ اليگزينڊر برنس سنڌ جي آدمشماري بابت لکي ٿو : ” ان وقت سنڌ جي شهري آبادي ٻن لکن جي لڳ ڀڳ هئي.“
    اليگزينڊر برنس، جيتوڻيڪ سنڌ ۾، سياست جي خيال سان آيو. پر سندس ڪتابن ۾ سنڌ بابت تمام سٺي معلومات گڏ ڪيل آهي، جيڪا ان دور جي معيشت، تاريخ ۽ سياست بابت اسان کي بنيادي مواد فراهم ڪري ٿي ۽ اهڙي طرح ان کي سامهون رکي، اسان سنڌ جي تاريخ کي نئين سر ترتيب ۽ انداز سان لکي سگهون ٿا.“


    ڊاڪٽر جيمس برنس

    ڊاڪٽر جيمس برنس

    ڊاڪٽر جيمس برنس، اسڪاٽلينڊ جو رهاڪو هو. هندستان ۾ هو فوج ۾ ڊاڪٽر مقرر ٿي آيو ۽ سندس هيڊڪواٽر بمبئي ۾ هو. هو پنهنجي فن ۾ مهارت رکندڙ هو. طب کان سواءِ ادب ۽ انشاءَ بردازيءَ ۾ چڱو مقام هوس. سن 1827ع ۾، سنڌ جو حاڪم مير مراد علي خان بيمار ٿي پيو ۽ حاڪمن سندس علاج لاءِ، ڊاڪٽر جيمس برنس کي گهرايو. ساڻس پوني جي فوج جا ڪي سپاهي، ڪي بحري فوجي علمدار ۽ هڪڙو دستو، ڪڇ جي راءِ جي فوج جوبه ساڻس گڏ آيو. هو سنڌ ۾ ٽي مهينا رهيو ۽ سندس علاج سان مير مراد علي چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويو.
    جيمس برنس جيڪو عرصو سنڌ ۾ رهيو. اهو هن سنڌ جي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي حالتن جي غور سان جائزي وٺڻ ۾ گذاريو. ان وقت انگريزن جون سنڌ ۾ لالچي نگاهون هيون ۽ ان کي هڙپ ڪرڻ کان اڳ، سنڌ بابت هر قسم جي معلومات گهربل هئي. ان ڪري جيمس برنس، سنڌ بابت هڪ خاص ڪتاب لکيو. جنهن ۾ ميرن جي اندروني حالتن، سنڌ جي طبعي حالتن سان گڏ ڪڇ جو به تفصيل سان ذڪر ڪيو. سنڌو ندي جي مختلف وهڪرن تي به هن تبصرو ڪيو. هي ڪتاب پهريون دفعو سن 1831ع ۾ ” اي نئريٽو آف اي وزٽ ٽو دي ڪورٽ آف سنڌ “، ” اي اسڪيچ آف دي هسٽري آف ڪڇ “ جي نالي سان انگلينڊ مان ڇپيو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو سن 1964 ع ۾ جناب حنيف صديقي ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو.
    جيمس برنس، سنڌ جي ڳوٺن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو : ” سنڌو ندي جي هن ڀروارا سنڌ جا ڳوٺ ڪڇ جي ڳوٺن کان سادا ٺهيل آهن. انهن ۾ ڪڇ جهڙا پڪا پٿر جا، سهڻا ۽ آسائشي گهر ڪونه آهن. ڳوٺن ۾ گهڻو ڪري مٽي ۽ ڪکن جون جهوپڙيون آهن. مسجدون گهڻيون ئي آهن. پر اهي به ساڳئي نموني جون ڪچيون، فقط ٿوريون، مٿي هونديون آهن ۽ ڪجهه گلڪاري به ٿيل هوندي اٿن، جنهن مان سڃاڻي سگهبيون آهن. صوبي جا گهڻا ماڻهو، پنهنجن ٻنين تي، ڪکائين پکن ۾ رهندا آهن. جتي هو پوکي راهي ڪندا آهن. اڪثر ڳوٺن کي نالو ڪونه ٿئي. اهي پنهنجن مالڪن جي نالن پٺيان سڏبا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته، ضرورت جي وقت جڏهن ان ۽ مال جي گاهه جي تنگي هوندي آهي ته سڄي ڳوٺن جا ماڻهو، گهر پٽي وڃي ٻئي هنڌ لڏي رهندا آهن.
    سنڌ جي درٻار جو منظر پيش ڪندي ڊاڪٽر جيمس برنس لکي ٿو : ” مان قلعي ۾ ڪيترن سوڙهين ڳلين مان، جن ۾ فقط درٻار جا خاص خدمتگار هئا. لنگهي اوچتو هڪ وڏي کليل اڱڻ ۾ پهتس. جتي ڪيترا سهڻي پوشاڪ وارا سنڌي بيٺا هئا. اڱڻ جي ٻنهي پاسن کان ڀتين تي نقاشي ٿيل هئي ۽ پٽ تي گونا گون غاليچا وڇايل هئا. مون کي انهن مان هڪڙي در ڏانهن، وزير ۽ علمدار وٺي هليا. مان جيستائين پاڻ سنڀاليان تنهن کان اڳ، منهنجي جُتي لاٿي ويئي ۽ مان ميرن جي حضور ۾ بيٺو هوس. مون کي هڪئي وقت ۾ ساري شاهي خاندان کي ڏسڻ جو موقعو مليو. مون اهڙو شاندار منظر اڳي ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. اهو منظر ننڍي هوندي، جيڪي اسان مشرقي تجمل جا خياليءَ پلاءُ پچائيندا هئاسين. انهن سان هوبهو ٺهڪي ٿي آيو. ميرن کي خوشنما پوشاڪون پهريل هيون ۽ هر هڪ اونچي ڪمري جي ڇيڙي ۾، اڌ گول جي شڪل ۾ ويٺا هئا. ڪمرو ايراني غاليچن سان سينگاريل هو. ٻه وڏا مير وچ ۾ مسند تي ويٺل هئا. مسند اڇي رنگ جي ولائتي ريشمي ڪپڙي جي پوش سان هڪ ٿلهي گدي هئي، جنهن تي پٽ ۽ زري جو، سهڻو ڀرت ڀريل هو. ان جون ڪنڊيون، چئن ٿلهن، گول، سونن جهاٻن سان ٻڌيل هيون. ان جي پٺيان، هڪ ڀرت ڀريل بخمل جو طول وهاڻو رکيو هو. مطلب ته مسند نهايت شاندار پئي لڳي. مير صاحب جي ٻنهي پاسن کان سندس خاندان جا ڀاتي يعني ڀائيٽا مير صوبدار خان، مير محمد خان، مير مراد علي خان جا پٽ مير نورمحمد ۽ نصير خان ويٺا هئا. انهن کان پر ڀرو سندن چاچو مير محمود خان ۽ هن جا پٽ احمد خان ۽ جهان خان هئا. سفيد پوش خدمتگار، شهزادن جي پٺيان تلوارن ۽ ڍالن سان بيٺا هئا. هڪڙو يورپي ماڻهو، جنهن اڳي اهڙي اعلى ڏينهن تهذيب جو مظاهرو ڪونه ڏٺو هو. تنهن لاءِ هنن ماڻهن جي پوشاڪ جي نفاست ۽ صفائي نهايت دلڪش هئي. هتي رنگين نپين ۽ قدمچي رنگ جي نمائش ڪانه هئي ۽ نه وري تجمل ۽ غلاظت جي آميش هئي، جا اڪثر هندو راجائن جي درٻارين ۾ نظر ايندي آهي. مگر هتي اهڙي سادگي ۽ لطافت هئي، جو اهڙي مون ڪٿي ڪانه ڏٺي هئي. ميرن ۽ سندس خدتمگارن کي تقريباً هڪجهڙا ڪپڙا پهريل هئا. يعني اڇي رنگ جي سنهي ململ جا صفائي سان ٺهيل ۽ چٽيل انگرکا، ريشم ۽ زري جا ڪمر بند، سوڙهن پاچن سان ريشمي ترڪي شلوارون ۽ ڪيمخاب يا ڀريل بخمل جون سنڌي ٽوپيون، انهن کان سواءِ هر هڪ شهزادي جي ٻانهن تي اڪثر سفيد رنگ جي نهايت خوبصورت ڪشميري شالن جو جوڙو، ڪمربند، هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل ايراني خنجر هئا. جن سندن پوشاڪ ۽ آرائش مڪمل ٿي ڪئي.“
    سنڌ جي خوشحالي جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” قدرت ان کي سنڌو ندي جهڙي پائدار ۽ مستقل نعمت عطا ڪئي آهي جا واپار ۽ زراعت جو هڪ اهڙو ذريعو آهي، جنهن کي ظلم به بند نه ٿو ڪري سگهي. ان جي ڪري ڪڙمي نه فقط پنهنجون ٻنيون ٿوري خرچ ۽ تڪليف سان آباد ڪري سگهي ٿو پر هو پوري وقت تي چڱي فصل جي اميد به رکي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن سندس خواهش هجي ته پنهنجي محنت جو سٺو سڦلو ڦل آساني سان نفعي تي ٻين ملڪن ۾ موڪلي سگهي ٿو. حاڪمن جي مخالفت هوندي به زمين جي زرخيزي ڪري سنڌ ۾ مزدوري ۽ کاڌي پيتي جون شيون ڪڇ کان سستيون آهن. ڪڇ جا ماڻهو هميشه جنگن جي وقت ۾ پيٽ قوت ۽ گذران لاءِ سنڌ ڏاننهن ويندا آهن. تنهنڪري هن ملڪ ۾ ماڻهو سکيا ۽ ستابا نظر ايندا آهن. جا ڳالهه ڏسي انهن ماڻهن کي تعجب لڳندو آهي جي سمورين حقيقتن تي ويچار نه ڪندا آهن. مطلب ته ڊاڪٽر برنس جو هي سفرنامو سنڌ جي درٻار ميرن جي اٿڻي ويهڻي ۽ سياسي هلت چلت سان گڏ سنڌ جي تاريخ جا نمايان پهلو به بيان ڪري ٿو.
    سندس هڪ ڪتاب ” ميموريز آف سر اليگزنڊر برنس “ سال 1851 ع ۾ لنڊن مان ڇپجي پڌرو ٿيو. جڏهن ته سندس ٻيو ڪتاب ” اي نيريٽو آف وزٽ آف ڪورٽ آف سنڌ : اي اسڪيچ آف هسٽري آف ڪڇ “ جو حصو سنڌيءَ ۾ ترجمو” سنڌ جي درٻار “ جي نالي سان سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي.


    چارلس مئسن

    چارلس مئسن

    چارلس مئسن هڪ انگريز سياح هو، جنهن جو اصلي نالو ” جيمس لوئس “ هو. هو لنڊن جي هڪ وڏي واپاري جو پٽ هو. هو يوناني، لاطيني ۽ فرينچ ٻولين جو ماهر هو. چارلس مئسن سياحت جي خيال کان، هندستان آيو ۽ پهرئين سن 1822ع ۾، ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ نوڪر ٿي بنگال پهتو. پر پوءِ اها نوڪري ڇڏي، قلندري فقيرن جي لباس ۾ سن 1827ع ۾ سنڌ، هند ۽ افغانستان جي سير تي نڪتو. پهرئين سفر هو قنڌار کان بولان لنڪ لنگهي ڪوئيٽا آيو ۽ اتان شڪارپور کان سکر آيو. درياءَ ٽپي روهڙي کان ٿيندو خيرپور آيو، جتي مهينو رهيو. ان کان پوءِ لاهور هليو ويو. ٻئي ڀيري لاهور کان ڪراچي ۽ سکر آيو. پوءِ لاڙڪاڻي کان ٿيندو حيدرآباد آيو. حيدرآباد کان ٺٽي ويو. ٺٽي کان ڪراچي پهتو. ڪراچي کان بصره ويو ۽ ايران جا ڪيترائي شهر جهڙوڪ : شيراز، اصفهان، تهران ۽ تبريز گهميو. آخر بغداد مان ٿي بندر عباس مان ٻيڙيءَ تي چڙهي ڪراچي آيو. اتان سون مياڻي، قلات ۽ ڪوئيٽا ويو. هن ڪي اهم دستاويز ۽ سڪا ” ايسٽ انڊيا ڪمپني“ کي پيش ڪيا. ڪمپني، سندس خدمتن جو قدر ڪندي، هن لاءِ ساليانو پنج سئو پائونڊ وظيفو مقرر ڪيو. چارلس مئسن سن 1853ع ۾ وفات ڪئي. مئسن جي سفرنامي جا ٻه ڀاڱا آهن، پهريون ڀاڱو 1816ع کان 1838ع تائين ۽ ٻيو ڀاڱو 1842ع کا 1843ع تائين آهي. هن ڪتاب مان پنجاب، سنڌ، سرحد، بلوچستان ۽ افغانستان جي ان زماني جا حالات معلوم ٿي سگهن ٿا.
    مئسن جي زماني ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڌاڙيلن باهه ٻاري ڏني هئي. مئسن پنهنجي سفرنامي ۾ انهن حالتن جي تصوير پيش ڪئي آهي. هو لکي ٿو : ” اسان جو قافلو، جڏهن وڌي رهيو هو ته اسان آباد زمين مان پئي وياسون. پر ڳوٺ گهڻي ڀاڱي، ڀڙڀانگ ۽ تباهه ٿيل هئا يا وري سڄِي آبادي ڳوٺ ڇڏي چڪي هئي. ٻاجهري جا پڪل فصل ڏسي حيرت پئي ٿي ته فصل لاباري لاءِ تيار آهن پر ڪو لڻڻ وارو ڪونهي يا مالڪي جي دعوى ڪري. آبادگار ڌاڙيلن ۽ رهزنن جي ڊپ کان جيلن ڏانهن ڀڄي رهيا هئا. جيئن اسان جو قافلو هوريان هوريان گذريو پئي ته موڳائپ وارو احساس پئي اڀريو. اها ڪا گهٽ ڏکوئيندڙ ڳالهه نه هئي ته مسڪين ماڻهن کي پنهنجي گهر، تڙ ۽ ملڪيتون ترڪ ڪرايون وڃن. نه ئي اهي احسان لائق حڪومت خلاف، جذبن جي اڀار کي روڪي پئي سگهيا. جيڪا پنهنجي رعيت کي سلامت رکڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي هئي. ڇاڪاڻ ته جابلو ڌاڙيلن خلاف، ان پنهنجي بيوسي جو اقرار ڪري ڇڏيو هو.
    چارلس مئسن جڏهن شڪارپور پهتو تڏهن هن ان علائقي کي سرسبز ۽ خوشحال ڏٺو. هو لکي ٿو : ” شڪارپور خوشحال ۽ شاهوڪار شهر آهي ان ۾ وڏو واپار هلي ٿو ۽ اتي جي واپارين جا ساري دنيا سان تجارتي ناتا آهن. هي شهر دولت جي فراواني سان، اعلى شهرت جو مالڪ بڻجي ويو آهي. جتي هندو شاهوڪار ۽ بئنڪن جا مالڪ وڏي شان شوڪت سان اميراڻي زندگي گذارين ٿا. هندو وياج تي ماڻهن کي قرض ڏيندا هئا. هنن ۾ اعلى درجي جي ايمانداري هوندي هئي. هنن جون هنڊيون، هندستان جي هر جاءِ تي بلڪ وچ ۽ اولهه ايشيا تائين هلنديون هيون. هندو واپارين جا نو سئو دوڪان هئا، جن ۾ اناج، ڪپڙو، ڪپهه، دوائون، ڌاتو، سلڪ، ميناڪاري، عطر، لوهي سامان، ميوات، سبزيون ۽ کير جا دڪان هئا.“ چارلس مئسن جڏهن ٻئي دفعي شڪارپور آيو. تڏهن شڪارپور اجڙي چڪو هو. هتان جي پسگردائيءَ وارو شهر ماڻهن جي ڇڏي وڃڻ سبب خالي هئا ۽ ڳوٺن جا ماڻهو ڌاڙن ڦرن تي گذران ڪندا هئا. هو لکي ٿو : ” مون معاملن کي ان حالت ۾ ڏٺو جو ماڻهو بنا ڀتين وارن گهرن ۾ پئي رهيا ۽ گهڻو ڪري ليٽيا رهندا هئا. افغان حڪومتن جي وقت ۾ شڪارپور منجهان محصول ۽ ٻيءَ آمدني اٺ لک هئي پر هاڻي اها اڍائي لک رپيا ٿئي ٿي. لکي جو شهر به ڀڙڀانگ ٿي ويو. سکر جيڪو به اڳ ۾ وڏو شهر هو، سوبه اجڙيل هو.
    چارلس مئسن سنڌ جي ڳوٺاڻن کان ڏاڍو متاثر ٿيل آهي. هو لکي ٿو : ” سنڌ جي ڳوٺاڻن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. هو جتي ڪٿي خوش نظر آيا ۽ پرسڪون زندگي گذاري رهيا هئا. هنن ۾ نه بيچيني ۽ پريشاني هئي ۽ نه کين روزگار جي تنگي هئي. قدرت کين اهڙا وسيلا مهيا ڪري ڏنا جو ڪابه ڪمي محسوس نه ٿي ڪيائون. زمين زرخيز آهي. جنهن ڪري ٿوري محنت سان هو پنهنجو پيٽ قوت حاصل ڪن ٿا. هنن جون ضرورتون ٿوريون آهن ۽ عزت ۽ مان سان رهن ٿا. ڏاڍا مهمان نواز آهن ۽ آئي وئي کي ڍو ڪرائي ڇڏين ٿا. “ هو سندس مهمان نوازي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو : ” هڪ دفعي هڪڙي ڳوٺ جي ماڻهن، مون کي هڪ سهڻي نموني ڏريل ڪڻڪ جي مٺي طاهري کائڻ لاءِ زور ڀريو. ان وقت سورهن سترهن کن مٽي جا باسڻ ڀري آني اڳيان رکيائون ۽ ٻه ڪٽورا ڏڌ جا به هئا. اها سنڌي هارين جو خاص خوراڪ هئي مان کليس پئي ۽ ڳوٺاڻن جي مهمان نوازي جي تعريف ڪري روانو ٿيس.“ هو ڳوٺاڻن بابت وڌيڪ لکي ٿو : هنن جا گهر مٽي جا ٺهيل ۽ ڪکاوان آهن ۽ سنڌ جي آبهوا لاءِ مناسب آهن. انهن ڳوٺن ۾، مسجد جي عمارت وڌيڪ بهتر نموني ٺهيل آهي. هو سادي زندگي گذارين ٿا. سچا ۽ پڪا مسلمان آهن.“
    اهڙي طرح چارلس مئسن جو سفرنامو سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ ثقافتي تاريخ جو مجموعو آهي ۽ ان ڏس ۾ سٺي معلومات فراهم ڪري ٿو.


    آرٿر ڪونولي

    آرٿر ڪونولي

    آرٿر ڪونولي هڪ آئرش آفيسر هو. هو اصل ۾ بنگال ريجمينٽ م ليفٽيننٽ هو. ٻه سال اتي نوڪري ڪرڻ کان پوءِ سخت بيمار ٿي پيو. ان ڪري انگلينڊ هليو ويو. يورپ ۾ ڏيڍ سال گذارڻ کان پوءِ هن هندستان اچڻ جو ارادو ڪيو. هو نوجوان هو ۽ منجهس مهم بازي وارو جذبو هو. ان ڪري هن فيصلو ڪيو ته هو خشڪي رستي روس ۽ فارس کان ٿيندو هندوستان وڃي. ان ڪري هو فرانس ۽ اتر جرمني کان ٿيندو هئمبرگ آيو. جتان هو تهران ۽ استرباد پهتو. هن جو ارادو هو ته هندستان پهچڻ کان اڱ هو وچ ايشيا جي علائقي جي ڄاڻ حاصل ڪري. اتي هن واپاري جو روپ اختيار ڪيو ۽ ڳاڙهي ريشمي شالن ۽ ٻئي سامان سان اُٺ ڀرائي ترڪستاني شهر کيوا ڏانهن روانو ٿيو. پر وچ ۾ ڌاڙيلن جي ور چڙهي ويو. جن سندس سارو مال کسي کيس فقير بڻائي ڇڏيو. آرٿر ڪونالي پوءِ خراسان ۽ افغانستان واري رستي سان سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. آرٿر ڪونالي پوءِ خراسان ۽ افغانستان واري رستي سان سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. هن گهوڙن جي واپاري جو روپ اختيار ڪيو ۽ پنهنجو نالو مٽائي مرزا صادق رکيو. اهو ڊسمبر سن 1830ع جو زمانو هو. جڏهن هو سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ آيو. ان وقت افغانستان ۽ هندستان وچ ۾ آمدرفت لاءِ گهوڙا ڏاڍي اهم سواري هئا ۽ جيئن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾، واپاري رستو، سنڌ منجهان پئي ٽپيو، تنهنڪري ميرن کي فائدو هو ته ڀلا گهوڙا پاڻ چونڊي وٺن. پر هو انهن منجهان فائدو نه وٺندا هئا. آرٿر ڪونولي لکي ٿو : ” ڪجهه گهوڙا ته حيدرآباد جا مير خريد ڪندا هئا. باقي وڏو تعداد بمبئي ڏانهن، غورابن ۾ موڪليو ويندو هو.“
    آرٿر ڪونولي بنيادي طرح انگريز آفيسر هو. هن سنڌ جو سير ڪري انگريز سرڪار کي سنڌ بابت معلومات ڏني. جيڪا اسان جي تاريخ جو به اهم باب آهي. هو شڪارپور بابت لکي ٿو ته : ” پنج سال اڳ، شڪارپور تي ٽالپرن جي قبضي کان پوءِ، شڪارپور جي واپاري اهميت کي نقصان پهتو آهي. جڏهن شڪارپور افغانن جي قبضي هيٺ هو. تڏهن شهر جو وصول ٿيندڙ محصول ساليانو اٺ لک رپيا هو. ڪسٽم ۾ هڪ لک رپيا وڌيڪ ملندا هئا. هاڻي ٽالپرن جي ڏينهن ۾محصول گهٽجي ٽي لک رپين ۽ ڪسٽم گهٽجي اڌ لک رپين تي پهتو آهي. پر هيل به شهر واپار ۾ گهڻو اڳتي وڌيل آهي. هتان جا دڪان، سودي سامان سان ڀريل هئا ۽ سڀئي ما ڻهو ڌنڌن ڌاڙين ۾ مشغول هئا. رهواسين ۾ گهڻائي هندو بئنڪرن ۽ واپار جي هئي. جن جا اڀرندي جي سمورن حصن سان لاڳاپا هئا. هتان جي آبادي ويهه هزار آهي. جڏهن ته ڪراچي ۽ ٺٽي جي آبادي اٺ هزار آهي.“ شڪارپور جي هندو سيٺين لاءِ هو لکي ٿو : ” هو ڏاڙهي لٿل ۽ ڏسڻ ۾ اهڙا آهن. جيئن خوشحال آمريڪي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. پر ڏاڍا شاهوڪار آهن. بنگال جي رت پياڪ شاهوڪارن وانگر پنهنجي سرپرستن جي ڀيٽ ۾ ٿلها آهن. هو مهذب ۽ سٺا ماڻهو آهن. ڳالهائڻ ۽ ٻولي جي معاملي ۾ ڏاڍا هوشيار آهن. هو سنڌي کان سواءِ پشتو، بلوچي پارسي ۽ هندوستاني ٻوليون رواني سان ڳالهائي سگهن ٿا. ڪاروبار ۾ ڏاڍا پڪا آهن. شڪارپور جا رهاڪو خوش پوش ۽ مهذب آهن.
    سنڌ جي سرزمين بابت هو لکي ٿو : ” سنڌ جي سرزمين ڏاڍي زرخيز آهي ۽ ان ۾ پاڻي ججهو آهي. ٿورو ئي کوٽڻ سان پاڻي نڪري ٿو ۽ کوهن جي ذريعي پوک ٿئي ٿي. هتي ڪيترائي قيمتي فصل ٿين ٿا. جهڙوڪ ڪمند، وونئڻ، ڪڻڪ، جَوَ، جوئر، ٻاجهري وغيره. البت حڪومت جو انتظام سٺو نه آهي. حڪمران صرف پنهنجي لاءِ جيئن ٿا ۽ ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود ۽ ملڪ جي ترقي جو کين ڪوبه اونو نه آهي. زرخيز زمين غيرآباد پيئي آهي. درياءَ جي ٻنهي ڪپن جي قيمتي زمين کي شڪارگاهن جي صورت ۾ قائم رکيو ويو آهي ته جيئن حڪمران شڪار ڪن. “ هو لکي ٿو ته : ” عجب جهڙي ڳالهه آهي ته قدرتي زرخيزي وارا اهڙا ڀرڳڻا، جن جا ماڻهو شاهوڪار ۽ خوش هئڻ گهرجن، سي ٿورن ڄٽن ۽ ڏنڊي باز سردارن جا مطيع آهن، پر ساڳئي سنڌو کي سگهوئي اسان جي واپار لاءِ کوليو وڃي. ان کان پوءِ سنڌ جي سردارن جي غير سماجي رنڊڪ ختم ٿي ويندي. “
    سنڌو ندي جي واپاري حيثيت بابت هو لکي ٿو : ” جيڪڏهن سنڌو درياءَ کي، واپار لاءِ کوليو وڃي ته انگلينڊ جي وچ ۾ نه اچڻ گهرجي. ايشيا جي منڊين ۾ روس سان چٽاڀيٽي ڪري سگهي ٿو، روسي سامان ۾ 30 سيڪڙو نفعو پئي ڪمايو. ٻئي پاسي قنڌار ۽ ڪابل ۾ برطانوي سامان، سئو سيڪڙو نفعي تي وڪرو پئي ٿيو. ان ڪري ظاهر آهي ته جيترو اسان سنڌو درياءَ کي ويجهو ٿينداسين. اسان جو نفعو به وڌندو. اهو واپار افغانستان ۾ ڏاڍو ڪارائتو ٿي پئي سگهيو. “ ڪونولي جي اها به راءِ آهي : ” سنڌو درياءَ کي واپار لاءِ کولڻ سان اسين رڳو انهن ملڪن ۾ نه پر بمبئي بدران انگلينڊ کان ايندڙ جهازن کي سنڌو مان روهڙي تائين آڻي سنڌ، راجپوتانا، برطانوي هندستان ۽ پنجاب ۾ گهٽ اگهه تي سامان وڪڻي سگهون ٿا. “ هو وڌيڪ لکي ٿو ته ” سنڌو کي پنهنجي نڪرڻ واري هنڌ کان، هندي ساگر تائين پنهنجا وسيلا ورهائيندي وهڻ ڏنو وڃي جنهن جي ڪناري وارين رياستن جا حاڪم تنگ نظري ۽ اقتدار جي تعصب سبب ان کي تمام وڏي رٿا بڻائي سگهن پر خوشي جي ڳالهه آيه ته هو برطانوي حڪومت کي رستو ڏئي رهيا آهن جيڪا واپار ۽ تهذيب کي نئين دنيا کان واقف ڪري رهي آهي.“
    اهڙي طرح آرٿر ڪونولي جي تحرير اسان جي تاريخ جو اهو مواد فراهم ڪري ٿي.


    ڪيپٽن ايسٽوڪ

    ڪيپٽن ايسٽوڪ
    (سن 1814ع – 1883ع )

    ايڊورڊ، بيڪ هائوس ايسٽوڪ 1814ع ۾ ڄائو. چارٽر هائوس ڪاليج ۽ آڪسفورڊ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. سن 1836ع ۾ گرانڊ انڊس آرمي سان، سنڌ ۾ آيو. ان کان سواءِ سن 1839ع ۾ ٻيهر ڪڇ جي انگريز ايجنٽ، هينري پاٽنجر، کيس سنڌ جي سفارت تي موڪليو. سن 1860ع ۾ تهران ۾ سفارتي عهدي تي فائز ٿيو. بعد ۾ هندستان ۾ سيڪريٽري داخلا جي عهدي تي به ڪم ڪيائين. هو سن 1883ع ۾ وفات ڪري ويو.
    ايڊورڊ ايسٽوڪ سنڌ ۾ ٽي سال رهيو. هن هت جيڪي ڏٺو ايمانداري سان لکيو. جناب حنيف صديقي صاحب لکي ٿو : ” جن به ڌارين سنڌ ۽ سنڌين کي ويجهي کان ڏٺو آهي ۽ انهن سان گڏ گهاريو اٿن ۽ پنهنجا ڪي خاص مقصد سڌا ڪرڻا نه آهن، تن سنڌين ۽ انهن جي ڪردار ۽ سادگي جي تعريف ڪئي آهي. ايسٽوڪ به انهن مان هڪ آهي. “ سنڌ جي سفرنامي ” ڊان ليوز فرام ينگ ايجنٽ “ ۾ جيڪو هن سن 1844ع ۾ لکيو هو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ” نئين مصر جا پراڻا ورق “ جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي. تنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، جاگرافي ۽ ثقافت جو احوال به ڏنو آهي.“ هو سنڌي لغت جو به وڏو ڄاڻو هو.
    ايسٽوڪ، سنڌ ۾ ميرن جي دور جو امن امان جو حالتون بيان ڪندي لکي ٿو : ” ميرن جي عام رعيت امن پسند ۽ سکي هئي. جيڪڏهن اسين سندن حالت کي پنهنجي والاريل صوبن جي رعايا سان ڀيٽيندا سين ته اها انهن کان لک دفعا سٺي هئي. ميرن تائين هر وقت رسائي ٿي سگهندي هئي ۽ ڪهڙو به ماڻهو پوءِ اهو کڻي گهٽ ذات جو هندو به ڇو نه هجي. ڪيڏي مهل به انهن سان ملي ٿي سگهيو. واهن جي چڱي حالت، ڪمند، جوار ۽ ٻئي اناج جي ڀلي فصل ۽ ڪيترن ئي پن چڪين جي نارن مان ظاهر ٿيو ته جيڪا ڍل اتي اڳاڙي ويندي هئي سا ايتري ڪانه هئي جا آبادگارن کي ڏکي لڳي. انعامي زمينون ۽ پڻ اهي، جن جي نالي ماتر ڍل ورتي ويندي هئي جام پيئي ڏنيون.“ سنڌ جي انتظامي يونٽن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” ميرن جي وقت ۾ سنڌ جدا جدا پرڳڻين يا حصن ۾ ورهايل هئي، جي وي تپن يا ضلعن ۾ ورهايل هئا. هر هڪ پرڳڻي تي هڪ سزاوال يا مقرر ڪيل هو. جنهن کي هڪ خزانچي ۽ اٺن ڏهن گماشتن ۽ سپاهين جي مدد ڏني ويئي هئي. تپي تي وري ڪاردار رکيل هو. جنهن کي پڻ زيردستن جو هڪ ننڍو عملو ڏنل هو. پر اهو سزاوال جي هٿ هيٺ هو. انهن علمدارن کي چڱو پگهار ڏنو ويندو هو. خاص ڪري سزاوال کي جي گهڻو ڪري سٺي خاندان مان هئا ۽ چڱي لياقت رکندڙ هئا. کيس پنج سئو رپيا پگهار ڏني ويندي هئي. جنهن سان اهي سنڌ جهڙي غريب ملڪ ۾ فراغت ساڻ گذاريندا هئا. سال ۾ ٻه دفعا، لاباري جي وقت، هر هڪ مير جي مخفي ماڻهو، عيوضي جي حيثيت ۾، سندس ملڪ ۾ وڃي پهچندو هو ۽ اتي وڃي سزاوال کان حساب ڪتاب وٺندو هو. ماڻهن جي درخواستن تي به غور ڪيو ويندو هو. هن جو هي به فرض هو ته ڏسي ته ماڻهن جي ظلم ۽ زيادتي ته نه ٿي ٿئي. انهن علمدارن، سزاوال ۽ ڪاردار ماڻهن کي چڱي طرح سڃاڻيندا هئا. انهن جي عادتن ۽ اُٿ ويهه کان واقف هئا ان ڪري رعيتي ماڻهو ساڻن ٺڳي يا دولاب نه ڪري سگهندا هئا. اسين پاڻ کي ڪيڏو به کڻي پڏايون پر اهو قبول ڪرڻو پوندو ته ميرن جي انهن روينيو آفيسرن جي هٿ هيٺ ماڻهو خوشحال گذاريندا هئا. سڀني فصلن تي ڍل جنسن ۾ ورتي ويندي هئي. ڍل جو حصو به موسم جي اُپت جي آڌار تي ورتو ويندو هو ۽ نه زمين جي ايراضي مطابق ڏٺو وڃي ته ” سرڪاري ڍل، اُپت جو ٻه ڀاڱي پنج يا هڪ ڀاڱي ٻه وڃي بيهندو، جو هاڻي اتر اولهه واري علائقي ۾ زمين جي مقرر ڪيل ڍل جي برابر آهي.“
    سستائي جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” سنڌ ۾ چئن پئسن ۾ هڪ ڪڪڙ ملي ٿي، ڪڻڪ رپئي ۾ اٺ پاٽيون وڪامي ٿي جا چاليهه پئسن جي تور ۾، سورنهن سير آهي.“ دريائي جانورن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” سنڌ ۾ مون ڪيترائي دريائي گهڙيال ڏٺا. جن کي هتي جي ماڻهو ٻلهڻ ڪري ڪوٺين. اهي متارا ۽ لسا جانور آهن. جن جي ڊيگهه چار فوٽ کن ٿيندي ۽ کين تمام ڊگهيون جاڙيون آهن جن ۾ اڇا ۽ تکا ڏند ٿيند ٿا. اهي واڳن جو کاڄ آهن پر پنهنجي ڀيري هي به ڀلي هڙپ ڪيو وڃن. جو سنڌوءَ جو سالمن آهي. هتي پلو جام ٿئي پر ٻي سوادي مڇي البت گهٽ آهي. درياءَ ۾ لڌڙا ۽ ڪُميون به جام آهن. “ سنڌ ۾ جوئر پوک بابت هو لکي ٿو : ” شڪارپور جي ڀرسان ڪيترن ئي ميلن ۾ جوئر جو فصل بيٺو هو. دنيا جي ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ اهو فصل ايڏي قد جو نه ٿيندو آهي. آءُ اُٺ تي چڙهيل هوس پر ان هوندي به اها پوک ڪيترا فوٽ مٿي بيٺي هئي. منهنجو خيال آهي ته اها زمين کان ويهن فوٽن کان ڪنهن به حالت ۾گهٽ ڪانه هئي.“ سنڌ ۾ هٿرادو ڏڪر جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” ڏڪر وڌائڻ ۾، ملڪ جي واپارين جو وڏو هٿ آهي، جي سُڪار وقت اَن خريد ڪري، زمين جي هيٺيان تهخانن ۾ وڃيو گڏ ڪن. پوءِ اهي صبر ۽ تحمل سان پنهنجو گڏ ڪيل اَن رکيو پيا واجهائن ۽ پڻ دعا ڪن ته ڪو خراب سال اچي ۽ جيئن ئي اهو اچيو نازل ٿئي. تيئن اهي بدڪار ان جو اگهه چوٽ چاڙهيو ڇڏين. جنهن ڪري غريب ماڻهو، نااميد ٿيو پون ۽ هٻڇي واڻيو، پنهنجي ديس ڀائين جي تباهي تي وڃي مچندو. انهن واڻين مان هڪڙي مزدور، ڪنهن غريب خاندان کي ٿورو اَن وڏي اگهه تي پهچايو هو جي آهستي آهستي سندس وڏا قرضي ٿي پيا. هن پوءِ انهي گهراڻي جي هڪ عورت جي عزت جي قيمت تي پنهنجي قرض تان هٿ کڻڻ جي آڇ ڪئي پر وريس ڪي به ڪين.“
    ڪئپٽن اسٽوڪ سنڌي گرامر ۽ لغت تي به بنيادي ڪم ڪيو آهي ۽ سنڌي زبان جي لغت به مرتب ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ هن سنڌي لغت جي ترتيب جو ذڪر ڪيو آهي. پاڻ سنڌي زبان جي لاءِ ديوناگري رسم الخط جي حق ۾ هو. اتي گهڻو زور ڏنائين پر ڪامياب نه ٿيو.
    اهڙي طرح ايسٽوڪ جو هي سفرنامو دلچسپ به آهي ته اسان جي تاريخ جو اهم دستاويز به آهي. جنهن ۾ ان دور جي سياسي حالتن جو تفصيل سان ذڪر ٿيل آهي.


    لطف الله سورتي

    لطف الله سورتي

    لطف الله سکر لاءِ لکي ٿو ته : ”هيءَ شهر درياءَ جي ساڄي ڪناري تي آهي. هاڻ تباهه ٿي چڪو آهي. “ چون ٿا ته شاهه شجاع ۽ خيرپور واري ميرن جي جنگ هت لڳل آهي. جا کرڙي جي جنگ جي نالي سان تاريخ ۾ ڄاتي وڃي ٿي. تنهن وقت سکر جي جيڪا تباهي ٿي ان مان هي شهر اڃا تائين چڙهيو ناهي. درياءَ جي ڏاڻي ڪناري تي شاهي آبادي وارو شهر روهڙي انهيءَ بکر جو قلعو وچ ۾ درياءَ ۾ هڪ ننڍڙي ٽڪنڊي ٻيٽ تي ٻڌل آهي. هو لکي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو آسودا ۽ هنن ڏڪر جي مصيبت ڪڏهن ڏٺي به ڪين آهي. لطف الله لکي ٿو ته ” ٺٽي ۾ ڏهاڪو هزار ماڻهو رهن ٿا. مارڪيٽون بلڪل تنگ ۽ شهر جون گهٽيون صاف نه آهن. شهر جا رهاڪو ڪونه ڪو ڪم ڪندڙ آهن. هتي کيس ۽ لونگيون اُتر سنڌ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عمديون ٿين ٿيون. هن حصي ( ڪم نه ) جون عورتون سنڌ جي باقي حصن جي عورتن وانگر نهايت سادو ۽ سستو لباس پهرين ٿيون. هتي اٽي ۽ تيل جون چڪيون ۽ گهاڻا آهن. جن کي اُٺ ڇڪيندا آهن. ٺٽي ۾چئن سون کان مٿي مسجدون آهن پر ڀائنجي ٿو ته اهي سموريون ائين ئي فنا ٿي وينديون. هن شهر جون سرون ۽ مٽي جا ٿانو نهايت مضبوط ۽ جٽادار ٿين ٿا. سمجهان ٿو ته ان جو سبب هتان جي قسم جي زمين آهي جا اڇي چيڪي ۽ واري گڏيل آهي. هتي عام طرح گهر ڪچي مٽي ۽ ڪاٺ مان ٺهيل آهن. ڇتيون ٿڌيون اٿن جن جي مٿاڇري کي مٽي سان لنبيو وڃي ٿو. اندر وارين ڀتين کي ٻنهي پاسن کان مٽي جو ليپو ڏنل هوندو آهي. شاهوڪارن جون ڪي ٿوريون جايون پڪين سرن جو ٺهيل آهن ۽ ڪن مٿان ماڙي پڻ اٿن.“
    اسڪن مير جي درٻار جو ذڪر ڪندي لکي ٿو : ” چئن يارن واري شاهي صندل تي جنهن جي مٿان هڪ سادو ايراني قالين وڇايل هو، ان تي مير حڪمران نور محمد خان، نصير خان، مير محمد خان ۽ نوجوان مير شهداد خان ويٺا هئا، ڀر ۾ تلوارون ۽ ڍالون پيون هيون. اهوئي سندن تخت هو. انگريزي نمائندو ۽ سندس ساٿي ڪرسين تي ويٺا جيڪي خاص هنن لاءِ آنديون ويون هيون پر درٻار ۾ داخل ٿيڻ تي کين لاهڻا پيا باقي ماڻهو سڀ هيٺ غاليچن تي ويٺا. هٿياربند بلوچ ۽ سنڌي ور ور ڪري اسان ڏي ائين پئي گهوريائون ڄڻ اسين سندن قاتل هئاسون.“
    لطف الله سورمتي اصل مالوهه جو رهاڪو هو ۽ گجرات ۾ رهيل انگريز علمدارن کي فارسي پڙهائيندو هو. نومبر 1838ع ۾ ڪپتان ايسٽوڪ لطف الله کي سنڌ ۾ انگريزي ريزيڊنٽ ڪرنل سر هينري پاٽنجر جو نائب مقرر ڪيو. ڪپتان ايسٽوڪ، لطف الله کي گڏ سنڌ هلڻ جي آڇ ڪئي. جا هن قبول ڪئي. ايسٽوڪ کيس پنهنجو منشي ۽ فارسي جو استاد مقرر ڪئي. جا هن قبول ڪئي. ايسٽوڪ کيس پنهنجو منشي ۽ فارسي جو استاد مقرر ڪري، پاڻ سان گڏ سنڌ ۾ وٺي آيو. لطف الله سنڌ ۾ پنهنجي آمد ۽ هتي پنهنجي قيام واري زماني جا تاثرات پنهنجي هڪ خود نوشت سوانح ۾ قلمبند ڪيا. جيڪي پوءِ ڪئپٽن ايسٽوڪ، ٺاهي ٺوڪي فارسيءَ مان انگريزي ۾ ترجمو ڪري ” آٽو باءِ گرافي آف لطف الله “ جي نالي سان شايع ڪرايا. هيءَ ساڳيو ڪتاب گهڻو گهڻو اڳ قادر بخش نظاماڻي، سنڌي ۾ ترجمو ڪيو هو. لطف الله جو هيءُ سفرنامو، ان دور جي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي تصوير پيش ڪري ٿو. هو لکي ٿو ته : اسين پهرئين ڊسمبر 1928ع جي آڌي رات جو، جهازن جي آڙماڙ تي، سنڌ ڏانهن روانا ٿياسين. پنجين تاريخ تي، اسان درياءَ جي کاٻي ڪناري، سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پهتاسون. هتان جا ماڻهو تمام مسڪين هئا. سندس گهر اهي جهوپڙا هئا. سارو ڪٽنب هت پڪي گهر ۾ رهيل هو. جنهن ۾ زال مڙس، پٽ، ننهن ۽ ٻار وغيره سمورا هڪڙي ئي پڪي دلان ۾ گاهه جي مٿان تڏا وڇائي. ان کي هنڌ بنائي سمهي پوندا هئا. عام طرح هنن جو کاڌو چانورن جي ٿُلهي ماني ۽ تازي يا سُڪل مڇي آهي. هي ماڻهو تماڪ ۽ بصرن جا شوقين آهن. هتي ڍلون ۽ محصول گهڻو ڪري خمس ( پنجين پتي ) جي صورت ۾ ورتو وڃي ٿو. پوک چانورن جي ٿئي ٿي. هاريءَ کي فصل جون پنجون حصو ملندو هو. باقي چئن حصن مان اڌ سرڪار ۽ اڌ زميندار کڻندو هو. هڪ جڳهه تي هو لکي ٿو : ” هاڻي آءُ سنڌين سان لهه وچڙ ۾ آيس ۽ ساڻن ڳالهائڻ ٻولهائڻ وسيلي سندن ٻولي جا محاورا سکيس. سُستي ۽ بيڪاري سنڌين جي مکيه عادتن مان آهي. درياءَ جا ناکئا سارو ڏينهن منهنجي تنبوءَ ٻاهران ويٺا بحث مباحثا ڪندا هئا ۽ بٽ شٽ هڻندا هئا. هڪ وينتي چيو ته ملڪ تي سگهو ئي انگريزن جو قبضو ٿي ويندو. ان ۾ ٽالپورن جو ڏوهه پڻ آهي. خاص ڪري مير صوبدار جو، جيڪو اڃا تائين انگريزين جهڙي هڙکائو قوم جي دوستي جو دم پيو ٿو ڀري. ٻئي چيو ته جيستائين ميرپور وارو مير شير محمد اسان جي پاسي آهي. تيستائين ڪوب ڊپ ڪونهي ۽ جي خدا چاهيو ته انگريز جيڪو خزانو، هٿيار ۽ ٻيو سامان هن ملڪ ۾ آڻي رهيا آهن. اهو سمورو اسان جو ٿيندو. ٽيون هڪ سفيد ريش سنڌي ٿڌو ساهه کڻي چوڻ لڳو ته يارو اوهين ويٺا هوائي خواب پيا ڏسو. اوهان اهي ترنگا شيطان ڏٺائين ڪين آهن. برابر مڙس مڙس جو مٽ آهي ۽ هڪ جوان ٻن ٽن کي منهن ڏيئي سگهي ٿو. بشرطيڪ تلوار جو مقابلو تلوار سان هجي. انگريزن وٽ تلوارون ڪين آهن ۽ جي اٿن ته اسان جي لٺين سان هجي. انگريزن وٽ تلوارون ڪين آهن ۽ جي اٿن ته اسان جي لٺين کان به چٽ آهن. پر هو پنهنجي گولين واري شيطان هٿيار سان پري کان ئي مڙس ڪيرائي ٿا وجهن.“
    هو لکي ٿو : ”حيدرآباد شهر وچان لنگهندي مون ڏٺو ته ڪي مون کي گهوري رهيا هئا ۽ پنهنجي ٻولي ۾ مون کي بدشد ڳالهائي رهيا هئا. مون پنهنجي دوست پير بدرالدين کي چيو ته هنن لاءِ اوهان ڇا ٿا چئو. ڇا اوهان جي ملڪ ۾ پرديسين سان ههڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي. هن وراڻيو ته هي جهنگلي ڳوٺاڻا سپاهي آهن هنن کي فرنگين لاءِ ڌڪار آهي ۽ اوهان کي به فرنگين جو ماڻهو سمجهي پڪي رهيا آهن. تنهنڪري هنن جي بڪواس جو ڪوبه خيال نه ڪريو. خود ريزيڊنٽ صاحب پاڻ هنن جي بڪواس تي ڪو ڌيان ڪونه ڏيندو آهي. هو لکي ٿو ته : جڏهن اسين ميرن جي درٻار ۾ پهتاسون ته هٿياربند بلوچ ۽ سنڌي ور ور ڪري اسان ڏانهن ائين خارن ۾ پئي گهوريائون ڄڻ اسين سندن خوني يا قاتل هئاسون. مير حڪمران نور محمد ٽالپور نهايت داناءُ، بلند خيال ۽ بهادر انسان ٿي لڳو. وچولي قد ۽ درمياني عمر جو هڪ سهڻو انسان هو. جڏهن اسان ساڻن نئين معاهدي جي ڳالهه ڪئي تڏهن هن پنهنجن ٻن ساٿين کي بلوچي زبان ۾ چيو : ”جيڪو فرنگين جي وعدن تي اعتبار ڪري ان تي لعنت وجهي. “ ۽ پوءِ نهايت ڳنڀير ٿي انگريزي نمائندن کي مخاطب ٿي فارسي ۾ چيائين : ” مان سمجهان ٿو ته اوهان جا عهدناما معاهدا، اوهان جي سهولت ۽ موجب ڦري گهري سگهن ٿا. ڇا پنهنجن دوستن ۽ مخلصن سان ههڙي قسم جو سلوڪ ڪيو ويندو آهي؟ اوهان اسان کان اجازت گهري ته اسين پنهنجي ملڪ مان فوجون لنگهائي وٺي وڃڻ جي اجازت ڏيون. اسان بنان هيڪ اوهان جي دوستي جي وعدن تي اعتبار ڪري اوهان کي اهڙي اجازت ڏني. جيڪڏهن اسان کي خبر هجي ها ته پنهنجون فوجون اسان جي ملڪ اندر داخل ڪرڻ کان پوءِ اوهين اسان جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي اسان تي هڪ نئون معاهدو مڙهيندا. جنهن ۾ اسان کان ٽي لکي رپيا سالياني ڍل ۽ ايڪيهه لک روپيا نقد فوجي خرچ لاءِ بروقت طلب ڪندا ته اسين هوند پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي حفاظت جو ضروري قدم کڻون ها. اوهان کي خبر هجي ته اسين بلوچ آهيون ۽ ڪي سوداگر يا واپاري نه آهيون. جن کي اوهين سولائي سان ڊيڄاري سگهندا. تنهن کان سواءِ اسين ملڪ جا اڪيلا حڪمران آهيون. پر ساري قوم جا مفاد حڪومت سان ڳنڍيل آهن. “ مباحثي ڳالهين کان سواءِ لطف الله سنڌ جي مختلف شهرن ٺٽي، حيدرآباد، سکر، بکر ۽ شڪارپور جو تاريخي ۽ سماجي جائزو به پنهنجي ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي. اهڙي طرح سندس هي سفرنامو اسان جي تاريخ جو اهم باب آهي. لطف الله سورتي جو مذڪوره سفرنامي جو سنڌ سان لاڳاپيل هڪ حصو ” سنڌ جو سفر “ نالي سان قادر بخش نظاماڻي صاحب ترجمو ڪري سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو آهي.


    سر رچرڊ فرئنسز برٽن

    سر رچرڊ فرئنسز برٽن
    ( 19 – مارچ 1821ع – 20 آڪٽوبر 1890ع )

    سررچرڊ فرئنسز برٽن 19 مارچ 1821ع ۾ هر فرڊ شائر انگلينڊ ۾ ڄائو. هن جو پيءُ موقوف ٿيل فوجي آفيسر هو. هُن سر رچرڊ فرئنسز انگلينڊ ۽ فرانس ۾، تعليم حاصل ڪئي. هو سال 1842ع ۾، بمبئي واري پيادل فوج ۾ شامل ٿي انڊيا پهتو ۽ هتان جو زبانون سکي ترقي حاصل ڪئي. هو 20 مارچ آڪٽوبر 1890ع ۾ گذاري ويو.
    برٽن هڪئي وقت برجستو سپاهي، نامور شمشير باز، لائق مترجم ۽ شاعر، لسانيات جو عالم، دنيا جي عجائبات جي جستجو ڪندڙ، چڱو طبيب، ٻوٽن ۽ وڻن جو ماهر، حيوانن جي حياتي جي علم جو مڃيل استاد، آثارقديمه ۽ علم الارض جو ڄاڻو ۽ ڪامياب جاسوس هو. کس 25 زبانون اينديون هيون. هن پنهنجي سير ۽ سفر تي 43 ڪتاب لکيا. ٻه جلد شاعريءَ جا سئو کان مٿي مضمون ۽ هڪ سئو ٽيتاليهه صفحا پنهنجي آتم ڪهاڻي جا لکيائين. الف ليلى جا 14 جلد ۽ پورچوگيز ادب جا 6 جلد انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. هو سنڌ ۾ گهڻو رهيو ۽ سنڌ جي قومن جو پختو ۽ شاندار مطالعو ڪيو. هتان جي ٻولي ۽ ادب تي کيس عبور حاصل هو. هن سنڌ بابت چار ڪتاب لکيا. جن ۾ ادب، تاريخ، معاشرت، معيشت مطلب ته هر ڳالهه بابت وضاحت سان لکيائين. سندس هڪ ڪتاب ” سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومن“ جو سنڌي ترجمو سن 1971ع ۾ ڇپيو.
    برٽن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ان جو خوبيون بيان ڪندي لکي ٿو : ” سنڌي هڪ خاص زبان آهي، جيڪا ڪنهن به هندستاني ٻولي مان نڪتل نه آهي. هي زبان ڪاٺياواڙ جي حدن کان بهاولپور تائين ۽ بروهين جي پهاڙن کان هندستان جي اولهه ريگستان تائين ڳالهائي ويندي آهي. سنڌي ٻولي جي هڪ خصوصيت هي به آهي ته ان ۾ بي انتها ۽ گوناگون لفظ آهن. صوبي ۾ اهڙي ڪابه شيءَ نه آهي، جنهن جي لاءِ ڏيهي زبان ۾ نالو نه هجي. عام ظاهري شين مثلاً اُٺ لاءِ اڪثر ڏهه ٻارنهن لفظ آهن. جن مان ڪي هم معنى آهن. پر گهڻن جي معنى ۾ باريڪ تفاوت آهي. خيالن ظاهر ڪرڻ لاءِ ڏکيا لفظ عربي، سنسڪرت ۽ فارسي مان بنا ڪنهن حجاب جي ورتا ويا آهن. جنهنڪري سنڌي ٻوليءَ کي تمام وسيع لغت آهي.
    سنڌ ۾ پهلوانن ۽ سندس راندين جو ذڪر ڪندي برٽن لکي ٿو : ” سنڌين کي ڪشتي جو ڏاڍو شوق آهي. هو مضبوط جوان آهن سندن ڏورا ٿلها ۽ هڏ ڪاٺ طاقتور هوندو آهي. هنن کي گوشت گيهه ۽ کير جي خوراڪ تي هيرايو ويندو آهي. هو جڏهن ميدانن ۾ نڪري نروار ٿيندا آهن. تڏهن ڏسڻ وتان هوندا آهن. هو آڙيون ۽ بند استادن کان سکندا آهن. ڪشتي ملاکڙي وقت هو پٽڪو، ڪانئچ ۽ سندرو ٻڌاندا آهن. ٻن ملهن مان جنهن پوئين ملهه ماري. تنهن راند کٽي راند ۾ جيڪڏهن گوڏو زمين تي لڳو ته راند هارايائين. ملهه اڪثر ڪري هيٺين نموني جي مشق پچائيندا آهن. ڊوڙڻ، ٺينگ ڏيڻ، هڪ ڄنگهه تي ٽپڻ، پٿر جي پڃري کڻڻ، ٻانهن جي ڪارائي يا ڏوري تي ڪاٺيون ڀڃڻ، مٺ کولڻ، ٻانهن مروڙڻ، هٿ جهلڻ ۽ لٺ ڇڏائڻ، سنڌ ۾ ٻيا عام ڪسرت جا نمونا هي آهن.
    1. مٺين جو زور، يعني مٺ زمين تي رکي، ننڍو يا وڏو ماڻهو کڻڻ
    2. چنبو وٺڻ يعنى آڱريون آڱرين ۾ اٽڪائي، هٿ ڇڏائڻ
    3. پير تي اُٿڻ يعني زمين تي جهڪي ويهي آهستي اُٿڻ، جو آسان ڪم نه آهي.
    4. ڪکُ کڻڻ يعني جهڪي ويهي، ٻئي هٿ پٺيان ڪري، چپن سان اڳيان زمين تان ڪک کڻن، سنڌ ۾ اهي آهن ورزش جا مکيه نمونا.“
    سنڌ جي عورتن جي اخلاق ۽ ڪردار جي بلندي جو ذڪر ڪندي برٽن لکي ٿو ته : ” سنڌي عورتون پنهنجو وقت گهڻو ڪري ڌاڳن وٽڻ، ڪپڙن ٺاهڻ ۽ اهڙين ٻين مشغولين ۾ صرف ڪنديون آهن. سنڌي ۽ هندو عورتن جي مقابلي ۾ هو هر ڳالهه ۾ جرئت ڏيکارينديون آهن. مٿئين طبقي جون زالون باوقار ۽ بااخلاق هونديون آهن. هندستان جي هلڪي طبيعت وارين وچولين عورتن جي مقابلي ۾ هو ڱنڀير نظر اينديون آهن. هنن کي نڪي زهر ڏيڻ جي خبر آهي ۽ نه وري خودڪشي ڪنديون آهن. گهڻيون بيواهه زالون شادي کان انڪار ڪري تنهائي جي حياتي اختيار ڪنديون آهن. سونهن جي نقطئه نگاهه کان سنڌ جي زال رنگ، روش ۽ جسم ۾ اولهه هندستان جي زالن کان سرس آهن. سندن اٿڻ ويهڻ جو نمونو سنجيدگي ۽ فضيلت وارو هوندو آهي.
    برٽن ان وقت جي زميندارن ۽ هندو سيٺين جو ذڪر ڪندي لکي ٿو : ” سراسري زميندار کي سموري خرچ مان لٿي پٿي، فصل جو ٽيون حصو بچندو هو. وڌيڪ آبادي وارن سالن ۾ آبادي سان سيڙايل موڙي تي اٽڪل ٽي چار سيڪڙو نفعو حاصل ٿيندو هو. انهيءَ هوندي به زميندار طبقي جي ماڻهن جون بدخصلتون، بي انتها سستي ۽ جهالت، جيستائين زميندار کي روزاني خوراڪ ۽ ڀنگ چڪو هلندو هو ۽ هو هڪ ٻن زالن ۽ شايد ڪنهن طائفي جي پرورش سان گڏ تلوار ڪشي، گهوڙي تي چڙهي گهمندو هو. تيستائين هو ورلي پنهنجي زمين جي سنڀال جو اونو يا ڳڻتي ڪندو هو. وڌيڪ شاهوڪار طبقي وارا زميندار پاڻ وٽ ڪارڪن رکندا هئا ۽ اهي سمورو ليکو چوکو پنهنجي نموني ۾ رکندا هئا. ڇاڪاڻ ته سندن مالڪ، اڪثر لکي پڙهي ڪونه ڄاڻيندا هئا ۽ نه وري حساب ڪتاب سمجهي سگهندا هئا. اهڙين حالتن هيٺ، انهن کي فرض کڻڻ کان سواءِ، ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هوندو هو. هندو واپاري اڪثرين هيٺين شرطن تي اوڌار ڏيڻ لاءِ تيار هوندا هئا. سئو روپئي جي اوڌر لاءِ حالتن مطابق 125 يا 150 روپين جي رسيد ورتي ويندي هئي ۽ انهي رقم تي وياج اٺ يا ڏهه في سيڪڙي سان هوندو هو. قرض لاهڻ جو وعدو فصل تي هوندو هو پر اهو شرط ورلي ڀاڙيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته قرضي وٽ روڪ پئسو ته ڪونه هوندو هو ۽ ٽئي وقت هنن کي اٽلو اڳين لهڻيدارن کي راهي ڪرڻ لاءِ زياده موڙي جي ضرورت پوندي هئي. ان ڪري مجبور ٿي زميندار کي ساڳئي وقت ڳاٽي ڀڳي وياج تي قرض کڻڻو پوندو هو. جڏهن واپاري هن کي پنهنجي ان خريدڻ کان پوءِ اٽلندو مٿس پنهنجو ٿورو مڙهيندو هو. اهڙي طرح برٽن سنڌي ٻولي ادب، تعليم ۽ معاشرت تي سڀني مغربي سياحن کان گهڻو به لکيو ۽ سٺو به يعني سندس لکڻي تاريخي ۽ تنقيدي لحاظ کان جامع ۽ معياري آهي.

    ايم ايڇ پنهور صاحب پنهنجي ڪتاب، سورس مٽيرل آف سنڌ“ ۾ سندس 16 ڪتاب ڄاڻايا آهن. جڏهن سندس مشهور ڪتاب هيٺيان آهن.
    1. سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون : ( ترجمو : محمد حنيف صديقي، سنڌي ادبي بورڊ 1971ع )
    2. سنڌ، يا ڏکويل ماٿري ( ترجمو : عطامحمد ڀنڀرو، روشني پبليڪيشن 2005)
    3. سنڌ ماٿري ۾ شڪر بازي.
    4. ٻيو ڀيرو سنڌ ۾
    5. آتم ڪٿا
    6. ( الف ليلي 16 جلد )
    7. پورچوگيز ادب جا انگريزي ۾ 6 جلد ترجمو
    8. شاعريءَ جا ٻه جلد
    اچي وڃن ٿا.

    سنڌ بابت لکيل هن جا ڪتاب سنڌي سماج جي ان دور بابت هڪ اهم اڀياس جي حيثيت رکن ٿا.


    جوزف سالبئنڪ

    جوزف سالبئنڪ

    جوزف سالبئنڪ مشهور برطانوي سياح هو. هو ڄائو ۽ نپنو انگلستان ۾ ۽ سنڌ ۾ سن 1619ع ۾ آيو. هن کي شوق ته ايران گهمڻ جو هو ۽ ايران وڃڻ لاءِ هن سنڌ جو رستو اختيار ڪيو. جڏهن هو سنڌ ۾ آيو. تڏهن هن سنڌ کي واپار، صنعت ۽ زراعت جي لحاظ کان خوشحال ڏٺو ۽ انهن شين جو هن نهايت تفصيل سان ذڪر ڪيو. سندس مواد گهڻو تڻو ته گم ٿيل آهي باقي ٿورو گهڻو بمبئي رڪارڊ جي پرچار نمبر ٽئين ۾ آهي.سندس احوال ڊاڪٽر سورلي پنهنجي ڪتاب ” شاهه عبداللطيف آف ڀٽ “ ۽ ڊاڪٽر ڇٻلاڻي پنهنجي ڪتاب ” سنڌ جي اقتصادي تاريخ “ ۾ ڏنو آهي.
    جوزف سالبئنڪ سنڌ جي واپاري ۽ صنعتي شين جو ذڪر ڪندي لکي ٿو : ” سنڌ ۾ جيڪي شيون گهڻيون انداز ۾ سستين اگهن تي ملن ٿيون. انهن ۾ ڪيترن ئي قسمن جو اوچو سوٽي ڪپڙو، عاليشان پٿراڻيون، غاليچا ۽ ريشم جو ٻيو سامان آهي. بئنٽر ۽ مالڪيوس ۾، انهن شين مان، ڪيترن جو نهايت سٺو واپار هلي سگهي ٿو. انهيءَ کان سواءِ، هت آفيم جا ٻه وڏا ذخيرا آهن ۽ بئنٽم ۽ ٻين حصن ۾، ان جي تمام گهڻي طلب آهي. اسان جي ملڪ لاءِ، هتي ٺهندڙ ٻيون ڪيتريون ئي ڪارائتيون دوائون ملن ٿيون. “ جوزف سنڌ کي سوٽي ڪپڙن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته : ” هت سوٽي ڪپڙو ڪيترن ئي قسمن جو ٺهي ٿو. جن مان هرک، سادو ڇريل، سنهو ٿلهو بافتو، عاليشان ڇيٽون، ململون، سوسيون، لونگيون، گيگم، حلواڻ، کيس، چنيون، تسر، سوڙيون، پٿراڻيون، اجرڪ ۽ ٻيو سادو ڪپڙو ٺهندو آهي. انهيءَ صنعت ڪري ڪپهه جي پيدائش به پوري ڪانه پوندي هئي. ان ڪري ئي گهڻي انداز ۾ ڪپهه ڪڇ ۽ نگنا مان گهرائي ويندي هئي. “ ان زماني ۾ سنڌ جو هر ڳوٺ، هر واهڻ، هر وستي ۽ هر شهر صنعت ۽ حرفت جو مرڪز هو. سنڌ جو عوام بيڪار ۽ واندو نه ويهندو هو. پر هو فرد پوءِ اهو ننڊو هجي يا وڏو، مرد هجي يا عورت، پوڙهو هجي يا جوان ڪنهن نه ڪنهن ڪرت يا ڌنڌي ۾ رڌل رهندو هو. جوزف لکي ٿو : ” سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾، ڪنهن نه ڪنهن صنعت جي مرڪزيت هئي ڪيترا اهڙا شهر به هئا. جيڪي ڪنهن خاص قسم يا ماپ جي ڪپڙي، تلوارن، چمڙي جي سامان وغيرو ٺاهڻ ۾ رڌل هوندا هئا. سکر ۾ چمڙي جا ڪاريگر ۽ ڪوري هوندا هئا. اهي گهڻو ڪري رنگريزي جو ڌنڌو ڪندا هئا. حيدرآباد هٿيارن ٺاهڻ کان مشهور هو. ٺٽي ۾ لونگيون ۽ شالون ٺهنديو هيون.“ اهڙي طرح سنڌ جا ماڻهو خميس ۽ بيڪار شين مان به اعلى ۽ نفيس شيون تيار ڪري مٽا سٽا جو ناڻو ڪمائيندا هئا. ان دور ۾ سنڌ جا ماڻهو شريف ۽ ايماندار هئا. جوزف لکي ٿو : ” سنڌ جي ماڻهن جي روش سهڻي آهي ۽ هو واپار ڪرڻ جا خواهشمند آهن. روهڙي شهر جا ماڻهو نير، سوٽي ڪپڙو ۽ ٻين شين جو واپار ڪندا هئا. “
    ان دور ۾ سنڌ واپار جو مرڪز هئي. ديسي شين کان سواءِ بازارين ۾ ڪابل، قنڌار، اصفهان، تبريز، ڪشمير، لاهور ۽ ملتان جو شيون وڪامنديون هيون. گهڻو ڪري سمورو واپار درياءَ رستي ٿيندو هو. جنهن ۾ ٻيڙيون هلنديون هيون. جوزف لکي ٿو : ” سنڌو درياءَ ۾ چاليهه پنجاهه ٽنن جون ٻيڙيون هلن ٿيون. جن جي مدد سان هندستان جي مختلف هنڌن جي پاڻ ۾ اچ وڃ رهي ٿي. اهي ٻيڙيون سنئين ۽ تراکڙي تري سان آهن ۽ منجهن هر هڪ پاسي تي ڪوٺيون ٺهيل آهن. هر هڪ ڪوٺي ۾ رڌڻو آهي ۽ آرام ڪرڻ جي جاءِ آهي. اهي ڪوٺيون مسافرن يا واپارين کي مسواڙ تي ڏنيون وينديون آهن ۽ هر هڪ پنهنجي پنهنجي ڪوٺي ۽ آرامگاهه کي ٽالي سان بند ڪري سگهي ٿو. جتي جتي به کين مارڪيٽ ملي وئي. اتي نيڪال ڪرڻ لاءِ انهن وٽ مال تيار رکيو هوندو ۽ سچ پچ مون ههڙيون سهولتون ڪڏهن به نه ڏٺيون.“ ان زماني ۾ سنڌ جو بحري تجارتي رستو محفوظ هو ۽ هت امن امان هو. جوزف لکي ٿو ته : ” ملڪ ۾ جيڪو به مال ملي سگهي سو اوهان ( ڪمپني وارا ) ڀلي درياءَ رستي سنڌ ڏانهن اماڻيو. جتي اوهان جا جهاز، سلامتي سان هلي سگهي ٿا. جهڙوڪ ٽيمس ندي ۾ هلن ٿا.“ جوزف سنڌ واپار جي آمدني ۽ روانگي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو : ” ان زماني ۾ سنڌ مان، ڪافي انداز ۾ ڪيترن ئي قسمن جو ڪپڙو، ريشمي شيون، شورو، کلون ۽ چمڙي جو سامان سڱن وارو کير ڏيندڙ چوپايو مال ۽ کير مان ٺهندڙ شيون، آفيم، اناج، مڇي ۽ کنڀ ٻاهر موڪليا ويندا هئا ۽ موت ۾ سنڌ ٻاهران ڌاتو، شيهو ۽ ٽين لوهه ۽ رڪ، سون ۽ چاندي، آسائشي سامان، ريشمي ڪپڙو ۽ بخمل ۽ قيمتي پٿر، مصالحا، ڪارا مرچ، لونگ، دالچيني ۽ جافر ۽ دستڪاري لاءِ گهربل سامان، ميوا ۽ ڇوهارا گهرائيندي هئي. “
    اهڙي طرح جوزف جي سنڌ بابت هي ءَ ڏنل معلومات تاريخ جو املهه حصو آهي.


    ڪئپٽن ٽي پوسٽنس

    ڪئپٽن ٽي پوسٽنس

    ٽي پوسٽنس بمبئي آرمي ۾ ڪئپٽن هو ۽ سرهينري پاٽنچر جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان جو پوليٽيڪل ايجنٽ هو، ان جو اسسٽنٽ هو. سندس ڪتاب جو نالو ” پرسنل آبزرويشن آف سنڌ “ آهي. جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ بابت مختلف واقعات، آبهوا، سماجي رسومات، زراعت، آبادي متعلق مفيد معلومات ڏنل آهي. هيءُ ڪتاب پهريون دفعو سن 1823ع ۾ لنڊن مان ڇپيو ۽ ٻيهر سن 1973ع ۾ ڪراچي مان ڇپيو.
    پوسٽنس سنڌ ۾ پوکي راهي جي طريقي بابت لکي ٿو : ” سنڌو درياءَ اپريل مئي ۽ جون مهيني ۾ اٿلي هيٺياهين زمين کي پاڻي سان ڀريو ڇڏي ۽ جيئن ئي ٻوڏون ختم ٿين ٿيون ته زمين تي ريجائي مٽي جو ٿلهو تهه ڇڏيو وڃي ٿو جنهن کي هاري ماڻهو سڪڻ کان اڳ سولائي سان کيڙيو ڇڏين. انهيءَ نموني سان کيڙيءَ ۾ ٻج ڇٽي ڇڏڻ سان زمين ٺاهوڪا فصل پئدا ڪري ٿي. ” مقامي حاڪمن جا کوٽايل واهه، گهڻي ڀاڱي آبڪلاڻي واهه هوندا آهن. جهونو طريقو اهو هو ته درياءَ جو قدرتي شاخون به استعمال ڪيون وينديون هيون ته نوان واهه به کوٽايا ويندا هئا. جتي زمينون وڏن واهن يا سندن واٽر ڪورسن جي نالن سان مخصوص آهن ۽ انهيءَ ڪري جدا جدا هنڌن تي آبپاشي جي سهولتن جي موجودگي يا غيرموجودگي تي پيداوار جو مدار آهي. واهن جي کوٽائي گهڻو ڪري ونگار رستي ڪئي وڃي ٿي. ڪيتريون ئي زرخيز زمينون واهن جي خراب حالت ڪري، غير آباد ۽ ويران بنجي ويون آهن. حاڪمن ڪڏهن ڪڏهن بنا اجوري ڏيڻ جي مزدورن کي ڪم تي بيگر وهائڻ جي ڪوشش ڪئي. نتيجو ڪوبه نه نڪتو، حاڪمن جي لالچ ڪري خود سندس ئي مقصد کي ڌڪ پئي لڳو. هت غيرآباد زمين جا جهنگ سان ڍڪيل زمين ۽ شڪارگاهن لاءِ مخصوص زمين جي ڀيٽ ۾ آبادي هيٺ ايندڙ زمين تمام ٿوري آهي. اهڙي ملڪ ۾ جتي سنڌو ندي جهڙي درياءَ جي ڪري زمين جي زرخيزي ۽ آبادي جا وسيلا کليل هجن، مٿين عام ماڻهن جي نظر کان ڪڏهن به ڪين گسندي.“
    هو لکي ٿو : ”سنڌ ۾ آبادي ڪرڻ جو هڪ مخصوص طريقو آهي، جنهن کي بوسي چئبو چيو ويندو آهي. اهو طريقو اتر سنڌ ۾، وارياسي جيڪي مٽي وارين جاين تي استعمال ڪيو ويندو هو. جڏهن آبڪلاڻي جي موسم پوري ٿيڻ تي هوندي آهي. تڏهن انهن زمينن ۾ پاڻي ڇڏيو ويندو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ پاڻي اتي ڪنهن ڍنڍ وانگر بيٺو هوندو آهي. تان جو اهو پاڻي زمين چُهي ويندي آهي ۽ سڄي پاڻي سان رچي ويندي آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ، ان کي هر ڏيئي کيڙيو ويندو آهي، پوءِ اها ڌرتي پوک لاءِ تيار ٿي پوندي آهي. ان زمين ۾ ٻن طريقن سان ٻج وڌو ويندو آهي يا ته ڪڻڪ جو ٻج هٿ سان ڇٽڪاريو ويندو آهي يا وري هر ڏيڻ وقت، ڪاٺ جي پوري نڙ سان زمين ۾ اونهو اماڻيو ويندو آهي. پهرئين طريقي کي ڇاٽو ۽ پوئين کي ناڙي چيو ويندو آهي.
    ٽي پوسٽنس سنڌ جي فصلن بابت لکي ٿو : ” ڏکڻ سنڌ ۾ چانور، ايتري انداز ۾ اپايا وڃن ٿا جو ان مان ڪافي بچت ٿئي ٿي. اتر سنڌ ۾ خريف ۽ ربيع جا مکيه فصل جوار ۽ ڪڻڪ هئا. اهي ٻئي فصل گهڻي انداز ۾ پوکيا هئا ۽ اهي اهڙي ته اعلى درجي جا هوندا هئا جو مصر جي بهترين قسمن سان مقابلو ڪري ٿي سگهيا.“ هو اسان کي ٻڌائي ٿو : ” جوئر جي ڪانن جي ڊيگهه عام طور چوڏهن کان 16 فوٽن تائين هئي ۽ هڪڙو هڪڙو سنگ ٻارهن کان چوڏهن آئونسن جو هو. سنڌ ۾ ڪڻڪ به بهترين قسم جي پوکي ويندي هئي ۽ جتي جتي اها پوکيل هئي، اتي ميلن جا ميل ملڪ اناج جي حسين ترين ڳهن سان سينگاريل هو. ٻيا فصل هئا ٻاجهري، مڱ، جَو، تر، ايلسي، سرنهن ۽ هيرڻ“ تجارتي فصلن بابت هو لکي ٿو : ” ڪپهه سڀ کان اهم فصل هو، جيڪو سنڌ جي وچئين ۽ ڏاکڻي علائقي ۾ وڏي پئماني تي پوکيو ويندو هو. ان جا ٻه قسم هئا. نيري يعني سالياني ۽ مندائتي يا دائمي، نير ٻيو نمبر مکيه فصل هو. جيڪو سنڌ جي زمين ۽ آبهوا موافق هو. ڪمند، سئي، ڀنگ ۽ تماڪ به ٿوري انداز ۾ اپايا ويندا هئا. هو لکي ٿو : ” درياءَ جي اوڀر طرف روهڙي ۽ حيدرآباد ۾ بهترين قسم جا عاليشان باغ آهن ۽ اونهاري جي موسم شروع ٿيڻ تي، سڄو ملڪ گلن خاص ڪري گلاب جي گلن سان ڍڪجيو وڃي. ملڪ جي هر طبقي جا ماڻهو باغن تي ڏاڍو توجهه ڏين ٿا. تفريح جو وقت انهن باغن ۾ گذارڻ وڃن ٿا. هندو ۽ مسلمان ٻيئي زندگي جي هر پهلوءَ تي گهڻو ڌيان ڏين ٿا ۽ ان تي ڪافي پئسو خرچين ٿا. شڪارپوري ماڻهو تفريح جي ميدانن ٺاهرائڻ ۾ هڪٻئي سان مقابلو ڪندا رهن ٿا. انهن تفريح جي ميدانن ۾ صوف، گل ۽ ميوا پوکيا وڃن ٿا. هتان جي سبزي ۾ بصر، پالڪ، موري، ٿوم، ڪدو، پٽاٽا، مٽر ۽ پٻڻ جام آهن.“
    هو لکي ٿو ته : ”سنڌ ۾ هر ڍڳن جي جوڙي يا ڪڏهن ڪڏهن اُٺن جي وسيلي ڪاهيو ويندو هو. اهو هر تمام هلڪو هو ۽ فقط ٿوري مٽِي کي کيڙي اٿلائي سگهندو هو ۽ اڪثر فقط زمين جي سطح کي ئي کيڙي سگهندو هو. گُڏ ڪڍڻ لاءِ رنبو ۽ هڪ ننڍي ڳن سان باهوڙو ڪم آڻبو هو.“ ڳاهه لاءِ هو لکي ٿو : ” تهن کان جدا ڪرڻ لاءِ ڳاهه جي پڙ ۾ ڍڳن ذريعي ڳاهيو ويندو آهي. اهو ڳاهه جو پُڙ هڪ صاف ڪيل ميدان تي مٽي ۽ گاهه جو ليپ ٺاهيو ويندو آهي. سنڌ جهڙي خشڪ آبهوا ۾، ان جا ذخيرا هڪ هنڌ گڏ ڪري، آڙن سان ڍڪي ڇڏيندا آهن ۽ وڌيڪ سلامتي لاءِ ان کي مٿان مٽي جو ليپو ڏيندا آهن.
    ڍل بابت هو لکي ٿو : ” زمين جي ڍل گهڻو ڪري جنس جي صورت ۾ وصول ڪئي ويندي هئي. سرڪار کي ڍلن مان ڪل 80 لک روپيا ملندا هئا. پوسٽن ڍل جا انگ اکر سن وار هن طرح ڏنا آهن. 19 صدي جي منڍ ۾ 3040، 1809ع ۾ 43 لک ۽ 1814ع ۾ 35 لک، 1824ع ۾ 50 لک ۽ سنڌ جي ڍلن جي آمدني هئي. زمين جي ڍل مقاطعي جي اصول تي وصول ڪئي ويندي هئي. جنهن موجب زميندار کي ڪم کان مٿي مقاطعي يا معاهدي تي زمين ملندي هئي جنهن ۾ زمين جي پکيڙ ۽ مقاطعي جا شرط شروط ڄاڻايل هوندا هئا. سنڌ جي صنعت جو ذڪر ڪندي پوسٽن سنڌ کي سوٽي ڪپڙي جو گهر سڏيو آهي. هو لکي ٿو ته سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙي وانگر، اوني ڪپڙي جي صنعت سنڌ جي قديم صنعتن مان هڪ آهي. ٿرپارڪر جا اڇا ڪنبل، جن کي کٿا سڏيو ٿو وڃي. سنڌ جي هڪ مکيه اقتصادي شيءَ آهي ۽ اڄ تائين حيدرآباد ضلعي جي گوني تعلقي ۾ جت ۽ بلوچ قومن جون زالون واندڪائي جو وت ڪنبل ۽ اوني فراسين ٺاهڻ ۾ گذارين ٿيون.“ هو لکي ٿو ته سنڌ ۾ گهوڙن جا مالڪ پنهنجن گهوڙن کي کاڌو نهايت سٺو کارائيندا هئا ۽ شاهوڪار ماڻهو ڏاڍي شوق ۽ آب تاب سان پنهنجن گهوڙن کي سهڻن ۽ قيمتي سنجن سان سينگاريندا هئا. سنڌ ۾ چمڙي جي گهڻائي بابت رايو آهي ته هتان ڪيترن بندرن ڏانهن کلن جا جهاز ڀرجي ويندا هئا. هت چمڙي کي ڪيترن ئي ڪمن ۾ استعمال ڪيو ويندو هو. جهڙوڪ: گهوڙن ۽ اُٺن لاءِ زينون، سنج، پنج سنجي تيار ڪرڻ، ڍالون ۽ زبان، دستانا ۽ بوٽ، پخالون ۽ گيهه مکڻ لاءِ مرتبان ٺاهيا ويندا هئا. “ سنڌ ۾ ڪنڀارڪي ڪم بابت هو لکي ٿو ته : ” هت ڪنڀارڪو ڪم اعلى نموني جو ٿئي ٿو. پاڻي جا سهڻا ٿانو ۽ مقبرن ۽ مسجدن کي سينگارڻ لاءِ عاليشان رڱيل ڪاشيءَ جو سرون تيار ٿين ٿيون. ٺٽي جي ڀرسان ٺهيل قديم قبن ۽ مقبرن ۾ ڪم آيل سنهين چٽيل سرن کي، سندن بهترين پالش ۽ بناوت جي ڪري هر ڪنهن ساراهيو ۽ واکاڻيو آهي. سندن بناوٽ، ايتري ته پختي ۽ مڪمل آهي جو انهن جڳهين جون ڪنارون اڄ به اهڙيون ئي سُٺيون، سنوانٽيون ۽ سالم آهن. جهڙيون ٺهڻ وقت هيون. جيتوڻيڪ انهن مان ڪيترين جاين کي ٺهي، اڄ صديون گذري چڪيون آهن. “
    اهڙي طرح ٽي پوسٽنس جو هيءُ سنڌ جو سفر، اسان جي تاريخ ۽ ثقافت لاءِ نيڪ فال آهي. ڇو ته هن مغربي سياح ان موضوع تي تفصيل سان لکي اسان جي تاريخ کي محفوظ ڪيو آهي.


    ديوارت باربوسا

    ديوارت باربوسا

    جن مغربي رهاڪن، سنڌ کي شخصي طرح پهريون دفعو ڏٺو سي پورچوگيزي هئا. هي ماڻهو، هندستان جي سامونڊي ڪنارن تائين سفر ڪندڙ هئا. انهن انگريزن کان سٺ سال اڳ سنڌ ۾ اچڻ شروع ڪيو. هنن پهرئين سنڌ جي ارغون حڪمران شاهه حسن وٽ نوڪري ڪئي پر سچائي نه ڏيکاريائون. جڏهن عيسى خان کين ٺٽي ۾ ڇڏي بکر ويو. تڏهن پورچوگيزن مغلن کان اجازت وٺي، ٺٽي ۾ پنهنجي تجارتي ڪوٺي قائم ڪئي، جتي سندن ايجنٽ رهندا هئا ۽ تجارتي مال سنڌ جي ننڍن شهرن مان خريد ڪئي، ٺٽي ۾ پنهنجي تجارتي مرڪز کي موڪليندا هئا. ان تجارتي ڪوٺي جي ايجنٽ کي فيڪٽر چوندا هئا. هو سنڌ ۾ پورچوگيزي جماعت جي امور جي نظرداري به ڪندو هو ته انهن جي مسئلن کي به حل ڪندو هو. پورچوگيزي حڪومت کين ڪابه پگهار نه ڏيندي هئي پر سندن ماهوار پگهار جو چاليهه سيڪڙو کين مقامي حڪومت ڏيندي هئي باقي اهي پورچوگيزي رهاڪو ڏيندا هئا جيڪي سنڌ ۾ رهندا هئا. مقامي حڪومت کي پورچوگيزن جي تجارت مان ساليانو هڪ لک روپيا فائدو ٿيندو هو. ان ڪري هو هنن جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو پورچوگيز هتان جي حڪومت کي هر وقت ڌمڪي ڏيندا رهندا هئا ته اسان پنهنجي بحري ٻيڙي کي گهرائي. بندرگاهه کي تباهه ڪري ڇڏينداسون. هو هينئن به ڪندا هئا ته مختلف بهانا بنائي، ڪسٽم ڊيوٽي بچائي، پنهنجو مال کليل مارڪيٽ ۾ آڻي مقامي واپارين کي نقصان پهچائيندا هئا.
    اهو ئي زمانو هو، جڏهن پورچوگيزي سياح سنڌ ۾آيا. سندن سفرناما اسان تائين، سندن ٻولي جي ڪري گهٽ پهتا آهن. پورچوگيزي سياح جيڪي تاجر هئا انهن سنڌ جو تجارت لحاظ کان جائزو ورتو آهي ۽ ملڪ جي پئداواري شين، تجارتي رستن، ڪسٽم ڊيوٽي ۽ انهن جون مشڪلاتون ۽ طريقئه ڪار جو ذڪر ڪيو آهي. اهڙن پورچوگيزي سياحن مان باربوسا به هڪ هو.
    ديوارت باربوسا سن 1516ع ۾ هرمز کاڙي کان گجرات تائين سمنڊ رستي مسافري ڪئي. جڏهن پورچوگيزن ٺٽي ۾ تجارتي ڪوٺي کولي، تڏهن باربوسا، لاهري بندر تي پهتو ۽ اتان ٿي سنڌ ۾ آيو. هو ٺٽي ۾ تمام گهڻو رهيو ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۽ آباد ۽ وسيل شهرن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.
    باربوسا لکي ٿو : ” سنڌ ملڪ جي وچان، هڪ درياءَ سمنڊ ڏانهن وڃي ٿو ۽ انهي درياءَ جي پاسن تي ڪيترائي آسودا ۽ خوشحال شهر آباد آهن. زمين ڀلي ۽ زرخيز آهي. منجهس ڪڻڪ، جَوَ ۽ گوشت جا عظيم ذخيرا موجود آهن. منجهس کاڌ خوراڪ جهجهي آهي. “ سنڌ جي وڻج واپار جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته : ” هندستان جي باقي حصن ۽ ٻين ملڪن سان، سنڌ جو گهڻو واپار هلي ٿو. خاص ڪري، هت ڪپڙو ايترو ته تيار ٿيندو هو جو واپار لاءِ، جيڪي به جهاز ايندا هئا. انهن کي پُر ڪرڻ لاءِ اهو ڪافي هو. انهن شين تي جيڪو محصول پوندو هو، سو به هڪ لک رپيا هوندو هو ۽ ان وقت جي لحاظ کان اهو لک روپيا هڪ وڏي رقم هئي.“
    سنڌ جي گهوڙن جو ذڪر ڪندي باربوسا لکي ٿو ته : ” سنڌ جا ماڻهو گهوڙن پالڻ جا ڏاڍا شوقين آهن. انهن مان مالڪ پنهنجن گهوڙن کي کاڌو نهايت سٺو کارائيندا هئا ۽ شاهوڪار ماڻهو، ڏاڍي شوق ۽ آب تاب سان، پنهنجن گهوڙن کي، سهڻن ۽ قيمتي سنجن سان سينگاريندا هئا. سنڌي گهوڙا جيتوڻيڪ سنها ۽ هڏاوان ٿين ٿا. پر ڏاڍا مضبوط، تيز رفتار ۽ غير معمولي طاقتور ٿين ٿا. سنڌ ۾ مڇي جي پيداوار جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته : ” سنڌ ۾ مڇي وڏي مقدار ۾ ماري ويندي هئي. ايتري قدر جو مقامي کاپي کان ڪافي مقدار ۾ بچي پوندي هئي. جنهن کي لوڻي، دونهاٽي، سڪائي ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو هو ۽ ان مان ماڻهن کي ڪافي آمدني ۽ نفعو ٿيندو هو. مڇي مان تيل به ڪڍيو ويندو هو، جو ٻيڙين ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو هو. مڇي جو گهڻو مقدار جو مثال هي ڪافي آهي ته سنڌ جا ماڻهو گهوڙن کي به سُڪل مڇي کارائيندا هئا. ” باربوسا جيئن ته گهڻو عرصو سنڌ جي شهر ٺٽي ۾ رهيو. ان ڪري ٺٽي جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” ته هي هڪ وڏي آبادي وارو شهر آهي. جنهن ۾ اٽڪل ڏيڍ لک گهر آهن. هڪ ئي گهر ۾ ڪيترائي ڪٽنب گڏ رهن ٿا ۽ جيڪڏهن هندستان م، ماڻهو پورچوگيز ن وانگر رهن ته شهر وڃي زمين کان پنجوڻي زمين به هوند پوري نه پوي. هي شهر مغلن جي هٿ هيٺ آهي. خاص طور سندس بندر کيس هندستان جي سموري پيدائش مثال سون، چاندي ۽ موتي وغيره مهيا ڪري ٿو.
    جيڪو اصل سن 1518ع ۾ لکيو ويو آهي ۽ سن 1865ع ۾ پهريون ڀيرو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو ويو ۽ ٻيو ڀيرو 21 – 1918ع ۾ لنڊن مان ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب ۾ ڏنل ملڪن جون سامونڊي حدن بابت ذڪر ڪيل آهي.
    اهڙي طرح باربوسا جا سنڌ بابت هي تاثرات، سنڌ جي تاريخ جو عظيم سرمايو آهي. جن مان ان دور جي سنڌ جي معاشي حالتن جي مڪمل خبر پئجي سگهي ٿي.


    رابرٽ ارسڪن

    رابرٽ ارسڪن

    سترهين صدي عيسويءَ ۾ قدرت جي عظيم نعمتن سان سنڌ کي نوازيو هو. تن مان قلمي شورو به هڪ هو. سنڌ جي سرزمين ۾، خاص ڪري دو – آبو واري حصي ۾ ان زماني ۾ قلمي شورو تمام گهڻو ٿيندو هو. ڪن ضلعن ۾ زمين جي سطح تي هڪ ٿلهو ڪلراٺو تهه چڙهي ويندو هو. انهيءَ تهه کي کرڙي، ٿوري محنت سان ان مان قلمي شورو تيار ڪيو ويندو هو. انگلينڊ ۾، شوري جي طلب تمام گهڻي هئي ڇو ته اهو بارود ٺاهڻ، شيشي جي سامان ۽ ڪپڙي جي صنعت م استعمال ٿيڻ لڳو. ان ڪري سنڌ ۾ ڪمپني جي ايجنٽن کي حڪم مليو ته اوهان جي پرڳڻن ۾ جيترو به گهڻو قلمي شورو ملي سگهي اهو مهيا ڪريو. سن 1758ع ۾، سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ قلمي سوري جي هڪ هٽي حاصل ڪرڻ جي خاص مقصد لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني، سنڌ ۾ ٻي ڪوٺي به جاري ڪئي ۽ شاهي فرمان جاري ڪري هڪ هٽي قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي. انهيءَ قلمي شوري جي صنعت کي وڌائڻ لاءِ سنڌ ۾ آيو ته هڪ سول سرونٽ جي حيثيت ۾، پر سنڌ جي عام سياسي سماجي ۽ تجارتي حالتن بابت جيڪو ان وقت بمبئي جي مرڪزي سرڪار کي لکيو. ان کيس سنڌ جو سياح بنائي ڇڏيو. بمبئي جي ڪمپني سن 1758ع ۾، سنڌ جي حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کان اجازت وٺي سنڌ ۾ تجارتي ڪوٺي قائم ڪئي. ان وقت سندن سامهون قلمي شوري جي تجارت هئي. پهريائين انگريز، پنهنجي هندو دلال رويچند جي معرفت ميمڻن کان قلمي شورو خريد ڪرڻ لڳا. پر جڏهن ان جي طلب وڌي ويئي تڏهن هنن سنڌ ۾، قلمي شوري ٺاهڻ جو ڪارخانو کولڻ چاهيو ۽ ان جي اجازت وٺڻ لاءِ ڪمپني جي ڊائريڪٽر رابرٽ ارسڪن کي سنڌ موڪليو. هن درٻار ۾ پهچڻ سان ميان غلام شاهه کي هڪ اشرفي، هڪڙو بخمل جو ٿانو ۽ ڪجهه آرسيون ڪمپني طرفان سوکڙي طور ڏنيون. ميان جواب ۾ کيس هڪ ڪيمخواب جو چوغو، هڪڙي شال، هڪ پٽڪو، هڪ خنجر هڪ سون سان مڙهيل تلوار، چاندي جي سنجن سان آراسته هڪ ايراني گهوڙو ڏنو. ان وقت مسٽر رابرٽ ارسڪن غلام شاهه کان پروانو حاصل ڪيو. جنهن موجب انگريزن کان سواءِ ٻي ڪنهن به قوم کي سنڌ ۾ قلمي شوري خريدڻ جي اجازت نه هوندي ۽ ان جو ڪوبه جهاز ٻڏي وڃي يا مال کي نقصان پهچي ته سرڪاري ماڻهو جهاز ڪڍڻ ۾ مدد ڪن ۽ رواج مطابق پنهنجو اجورو وٺي يا مال يا جهاز انگريزن جي حوالي ڪن. ساڳئي پرواني ۾، رابرٽ ارسڪن انگريزي جهازن تان محصول معاف ڪيو ويو.“ اهڙي طرح رابرٽ ارسڪن سنڌ جي حاڪم کان ڪارخاني کولڻ جي اجازت وٺي، هڪ خاص جهاز ۾ قلمي شورو صاف ڪرڻ جا ڪڙاهه آندا ۽ ڪارخاني ۾ ساليانو ڏهه هزار مڻ قلمي شورو صاف ٿيڻ لڳو ۽ اهڙي طرح مسٽر ڪرد جي لفظن ۾ انگريزي ڪوٺي وارن، شاهبندر تي قلمي شوري کي صاف ڪرڻ ۽ ڪاڙهي قلمي صورت ۾ آڻڻ ۾ وڏي پئماني تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. ڪمپني کي سن 1764ع ۾ هن واپار مان پندرهن هزار اٺ سو چوراسي ( 15884 )رپيا نفعو مليو، جيڪو ان زماني ۾ وڏي ۾ وڏو نفعو هو.
    ان زماني ۾ رابرٽ ارسڪن سنڌ ۾ ڪمپني جو ريزيڊنٽ هو. هن جيڪا ڪمپني کي رپورٽ موڪلي تنهن بابت ڊاڪٽر سارلي لکي ٿو : ” اها سنڌ جي تجارتي ۽ اقتصادي حالتن تي شاندار رپورٽ هئي. ان ڪمپني جي خاص تجارتي شين، ڪمپني جي تجارت کي تحفظ ڏيڻ ۽ بحري فوج قائم ڪرڻ جو ذڪر تفصيل سان ملي ٿو. هت انهيءَ رپورٽ جون چند ڳالهيون پيش ڪجن ٿيون. جن مان ان دور جي سنڌ جي خبر پوي ٿي. هو لکي ٿو : ” سنڌ چڱي ۽ امن پرور حڪومت جي هٿ هيٺ آهي. جتي اناج ۽ زندگي جي ٻين گهڻين ئي شين جي گهڻائي هميشه رهي آهي. هت ذهين ۽ تجربيڪار مزدور گهٽ آهن. شاهبندر جي آبهوا غير صحتمند آهي. جنهن ڪري ڪمپني جي اسٽاف جا ماڻهو بيمار رهن ٿا. هنن لاءِ لنگر کان وٺي شاهبندر تائين مناسب سفري سهولتون ڪين هيون. ان زماني ۾ سنڌ ۾ بحري جهازن کي ڦريو ويندو هو.“ ان ڪري هو لکي ٿو : ” ڪمپني جي گهرجي ته پنهنجن جهازن کي مسلح ڪري ۽ سنڌ ۾ شوري جي ڪارخانن لاءِ بوائلر موڪلي ڇو ته سنڌ ۾ اهڙو ڪاريگر ڪونهي جيڪو بوائلر ٺاهي سگهي.“
    رابرٽ ارسڪن غلام شاهه جي درٻار جو ذڪر ڪندي لکي ٿو : ” مان جڏهن سنڌ جي حاڪم جي درٻار ۾ پهتس تڏهن سهڻي طرح منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو ويو. سندس درٻار سهڻي نموني سينگاريل هئي. حڪمران وٽ هاٿي تمام گهڻا هئا ۽ هڪ هاٿي جي مستي ڪري جائداد کي ڪافي نقصان پهتو. “ هو لکي ٿو : ” ٺٽي ۾ هولي جو ڏڻ هندو ڏاڍي شايان شان نموني ملهائيندا هئا.“
    مطلب ته رابرٽ ارسڪن، سنڌ بابت جيڪا مختصر معلومات ڏني آهي. تنهن مان ان وقت جي سنڌ جي خوشحالي جي مڪمل خبر پوي ٿي ته هي سرزمين ماضيءَ ۾ ڪيڏي نه زرخيز هئي ۽ هيءَ ملڪ وڏي اُپت وارو هو.


    فري سباسٽن منريق

    فري سباسٽن منريق

    فري سباسٽن منريق پورچوگيزي شهر اوپوٽو جو رهواسي هو. سندس تعلق هگلي جي آڪسٽينشن مشن سان هو. سن 1640ع ۾ هن هت مشنري جا اهم امور طئي ڪرڻ لاءِ گوا کان سفر شروع ڪيو. هو ڪٽر قسم جو ڪيٿولڪ فرقي جو عيسائي هو. جيڪو مسلمانن کي پسند نه ڪندو هو. آخري عمر ۾ سندس هڪ ملازم سن 1694ع ۾ کيس قتل ڪري وڌو.
    منريق 1640ع ۾ مغلن جي شروعاتي دور ۾ سنڌ ۾ آيو ته جيئن سنڌ ۾ قائم ٿيل پورچوگيزي چرچ جي مرمت ڪرائي سگهي. جيڪو لاهري بندر تي هو. جنهن کي سنڌي ماڻهن ساڙي ناس ڪري ڇڏيو. هو سنڌ ۾ شهزادي آصف جو فرمان به کڻي آيو هو ته جيئن هو هت سڀني چوڪين تان آزادي سان اچي وڃي سگهي ۽ کائنس ڪابه پڇا ڳاڇا نه ٿئي. هو سنڌ ۾ چار مهينا رهيو. ٺٽي ۾ مشن جي ماڻهن سان مليو ۽ پوءِ واپس هندستان موٽي ويو. سندس سفرنامو سن 1643ع ۾ ٻن جلدن ۾ ڇپيو.
    منريق سنڌ ۾گهڻو سفر درياءَ رستي ڪيو. هو لکي ٿو : ” اسان نهايت سڪون سان دريائي سفر شروع ڪيو. رات جو اسان کي البت احتياط ڪرڻو پوندو هو. اسان جتي به رهندا هئاسون. اتي اسان کي سڀ ضروري شيون سستي اگهه ۾ ملي وينديون هيون. ڪن جاين تي جتي پاڻي گهٽ هوندو هو، اتي مهاڻا اسان کي مڇي ڏيندا هئا. اسان نائين ڏينهن بکر پهتاسون. هي وسندڙ ۽ آباد شهر هو. هت باغ ۽ گهاٽا وڻ هئا. هي علائقو سرسبز ۽ زرخيز هو. حقيقت ۾ بکر، سکر ۽ روهڙي واري ٽڪري کي سنڌ جو چمن ڪري ڪوٺيندا آهن. بازارون شين سان ڏٽيون پيون هيون ۽ اتي ڪنهن به شيءَ جي ڪمي نه هئي. ڪسٽم مرحلن ۾ ڪابه دقت پيش نه آئي. هت اسان اُٺن جون وڏيون قطارون ڏٺيون جيڪي هر سال ايران، خراسان ۽ ٻين علائقن ڏانهن تجارتي سامان کنيو پئي ويا. اسان جو سفر تمام سهڻي نموني پئي ٿيو. “ بکر کان پوءِ هو سيوهڻ آيو. جتي ٻيڙي تي ڌاڙيلن حملو ڪيو پر منريق جي ماڻهن کين ٻرندڙ بمن سان ڀڄائي ڪڍيو. سيوهڻ کان هو چئن ڏينهن جي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ ٺٽي پهتو. ڪسٽم کان پوءِ، کيس شهر ۾ گهڙڻ جي اجازت ڏني ويئي. هو پوءِ شهر ۾ مغلن طرفان قائم ٿيل گورنر سان مليو ۽ کيس شاهي فرمان ڏنائين. گورنر فرمان کي اکين تي رکيو ۽ منريق کي ڪسٽم واري رقم واپس ڏياري. هو ٺٽي ۾ هڪ مهينو رهيو. هو لکي ٿو : ” ٺٽو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ آهي ۽ هڪ وڏو صنعتي مرڪز ۽ مکيه بندر آهي جنهن ۾ هميشه جهازن جون قطارون بيٺيون هونديون آهن. اهي جهاز هر ڪنهن قسم جو سامان کڻي پورچوگال جي مختلف حصن ڏانهن ويندا هئا. ٺٽو سرڪاري آفيسرن سان ڀريل هو. جتي سرڪاري آفيسون به هيون. منجهس فرنگي آبادي گهڻي هئي. ٺٽي ۾ ڪورين جا اٽڪل ٽي هزار ڪٽنب آباد آهن. هتي تمام گهڻي ڪپهه اچي گڏ ٿي ٿئي. جنهن کي اٽڪل ٻن هزار اڏاڻن تي آڻي، ڪيترن ئي قسمن جو عاليشان ڪپڙو تيار ڪيو وڃي ٿو. جيڪو پوءِ ايشيا جي ڪيترن ملڪن ۽ پورچوگال ڏانهن اماڻيو وڃي ٿو.
    سنڌ جي مجموعي خوشحالي جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” سيوهڻ کان مٿي ملڪ جي ٿوري حصي کان سواءِ سمورو ملڪ زرعي طرح نهايت آباد ۽ آدمشماري ملڪ جي ٿوري حصي کان سواءِ سمورو ملڪ زرعي طرح نهايت آباد ۽ آدمشماري جي لحاظ کان نهايت وسيل هو. بکر کان اسان سفر شروع ڪيو ۽ جتان جتان لنگهيا سون. اتي وسيل ڳوٺ ۽ آٻاد ڪنارا نظر آيا. سيوهڻ وٽ محصول جي گهر کان سواءِ ڪنهن به تڪليف جي لنگهي، اسان پنهنجو سفر شروع ڪيو ۽ هر وقت هر جاءِ تي اسان کي ماڻهن ۽ پوکن سان وسيل ۽ آباد زمينون نظر آيون. اهڙي طرح اسان ٺٽي کان ستين ڏينهن عمرڪوٽ پهتاسون.“
    هو لکي ٿو : ” سنڌ ۾ چوپايو مال، خاص ڪري مينهون تمام گهڻي انداز ۾ موجود هيون. مکڻ گهڻو ٿئي ٿو. جيڪو مسقط ڏانهن موڪليو ويندو هو. سنڌ جا ماڻهو عاليشان قسم جو چمڙو تيار ڪن ٿا. جيڪو اونهاري ۾ ميز پوشن، بسترن جي چادرن ۽ ڪرسين جي گاديلن ٺاهڻ ۾ ڪم ايندو هو. سنڌ ۾ مڇي تمام گهڻي ٿيندي هئي ۽ مڇي جو بهترين قسم سستو ملي سگهندو هو. سنڌ جا ماڻهو، گهڻو ڪري ڪکائين ڇتين سان مٽي سستو ملي جهوپڙين ۾ رهن ٿا ۽ پنهنجن گهرن کي نهايت صاف سٿرو رکن ٿا ۽ هر ٿوري وقت کان پوءِ، پٽ ۽ ڀتين کي چئبي گڏيل مٽي جو ليپو ڏيندا رهندا هئا. “
    هو هڪ عجيب ڳالهه لکي ٿو : ” درياءَ ۾ سفر دوران، اسان کي هندن جا لاش مليا. جن کي مذهبي رسمون پوريون ڪري، درياءَ جي حوالي ڪيو ويو هو. ان کان سواءِ هو لکي ٿو : ” سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڀڀڪيدار ۽ سوڙها ڪپڙا پائي رنڊيون ۽ ڪڃريون عام بازار ۾ گهمن ٿيون ۽ کلي عام فحش حرڪتون ڪنديون رهن ٿيون.“
    فري سباسٽن منريق جيڪو مذهبي مقصد سان سنڌ ۾ آيو هو. لاهري بندر ۾ ڪليسا جي مرمت ڪرائي لاهور وڃڻ پئي چاهيو پر دريائي سفر جي تڪليف ڪري، هو جيلسمير جي رستي سان اُٺن تي چڙهي واپس هندستان ويو. اهڙي طرح هن جو سفرنامو، مغلن جي دور واري سنڌ جي معاشي ۽ معاشرتي تاريخ جو مجموعو آهي ۽ ان ڏس ۾ جامع مواد فراهم ڪري ٿو.
    منريق جو سفرنامو ” فري سياسٽن منريق جو سفر “ نالي حمليات سوسائٽي طرفان ٻن جلدن ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي طرفان سال 1926ع ۾ شايع ڪيو ويو آهي.


    ڊبليو ايڇ مور لينڊ

    ڊبليو ايڇ مور لينڊ

    سترهين ۽ ارڙهين صدي جي پهرين اڌ ۾، جو مغلن ۽ اوائلي ڪلهوڙن جو دور هو. سنڌ کي واپاري دنيا ۾، هڪ اهم مقام حاصل هو. سنڌ هڪ ترقي يافته زراعت ۽ ٻارهن عروج يافته صنعتن کي سنڀالي رهي هئي ۽ اها نه رڳو پنهنجي اناج ۽ کير جي پيدائش جي فراواني کان مشهور هئي پر سندس ڪپڙي، نير، شوري چمڙي جي سامان ۽ ٻين نادر چيزن جي نفاست ۽ سهڻائي جي چڱي ناموس هئي. سنڌ جا محنتي ۽ جفاڪش ماڻهو نه رڳو هندستان جي مکيه مرڪزن ملتان ۽ لاهور، آگري ۽ احمد آباد سان جهجهو واپار هلائيندا هئا. بلڪ عربستان، افغانستان ۽ خراسان، ايران ۽ ترڪي، ميسوپوٽيما ۽ ايشيا مائنر الهندي يورپ ۽ چين سان سندن واپار هلندو هو. ايراني نار ۽ مالابار ساحل جي بندرن سان سندس ساحلي واپار هلندو هو. ايراني نار ۽ مالابار ساحل جي بندرن سان سندن ساحلي واپار به ڪافي هوندو هو. ان وقت سنڌ کي هڪ پنهنجي متوازن معيشت هئي. صنعت ۽ واپار ۾ ماڻهن جو ڪافي تعداد هو. ساڳئي وقت سنڌ پنهنجي ضروريات کان وڌيڪ مال پئدا ڪندي هئي ۽ پنهنجي زرعي ۽ صنعتي مال جي زائد پئداوار خشڪي ۽ درياءَ ۽ سمنڊ رستي ڏورانهن ديسن ڏانهن برآمد ڪندي هئي. جتي انهن شين جي بهترين مارڪيٽ هوندي هئي. اهڙي طرح سنڌ جو واپاري توازن هميشه نفعي بخش رهيو. جنهن ڪري ملڪ ۾ سون ۽ چاندي جي مسلسل درآمد ٿيندي رهي ۽ اهو ئي زمانو هو جڏهن مورلينڊ، ايسٽ انڊيا ڪمپني ۾ وڏي عهدي تي فائز هو. هو هند ۾ مغلن جي دور ۾ آيو ۽ برصغير جي تاريخ ۾ گهرو مطالعو ڪيو. ان ڪري هن اتي ٽي ڪتاب ” انڊيا ائٽ دي ڊيٿ آف اڪبر “ ( 1920ع )، ” فرام اڪبر ٽو اورنگزيب “ ( 1923 ع ) ۽ ٽيون ڪتاب ” ائگرئين سسٽم ان انڊيا “ ( 1929 ع ) ۾لکيا. انهن ٽنهي ڪتابن ۾ هن سنڌ جي زراعت، تجارت ۽ معيشت جو ذڪر ڪيو آهي.
    ڊبليو ايڇ مورلينڊ پهريون مغربي سياح آهي جنهن سنڌ جي زراعت، زرعي پيداوار ۾ واڌ، زرعي لاڙن ۾ ترقي ۽ زرعي ازارن تي بحث ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته ” هندستان جي زراعت، سورهين صديءَ کان زور وٺڻ شروع ڪيو آهي پر ايتري حد تائين نه، جو سندس بنيادي ڳالهين ۾ ڪا تبديلي آئي هجي،سموري هندستان جي گڏيل پيدائش اڳي به ايتري هئي. جيتري هاڻي آهي. جيڪا حقيقت هندستان لاءِ آهي سا سنڌ سان به لاڳو آهي. جڏهن اسين اڪبر جي وقت ۾ ڪم ايندڙ زرعي اوزارن بابت اڀياس ڪريون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ” انهن ۾ فقط ڪي اڻ لکيون تبديليون آيون هونديون. ڇو ته اڄ به هاري جا اوزار فقط ايترائي آهن. جيڪي هن جي ڪم لاءِ ضروري آهن. ۽ اهو تسليم ڪرڻ ناممڪن ٿيندو ته ڪو ڪنهن وقت هنن کان گهٽ هوندا ۽ انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ به ڪو سبب ڪو نه ٿو نظر اچي ته ڪي بهتر قسم جا اوزار انهيءَ دوران گم ٿي ويا هوندا. وقتن کان ڪم ايندا رهيا آهن ۽ وقت جي مختلف حصن ۾ انهن جا استعمال حالتن پٽاندر رفته رفته ٿيو هوندو. هو سنڌ جي زمين ۽ زراعت بابت ڪئمينس ليکڪ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو : ” سنڌ هڪ زرخيز ترين علائقو آهي. هتان جي زمين ٻين صوبن جي مقابلي ۾ گهڻي پيداوار ڏي ٿي. اونهاري ۾ پوکي لائق ڳچ زمين آبڪلاڻي جي ڪري پاڻي هيٺ اچي وڃي ٿي ۽ انهيءَ ۾ زرخيز رَءُ ۽ لٽ اچي ٿو. سو زمين تي گڏ ٿئي ٿو ته زمينون وري نئين سر ڀليون ٿيو پون ۽ انهي ڪري زمين کي پاڻي ڏيڻ يا محنت ڪرڻ جي گهٽ ضرورت پوي ٿي. سنڌ ۾ زمين جي ڍل جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته زمين جي ڍل مقاطعي جي اصول تي ورتي ويندي هئي. جنهن موجب زميندار کي پٽي مقاطعي يا معاهدي تي زمين ملندي هئي. جنهن ۾ زمين جي پکيڙ ۽ مقاطعي جا شرط شروط ڄاڻايل هوندا هئا. پٽي ملڻ کان پوءِ زميندار کي، پنهنجي زمين جي ڪنهن به حصي کي ٻئي ڪنهن کاتيدار يا مقاطيعدار کي ڏيڻ جي آزادي هئي. پر حڪومت کي سموري ڍل ڀري ڏيڻ لاءِ هو ئي ذميدار هو.“ سنڌ جي واپار جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” سوتي ڪپڙو سنڌ ۾ چئن رستن کان ٻاهر ويندو هو. سنڌوءَ درياءَ جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو : ” سوتي ڪپڙو سنڌ ۾ چئن رستن کان ٻاهر ويندو هو. سنڌوءَ درياءَ جنهن سان سامان لاهري بندر ايندو هو ۽ اتان ٻاهر ويندو هو. خليج ڪمپني جو علائقو اتر ۾ داهول جو علائقو، ڪارو منڊل ۽ بنگال هو. لاهور، ملتان، سکر ۽ ٺٽي ۾ سُٽ ڪتيندڙن ۽ آڏاڻن جي گهڻائي هئي. سنڌو جي ڪناري ڪيترن ئي ڳوٺن ۾، هن ڌنڌي وارا ماڻهو رهندا هئا. سندن پئداواري شيون گهڻو ڪري سمنڊ رستي ٻاهر موڪليون وينديون هيون. ڪجهه پئداوار عرب ملڪن ۾ ويندي هئي ۽ باقي پورچوگال. هتان جي سيٺين کي جيئن ته جهازراني جو گهٽ شوق آهي. ان ڪري گهڻو سامان پورچوگيزي جهاز کڻن ٿا. جنهن کي فريگيٽس چيو ويندو هو. ان وقت پورچوگيز علائقي جا خودمختيار حاڪم هئا ۽ مغلن سان سندن گهرا ناتا هئا.“
    هو وڌيڪ لکي ٿو : ” سنڌ ۾ صنعت جا خاص مرڪز ٺٽو ۽ نصرپور هئا. خاص ڪري ٺٽو مشهور هو. قلمي شورو سنڌ جي روانگي واري مال ۾ اهم حيثيت رکندڙ هو. سنڌي واپارين جو جتي ڪٿي پنهنجو ڪوٺيون قائم هيون ۽ سندن مرڪزي آفيسرن پرڳڻي اندر قائم ٿيل هيون ۽ هو پنهنجي مرڪزي آفيسن جي هدايتن ماتحت دنيا جي مختلف حصن سان واپار ڪندا رهن ٿا. انهن واپارين ۾ گهڻو حصو، شڪارپور جي واپارين جو آهي ۽ انهن جو مکيه ڌنڌو هنڊين تي پئسا ڏيڻ ۽ ڏيتي ليتي ڪرڻ آهي ۽ اهو ڌنڌو پيڙهين کان هلندو اچي. ان وقت جا واپاري ڏيتي ليتي ۽ واپاري ساک ۽ ديانتداري ۾ نهايت بلند درجي تي پهتل هئا.“ ان وقت جي مزدورن جي مزدوري بابت هو لکي ٻڌائي ٿو : ” ڪارخاني جي مزوري جو پگهار اٽڪل ( 2 ) روپيا ماهوار هوندو هو. اڪبر ۽ جهانگير جي ڏينهن ۾ هڪ بي هنر پورهيت کي چاليهن ڏينهن جي مهيني لاءِ، ٽن کان چار روپيا ملندا هئا ۽ هنرمند پورهيت کي روزانو 5 کان 6 ٽڪا ملندا هئا. اهڙي طرح هو پاڻ کي ايڏو بلند ۽ طاقتور سمجهندو هو جو نوڪري جي آڇ ٿيندي هيس ته ٿڏي ڇڏيندو هو. ڇاڪاڻ ته هن وٽ پنهنجو سڀڪي جهجهو هو. جنهن مان پاڻ ڪجهه بچت ٿيندي هيس.“
    سنڌ ۾ آدمشماري جي طرفين جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته : ” سنڌ ۾ آدمشماري جو تخمينو ٻن وسيلن سان ڪيو وڃي ٿو. پهرين زراعت جي گهاٽائي ٻيو فوج جو تعداد.“ ان مان خبر پوي ٿي ته هن ملڪ جي آدمشماري ڪيتري آهي.
    مطلب ته مورلينڊ جو هي احوال اسان جي تاريخ جو املهه خزانو آهي جنهن مان ان وقت جي سنڌ جو تفصيلي احوال معلوم ٿئي ٿو.


    وليئم فرمليئن

    وليئم فرمليئن

    هندستان ۾ انگريز مغلن جي زماني ۾ آيا ۽ هنن پهرئين تجارتي ڪوٺي سن 1618ع ۾ سورت ۾ قائم ڪئي. جيڪا پوءِ سندن هيڊ ڪواٽر بڻجي ويئي. انگريزن جي هي ڪوشش رهي ته اهي هندستان ۾ اهڙين شهرن ۾ تجارتي ڪوٺيون کولين جتي کين سٺو ۽ سستو مال ملي سگهي. ان زماني ۾ جيئن ته ساري هندستان تي مغلن جي حڪومت هئي. ان ڪري هنن مغلن سان ناتا وڌائڻ لاءِ پنهنجا سفير سندن درٻار ۾ موڪلي. مختلف شهرن ۾ تجارتي ڪوٺين کولڻ جي اجازت گهري.
    انهن ڏينهن ۾ به سنڌ به هڪ آباد، سرسبز ۽ زرخيز علائقو هو. خاص ڪري ٺٽو واپار جو مرڪز هو ۽ لاهري بندر مشهور بندرگاهه جنهن جي رستي واپار خليج فارس، گُوا، گجرات، عدن ۽ آفريقا سان هلندو هو. ان ڪري انگريزن سنڌ سان تجارتي ناتن رکڻ لاءِ لهه وچڙ شروع ڪئي ۽ هت ڪيترائي انگريز سياحن جو روپ ڌاري، جاسوسي ڪرڻ آيا. سن 1612ع ۾ جڏهن ائنٿي سٽارڪي هٿ پهتو ته پورچوگيزن پادري کيس زهر ڏيئي مارائي ڇڏيو. ان ڪري انگريزن ضروري سمجهيو ته پورچوگيزن سان ٺاهه ڪجي. آخر سن 1635ع ۾ ڪمپني جي هندستان واري ڊائريڪٽر وليم ميٿولڊ ۽ پورچوگيزن جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو ۽ اهڙي طرح ڪمپني سر وليم فرمليئن جي سرڪردگيءَ ۾ هڪ وفد ٺٽي موڪليو. وليئم فرملئين پهرين سورت ۾ ڪمپني جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هو، جيڪو ٺٽي ۾ پنهنجن ٻن ساٿين جان سيلر ۽ رچرڊ موئلي سان گڏ، ڊسڪوري جهاز رستي لاهري بندر تي پهتا، جيئن ته وٽن مغل درٻار جو شاهي پروانو هو، ان ڪري ٺٽي جي علمدارن سندس خير مقدم ڪيو ۽ سندس رهائش لاءِ شهر ۾ هڪڙي جاءِ جو به انتظام ڪيو، وليئم فرمليئن سنڌ ۾ پهرئين تجارتي ڪوٺي کولي، جنهن جي هيڊ آفيس ٺٽي ۾، شاخون نصرپور ۽ سيوهڻ ۾ هيون. ولئيم فرمليئن ڪمپني جو ريزيڊنٽ مقرر ٿيو جنهن جي پگهار ٻه سئو پائونڊ هئي. هن ڪمپني هائوس ۾ ٺٽي ۾ تيار ڪرايو. وٽن هڪڙو سرڪاري ڊاڪٽر به رهندو هو، ڊاڪٽر جي غير حاضري ۾ وقت به وقت ديسي حڪيم به نوڪر رکندو هو. ٺٽي هي هڪڙي حڪيم حاجي محمود کي ڪمپني پاران 15 رپيا ماهوار پگهار ملندو هو. “ هن اهڙا ديسي ايجنٽ ۽ دلال مقرر ڪيا، جن جي معرفت هو شهر ۾ مال نيڪال ڪندا هئا. ڪمپني جي دفترن جا منشي سنڌي ۽ فارسي دان هئا. هر هڪ منشي کي ساليانو 50 پائونڊ پگهار ملندو هو، ريزيڊنٽ نوابن ۽ سرڪاري علمدارن سان ملندوبه هو.
    وليم فرملئين هت آيو ته تجارت لاءِ هو ۽ ڪمپني جو خاص ملازم هو پر سندس انتظامي صلاحيتون ۽ ڪمپني جي مرڪز ڏانهن موڪليل هر خط ۽ رپورٽ سنڌ جي سياسي، معاشي ۽ تجارتي تاريخ جو اهم باب آهي. مٿيون سارو احوال به سندس خطن جي روشني مان ورتل آهي.
    ان زماني ۾ وليئم فرمليئن کي ڪمپني طرفان هدايت ڪئي ويئي ته هو سنڌ مان نيز تمام گهڻو خريد ڪري موڪلي. سنڌ ۾ نير جي پيدائش جو مکيه مرڪز سيوهڻ هو. جتي ساليانو ٻه سئو مڻ نير پيدا ٿيندو هو. سنڌ جو نير سر کيج جي نير کان بهتر هنر هو. ڪمپني مغل شهزادن کي رشوت ڏيئي سمورو نير هٿ ڪري اميرون، بصره ۽ ترڪي تائين وڪرو ڪندي هئي. ولئيم فرمليئن لکي ٿو : ” سنڌ ۾ سن ۽ بوبڪ ۾ نير تمام گهڻو ٿئي ٿو. اتان هڪ هزار مڻ نير ٺٽي پهچندو هو. ان وقت نير جي هڪ سير جي قيمت اٺ آنا هئي. لاهور جي نير جي قيمت في پائونڊ اٺ پئسا ۽ احمد آباد جي نير جي قيمت في پائونڊ نو پيسا هوندي هئي. گورنر ڏانهن موڪليل نير تي محصول چار رپيا في مڻ هو. شهر ۾ هي شرح هڪ مڻ تي هڪ رپيو هئي ۽ ٺٽي پهچائڻ لاءِ اڌ رپيو في ڪسٽم جو محصول رائج هو. سنڌ ۾ نير ۾ مٽي ۽ واري ملائي وڪرو ڪيو ويندو هو.“ ولئيم فرمليئن جو اهو رايو هو ته ڪمپني پنج فيڪٽريون قائم ڪري، جن مان وڏي فئڪٽري قائم ڪري، جن مان وڏي فئڪٽري ٺٽي ۾، ٻي مظفر پور ۾، ٽين سيوهڻ ۾ باقي به ڪنهن ٻئي هنڌ. ان مقصد لاءِ هڪ محرر، هڪ ڪيشئر، هڪ چيڪر ۽ عام معلومي حساب رکڻ لاءِ به ڪارندا مقرر ڪيا ويا. ان زماني ۾، سنڌ ۾ ڪسٽم جو نظام بيحد پيچيده هو. وليئم فرمليئن لکي ٿو : ” انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو مال ڏاڍو مقبول هو. پراڻي زماني ۾ هالا ۽ سيوهڻ جي وچ ۾، سميجن وٽ تاجرن لاءِ خطرو هو، ڇو ته سواءِ ڪنهن طاقتور حفاظتي دستي جي سفر ڪندڙ قافلا عام طور ڌاڙيلن کان ڦرجي ويندا هئا. هن علائقي جا ماڻهو عام طرح، مغل گورنر جي خلاف هئا. جنهن ڪري وچ سنڌ ۾ امن امان جي حالت بنهه خراب هئي. “ سنڌ جي ٻيڙين بابت هو لکي ٿو : ” سنڌ ۾ تراکڙي تري واريون ٻيڙيون هلنديون هيون. جن جو وزن هڪ هزار کان ٻن هزار مڻن تائين هوندو هو. اچ وڃ لاءِ ڪتب ايندڙ انهن ٻيڙين جو ڪرايو، تمام گهٽ هو لاهور کان ٺٽي تائين ڪرائي تي هلندڙ ٻيڙين کي اڍائي سئو روپيا ڏيڻا پوندا هئا. ٺٽي جا واپاري لاهور مان سُٽ خريد ڪري، درٻيلو مان ننڍيون ننڍيون جوڙيون ٺهرائيندا هئا. جيڪي ڊيگهه ۾ نصرپور جي جوڙين جيڏيون هيون. “
    واپاري وليم فرمليئن جنهن تجارتي لحاظ کان هت جيڪو ڏٺو سو لکيو ۽ آگري کان ٺٽي تائين سفر به ڪيو ۽ پنهنجا مشاهدا قلمبند ڪري اهي ڪمپني کي موڪليا، سي اسان جي تاريخ جو اهم حصو آهن.


    مددي ڪتاب

    مددي ڪتاب
    (انگريزي)

    1. Agrarian System of Muhal India Cambridge - 1929.
    2. Ain-i-Akbari: A base line for the economic history of India Ind: Jour: Eco, Vol 1 ( 1926 )
    3. The Development of Land Revenue System of Mughal Empire , 1923.
    4. From Akbar to Aurangzeb: a Study in Indian economy history 1923.
    5. India at the death of Akbar.
    1st : edi: 1920.
    2nd edi: 1962.
    6. Price and wages under Akbar 1917.
    7. The Shah Bandar in the eastern Sea, 1920.
    8. The value of Money at the court of Akbar , 1918.
    9. Geography of Sindh, Manic Pathawala.
    10. Encyclopedia of Encarta.
    11. Encyclopedia of Britinica.
    12. Travels in Sindh and Africa - Ibn Batuta.
    13. The Travels and adventures of Turkish Admiral - Sidi Ali Raes.
    14. Encyclopedia of Islam.
    15. Chronological Dictionary of Sindh. By: M.H Panhwar.
    16. Personal Observation on Sindh” by Captian T. Poston.
    17. Source Material on Sindh” by M.H Panwhar.

    مددي ڪتاب
    (سنڌي)

    18. مهراڻ 1 / 1975ع
    19. سنڌ جا سياح - مولانا غلام مطصفى قاسمي
    20. سنڌ جو سفر - قادر بخش نظاماڻي
    21. سنڌ ۾ وسندڙ قومون - رچرڊ برٽن
    22. سنڌ – هڪ عام جائزو - ايڇ ٽي لئمبرڪ
    23. اسلامي انسائيڪلوپيڊيا - ( شاهڪار پبليشر )
    24. ” عرب و هند کي تعلقات “ - سيد سليمان ندوي
    25. سنڌو جو سفر - از لطف الله مترجم : قادر بخش نظاماڻي
    26. سنڌو ماٿري ۾ وسندڙ قومون - رچرڊ برٽن
    27. سنڌ جا سياح - مولانا غلام مصطفى قاسمي
    28. ” اسلامي دنيا دسوين عيسوي مين “ - بشاري مقدسي، مترجم : خورشيد
    احمد فاروقي 1982 دهلي.
    29. آئينه قديم سنڌ - شمس الدين قريشي
    30. ” نئين مصر جا پراڻا ورق “ - ايسٽوڪ، سنڌي
    31. ڪتاب ” عجائب الهند “ - بزرگ بن شهريار
    32. سنڌ جو ماضي ۾ تجارتي عروج - ڊاڪٽر گل حسن لغاري
    33. سنڌ عرب مورخن ۽ سياحن جي نظر ۾ - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
    رسالو مهراڻ 1 / 1980ع.
    34. يارهين صدي هجريءَ جي سنڌ - ڊاڪٽر غلام محم لاکو،
    رسالو مهراڻ 4 / 1983ع


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927482
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760881
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ