مذهب

رحمت عالم ﷺ

هي ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم، هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book رحمت عالم ﷺ

خدا جا قاصد

اوهان روز ڏسو ٿا ته هڪ ماڻهو مطلب جي ڪا ڳالهه جنهن کي پيعام چون ٿا پري ڪنهن ٻئي ڏانهن موڪلي ٿو ته هو پنهنجي ڳالهه پنهنجي ڪنهن ڀروسي جوڳي ماڻهو کي ٻڌائي ٿو ڇڏي۽ اهو ماڻهو اها ڳالهه کڻي ٻئي شخص کي ٻڌائي ايندو آهي.انهيءَ ڀروسي جوڳي ماڻهو کي اسين قاصد ۽ پيغام کڻي ويندڙ ۽ فارسي ۾ پيغامبر ياپيغمبر ۽ عربي ۾ رسول چئون ٿا.
اهڙي ريت الله تعاليٰ جڏهن گهريو ته پنهنجن ٻانهن کي پنهنجي مطلب جي ڳالهه ۽ پيغام پهچائي ته هن پنهنجي مهرباني سان پنهنجي ڪنهن لاڏلي ۽ پياري ٻانهي کي انهي ڪم لاءِ چونڊيو ۽ ان جو نالو خدا جو قاصد خدا جو پيغام پهچائيندڙ ۽ پيغمبر رکيو.عرب جا ماڻهو انهيءَ کي نبي ﷺ ۽ رسولﷺ سڏين ٿا.خدا جي ڳالهين کي ٻانهن تائين پهچائين ٿا ۽ انهنکي ٻڌائين ٿا ته اوهان جو خدا اوهانکان ڇا ٿو گهري هو ڪهڙيون ڳالهيون ڪرڻ جو اوهان کي حڪم ڏئي ٿو ۽ ڪهڙين ڳالهين کي هو ناپسند ڪري ٿو.جيڪي ٻانهان ان جو چوڻ مڃن ٿا انهن کان الله خوش ٿئي ٿو ۽ جيڪي نٿا مڃن انهن کان هو ناراض ٿئي ٿو.