اسانجي پيغمبر ﷺ جو آخري حج ــ حجته الوداع 10 هه :
ذيقعده 10 هجري ۾ سڀني پاسن اعلان ٿيو ته رسول الله ﷺ جن هن سال حج جي ارادي سان مڪه معظم ويندا. اها خبر هڪدم سڄي عرب ۾ پکڙجي ويئي ۽ سڄو عرب گڏ هلڻ لاءِاٿلي پيو. ذيقعده جي 26 تاريخ تي پاڻ سڳورن غسل فرمايو ۽ چادر ۽ گوڏ ٻڌائون ۽ اڳئين نماز کانپوءِ مدينه کان ٻاهر نڪتا. مدينه کان ڇهه ميل پري ذوالحليفه جي هنڌ تي رات رهيا ۽ ٻئي ڏينهن ٻيهر غسل ڪري ٻه رڪعتون نماز ادا ڪيائون ۽ احرام ٻڌي قصواء نالي ڏاچي تي سوار ٿيا ۽ وڏي آواز سان هي لفظ چيائون جيڪي اڄ تائين هر حاجي جو ترانو آهن
لبيڪ اللّٰهم لبيڪ لا شريڪ لڪ لبيڪ ان الحمد والنعمت لڪ
والملڪ لڪ لا شريڪ لڪ
ترجمو: اي خدا اسين تنهنجي لاءِ حاضر آهيون، اي خدا اسين تنهنجي لاءِ حاضر آهيون، تنهنجو ڪوبه شريڪ ڪونهي، اسين تنهنجي اڳيان حاضر آهيون، تعريف ۽ نعمت سڀ تنهنجي آهي تنهنجو ڪوبه شريڪ ڪونهي.
حضرت جابر جيڪو هن حديث جو راوي آهي ( ۽ جيڪو حضرت امام باقر جي پڇڻ تي هي سمورو حال بيان ڪري ٿو.) چوي ٿو ته اسان اک کڻي ڏٺو ته اڳيان پويان، سڄي کٻي، جيسيتائين به نظر پيئي ٿي، ماڻهن جو جهنگل نظر ٿي آيو.جڏهن حضور پاڪ ﷺ لبيڪ فرمايو ٿي ته ان سان گڏ گهٽ وڌ هل لک ماڻهن جي زبان مان اهو نعرو بلند ٿيو ٿي، ۽ هڪدم جبلن جون چوتيون ان جي پڙاڏي کان گونججي ٿي ويون. اهڙي ريت منزل مٿانمنزل ڪندا پاڻ سڳورا اڳتي وڌندا رهيا. ايسيتائين جو آچر جي ڏينهن ذوالحج جي 5 تاريخ تي مڪه ۾ داخل ٿيا.
ڪعبه ڏسڻ ۾ آيو ته فرمايائون، ”اي خدا! هن گهر کي عزت ۽ شرف ڏي.“ڪعبه جو طواف ڪيائون مقام ابراهيم تي بيهي ٻه رڪعتون ادا ڪيائون ۽ صفا جي ٽڪري تي چڙهي فرمايائون:
” خدا کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ڪونهي، هن جو ڪوبه شريڪ ڪونهي هن جي ئي بادشاهي ۽ هن جي ئي تعريف آهي. هو ئي ماري ۽ جياري ٿو. هو هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو، ڪوبه خدا ڪونهي، پر هوئي اڪيلو خدا آهي. هن پنهنجو واعدو پورو ڪيو، پنهنجي بانهي جي مدد ڪيائين ۽ اڪيلو سمورن ٽولن کي شڪست ڏنائين.“
عمره کان واندو ٿي پاڻ سڳورن ٻين صهابين کي احرام کولي ڇڏڻ جي هدايت ڪئي. ان وقت حضرت علي يمني حاجين سان گڏ مڪي ۾ پهتا. خميس جي ڏينهن اٺين ذي الحج تي پاڻ سڳورا سڀني مسلمانن سان گڏ منيٰ ۾ ترسيا. ٻئي ڏينهن نائين ذوالحج تي صبح جي نماز پڙهي منيٰ کان روانا ٿيا. عام مسلمانن سان گڏ عرفات ۾ اچي ترسيا. ٻيهر لڙيا نه قصواء تي سوار ٿي ميدان تي آيا ۽ حج جو خطبو ڏنائون.
اڄ پهريون ڏينهن هو جو اسلام پنهنجي جاه و جلال سان پڌرو ٿيو ۽ جاهليت جا سمورا بيهوده رواج ميساري ڇڏيا ويا. پاڻ سڳورن فرمايو :
” ها جاهليت جا سمورا دستور ۽ رسم و رواج اڄ منهنجي ٻنهي پيرن هيٺان آهن.“
عرب جي سرزمين سدائين انتقام جي رت سان رڱيل رهندي هئي. اڄ عرب جي اڻ کٽ گهرو لڙائين جي ان سلسلي کي ميساريو وڃي ٿو ۽ ان لاءِ نبوت جو اعلان ڪندڙ سڀ کان پهرين پنهنجي ڪٽنب جو نمونو پيش ڪري ٿو.
” جاهليت جا سڀ خون باطل ڪري ڇڏيا ويا آهن ۽ سڀ کان پهرين آئون پنهنجي خاندان جو خون ربيعه بن حارث جي پٽ جو انتقامي خون رد ڪريان ٿو.“
سڄي عرب ۾ وياج واري ڌنڌي جو ڄار وڇايل هو، جنهن جي ڪري عرب جا غريب مزور ۽ هاري يهودي مهاڄڻن ۽ عرب سرمايه دارن وٽ ڦاٿل هئا ۽ هميشه لاءِ انهن جا غلام بنجي ٿي ويا. اڄ انهيءَ ڄار جي ڏور ڏور ڌار ڪئي وڃي ٿي ۽ ان لاءِ به سڀ کان پهرين پنهنجي ڪٽنب جو نمونو پيش ڪيو ٿو وڃي ارشاد ٿئي ٿو :
” جاهليت جا سمورا وياج ختم ڪيا ويا ۽ سڀ کان پهريون وياج جنهن کي آئون ختم ڪريان ٿو اهي پنهنجي ڪٽنب جو يعني عباس بن عبدالمطلب جو آهي.“
اڄ تائين عورتون هڪ نموني سان منقوله (بدلجي سگهندڙ) ملڪيت هيون، جيڪي جوائن ۾ هارائي ۽ کٽي سگهبيون هيون. اڄپهريون ڏينهن آهي جو اهو مظلوم ٽولو انصاف حاصل ڪري ٿو. فرمايائون :
” عورتن جي معاملي ۾ خدا کان ڊڄو اوهان جو حق عورتن تي آهي ۽ عورتن جو اوهان تي آهي.“
عورتن کانپوءِ انسان جو سڀ کان وڌيڪ مظلوم طبقو غلامن جو هو. اڄ ان جي داد رسي جو ڏينهن آيو فرمايائون:
” اوهان جا غلام اوهان جا غلام، انهن جي حق ۾ انصاف ڪريو، جيڪي پاڻ کائو اهوانهن کي کارايو ۽ جيڪي پاڻ پهريو اهو هنن کي پهرايو.“
عرب ۾ امن و امان ڪونه هو، تنهنڪري جان ۽ مال جي ڪا قيمت ڪانه هئي اڄ امن ۽ سلامتي جو بادشاهه سڄي دنيا کي صلح جو پيغام ڏئي ٿو :
” پاڻ ۾ اوهان جي جان ۽ اوهان جو مال هڪ ٻئي لاءِ قيامت تائين ايترو ئي محترم آهي جيترو اڄوڪو ڏينهن، هن محترم مهيني ۾ ۽ هن محترم شهر ۾ آهي.“
امن و امان جي اعلان ۾ سڀ کان پهرين شيءِ ان ديني برادري جو وجود آهي، جنهن قبيلن ۽ ڪٽنبن جي لاڳاپن کان وڌي عرب جي سڀني قبيلن بلڪ دنيا جي سمورن انسانن ۾ اسلامي ڀائپي جو لاڳاپو قائم ڪري ڇڏيو ارشاد ٿيو :
” هر مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاءُ آهي ۽ مسلمان سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهن.“
دنيا جي بي اطميناني جي سڀ کان وڏي شيءِ جنهن هزارين سال قومن کي قومن سان ويڙهايو اهو قومي هٺ ۽ وڏائي آهي. اڄ ان هٺ ۽ وڏائي کي چٿيو وڃي ٿو. اعلان ٿئي ٿو :
” ها! ڪنهن عربي کي ڪنهن عمي تي ۽ ڪنهن عجمي کي ڪنهن عربي تي ڪابه فوقيت ڪانهي. اوهين سڀ هڪ آدم عليه السلام جي اولاد آهيو ۽ آدم مٽي مان ٺهيو هو.“
ان کانپوءِ اصولي قانونن جو اعلان فرمايو ويو :
1. خدا هر ڪنهن حقدار کي ( ورثي جي مطابق) ان جو حق ڏنو آهي، هاڻي ڪنهن به وارث جي حق ۾ وصيت جائز ڪانهي.
2. پٽ ان جو آهي جنهن جي بستري تي هو پيدا ٿيو زنا ڪندڙ لاءِ پٿر آهي ۽ هنن جو حساب خدا جي ذمي آهي.
3. ها!زال کي پنهنجي مڙس جي مال مان هن جي موڪل کانسواءِ ڪنهن کي ڪجهه ڏيڻ جائز ڪونهي.
4. قرض گهرندڙ کي قرض اداڪيو وڃي. اڌارو ورتل مال واپس ڪيو وڃي. هنگامي عطيا واپس ڪيا وڃن. جيڪو ضامن پوياهو ڏنڊ (تاوان) جو ذمه دار ٿئي.
اڄ امت جي هٿن ۾ سندس هدايت لاءِ اهو دائمي چراغ ڏنو وڃي ٿو، جنهن جي روشني ۾ جيسيتائين ڪوبه هلندو رهندو هر ڪنهن گمراهي کان بچندو رهندو. فرمايائون
”آئون اوهان ۾ هڪ شيءِ ڇڏي ٿو وڃان، جيڪڏهن اوهانان کي مضبوطيءَ سان جهليو ته پوءِ ڪڏهن به گمراهه نه ٿيندا ۽ اهو آهي خدا جو ڪتاب.“
اهو چئي پاڻ سڳورا ميڙ ڏانهن مخاطب ٿيا ته:
” اوهان کان خدا وٽ منهنجي باري ۾ پڇيو ويندو ته اوهين ڪهڙو جواب ڏيندا؟“
هڪ لک زبانن گڏجي شاهدي ڏني،” اين چونداسين ته توهان ﷺ خدا جو پيغام پهچائي ڇڏيو ۽ پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو.“ اهو ٻڌي پاڻ سڳورن آسمان ڏانهن آڱرکنئي ۽ ٽي ڀيرا فرمايا ئون ” اي خدا تون شاهد رهه.“
عين ان وقت جڏهن پاڻ ﷺ نبوت جو هي آخري فرض پورو ڪري رهيا هئا خدا جي بارگاهه مان هي بشارت آئي :
اليوم اڪملت لڪم دينڪم و اتممت عليڪم نعمتي و رضيت لڪم الاسلام دينا
ترجمو: اڄ مون اوهان لاءِ اوهان جي دين کي مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي نعمت اوهان تي پوري ڪئي ۽ اوهان لاءِ اسلام جي دين کي چونڊيو
خطبي کان واندا ٿيا ته حضرت بلال ٻانگ ڏني ۽ حضرت محمد ﷺ جن اڳئين ۽ وچئين جي نماز يڪي گڏ ادافرمائي. ڪهڙو نه عجيب نظارو هوته اڄ کان 26 سال اڳ ۾ محمد رسول الله ﷺ اڪيلي خدا جي پوڄا ڪرڻ جي دعوت ڏني ته محمد رسول الله ﷺ ۽ سندن ٿورن ساٿين کان سواءِ ڪوبه ڪنڌ خدا جي اڳيان جهڪيل نه هو ۽ اڄ 26 سالن کانپوءِ محمد رسول الله ﷺ جن سان گڏ هڪ لک ڪنڌ خدا جي حضور ۾ جهڪيل هئا ۽ الله اڪبر جو نعرو ذري ذري مان بلند پئي ٿيو.
نماز مان واندو ٿي ڏاچي تي سوار ٿي مسلمانن سان گڏ موقف آيا ۽ اتي بيهي دير تائين قبله ڏانهن منهن ڪري دعا ۽ زاري ۾ رڌل رهيا.جڏهن سج لهڻ لڳو ته هلڻ جي تياري ڪيائون. اوچتو هڪ لک ماڻهن جي سمنڊ ۾ طوفان اچي ويو. پاڻ سڳورا اڳتي وڌندي پئي ويا ۽ هٿ سان اشارو ڪندا زبان سان فرمائيندا پئي هليا. ماڻهو! امن ۽ سڪون سان، ماڻهو! امن ۽ سڪون سان. سانجهيءَ جو وقت تنگ پئي ٿيو جو قافلو مزدلفهجي هنڌ تي پهتو. هتي پهرين سانجهي ۽ پوءِ يڪدم سومهڻي نماز ادا ٿي.
صبح جو سويل فجر نماز پڙهي قافلو اڳتي وڌيو. جان نثار سڄي کٻي ضرورت وارا پنهنجي پنهنجي ضرورت جا مسئلا پڇي رهيا هئا.۽ پاڻ سڳورا انهن جا جواب ڏيندا پئي ويا. جمره پهچي ٻهڻيون اڇليائون ۽ ماڻهن کي خطاب ڪري فرمايائون :
” مذهب ۾ گهاٽي ۽ واڌي کان بچو. اوهانکان اڳ واريون قومون ان جي ڪري برباد ٿيون.”
ان وچ ۾ هي جملو به فرمايائون جنهن مان وڃن ۽ موڪلائي جو اهڃاڻ مليو ٿي.
” حج جا مسئلا سکي وٺو مونکيخبر ته وري حج ڪري سگهندس.“
هتان نڪري هاڻي منيٰ ۾ آيا، سڄي کٻي اڳيان پويان مسلمانن جو هڪ ميڙ هو، مهاجرين قبله جي سچي، انصار کاٻي ۽ وچ ۾ عام مسلمانن جو صفون هيون.حضور پاڪ ﷺ جن ڏاچي تي سوار هئا. پاڻ سڳورن اکيون کڻي هنعظيم الشان ميڙ ڏانهن ڏٺائون ته نبوت جي 23 سالن جا ڪارنما اکين آڏو هئا. زمين کان آسمان تائين قبول ۽ اعتراف جو نور پکريل هو. هاڻي هڪ نئين شريعت، هڪ نئين نظام ۽ هڪ نئين دور جي شروعات هئي. ان حالت ۾ محمد رسول الله ﷺ جن جي زبان فيض ترجمان مان هي جملا ادا ٿيا:
” ها! الله جڏهن آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو هو، اڄ زمانو ڦري گهري انهي فطرت تي اچي ويو. اوهان جون جانيون ۽ اوهان جون ملڪيتون پاڻ ۾ هڪ ٻئي لاءِ اهڙيون ئي محترم آهن جيئن اڄوڪو ڏينهن هن محترم مهيني ۾ ۽ هن محترم آبادي ۾ . ها! ڏسجو! مون کان پوءِ گمراهه نه ٿي وڃجو جو پاڻ ئي هڪ ٻئي جا ڪنڌ ڪپڻ لڳو. اوهان کي خدا جي اڳيان حاضر ٿيڻو آهي ۽ هو اوهان کان اوهان جي ڪمن جي پڇا ڪندو. جيڪڏهن اوهان تي هڪ ڪارو مِنو غولام به سردار بنايو وڃي جيڪو خدا جي ڪتاب مطابق اوهان کي وٺي هلي ته ان جي فرمانبرداري ڪجو، پنهنجي پروردگار جي پوڄا ڪجو. پنجن ئي وقتن جون نمازون پڙهجو. رمضان جي مهيني جو روزو رکجو ۽ منهنجي حڪمن کي مڃجو. اوهين پنهنجي پروردگار جي جنت ۾ داخل ٿيندو.
اهو چئي پاڻ سڳورن ميڙ ڏانهن اشارو ڪري فرمايو! ” ڇا مون پنهنجو پيغام پهچائي ڇڏيو.،” هر ڪنهن پاسي کان آواز اچڻ لڳا، ها! بيشڪ .“ فرمايائون، ” خداوندا! شاهد رهجان.“ اهو چئي ارشاد فرمايائون، ” جيڪو هتي موجود آهي اهو هن پيغام کي ان تائين پهچائي ڇڏي جيڪو هتي ڪونهي.“ هي ڄ۾ تبليغ جو اهو فريضو هو جيڪو هر ڪنهن مسلمان جي زندگي جو جزو آهي.
ان کانپوءِ پاڻ ﷺ سڀني مسلمانن کي الوداع چيائون.
حج جي ٻين مشغولين مان واندا ٿي 14 ذوالحج تي فجر جي نماز خانه ڪعبه ۾ پڙهي سڄو قافلو پنهنجن پنهنجن هنڌن ڏانهنروانو ٿي ويو ۽ حضور پاڪ ﷺ جن مهاجرن ۽ انصارن جي جهرمٽ ۾ مدينه جو رستو ورتو.