عقبه جي بيعت: اڳئين سال جڏهن حج جو وقت آيو ته يٿرب مان ٻاهتر ماڻهو حضور ﷺ جن سان ملڻ آيا ۽ لڪي پاڻ سڳورن جي هٿ تي بيعت ڪيائون ان وقت پاڻ سڳورن سان گڏ سندن چاچو حضرت عباس رضه به هو جيڪو جيتوڻيڪ اڃان مسلمان ڪونه ٿيو هو پر پاڻ سڳورن سان محبت هئي هن انهن ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو ته ”محمدﷺ پنهنجي ڪٽنب ۾ وڏي عزت ۽ احترام واراآهن دشمنن جي مقابلي ۾ اسين سدائين سندن ساٿ ڏيندا رهياسون هاني اوهان وٽ اچڻ گهرن ٿا جيڪڏهن اوهين مرڻ گهڙيءَ تائين ساڻن ساٿ ڏيئي سگهوته بهتر نه ته هينئر ئي جواب ڏيئي ڇڏيو .“ يثرب جي هڪ سردار براء چيو ته ”اسين ماڻهو تلوارن جي ڇانو هيٺ پليا آهيون“هن اڃا ايترو ئي چيو هو ته هڪ ٻئي سردار ابوالهيشم چيو ”يا رسول الله ! اسان جا ۽ يهودين جا لاڳاپا اهن بيعت کانپوءِ اهي لاڳاپا ٽٽي ويندا ائين نه ٿئي ته جڏهن اسلام کي قوت ۽ اقتدار حاصل ٿي وڃي ته توهان اسان کي ڇڏي هليا وڃو .“پاڻ سڳورن مُرڪي فرمايو”اوهان جو رت منهنجو رت آهي اوهين منهنجا آهيو ۽ آئون اوهان جو آهيان،“ انکانپوءِ پاڻ سڳورنﷺ انهن مان ٻارنهن نقيب چونڊيائون جن جا نالا خود انهن ماڻهن ئي چوڻڊي ٻڌايا هئا انهن ٻارنهن مان نَوَ خزرج ۽ ٽي اوس مان هئا.