مذهب

رحمت عالم ﷺ

هي ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم، هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book رحمت عالم ﷺ

حضرت عمر رضه جو مسلمان ٿيڻ:

خطاب جو پٽ عمر قريش جي هڪ خاندان جو نوجوان هو،مزاج ۾ سختي هئس جيڪا ڳالهه ڪندو هو سختيءَ سان ڪندو هو.هي به ان وقت اسلام جو دشمن هو.مسلمانن کي تنگ ڪندو هو ۽ ستائيندو رهندو هو.خدا جي ڪرڻي هيئن ٿي ٿي ته هڪ ڏينهن هو ڪنهن بت خاني ۾ ستو پيو هو ته بت خاني جي اندر لاالٰه الا الله جو آواز ٻڌائين گهٻرائجي اٿي ويٺو ۽ هاڻي هو ان آواز جي سچائي تي ڪڏهن ڪڏهن ويچار ڪرڻ لڳو.حضور اڪرم ﷺرات جوجڏهن قرآن پڙهندا هئا ته هي ٻين کان لڪي بيهي ٻڌڻ لڳو.هڪ رات پاڻ سڳورا نماز ۾ قرآن جي هڪ سوره پڙهي رهيا هئا عمر هڪ هڪ آيت ٻڌي رهيو هو ۽ ان جو اثر مٿس ٿي رهيو هو تنهن هوندي به جيئن ته هو مزاج جوسخت ۽ طبيعت جو پڪو هو تنهنڪري ان اثر کي ختم ڪندو رهيو.
ان کان اڳ ۾ عمر جي ڀيڻ فاطمه رضه ۽ ڀيڻيويو سعد بن زيد مسلمان ٿي چڪا هئا.عمر کي خبرپيئي ته ٻنهي کي رسين سان ٻڌي ڇڏيائين.مشهور هي اهي ته هڪڀيري عمر جي دل۾ خيال ايو ته محمد ﷺ جو سر لاهي ڇڏجي ته روز جو جھيڙو ختم ٿي وڃي.اهو ارادو ڪري اهو تلوار کڻي گهران نڪتو.رستي ۾ هڪ مسلمان سان سندس ملاقات ٿي ان پڇيو ته عمر! ڪيڏانهن جو ارادو آهي.هن چيو ته وڃان ٿو ته اڄ محمدﷺ جو ڪم پورو ڪري ڇڏيان ان چيس ته پهرين پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻوئي جي ته خبر وٺ.انهيءَ طعني تي هو تپي ويو ۽ موٽي پنهنجي ڀيڻ جي گهر جو گس ورتائين اتي پهتو ته قرآن پڙهڻ جو آواز ٻڌائين،ڪاوڙ ۾ بي قابو ٿي ڀيڻ ۽ ڀيڻوئي کي دل کولي ماريائين پر ڏٺائين ته انهن کي توحيد جو نشو ساڳي طرح هو.هن جي دل تي ان وڏو اثر ٿيو چيائين ته چڱو جيڪا سورة اوهان پڙهي رهيا هئا اها مونکي به ڏيکاريو.هنن اهو پنو کڻي آڻي هٿ تي رکيس عمر جيئن جيئن ان کي پڙهندو ٿي ويو هن جي دل ڏڪندي پئي ويئي نيٺ رڙ ڪيائين لاالٰه الاالله محمد رسول الله ﷺ.
هي اهوزمانو هو جڏهن پاڻ سڳورا ارقم رضه جي گهر ۾ هئا، حضرت عمر رضه سڌو اتي پهتو درجا طاق بند هئا سڏ ڪيائين جيڪي مسلمان اتي هئا حضرت عمر رضه کي تلوار کنيل ڏسي ڊنا،حضرت حمزه رضه ”اچڻ ڏيوس،جيڪڏهن هو خلوص سان آيو آهي ته ٺيڪ نه ته سندس تلوار سان سندس سر لاهي ڇڏبو.“دروازو کليو ۽ حضرت عمر رضه اندر پير وڌو ته رسول خدا صلعم پاڻ اڳتي وڌيا ۽ سندس پلؤ جهلي فرمايائون ڇو عمر!ڪهڙي ارادي سان آيو آهين؟عرض ڪيائين ته ايمان آڻڻ لاءِ.اهو ٻڌي مسلمانن ايڏو زور سان الله اڪبر! جو نعرو هنيو جو مڪه جون ٽڪريون گونججي ويون.
ڪافرن کي جڏهن حضرت عمر رضه جي مسلمان ٿيڻ جي خبر پيئي ته انهن سڀني پاسن کان حضرت عمر رضه جي گهر جو گهيرو ڪيو پر عاص بن وائل جي سمجهائڻ تي هوموٽي هلياويا.حضرت عمر رضه مسلمان ٿيا ته مسلمانن جي همت وڌي ويئي ان وقت تائين مسلمان ڪافرن جي ڊپ کان ڪعبي ۾ وڃي نماز ڪونه پڙهندا هئا حضرت عمر رضه مسلمان ٿيا ته سڀني مسلمانن کي گڏ وٺي نڪتا ۽ وڙهي ڪعبي جي اڱڻ ۾ وڃي نماز پڙهيائون.