مذهب

رحمت عالم ﷺ

هي ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم، هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book رحمت عالم ﷺ

هوازن ۽ ثقيف جي جنگ ــ شوال 8 هجري :

مڪه جيڪو حجاز جو تخت گاهه ۽ عرب جو عبادت گاهه هو، جڏهن ان جي ڇت تي اسلام جو جهنڊو جهوليو ته سڄي عرب ان کي اسلام جي دين جي سچائي جو نشان مڃيو. هر ڪنهن پاسي کان ماڻهو ڪفر جو ڳٽ ڳچي مان ڪڍي اسلام جي پناهه ۾ آيا پئي. پر مڪه جي ڀر ۾ هوازن ۽ ثقيف ٻه اهڙا طاقت وارا قبيلا آباد هئا. جن ڪنهن ٻئي قبيلي جي هٿ هيٺرهڻ کي شرم ٿي ڄاتو. هوازن جي قبيلي جي سردارن ٻين کي به اڀاريو ۽ حنين ميدان ۾ اسلام جا مخالف هڪ گڏيل فوج وٺي آيا. مسلمانن جي ٻارنهن هزار فوج جنهن ۾ وڏ حصو قريش جي نون مسلمانن جو هو ڏاڍي ساز و سامان سان هنن جي مقابلي لاءِ نڪتي. هوازن جي ماڻهن جو تير هلائڻ ۾ جواب ئي ڪجونه هو، هنن جي پهرين ئي سٽ سان مسلمانن پير هٽي ويا.
جيتوڻيڪ مسلمانن تي هاڻي تيرن جو مينهن پئي وسيو ۽ هنن جي ٻارنهن هزار فوج ڌڪ سان اڏامي وئي پر پاڪائي جو مجسمو ﷺپنهنجي جاءِ تي بيٺو هو. پاڻ سڳورن ساڄي پاسي ڏٺائون ۽ سڏيائون اي انصار جا گروهه! آواز سان گڏ صدا آئي. اسين حاضر آهيون. وري پاڻ کاٻي پاسي سڏيو، هينئر به اهوئي آواز آيو. پاڻ ﷺ سواريءَ تان لهي پيا جلال جي لهجي ۾ فرميائون ” آئون آهيان خدا جو اهو ٻانهو ۽ ان جو پيغمبر آئون بنا شڪ (بيشڪ) پيغمبر آهيان ۽ عبدالمطلب جو فرزند آهيان.“ حضرت عباس﷦ مسلمانن کي سڏ ڪيو اي انصار جا گروهه! ۽ اي اهي ماڻهو جن اسلام تي سر ڏيڻ جي بيعت ڪئي آهي اڳتي وڌو. انهن اثر ۾ ڀريل آوازن جي ڪنن تائين رسڻ اسلام جا جانباز اٿلي پيا۽ اهڙي جوش سان وڌيا جو زرهون لاهي اڇلائي ڇڏيائون ۽ گهوڙن تان ٽپي لهي پيا. هاڻي ميدان جو رنگ ئي ڦري ويو. ڪافرن جي فوج ”ڪائي“
(ڪائي : بيٺل پاڻي تي ڄميل سائي تهه کي چئبو آهي.
سينور: پاڻي ۾ ڪا زوردار شيءِ ڪرڻ سان اهو ٽٽي ذرا ذرا ٿي ويندو آهي. هي اردو ادب جي چوڻي آهي مترجم :ع.ب)
وانگر ذرا ذرا ٿي ويئي ۽ هنن جي لشڪر ۾ ڊڪ ڊوڙ مچي ويئي.
ڪافرن جو ڪجهه حصو ڀڄي اچي طائف ۾ گڏ ٿيو. طائف ۾ ثقيف جو قبيلو پاڻ کي قريش جي برابر سمجهندو هو. هنن جو قلعو به ڏاڍو مضبوط هو ۽ قلعي ۾ لڙائي جو سمورو سامان به هو.
هنن قلعي بند ٿي لڙائي شروع ڪئي. مسلمانن قلعي تي هڪ ٻئي پٺيان حملا ڪيا پر فتح ڪونه ٿيو. مسلمانن لاءِ قلعي کي هينئن ڇڏي هٽڻ دل نه پئي چاهيو. هنن رسول الله ﷺ کان هڪ ڏينهن جي مهلت گهري. موڪل ملي ته ٻئي ڏينهن ڏاڍي زور سان حملو ڪيائون پر ڪاميابي اڃان پري هئي.صحابين ﷦ عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ! هنن (دشمنن) بد دعا ڪريو. لب مبارڪ چُريا ته هي لفظ نڪتا” خداوندا ثقيف کي هدايت نصيب ڪر ۽ هنن کي اسلام جي آستاني تي آڻ.“ الله اڪبر! دعا جو هي تير ڪيڏو نه بي خطا هو. ٻه سال به ڪونه لنگهيا هئا جو ثقيف جي ماڻهن پاڻ مدينه ۾ حاضر ٿي اسلام جو ڪلمو پڙهيو .