خندق يا احزاب جي لڙائي ذي قعده 5 هجري:
حضور اڪرمﷺ جن کي جڏهن اهو حال معلوم ٿيو ته مسلمانن سان مشورو ڪيائون. مسلمانن کي احد جي جنگ جو تجربو ٿي ويو هو. حضرت سلمان فارسي رضي الله عنه جيئن ته ايران جو هو تنهنڪري ايران جي جنگي طريقن کان ڪجهه واقف هيو. هن رايو ڏنو ته شهر جا ٽي پاسا ته گهرن ۽ باغات سان وڪوريل آهن رڳو هڪ پاسو کليل آهي، اتان خندق (کڏ يا کاهي) کوٽي ڇڏجي، ته جيئن دشمن ان پاسي کان شهر ۾ داخل نه ٿي سگهن. اهو رايو سڀني قبول ڪيو. حضور پاڪ ﷺ جن ٽي هزار مسلمانن کي گڏوٺي ٻاهر نڪتا ۽ خندق کوٽڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏيائون. ٽن هزارن مبارڪ هٿن ويهن ڏينهن ۾ هي ڪم پورو ڪيو ۽ اهڙي ريت پورو ڪيو جو خود خدا جا رسول ﷺ به هن ۾ هڪ عام مزور وانگر ڪم ڪري هيا هئا، ڪئين ڪئين ڏينهن فاقي ۾ لنگهيا ٿي ويا. ان تي به اسلام جي شيدائين جو جوش ٿڌو ڪونه ٿيو. هٿن سان مٽي کوٽيائون ٿي ۽ پٺن تي کڻي ٿي اڇلايائون ۽ آواز سان آواز ملائي هي ترانو ڳايائون ٿي:
” اسين آهيون جن محمد ﷺ جي هٿ تي بيعت ڪئي آهي ته جيسيتائين سسيءَ ۾ ساهه آهي اسين خدا جي واٽ ۾ وڙهندا رهنداسون.“
دشمن هاڻي ويجهو اچي ويو هو. هن جي ويجهو اچڻ جون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي بزدلن ۽ منافقن جا هوش پئي اڏاڻا ڪوڙا بهانا ڪري پنهنجن گهرن ڏانهن پئي موٽيا. يهود جو هن جو رويو سٺو ڪونه هو تنهنڪري به سئو ماڻهن جو دستو هنن جي چوڪسي لاءِ ڌار ڪيو ويو هو.
بنو قريظه اڃان تائين پڌرا ٿي سامهون ڪونه آيا هئا. بني نضير جو يهودي سردار حيي ابن اخطب جيڪو هاڻي خيبر کانپوءِ بنو قريظه جي سردار کي جيڪو مسلمانن سان ٺاهه ٽوڙڻ تي ان ڪري راضي ڪونه پئي ٿيو ته هي ٻاهر جا ماڻهو هليا ويندا. پوءِ مسلمانن کي اڪيلو اسان منهن ڏيڻو پوندو. اهو چئي پاڻ سان ملائي ورتائين ته آئون هن وقت محمد ﷺ جي خلاف سڄي عرب کي اٿاري آيو آهيان هن جي طاقت کي ختم ڪرڻ جو موقعو وري هن کان سٺو هٿ ڪونه ايندو. انهي دليل کان لاچار ٿي هو به دشنن سان ملي ويو ۽ حيي هن کي يقين ڏياريو ته جيڪڏهن قريش ۽ غطفان توکي بي يار و مددگار ڇڏي هليا ويندا ته اسين اوهان جو ساٿ ڏينداسين.
ڪافر ويهن ڏينهن تائين مدينه جي چوڌاري گهيرو ڪريو ويٺا هئا ۽ شهر تي حملي ڪرڻ جي ڪا واٽ نٿي سُجهيس. هڪ هنڌ کاهي جي ويڪر گهٽ هئي، هڪ ڏينهن هنن وڏي تياري ڪري ان پاسي کان حملو ڪرڻ گهريو. عمرو بن وُد جيڪو قريش جو سڀني کان وڏو پهلوان هو هو گهوڙو ڪڏائي ٻئي پاسي اچي ويو. هيڏانهن ذوالفقار وارو هٿ وڌيو ۽ هڪ ئي وار ۾ تلوار ڪلهن تائين لهي ويئي. حضرت علي رضي الله عنه الله اڪبر جو نعرو هنيو۽ فتح جو اعلان ٿي ويو.
حملي جو هي ڏينهن ڏاڍو سخت لنگهيو. دشمن سڀني پاسن کان تير ۽ پٿر پئي وسايا، مسلمان عورتون جنهن قلعي ۾ محفوظ هيون اهو بنو قريظه وارن وٽ هو. بنو قريظه اهو ڏسي ته مسلمان ته هوڏانهن فاٿل آهن، هيڏانهن هن خالي قلعي تي قبضو ڪري وٺجي. هڪ يهودي قلعي جي ڦاٽڪ وٽ پهچيويو هو ته حضرت زبير رضي الله عنه جي ماءُ ۽ حضور جن پڦي صفيه رضي الله عنها اڳتي وڌي هن جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو ۽ هن جو سر وڍي ميدان ۾ اڇلايو. اهو ڏسي بنو قريظه وارن سمجهيو ته قلعي ۾ به ڪجهه فوج آهي تنهنڪري اوڏانهن جي همت ڪانه ڪيائون.
گهيرو جيترو ڊگهو ٿيندو پئي ويو دشمن جي گڏيل محاذ ۾ رنڊڪون پونديون پئي ويون. غطفان جو قبيلو مديني جي ڪجهه پيدائش ساليانه وٺي موٽڻ تي راضي هو. هنجو هڪ رئيس جيڪو ڳجهه ڳوهه ۾ مسلمان ٿي چڪو هو پر هن جي مسلمان هجڻ جي اڃان سڀني کي خبر ڪانه هئي، قريش ۽ يهود وٽ وڃي ڌار ڌار اهڙيو ڳالهيون ڪيون جنهن سان ٻنهي ۾ ڦيٽڙو پئجي ويو. خدا جي ڪرڻي ٿي جو انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ رات جو اهڙو تکو مٽي جو طوفان آيو جو دشمنن جي خيمن جون طنايون (رسا) اکڙجي ويون، کاڌي جا ديڳڙا چلهين تي اونڌا ٿي پئي ويا سيءَ ۾ هوا جي ان تکي لوهه به ڪافرن جون دليون ڏڪائي وڌيون.
انهن سڀني ڳالهين گڏجي اتحادي فوجن (احزاب) جا پير ڪڍي ڇڏيا. بني قريظه هنن جو ساٿ ڇڏي پنهنجي قلعن ۾ هليا ويا غطفان به روانا ٿي ويا. اهو ڏسي قريش به لاچار گهيرو ڇڏي هليا ويا. ۽ مدينه جو افق ويهه ٻاويهه ڏينهن تائين مٽيءَ سان ڀريل رهي صفا ٿي ويو.