مذهب

رحمت عالم ﷺ

هي ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم، هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book رحمت عالم ﷺ

عرب جي صوبن ۾ اسلام جو عام اعلان :

هاڻي عرب جو هر ذرو آفتابِ رسالت جي دامن کي چنبڙيل هو، توحيد جي اشاعت واري واٽ تان مشڪلات جو هر ڪو پٿر هٽي ويو هو.۽ سموري حجاز ۾ اسلام جي حڪومت هئي. پر اڃان به يمن، يمامه ، بحرين وغيره عرب جا ڪجهه اهڙا صوبا هئا، پر انهن ۾ اسلام جو عام اعلان ڪونه ٿيو هو. هاڻي جڏهن قريش ۽ انهن جي ساٿي قبيلن جي مخلافت واري هر ڪا ڪوشش ناڪام ٿي ويئي هئي. وقت اچي ويو هو ته پري وارن علائقن ۾ اسلام جو اعلان ڪيو وڃي ۽ شاهه ۽ گدا، امير ۽ فقير هر ڪنهن کي سچائي جي دعوت ڏني وڃي.
عرب جي سڀني صوبن ۾ وڏو يمن جو صوبو هو، جيڪو اٽڪل پنجاهه سٺ سالن کان ايرانين جي قبضي ۾ هو. يمن جي هڪ ممتاز قبيلي دوس جي رئيس طفيل بن عمر مڪه وڃي گهڻو اڳ اسلام قبول ڪيو هو، ۽ هن جي اثر جي ڪري ان قبيلي جا اڪيترائي ماڻهو وقت بوقت مسلمان ٿيندا رهيا. 7 هجري ۾ جڏهن پاڻ سڳورا خيبر ۾ هئا. ” دوس“ جا گهڻائي ماڻهو مسلمان ٿي مدينه هليا آيا هئا. مشهور صحابي حضرت ابو هريره ﷦ انهن مان هو. اشعر نالي يمن جي هڪ ٻئي قبيلي ۾ به ماڻهو پاڻيهي پاڻ مسلمان ٿي ويا هئا. مشهور صحابي حضرت ابو موسيٰ اشعري انهن قبيلي مان هو. اهي ماڻهو به مدينه اچي رهيا هئا.
يمن ۾ همدان قبيلو ڏاڍو مشهور هو. هن قبيلي جڏهن اسلام جو نالو ٻڌو ته پنهنجي رئيس عامر بن شمر کي هن نئين دين جي تحقيق لاءِ مدينه اماڻيو. هن اتي اچي جيڪي ڪجهه ڏٺو. ان جو اثر اهو ٿيو ته اسلام جي سچائي سندس دل ۾ گهر ڪري ويئي. هو موٽي آيو ته پنهنجي ڪٽنب ۾ اسلام جي روشني پکيڙيائين.
يمن جي ڪن قبيلن ۾ اشاعت جو ڪم ڪرڻ لاءِ پهرين حضرت خالد ﷦ کي اماڻيو ويو. هو ڇهن مهينن تائين پنهنجو ڪم ڪندو رهيو. پر ڪامياب نه ٿي سگهيو. اهو ڏسي پاڻ سڳورن کيس واپس گهرايو ۽ ان جي جاءِ تي حضرت علي﷦ هنن جي سڀني رئيسن کي سڏايو ۽ حضرت رسول الله ﷺ جن جو خط پڙهي ٻڌايو. انهيءَ سان گڏ سڄي جو سڄو قبيلو مسلمان ٿي ويو. تنهنڪري همدان، جذيمه ۽ مدلج جي قبيلن ۾ اسلام جي روشني حضرت علي ﷦ جي فيض سان ئي پکڙي. يمن جي ٻين شهرن ۾ اسلام جي دعوت پکيڙڻ لاءِ ٻيا ممتاز صحابي مقررٿيا. لهٰذا صنعام ۾ جيڪو يمن جو تخت گاهه هو، خالد بن سعيد جي ڪوڊشش ڪامياب ٿي. طئي جو قبيلو اسلام کان اڳ عيسائي هو. هن وقت حاتم طائي جو پٽ عدي هن قبيلي جو سردار هو. هو خدمت نبوي صلعم ۾ حاضر ٿيو ۽ حضور صلعم جن جي خاڪساري ۽ بيڪسن سان همدردي ڏسيمسلمان ٿي ويو، ۽ هن ئي جي دعوت تي هن قبيلي به توحيد جو ڪلمو پڙهيو. حضرت ابو موسيٰ اشعري ﷦ عدن ۽ زبيد ۾، ۽ حضرت معاذ ﷦ بن جبل جُند ۾ وڃي اسلام جو پيغام پهچايو. جرير﷦ ابن عبدالله بُجلي حمير جي شهرن ۾ اسلام پکيڙيو. مهاجر بن ابي اميه هڪ صحابي يمن جي هڪ شهزادي حارث بن عبد ڪلال کي اسلام جي دائري ۾ آندو. وبي بن نخيس صحابي يمن جي انهن ايراني نسل ماڻهن کي جيڪي يمن ۾ آباد ٿي ويا هئا. اسلام جي خوشخبري ٻڌائي.
يمن ۾ نجران جو علائقو عيسائي آبادي هو. اتان جي ماڻهن اسلام جو خط ملڻ تي پنهنجن پادرين کي حال معلوم ڪرڻ لاءِ مدينه اماڻيو ۽ جيتوڻيڪ هو مسلمان ڪونه ٿيا پر جزيه ڏيئي اسلام جي حڪومت قبول ڪيائون. نجران ۾ جيڪي مشرڪ عرب هئا، انهن جي هدايت لاءِ حضرت خالد ﷦ کي موڪليو ويو، جنهن جي سمجهائڻ تي سڄي قبيلي اسلام آندو.حضرت خالد ﷦ ٿورا ڏينهن اتي ترسي هنن کي اسلام جون ڳالهيون سيکاريون.
بحرين تي ان وقت ايرانين جي حڪومت هئي ۽ ان جي واسين ۾ عرب جا قبيلا آباد هئا. جن ۾ مشهور ۽ بااثر ڪٽنب عبدالقيس، بڪر بن وائل ۽ تميم هئا. انهن مان عبدالقيس جي قبيلي جو مقذ بن حيان واپار لاءِ نڪتو، واٽ تي مدينه آيو ٿي، اتي ترسيو. حضور پاڪ ﷺ جن کي هن جي اچڻ جي خبر پيئي ته وٽس هلي آيا ۽ اسلام جي دعوت ڏنائون هن قبول ڪئي ۽ مسلمان ٿي ويو. هتي رهي هن سوره فاتحه ۽ اقراء سکي. پاڻ سڳورن کيس هڪ فرمان لکي ڏنو. جڏهن هو موٽي گهر ويو ته پهريائين پنهنجي نئين مذهب کي لڪايائين. پر سندس زال کيس نماز پڙهندي ڏسي ورتو ۽ پنهنجي پيءُ منذرکي دانهن ڏنائين. هن منقذ کان پڇيو. ڳالهين جي ڏي وٺ کانپوءِ منذر به مسلمان ٿي ويو. هاڻي ٻنهي ڄڻن ماڻهن کي گڏ ڪري حضور پاڪ ﷺ جو خط مبارڪ ٻڌايو ۽ سڀني اسلام قبول ڪري ورتو.
بحرين ۾ هڪ هنڌ جواثي هو، جنهن ۾ عبدالقيس جو قبيلو هو هتي گهڻو اڳي اسلام پهچي ويو هو. مدينه کانپوءِ جمعه جي نماز سڀ کان پهرين هتان جي ماڻهن ادا ڪئي. 8 هجري ۾ بحرين جي عرب رئيس منذر بن ساويٰ،علاء بن حضرمي جي دعوت تي اسلام قبول ڪيو ۽ ان سان گڏ سڀ عرب ۽ ايراني به مسلمان ٿيا. بحرين ۾ هجر هڪ هنڌ هو، اتان جي ايراني حاڪم سيبخت حضور پاڪ ﷺ جن جو خط ملڻ تي اسلام جي دولت حاصل ڪئي.
عمان ۾ ازدس قبيلو آباد هو. عبيد ۽ جعفر هتي جا رئيسهئا. 8 هجري ۾ حضور ﷺ ج حضرت ابوزيد انصاري کي جيڪوقرآن جو حافظ هو ۽ حضرت عمرو﷦ بن العاص کي پنهنجو خط ڏيئي هنن وٽ موڪليو. ٻنهي رئيسن اسلام قبول ڪيو ۽ اتان جا سڀ ماڻهو هنن جي رغبت ڏيارڻ تي مسلمان ٿيا.
شام جي حدن ۾ ڪيترائي رئيس هائ، انهن مان هڪ فروه هو، جنهن جي رياست معان ۾ هئي. هو رومين جي هٿ هيٺ هو. هو اسلام کان واقف ٿي مسلمان ٿي ويو. رومين کي هن جي مسلمان ٿيڻ جي خبر پيئي ته کيس جهلي سوليءَ تي چاڙهي ڇڏيائون. ان وقت عربي جو هي شعر هن بيگناهه شهيد جي زبان تي هو، جنهن جو ترجمو هي آهي :
” مسلمان سردارن کي منهنجو پيغام پهچائي ڇڏيو ته منهنجوتن من ۽ منهنجي عزت سڀ پروردگار جي نالي تان قربان آهي.“
مطلب ته انهن ڪوششن سان اهڙي ريت اسلام عرب جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويو ۽ اهو وقت به آيو جو عرب ۾ ڪو مشرڪ باقي ڪونه بچيو..