مذهب

رحمت عالم ﷺ

هي ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم، هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book رحمت عالم ﷺ

پاڻ سڳورن تي مصيبتون:

قريش جي ظالمن کي هن وقت تائين ابوطالب جي دڙڪي داب ۽حضرت خديجه رضه جي لحاظ جي ڪري خود رسول الله ﷺ تي هٿ کڻڻ جي همت ڪانه ٿي هئي.انهن ٻنهي جي گذاري وڃڻ تي ميدان خالي ٿي ويو.هاڻي هو خود حضور ﷺ جن سان بي ادبي سان پيش اچڻ لڳا.هڪ ڀيرو پاڻ سڳورا گس وٺيو پئي ويا ته ڪنهن ظالم مٿي مبارڪ تي مٽي اڇلائي وڌي پاڻ اهڙا ئي گهر آيا.سندن ﷺ جي صاحبزادي پاڻي کڻي آئي هوءَ مٿي کي ڌوئيندي پئي وئي ۽ پيءُ سڳوري جي اها هالت ڏسي روئندي به رهي.پاڻ سڳورمﷺ فرمايائون پيءُ جي جان نه روء خدا تنهنجي پيءُ کي ائين ڪونه ڇڏيندو.
هڪ ڀيرو پاڻ ﷺ ڪعبي جي اڱڻ ۾ نماز پئي پڙهيائون قريش جا سردار ڪچهري لڳايو ويٺا هئا کين نماز پڙهندو ڏسي چوڻ لڳا ته ڪو اٺ جي اوجهري کڻي اچي هن جي ڪنڌ تي رکي ڇڏي.ائين هڪ شرير اهو ڪم ڪيو ان جي ڪري پاڻ سڳورن جي پٺن تي ڏاڍو بار ٿي پيو.ڪنهن حضورﷺ جن جي صاحبزادي حضرت فاطمه رضه کي وڃي اها خبر ٻڌائي هوءَ آئي ۽ ڪنهن نموني ان گندگي کي هٽائي پري ڪيائين.
هڪ ڀيرو هڪ شرير پاڻ سڳورن جي ڳچيءَ ۾ چادر جو وڪڙ ڏيئي گلو گهٽڻ گهريو حضرت ابوبڪر رضه ڊوڙي اچي پاڻ سڳورن کي بچايو ۽ ان(شريرماڻهو)کي چيو ته ڇا هڪ شخص جي حياتي رڳو ايتري ڳالهه تي وٺڻ ٿا گهرو جو هو چوي ٿو ته منهنجو پروردگار الله آهي.