دنيا جي بادشاهن کي اسلام جي دعوت ــ6 هجري:
ان کانپوءِ پاڻ پنهنجن ساٿين مان ڪجهه هوشيار مسلمان چونڊيائون ۽ انهن کي اسلام جي دعوت وارا خط ڏيئي ڀرپاسي جي رئيسن ۽ بادشاهن وٽ اماڻيائون. عرب جي رئيسن کي ڇڏي عرب سان ڀرپاسي واريون بادشاهتون هي هيون: حبش، ايران ، روم ۽ مصر
حبش جي بادشاهه اسلام قبول ڪيو، ايران جي بادشاهه ان خط کي ڪاوڙ ۾ ڦاڙي ڦٽو ڪيو، پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو الله ائين ئي هن جي ملڪ کي ٽڪراٽڪرا ڪندو. اها پيشنگوئي اکر به اکر پوري ٿي. مصر جي بادشاهه جيتوڻيڪ اسلام قبول نه ڪيو پر حضور ﷺ جن جي خط جو جواب شائستگي سان ڏنائين. روم جو قيصر ان وقت سڄي مشرقي عيسائي دنيا جو تاجدار هو. هن خط ملڻ تي حڪم ڏنو ته حجاز جا سوداگر جيڪڏهن ڪٿي لڀن ته انهن کي گهرايو. ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي ته ان ڪم لاءِ اهو ماڻهو هٿ آيو ته جيڪو ان وقت اسلام جو سڀ کان وڏو دشمن هو يعني ابو سفيان پنهنجن ٿورن ساٿين سميت قيصر جي درٻار ۾ حاضر ڪيو ويو. قيصر هنن کي چيو ته آئون اوهان کان ڪجهه پڇڻ گهران ٿو، اوهان مان هڪ ماڻهو جواب ڏئي ۽ ٻيا ٻڌن جيڪڏهن هي ڪجهه غلط چوي ته اوهين ٻڌائجو. اهو چئي هن پڇيو ۽ ابو سفيان جواب ڏنا.
قيصر: هي جيڪو پيغمبر هجڻ جي دعويٰ ٿو ڪري ان جو ڪٽنب ڪيئن آهي؟
ابو سفيان: شريف.
قيصر: هن جي ڪٽنب مان ڪنهن ٻئي ڪڏهن پيغمبر هجڻ جي دعويٰ ڪئي هئي؟
ابو سفيان: نه
قيصر: جن هن جي مذهب کيقبول ڪيو آهي. اهي هيڻا ماڻهو آهن يا وڏا وڏارئيس آهن؟
ابو سفيان: هيڻا
قيصر: هن کي مڃڻ وارا وڌن پيا يا گهٽجن پيا؟
ابو سفيان: وڌندا وڃن.
قيصر: ڪڏهن اوهان کي هن جي ڪوڙ ڳالهائڻ جو به ڪو تجربو آهي؟
ابو سفيان: نه
قيصر: ڇا هو ڪڏهن انجام اقرار ڪري ڦريو آهي؟
ابو سفيان: اڃا تائين ته ائين ڪونه ڪيو اٿس، هاڻي جيڪو ٺاهه هن سان ٿيو آهي، ڏسون ته هو اهو پورو ڪري ٿو يا نه!
قيصر: ڇا اوهين ڪڏهن هن سان وڙهيا به آهيو؟
ابو سفيان: ها
قيصر: لڙائي جو نتيجو ڇا نڪتو؟
ابو سفيان: ڪڏهن اسان کٽيو ڪڏهن هن.
قيصر: هو ڇا ٿو چوي؟
ابو سفيان: هي چوي ٿو ته هڪ خدا کي مڃو ۽ ان کي پوڄيو، ان کان دعائون گهرو، نماز پڙهو، پاڪباز بنجو، سچ ڳالهايو، مٽي مائٽي جو حق ادا ڪريو.
قيصر: ابو سفيان جا اهي سڀ جواب ٻڌي چئي ڏنو ته جيڪڏهن تو سچ ئي چيو آهي ته هڪ ڏينهن اهو ايندو جو هو منهنجي پيرن جي هيٺان واري مٽي تي به قبضو ڪري وٺندو. جيڪڏهن ٿي سگهي ها ته آئون وڃان ها ۽ هن جا پير ڌوئاريان ها.
هڪ دشمن کان ايتري سچي شاهدي جو مثال ڪنهن ٻئي هنڌ ملي سگهندو.
عرب جي ڪيترن ئي رئيسن اسلام قبول ڪيو. بحرين ۾ اسلام جو پيغام هن کان اڳ پهچي ويو ۽ عبدالقيس جو قبيلو هتي مسلمان ٿي چڪو هو. حبش وڃڻ وارن مسلمانن جي ذريعي هن ملڪ ۾ به هي مذهب پکڙي رهيو هو. بلڪيمن جي ڪنارن تائين ان جو آواز پهچي ويو هو. اوس جو قبيلو گهڻڳ اڳ مسلمان ٿي ويو هو. اشعر جو قبيلو به اسلام جو نالو وٺڻ لڳو هو. عمرو بن عنبسمه، جيڪو سيلم جي قبيلي جو هو، جيتوڻيڪمڪه جي وقت ۾ ئي مسلمان ٿي ويو هو، هاڻي جڏهن انهن کي ماڻهن جي واتان مدينه ۾ اسلام جي ترقي جي خبر پيئي ته مدينه اچي پنهنجي اسلام جو اعلان ڪيائون. هنن جي مسلمان ٿيڻ جو قصو ڏاڍو وڻندڙ آهي. هنن کي ڪنهن نموني خبر پيئي ته مڪه ۾ ڪو پيغمبر پيدا ٿيو آهي، هو ان جا مشتاق بنجي مڪه پهتا. هتي ان وقت ڪافرن جو ڏاڍو زور هو. پر هو ڪنهن نموني لڪي پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ پهچي ويا ۽ پڇيائون ته اوهان ڪير آهيو؟ فرمايائون، آئون پيغمبر آهيان، چيائون پيغمبر ڪنهن کي ٿا چون؟ ارشاد ٿيو ته مونکي خدا پيغام ڏيئي اماڻيو آهي. پڇيائون ته ڪهڙو پيغام ڏيئي اماڻيو آهي؟ فرمايائون،” هي پيغام ته قرابت جو حق ادا ڪيو وڃي. بت ڀڳا وڃن،هڪ خدا کي مڃيو وڃي ۽ ڪنه کي به خدا جو شريڪ نه سمجهيو وڃي. عمرو پڇيو هن وقت تائين اوهان جا مڃيندڙ ڪيترا ٿياآهن. فرمايائون هڪ آزاد (ابوبڪر) ۽ هڪ غلام (بلال) عمرو چيو، آئون اوهان جي مذهب ۾ اچڻ گهران ٿو.. فرمايائون هن وقت ته ائين نٿوٿي سگهي، تون ڏسين پيو ته ماڻهن جو ڪهڙو حال آهي هينئر پنهنجي گهر موٽي وڃ، جڏهن منهنجي ڪاميابي جو احوال ٻڌين ته اچج. هن مرد خدا کي هاڻي جڏهن ڪاميابي جو احوال معلوم ٿيو ته ڊوڙي آيو.
غفار جو اڌ قبيلو، حضرت ابو ذر غفاري جي تبليغ سان اڳيئي مسلمان ٿي ويو هو ۽ اڌ هن وقت مسلمان ٿيو جڏهن پاڻ ﷺ مدينه آيا، جُهنيه جي قبيلي يڪو گڏ هڪ هزار جي ميڙ سان اسلام قبول ڪيو. اهڙي طرح اسلم، مزلينه ۽ اشجع جي قبيلن هن سچائي جي آواز تي لبيڪ چيو.
حديبه جو ٺاهه اسلام جي فتح جو نغارو هو. مقصد ته اهو هو ته لڙائي جهيڙو ٽري، دشمني ۽ عداوت وارو جذبو ٿڌو ٿئي ۽ مخلافت جو رنگ اڏامي وڃي. ۽ ماڻهن کي اسلام جو روحاني انقلاب ڏسڻ ۽اسلام جي تعليم سمجهڻ جوموقعو ملي. حديبه جي ٺاهه اهو موقعو ڏنو. ڪافرن کي مسلمانن سان ميل ملاپ رکڻ ۽ هنن جي ڳالهين ٻڌڻ، ۽ انهن تي ويچار ڪرڻ جو موقعو مليو. نتيجو اهو نڪتو ته ٻن سالن جي اندر ۾ مسلمانن جو تعداد ٻيڻوٿي ويو. خود مڪه جي هر گهر ۾ اسلام پهچي ويو هو.
قريش جا ٻه وڏا جرنيل خالد ۽ عمرو بن العاص هئا. ڏسي آيا آهيو ته احد جي ميدان ۾ رڳو خالد جي جنگي مهارت مسلمانن جي کتيل لڙائي هارائي ڇڏي. حديبه جو ٺاهه ٿي ويو ته هو مڪه مان نڪري مدينه ڏانهن روانو ٿيو. واٽ تي عمرو بن العاص گڏيس. پڇيائين ڪٿي جو ارادو آهي؟ چيائين مسلمان ٿيڻ پيو وڃان. عمرو چيو منهنجو به اهوئي ارادو آهي. ٻئي گڏجي مدينه پهتا ۽ اسلام جو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا.اڳتي هلي هنن مان هڪ اهو ٿيو جنهن (خالد) شام جي ملڪ قيصر کان کسي ورتو ۽ ٻئي (عمرو) مصر جي سلطنت رومين کان وٺي اسلام جي پيرن ۾ اچي وڌي.
هڪ روايت ۾ آهي ته عمرو بن العاص جي دل تي اسلام جو اثر هيئن ٿيو ته جن ڏينهن اسلام جو قاصد اسلام جو پيغام کڻي حبش جي بادساهه نجاشي جي درٻار ۾ پهتو ته عمرو اتي هو.اتي هن ڏٺو ته حبش جو بادشاهه هن سلطنت هوندي به ان جو ڪلمو پڙهڻ لڳو ته هن تي وڏو اثر ٿيو. نيٺ ان اثر کي لڪائي نه سگهيو. ۽ مڪه واپس اچي مسلمان ٿي ويو.
قيصر جي درٻار ۾ ابو سفيان اسلام جي سچائيجو جيڪو نظارو ڏٺو. اهو به بي اثر ڪونه رهيو پر وري به اڃان وقت جو انتظار هو.