مذهب

رحمت عالم ﷺ

هي ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم، هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book رحمت عالم ﷺ

مظلومن جي پٺڀرائي جو ٺاه

انهن لڙائين جي ڪري ملڪ ۾ ڏاڍي بيچيني هئي ڪنهن کي به سک سان نه ويهڻ نصيب ٿيندو هو۽ نه ڪنهن کي پنهنجي ۽ پنهنجن عزيزن جي جان جو خير نظر ايندو هو.انهن لڙائين ۾ ماڻهو گهڻا مارجي ويندا هئا تنهنڪري ڪٽنبن ۾ پيءُ کان سواءِ يتيم ٻار گهڻا هئا انهن کان ڪو پڇڻ وارو ڪونه هو ظالم ماڻهو انهن کي ستائيندا هئا ۽ زبردستي انهن جو مال کائي ويندا هئا ڪٽنب ۾ جيڪو هيڻو هوندو هو ان کي ڪٿي به جاءِ نٿي ملي غريبن تي هر طرح جو ظلم ٿيندو هو اها حالت ڏسي پاڻ سڳورن جي دل کي ڏک رسندو هو ۽ سوچيندا هئا ته هن زور ظلم کي ڪيئن روڪين جيئن سڀ ماڻهو خوش ۽ امن وامان سان رهن.
عرب جي ڪجهه نيڪ طبيعت ماڻهن کي اڳ ۾ به اهو خيال آيو هو ته ان لاءِ ڪجهه قبيلا گڏجي پاڻ ۾ اهو عهد ڪن ته اهي سڀ گڏجي مظلومن جي مدد ڪندا.هن رٿ جا جيڪي پهريان بنياد رکندڙ هئا انهن جي نالن۾ اتفاق سان فضل جو لفظ هو جنهن جي معنيٰ به مهرباني ئي آهي تنهنڪري انهن جي پاڻ ۾ هن عهد جو نالو فضل وارن جو قول ۽ قرار رکيو ويو ۽ ان کي عربي ۾ ”حلف الفضول“سڏين ٿا.
جڏهن فجار جي لڙائي ٿي ويئي ته پاڻ سڳورن جي چاچي زبير بن عبدالمطلب رٿ ڏني ته ان قول ۽ قرار کي جيڪو اڳ ۾ڪيو ويو هو ۽ جنهن کي ماڻهن وساري ڇڏيو هو ٻيهر زنده ڪيو وڃي ان لاءِ هاشم ،زهره ،هيتمجا ڪٽنب مڪي جي هڪ نيڪ مزاج امير ماڻهو جنهن جو نالو عبدالله بن جدعان هو،ان جي گهر ۾ گڏ ٿيا ۽ سڀني عهد ڪيو ته اسان مان هر شخص مظلوم جي پٺڀرائي ڪندو۽ هاڻي مڪي ۾ ڪوبه ظالم رهي نه سگهندو.انهيءَ ٺاهه ۾ اسان جا رسولﷺجن به شريڪ هئا ۽ پوءِ فرمائيندا هئا ته آئون اڄ به انهيءَ ٺاهه تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.