احد جي لڙائي –شوال 3 هجري:
قريش جي عورتن به سپاهين جون دليون وڌائڻ لاءِ ڪم ڪيو،وڏن وڏن گهراڻن جون زالون جن جي سردار ابوسفيان جي زال”هند“هئي.پنهنجي ڳيچن سان سپاهين جي رڳن ۾ شجاعت ۽ مردانگي جو رت ٽهڪائڻ لاءِ سفر تي سنڀريون.هند جو پيءُ عتبه ۽ جُبير بن مطعم جو چاچوٻئي بدر جي ميدان ۾ حضرت حمزه جي هٿان مارجي ويا هئا.هند جبير جو حبشي بانهي جي آزادي جو ملهه حضرت حمزه جو سر مقرر ڪيو.
مڪه ۾ تياريون ٿي رهيون هيون پر مدينه ۾ اڃان ان جي خبر ڪانه هئي.حضور پاڪﷺ جن جو چاچو حضرت عباس جيڪو اسلام آڻي چڪو هو،تنهن هڪ تکو قاصد اُماڻي مديني ۾ اها خبر پهچائي.ايتري ۾ خبرون پهتيون ته قريش جي فوج هلان ڪري مدينه جي ويجهو پهچي ويئي آهي.پاڻ سڳورن ڪجهه مسلمانن کي پهري جي ڪم ۽ دشمنن جي جانچ تي مقرر ڪيو.صبح ٿيو ته صلاح مصلحت ڪيائون.گهڻن اهو رايو ڏيکاريو ته عورتن کي ٻاهرئين قلعي ۾ اماڻجي ۽ مرد آبادي ۾ ترسي ڀتين جي آڙ وٺي دشمنن کي منهن ڏين.منافقن جي سردار عبدالله بن ابي بن سلول به اهو رايو ڏنو پر نوجوان مسلمان جيڪي جوش ۾ ٻڏل هئا ان تي زور ڀريو ته شهر مان نڪري ميدان تي مقابلو ڪجي.انهيءَ ٺهراءَ کانپوءِ حضورﷺ جن گهر هليا ويا ۽ زرهه پهري ٻاهر آيا ۽ ٻين مسلمانن به تياري شروع ڪري ڇڏي.
قريش مدينه جي ڀر ۾ پهچي احد جبل وٽ اچي لٿا ۽ ٻه ڏينهن هتي ٽڪيا پيا هئا.ٽيون ڏينهن جمع جو هو.حضور ﷺجن جمع جي نماز پڙهي هڪ هزار مسلمانن سان گڏ ٻاهر نڪتا.انهن ۾ عبدالله بن ابي بن سلول جا به ٽي سئو ماڻهو هئا پر هو اهوچئي پنهنجا ماڻهو گڏ وٺي واپس هليو ويو ته محمدﷺ منهنجو رايو نه مڃيو.هاڻي رڳو ست سئو مسلمان وڃي رهيا جن مان رڳو سئو ماڻهن وٽ زرهون هيون.
سهن لڙائي ۾شريڪ ٿيڻ جي موڪل ملڻ لاءِ ڪن ننڍي ڄمار جي نوجوان مسلمانن عجيب و غريب جوش ڏيکاريو.رافع بن خُديج کي جڏهن اهو چيو ويو ته تون ڄمار ۾ ننڍو آهين ته هو پٻن تي اڀو ٿي بيهي رهيو.سچ آهي ته قوم جي زندگي واري باهه نوجوانن جي عمل جوش ٻارڻ سان ئي ٻرندي آهي.
مسلمانن احد جبل ۾ هڪ لڪ هو،جتان ڊپ هو ته متان دشمن پٺيان اچي حملو نه ڪري تنهنڪري پنجاهه تير اندازن جو هڪ دستو ان جي سنڀال لاءِ بيهاريو ويو۽ هنن کي سمجهائي ڇڏيائون ته”لڙائي ۾ اسين کٽي به رهيا هجون ته به هو پنهنجي جاءِ تان نه چُرن“
لڙائي جي شروعات هن ريت ٿي ته قريش جون عورتون دڦ تي فخريه شعر ۽ بدر جي قتل ٿيلن جو درد ڀريو مرثيو پڙهنديون اڳتي وڌيون پوءِ قريش جي لشڪر جي علمبردار طلحه صف مان نڪري سڏيو.علي مرتضيٰ ان جو جواب ڏنو ۽ اڳتي وڌي تلوار هنئي ۽ طلحه جو لاش زمين تي وڃي ڪريو.ان کانپوءِ هن جي پٽ جرئت ڪئي ۽ نيٺ حضرت حمزه جي تلوار هن کي به پورو ڪري ڇڏيو.هاڻي عام جنگ شروع ٿي ويئي.حضرت حمزه .حضرت علي ابودجانهانصاري فوجن جي ميڙ ۾ گهڙٽي ويا ۽ دشمنن جون صفن جون صفون اونڌيون ڪري ڇڏيائون.
حضرت حمزه ٻنهي هٿن ۾ تلوارون کڻي لاشن مٿان لاش ڪيرائيندو پئي ويو.جبير جو حبشي غلام وحشي جنهن سان هند اهو واعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن حمزه کي قتل ڪندو ته کيس آزاد ڪيو ويندو،حضرت حمزه جيئن ئي هن جي نشاني ۾ آيو ،هن حبشين جي خاص انداز ۾ جنهن ۾ هنن کي وڏي مهارت هوندي آهي،هڪ ننڍو نيزو اڇلائي هنيو.جيڪو ”دن“۾ لڳ ۽ پار ٿي ويو.حضرت حمزه ڦري هن تي حملو ڪرڻ گهريو پر لوڏو کائي ڪري پيو ۽ روح پرواز ڪري ويو.
حق ۽ باطل جي ڪهڙي نه عجيب لڙائي هئي.پيءُ پنهنجي پٽ ۽ پٽ پنهنجي پيءُ جي سامهون تلوار هلائي رهيو هو.حنظله هڪ صحابي هو جيڪو مسلمان ٿي چڪو هو،هن پنهنجي پيءُ جي مقابلي ۾ وڃڻ جي اجازت گهري پر رحمت عالمﷺان جي اجازت نه ڏني.
مسلمان بهادر ايمان جي جوش ۾ ٻڏل هئا، هو ڪافرن کي سڀني پاسن کان سوڙهو گهٽيندا اڳتي پئي وڌيا، نيٺ هنن جي زوردار حملن جي ڪري دشمن جا پير نڪري ويا. هاڻي مسلمانن دشمنن جي بدران انهن جو مال اسباب لٽڻ شروع ڪري ڏنو. اهو ڏسي لڪ جي پهري تي بيهاريل تيراندازن پنهنجي چونڪي ڇڏي ڏني. تيرانداز دستي جي سردار عبدالله بن جبير گهڻو ئي هنن کي جھليو پراهو ڏسي ته لڙائي پوري ٿي ويئي آهي، هو به ڦُرلُٽ ۾ شامل ٿي ويا. خالد جيڪو پوءِ اسلام جو وڏو سپهه سالار ثابت ٿيو، ان وقت مڪه جي فوج ۾ هو، ان جي جنگي نگاهه کان دشمنن جي اها ڪمزوري لڪي ڪانه سگهي، هو سوارن جو هڪ دستو وٺي لڪ وٽان ٿي اڳتي وڏيو. عبدالله بن جبير ۽ سندس ٿورن ساٿين پير کوڙي منهن ڏنو ۽ سڀ جا سڀ شهيد ٿي ويا. خالد هاڻي اڳتي وڌي مسلمانن تي پٺيان حملو ڪيو. مسلمان ڦرلٽ ۾ رڌل هئا، پوئتي وري ڏٺائون ته تلوارون پئي وسيون. بدحواسي جي اها حالت ٿي جو مسلمان پاڻ ۾ ئي هڪ ٻئي تي چڙهي ويا. مصعب بن عمير جيڪو مسلمانن جو علمبردار ۽ شڪل ۾ حضور ﷺ جن سان ملندڙ جلندڙ جو، اهو هڪ ڪافر جي هٿان شهيد ٿي ويو، تنهن تي ڪافرن وٺي هل ڪيو ته ﷴ شهيد ٿي ويا. انهي آواز سان مسلمانن جو رهيو کهيو هوش به اڏامي ويو، انهن جون صفون ٽٽي ويون. ڪافرن جو سڄو زور اوڏانهن هو، جتي حضور سائن جن هئا. صفن جي ٽٽڻ سان پاڻ سڳورن تائين پهچڻ لاءِ دشمنن جو رستو بلڪلصفا هو، رڳو يارنهن جان نثار پتنگن وانگر نبوت جي شمع جي چوڌاري هئا، انهن ۾ علي ، ابوبڪر صديق،سعدبن وقاص، زبير ۽ طلحه جا نالا مهاجرن مان ۽ ابودجانه جو نالو انصارين مان معلوم آهن، باقي ٻين صهابين کي پاڻ سڳورن جي ڪابه خبر ڪانه هئي. اوچتوپاڻ سڳورن کي هڪ صحابي پري کان سڃاتو ۽ رڙ ڪيائين، مسلمانو! رسول اللهﷺ هتي آهن. اهو ٻڌي سڀني پاسن کان جان نثار وري پيا ۽ پاڻ سڳورن ﷺ کي دائره ۾ وٺي ورتائون. ڪافرن سڀني پاسن کان هٽي انهي پاسي تي زور لڳايو، ٽولي جو ٽولو ميڙ ڪري وڌيو ٿي، پر ذوالفقار جي کنوڻ سان اهو ڪڪر ڦاٽي ٿي پيو. هڪ دفعو ميڙ ٿيو ته فرمايائون ڪير مون تي جان ڏيندو؟ يڪدم ست انصاري هڪ ٻئي جي پويان وڌيا ۽ هڪ هڪ ڄڻي وڙهي ساهه ڏنو. ابودجانه انصاري جهڪي ڍال بنجي ويو، جيڪي تير آيا ٿي هن جي پٺن ۾ ٿي لڳا. طلحه تلوارن پنهنجن هٿن تي جهليون، حضرت سعد پاڻ سڳورن طرفان تير پئي هلايا، ابو طلحه ڍال سان پاڻ سڳورن جي منهن مبارڪ کي اوٽ ڪريو بيٺو هو. پاڻ ڪنڌ مٿي کڻي لڙائي جو منظر ڏسڻ گهرندا هئا ته هو عرض ڪندو هو ته پاڻ ﷺ ڪنڌ مٿڀرو نه کڻن ڪو تير نه لڳي وڃي، منهنجو سينو حاضر آهي. انهي حال ۾ قريش جو هڪ ڪٺور جيڪو وڏوپهلوان سڏبو هو،جان نثارن جو دائرو توڙي اڳتي وڌيو ۽ منهن مبارڪ تي تلوار هنيائين جنهن جي ڌڪ کان ٽوپجون ٻه ڪڙيون منهن مبارڪ ۾ گهڙي ويون، ام عماره رضه صحابيه هن کي تلوار هنئي جيڪا هن جي زره ۾ ڏيڍي وڃي لڳي. ڪنهن ڪافر پري کان ڪو پٿر اڇلايو جيڪو حضور پاڪ ﷺ جن جي منهن مبارڪ تي اچي لڳو جنهن سان اڳيان ٻه ڏند شهيد ٿي ويا. انهي حالت ۾ پاڻ سڳورن جي زبان مبارڪ مان هي اثر وارو جملو نڪتو جيڪو جيسين دنيا قائم آهي تيسين ياد رهندو” يا خدا! منهنجي قوم جا ڏوهه معاف ڪر هو نادان آهن.“
ان کان پوءِ ڪجھ ثابت قدم صحابين سان گڏ پاڻ سڳورن ﷺ جبل جي چوٽي تي چڙهي ويا. ابو سفيان ڏسي ورتو، فوج وٺي جبل تي چڙهيو پر حضرت عمر ۽ ٿورن ساٿين پٿر وسايا جنهن ڪري هو اڳتي وڌي نه سگهيو پر سامهون واري ٻيءَ چوٽي تي چڙهي هن هبل بت جو نعرو هنيو. حضرت عمر هن جي مقابلي ۾ الله اڪبر جو نعرو هنيو.
پاڻ سڳورن ﷺ جي وفات جي خبر مدينه تائين پکڙي ويئي. حضرت فاطمه رضه زهره خدا ڄاڻي ڪهڙي ريت بيتابيءَ واري حالت ۾ والد صه جي قدمن تائين اچي وهتي. منهن مبارڪ مان رت پئي وهيو. حضرت علي رضه ڍال ۾ پاڻي ڀري آيو، حضرت فاطمه رضه ڌڪ ڌوتا ٿي، پر رت بند نٿي ٿيو. نيٺ تڏيءَ جو هڪ ٽڪر ساڙي ڌڪن تي رکيائون جنهن سان رت بند ٿي ويو.
هن لڙائيءَ ۾ ستر مسلمان مارجي ويا. شهيدن ۾ سڀني کان وڏي هستي حضرت حمزه رضه جي هئي. حضور جن تي ان جو ڏاڍو اثر هو پر ڇا مجال جو صبر جو دامن هٿان ڇٽي وڃي.ايترو فرمايائون ته ؟آهه! حمزه تي ڪو روئڻ وارو به ڪونهي.“ انصار ٻڌو ته پنهنجن عورتن کي هدايت ڪيائون ته پهرين حمزه جو ماتم ڪريو. حضوپر پاڪ جن اهو ڏسي فرمايو ”اوهان جي همدردي جو شڪريو ادا ٿو ڪريان، پر مُردن تي روئڻ جائز ڪونهي.“
قريش جي عورتن خاص ڪري ابوسفيان جي زال هند مسلمان لاشن جي بي ادبي ڪري دل جي باهه ڪڍي، انهن جا نڪ، ڪن ڪپي ورتائون ۽ انهن جو هار ٺاهي ڳچي ۾ وڏائون. هند حضرت حمزه رضه جو پيٽ چيريو ۽ جگر ڪڍي چٻاڙيو پر ڳيهي نه سگهي. پوءِ هڪ مٿاهين هنڌ تي چڙهي ڪجهه شعر ڳايائون ته اڄ بدر جو پلاند ٿي ويو.
هن لڙائي ۾ يهودين جي ڊپ کان مسلمانن پنهنجن زالن، ٻارن ۽ هيڻن ڀائين کي قلعي ۾ رهايو هو، پر جيڪي عورتون بهادر هيون اهي جنگ جي ميدان ۾ موجود هيون. مٿي پڙهي چڪا آهيو ته حضرت فاطمه رضه زهره ، والد جي ملم پتي ڪري رهي هئي ۽ حضرت عائشه رضه ، حضرت ام سليط رضه ۽ حضرت ام سليمه رضه پنهنجن ڪلهن تي مشڪون ڀري ڀري آنديون پئي ۽ زخمين کي پياريائون پئي.
حضور پاڪ ﷺ جن جي پڦي ۽ حضرت حمزه رضه جي ڀيڻ حضرت صفيه شڪست جي ڳالهه ٻڌي مدينه مان نڪتي حضور ﷺ جن سندس صاحبزادي زبير کي سڏي چيو ته هوءَ حضرت حمزه رضه جو لاش، جيڪو ٽڪر ٽڪر ٿيو پيو هو جيئن نه ڏسي. حضرت زبير رضه اچي اهو ٻڌايو ته هن چيو آئون پنهنجي ڀاءُ جي سموري ماجزرا ٻڌي چڪي آهيان، پر خدا جي راهه ۾ اها ڪا وڏي قرباني ڪانهي. حضور پاڪ ﷺ جن موڪل ڏني ته لاش تي ويئي. رت جو جوش هو ۽ پياري ڀاءُ جا ٽڪرا پکڙيا پيا هئاپر انا لله وانا اليه راجعون کان سواءِ زبان مان ٻيو ڪجهه به ڪونه نڪتو.
هڪ انصاري عورت جو پيءُ ڀاءُ ۽ مڙس ٽيئي هن لڙائي ۾ مارجي ويا هئا. هوءَ حال معلوم ڪرڻ لاءِ بيتابيءَ سان نڪتي. واري واري سان هنن ٽنهي سخت حادثن جي صدا سندس ڪنن تي پوي ٿي، پر هوءَ هر ڀيري اهو ئي پڇي ٿي ته اسان جو رسول ﷺ ڪيئن آهي. جواب مليو خيريت سان آهن. هن جي خاطري ڪونه ٿي ڀر ۾ اچي منهن مبارڪ ڏٺائين ته رڙ ڪري چيائين پاڻ سڳورا ﷺ خيريت سان آهن ته پوءِ سڀ مصيبتون ڪجهه ڪونهي.
شهيدن جي ڪفن لاءِ به تنگدست مسلمانن وٽ ڪجهه ڪونه هو. مدينه جي پهرئين امام ۽ مصعب بن عمير جو جنازو تيار هوهن جي ڪفن جو ڪپڙو ايترو ننڍو هو جو ان جو مٿو ڍڪيائون ته پير ٻاهر ٿي نڪتا۽ پير ڍڪيائون ٿي ته مٿو نٿي ڍڪيو. نيٺ مٿي کي ڍڪي پيرن تي گاهه وڌو ويو. هي اهڙو نظارو هو جو ان کانپوءِ ڪوبه مسلمان جڏهن انهيءَ واقعي کي ياد ڪندو هو ته روئي پوندو هو. شهيدن کي وهنجارڻ کان سواءِ ائين رت سان رڱيل قبرن ۾ لاٿو ويو ۽ بيڪسي۽ مظلومي جا هي مجسمازمين جي حوالي ڪيا ويا.
مسلمانن کي هنلڙائي ۾ جيتوڻيڪ جانين جو وڏو نقصان سهڻو پيو هو. پر هنن جي نظر ۾ سندس شڪست اڻپوري هئي، ڊپ هو ته ابوسفيان کي جيڪڏهن ان جو خيال آيو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو ٻيهر حملو ڪري، تنهنڪري حضور پاڪ جن انهي حالت ۾ هن جي پويان پوڻ جو فيصلو ڪرڻ ضروري سمجهيو. ان ۾ اها به مصلحت هئي ته ڀرپاسي وارا قبيلا اهو نه سمجهن ته مسلمانن جو زور ٽٽي ويو، هاڻي جنهن کي وڻي اهو مٿن حملو ڪري سگهي ٿو. گهڻا ئي مسلمان جيتوڻيڪ زخمن سان چور هئا. پر جنهن وقت پاڻ سڳورن خدا جو اهو حڪم ٻڌايو ته ستر مسلمانن انهيءَ ڪم لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو جن ۾ حضرت ابوبڪر رضه ۽ زبير رضه به هئا.
ابوسفيان کي ٿورو پري نڪري وڃڻ کانپوءِ خيال آيو ته سندس ڪم اڌورو رهجي ويو، پر خزاعه قبيلي جو رئيس معبد جيڪو ڳجههه ڳوهه ۾ مسلمانن سان گڏ هو ۽ شڪست جي خبر ٻڌي آيو هو موٽي وڃي ابو سفيان کي چيو ته آئون ڏسندو پيو اچان ته محمد ﷺ اهڙي ساز و سامان سان تنهنجي پٺيان پيو اچي جو سندس مقابلو ناممڪن آهي. اهو ٻڌي ابو سفيان مڪي هليو ويو ۽ حضور پاڪ صه جن حمراء پهچي مديني موٽي هليا آيا.