حديبه جو صلح ــــ ذيقعده ــــ6 هجري:
جڏهن پاڻ سڳوار مڪه جي ويجهو پهتا ته هڪ خابرو کي حال احوال وٺڻ جي لاءِ مڪي اماڻيائون، ان خبر آندي ته قريش هڪ وڏو ميڙ وٺي مسلمانن کي روڪڻ جي ارادي سان وڌندا پيا اچن. پاڻ صلعم رستو ڇڏي حديبه جي هنڌ تي وڃي لٿا ۽ هڪ سفير قريش وٽ پيغام ڏيئي اماڻيائون ته اسين رڳو عمره ( هڪ ننڍو حج) ادا ڪرڻ آيا آهيون،وڙهڻ جو ارادو ڪونه اٿئون ۽ چڱو ائين آهي ته قريش ٿوري مدت لاءِ اسان سان صلح جو معاهده ڪن ۽ مونکي عرب جي هٿن ۾ ڇڏي ڏين.
سفير قريش جي سردارن جي آڏو وڃي اها تقرير ڪئي. عروه بن مسعود ثقفي هڪ نيڪ دل سردار قريشن کي چيو ته ڇا اوهان کي مون ۾ ڪا بدگماني ته ڪانهي. هنن چيو ته نه.تڏهن هن چيو ته مونکي موڪل ڏيو ته محمد ﷺ سان ملي هن معاملي کي طئي ڪريان. ماڻهن راضپو ڏيکاريو ته هو حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ قريش جو پيغام ٻڌايائين. عروه هئي پهچي مسلمانن جي روحاني انقلاب جو جيڪو نظارو ڏٺو ۽ رسول الله ﷺ سان انهن جي حيرت انگيز عقيدت جو جيڪو منظر ڏٺائين ته ان سندس دل تي ڏاٺواثر ڪيو. قريش کي وڃي چيائين ته مون قيصر وڪسريٰ ۽ نجاشي جون درٻارون ڏٺيون آهن. عقيدت ۽ محبت جي هيءَ تصوير مونکي ڪٿي به ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. محمد ﷺ ڳالهائي ٿو ته سڀني پاسن سناٽو ڇانئجيو وڃي. ڪوبه ادب کان اک کڻي هن ڏانهن نٿو نهاري. وضو ڪندي جيڪي ڦڙا ڪرن ٿا، عقيدتمند اهي کڻي هٿن ۽ منهن تي مکين ٿا..
ان تي به ڳالهه اڌوري رهي. پاڻ سڳورن وري هڪ سفير موڪليو، قريش ان تي حملو ڪيو پر هو بچي ويو. هاڻي قريش وڙهڻ لاءِ هڪ دستو اڳتي اماڻيو . مسلمانن ان کي جهلي ورتوپر حضور پاڪ جن ڇڏي ڏنو ۽ معافي ڏيئي ڇڏي ۽ حضرت عثمان کيسفير بنائي مڪه اماڻيو. هو پنهنجي هڪ عزيز جي حمايت ۾ مڪه ويو ۽ حضور ﷺجن جو پيغام ٻڌايائين.قريش هن کي قيد ڪري ورتو۽ مسلمانن تائين اها خبر پهتي ته حضرت عثمان کي شهيد ڪري ڇڏيو ويو. مسلمانن ۾ ڏاڍو جوش پيدا ٿيو. پاڻ سڳورن فرمايو ته عثمان جي خون جو پلاند وٺڻ فرض آهي. اهو چئي ٻٻر جي هڪ وڻ هيٺان ويهي رهيا ۽ صهابين کان جان نثاري جي بيعت ورتائون. ان جو نالو ”بيعت رضوان“ آهي يعني خدا جي خوشنودي جي بيعت ڇو ته ان جي باري ۾ خدا قرآن ۾ پنهنجي خوشنودي ظاهر فرمائي.
پوءِ خبر پيئي ته حضرت عثمان جي شهادت واري خبر صحيح ڪانه هئي. پر مسلمانن جي ان جوش وخروش ۽ سچائي جو اثر اهو ٿيو جو قريش همت هاري ويٺا. هننن به پنهنجو هڪ سفير حضور اڪرم ﷺ جن وٽ موڪليو ۽ پهريون شرط هي پيش ڪيائون ته مسلمان هن سال واپس هليا وڃن ايندڙ سال اچن ۽ ٽي ڏينهن رهي موٽي وڃن. ٿوري ڦيرڦار کانپوءِ ڏهن سالن لاءِ لڙائي بند ٿي ۽ هي شرط منظور ٿيا ته:
(1) مسلمان هن سال واپس وڃن ۽ ايندڙ سال ٽن ڏينهن لاءِ اچن. (2)تلوار کان سواءِ ٻيوڪوبه هٿيار گڏ نه هجين. ۽ تلوارون به مياڻ ۾ هجن. (3) ويندي وقت مڪه ۾ جيڪيمسلمان رهجي وڃن انهن کي پاڻ سان گڏ نه وٺي وڃن. (4) قريش مان ڪوبه مسلمان ٿي مدينه هليو وڃي ته واپس ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ڪوبه مسلمان مدينه ڇڏي مڪه هليو اچي ته اهو واپس نه ڪيو وڃي عرب قبيلن مان جيڪو جنهن ڌر سان وڻيس معاهدي ۾ شريڪ ٿئي.
هن معاهدي کان پوءِ مسلمان مدينه واپس هليا آيا.
اسلام جي فتح:
معاهدي جا اهي شرط جيتوڻيڪ ظاهري طرح ڏکيا هئا ۽ انهي ڪري ڪن جوشيلن مسلمانن کي انهن جي مڃڻ ۾ هچڪچاهٽ ٿي رهي هئي. پر جڏهن خود خدا جي رسول ﷺ ان کي مڃي ورتو هو ته پوءِڪنهن کي انڪار جي جرئت ٿي سگهي ٿي؟ ٿورن ڏينهن کانپوءِ خبر پئجي ويئي ته اهي شرط اسلام جي حق ۾ حد کان وڌيڪ فائديمند هئا.
هن وقت تائين مسلمان جنهن اصول جي خاطر قريش سان معاملو ڪري رهيا هئا اهو هي هو ته اسلام کي پنهنجي اشاعت جي آزادي جو حق ملي ۽ قريش ان واٽ جو ڪنڊو نه بنجن. قريش کي اهو مڃڻ ۾ هيستائين انڪار هو. حديبه جي ٽاهه اهو اصول مڃرائي ورتو ۽ اسلام کي پنهنجي اشاعت جي آزادي جو حق مليو ويو۽ اها ئي ان جي فتح هئي. خود خدا قرآن ۾ آيت لاٿي:
انا فتحنا لڪ فتحا مبينا
ترجمو: اسان توکي پڌري فتح عنايت ڪئي.