مذهب

رحمت عالم ﷺ

هي ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم، هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book رحمت عالم ﷺ

مڪه جي فتح رمضان 8 هجري :

دين حنيف جوسڀ کان پهريون فرض هي هو ته هو حضرت ابراهيم عليه السلام جي ٺاهيل دنيا جي سڀ کان پهرين عبادتگاهه ڪعبه کي جيڪو اسلام جوقبلو ۽ دين جو مرڪز هو. بتن جي گندگي کان پاڪ ڪري. هيستائين جيڪي ڪجهه ٿيو ظاهري طرح اهو هن فرض کان ڌار هو پر حقيقت هي آهي ته جيڪي ڪجهه ٿيندو رهيو. ۽ جنهن جي ڪري هي رت جون نديون وهنديون رهيون. اهو سڀ ان جو منڍ هو، ڇو ته مڪه تي قبضي ڪرڻ ۽ ڪافرن جي اگهاڙين تلوارن کي ڀڃڻ کانسواءِ انهن بتن کي ڀڃي حرم جي اڱڻ کان ٻاهر نٿي پئي اڇلائي سگهيو.. هاڻي جڏهن ڪوڙن معبودن جي حفاظت لاءِ جن به تلوارن جي خبر هئي. اهي ڀڃي چڪيون ته هاڻي وقت اچي ويو هو ته ڪعبه کي انهن گندگين کان پاڪ ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي.
حديبه جي ٺاهه جي ڪري مسلمانن پاڻ مرادو هاڻي مڪه تي حملو نٿي ڪري سگهيا پر خدا جي قدرت ڏسو ته ان جو موقعو خود مڪه وارن پيدا ڪري ڏنو. حديبه واري ٺاهه موجب ڪجهه قبيلن مڪه وارن جو ساٿ ڏنو ۽ ڪجهه مسلمانن سان گڏ هئا. انهن مان خزاعه جو قبيلو مسلمانن سان گڏ ۽ ان جا دشمن بنو بڪر وارا قريش سان مليل هئا. ٺاهه موجب قريش جي ساٿين مان ڪنهن جو مسلمانن جي ڪنهن ساٿي قبيلي تي حملي ڪرڻ ، ٺاهه کي لوڙڻ هو.
خزاعه ۽ بنوبڪر جي وچ ۾ زماني کان لڙائيون هلنديون پئي آيون. جيسيتائين اسلام سان مقابلو هو سڀ گڏيل هئا، هاڻي جڏهن حديبه جي ڍاهه مطمئن ڪري ڇڏيو ته بنوبڪر سمجهيو ته هاڻي دشمن پلاند ڪرڻ جو وقت اچي ويو. اوچتو هنن خزاعه تي حملو ڪري وڌو. قريش جي گهڻن ئي پهلوانن راتين جو شڪليون بدلائي لڪائي خزاعه تي تلوارون هلايون. خزاعه وارن حرم ۾ پناهه ورتي پر اتي به هنن کي پناهه ڪونه ملي سگهي. شرط موجب مسلمانن تي هنن جي مدد ڪرڻ فرض هو. خزاعه جي چاليهه اٺ سوارن فرياد کڻي مدينه جو گس ورتو. حضور اپڪ ﷺ جن حالات ٻڌا ته پاڻ سڳورن کي ڏاڍو رنج ٿيو. پاڻ سڳورنﷺ قريش وٽ قاصد اماڻيائون ۽ ٽي شرط رکيائون ته انهن مان ڪوبه منظور ڪريو :
1. خزاعه جي قتل ٿيلن جي خون بها ڏيو.
2. بنوبڪر جي پٺڀرائي ڇڏي ڏيو.
3. اعلان ڪيو وڃي ته حديبه جو ٺاهه ٽٽي ويو.
قريش جي سردارن قريش جي پاران ٽئين ڳالهه قبول ڪئي. يعني اهو ته حديبه جو ٺاهه هاڻي ڪونه رهيو آهي. پر قاصد جي هليو وڃڻ کان پوءِ قريش ڏاڍو پڇتايو ۽ هنن ابو سفيان کي پنهنجو سفير بنائيمدينه موڪليو ته حديبه جي ٺاهه کي ٻيهر نئون ڪري. ابوسفيان مدينه اچي پهرين نبوت جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو اتان ڪو جواب ڪونه مليو ته حضرت ابوبڪر ﷦ کي اچي چيائين انهن انڪار ڪيو. هو حضرت عمر﷦ وٽ آيو هن چيس ته اهو مون کان ڪونه ٿي سگهندو. وري هو حضرت علي﷦ وٽ ويو. هن فرمايو ته رسول الله ﷺ جيڪو طئي ڪري چڪا آهن ان بابت کين ڪا ٻي صلاح نٿي ڏيئي سگهجي. چڱو ائين آهي ته تون مسجد ۾ وڃي اعلان ڪري ڇڏ ته آئون حديبه جي ٺاهه کي ٻيهر بحال ڪريان ٿو. هن ائين ئي ڪيو .
ابو سفيان مڪه وڃي ماڻهن کي هي واقعو ٻڌايو. سڀني چيو ” هي نڪي ٺاهه آهي جو اسين اطمينان سان ويهون ۽ نه وري هي جنگ آهي جو لڙائي جي تياري ڪريون.“
حضور ﷺ جن مڪه جون تياريونب شروع ڪري ڇڏيون. ۽ احتياط ڪيائون ته مڪه وارن کي خبر نه پوي. 10 رمضان المبارڪ جو ڏهه هزار فوجون مڪه ڏانهن وڌيون. مڪه کان هڪ منزل اوريان لهي رات جو ڊاٻو ڪيائون. قريش کي خبر ڪانه هئي. ابوسفيان ۽ ٻه قريش سردار حال معلوم ڪرڻ لاءِ نڪتا. ٿورو پري هليا ته ڏٺائون ته ٻاهر هڪ فوج پيئي آهي. حضور پاڪ ﷺ جن جي چاچي حضرت عباس ﷦ کي جيڪو اڳ ۾ ئي واٽ ۾ وڃي حضور ﷺ جن جي خدمت ۾ پهتو هو. مڪه وارن جي حال تي رحم آيو ۽ اهو سوچي ته جيڪڏهن فوج جي مڪه ۾ گهڙڻ کان پهرين مڪه وارا پاڻ اچي امان گهرين ته هنن جي مٿان مصيبت ٽري ويندي.
حضور پاڪ ﷺ جن جي خيمي مان نڪتم ۽ پاڻ سڳورن جي سواري تي ويهي مڪه جي واٽ ورتائين. اڃان ٿورو ئي پرڀرو ويو هو ته ابو سفيان وغيره گڏجي ويا. انهن کي ٻڌايائين ته اسلام جو لشڪر مڪه وٽ اچي پهتو آهي. هاڻي قريش جو خير ڪونهي. ابو سفيان صلاح پڇي. فرمايائين اوهين مون سان گڏ هليا اچو. هو گڏجي هليا. حضرت عباس ﷦ هنن کي رسول الله ﷺ جي خدمت ۾ وٺي هليو.واٽ تي حضرت عمر﷦ ڏسي چيو : ” ڪفر جو سردار هاڻي اسان جي قبضي ۾ آهي.“ ۽ اهو چئي اُلر ڪيائين. پر حضرت عباس ﷦ هنن کي وڍي تڪڙو حضور ﷺ جن جي خيمي ۾ گهڙي ويو. ۽ عرض ڪيائين ته يا رسول الله ﷺ مون ابوسفيان کي پناهه ڏني آهي. هي ڪهڙو ابوسفيان هو؟ اهو ئي جنهن اسلام جي خلاف بدر کان وٺي هن وقت تائين سڀ جنگيون جوٽيون هيون. عرب جي قبيلن کي اڀاري اڀاري هر ڀيري مدينه تي چاڙهي آيو هو. جنهن محمد رسول الله ﷺ جي قتل جون سازسون ڪيون هيون. هاڻي هو مسلمانن جي چنبي ۾ هو ۽ پنهنجي هر ڏوهه جي سزا جو حقدار هو، پر اسلام جو رحمت مجسم رسول انهن سڀني ڳالهين کي درگذر ڪري هن کي اسلام جي بشارت ٻڌائي ٿو ۽ ايترو ئي نه پر هن لاءِ هي فخر جي خلعت عطا ڪري ٿو ته عام اعلان ڪيو وڃي ته ”اڄ جيڪو ابوسفيان جي گهر ۾ پناهه وٺندو ان کان ڪابه پڇا ڳاڇا ڪانهي.“ هي رحمت وڌيڪ عام ٿئي ٿي ارشاد ٿئي ٿو ته جيڪو پنهنجو گهر بند ڪندو ان کي به امان آهي.
حضرت عباس﷦ کي حڪم ٿيو ته ابو سفيان کي جبل جي چوٽي تي وٺي وڃي ٿورو اسلامي لشڪر جو سيلاب ڏيکار. دير کانپوءِ اسلام جون فوجون جوش ۾ ٻڏل اڳتي وڌيون. سڀني کان اڳ ۾ غفار قبيلي جو جهنڊو ڏسڻ آيو. پوءِ جُهنيه، نديم ۽ سليم جا قبيلا هٿيارن سان جهنجهيل تڪبير جا نعرا هڻندا لنگهيا. ابوسفيان هر ڀيري مرعوب ٿي ويو ٿي. سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ انصار جو قبيلو اهڙي ساز و سامان سان آيو جو جبل گونججي ويو. سعد بن عباده ﷦ جي هٿ ۾ انصار جو جهنڊو هو. ابوسفيان حيرت مان پڇيو هي ڪهڙو لشڪر آهي؟ حضرت عباس﷦ نالو ٻڌايو. پڇاڙي ۾ خود رسالت جو آفتاب عالمتاب نظر آيو جنهن جي چئني پاسن کان جانثارن جو دائرو هو. حضرت زبير ﷦ علم بردار هو.
هي سڄو لشڪر جڏهن مڪه جي ويجهو پهتو ته امن جو پڙهو آيو ۽ حرم جو گهر جيڪو ٽي سو سٺ بتن جو ٺڪاڻو هو، ان گندگي کان صاف ٿيو ۽ ابراهيم عليه السلام جي خداجو گهر هاڻي وري خدا جو گهر بنيو ۽ توحيد جي ٻانگ مسجد جي مناري تان بلند ٿي. مڪه جا وڏا وڏا سردار جيڪي حضور ﷺ جن جا دشمن ، مسلمانن جا قاتل ۽ اسلام جي واٽ جا ڪنڊا هئا، اڄ حرم جي اڱڻ ۾ هئا. حضور ﷺ جن هڪ نظر کڻي ڏٺو ۽ پڇيو ته ؟ اي مڪه جا سردارو! اڄ آئون اوهان سان ڪهڙو ورتاءُ ڪندس.“ سڀني چيو،” توهان جوانن جا شريف ڀاءُ ۽ پوڙهن جا شريف ڀائيٽا آهيو“. ارشاد ٿيو، ” وڃو اڄ اوهان تي ڪا ملامت ڪانهي اوهين سڀ آزاد آهيو.“
هي آواز ڪهڙو نه توقع جي خلاف هو، پراهو دل جي گهرائين مان نڪتو هو ۽ دل جي گهرائين ۾ لهي ويو. هند، ابوسفيان جي زال، جنهن احد جي ميدان ۾ حضرت حمزه ﷦ جي لاش جا ٽڪرا ڪيا هئا، نقاب پائي اڳيان اچي ٿي ۽ حضور ﷺ جن جي عام معافي واري پيغام کان خوش ٿي رڙ ڪري چوي ٿي ته:
” يا رسول الله ! اڄ کان اڳي مونکي اوهان جي خيمي کان وڌيڪ ڪنهن به خيمي کان نفرت ڪانه هئي، پر اڄ کان اوهان جي خيمي کان وڌيڪ ڪوبه خيمو مون کي پيارو نٿو سجهي.“
اڄ ڪفر جون سڀ قوتون ٽٽي ويون، دشمنن جا سمورا منصوبا ناڪام ٿي ويا، ۽ اڄ اسلام جي فتح جو جهنڊو مڪه جي ڪوٽن تي اوچو ٿي ويو. حضور پاڪ ﷺ جن هن موقعي تي تاثير ۾ ٻڏل هي تقرير فرمائي :
” هڪ کانسواءِ ٻيو ڪو خداڪونهي. هن جي خدائي ۾ ڪوبه ٻيو شريڪ ناهي. هن پنهنجو واعدو سچو ڪيو. هن پنهنجي ٻانهي جي مدد ڪئي ۽ نيٺ هن ڪفر جي سمورن ٽولن کي اڪيلو ٽوڙي ڇڏيو.“
ها! اڄ ڪفرجا سمورا فخر ۽ غرور رت جا سڀ پراڻا پلاند ۽ جاهليت جا سمورا بدلا ۽ سموريون دعوائون منهنجي پيرن هيٺان آهن. رڳو ٻه عهدا باقي رهندا، خانه ڪعبه جي توليت ۽ حاجين کي پاڻي پيارڻ جي خدمت.
اي قريش جا ماڻهو! خدا هاڻي جاهليت جي غرور ۽ پيءُ ڏاڏن تي فخر کي ميسراي ڇڏيو. هاڻي آدم عليه السلام جو سمورو نسل برابر آهي. اوهين سڀ هڪ آدم جو اولاد آهيو ۽ آدم عليه السلام مٿي مان ٺهيو هو. خدا فرمائي ٿو :
ماڻهو! مون اوهان سڀني کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو آهي. ۽ مون اوهان کي قبيلن ۽ ڪٽنبن ۾ ان لاءِ ٺاهيو ته جيئن اوهين پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهو. اوهان مان خدا وٽ سڀني کان شريف اهو آهيجيڪو سڀني کان وڌيڪ پرهيزگار آهي.
اڄ کان الله شراب جي وڪري ۽ وٺڻ ۽ وياج جي ڌنڌي کي حرام ڪري ڇڏيو.
ان وقت ڪعبه ۽ حرم جي حدن ۾ هُبل، لات، منات وغيره جا وڏا وڏا بت بيٺل هئا. اڄ انهن جي ڪوڙي خدائي جي مدت پوري ٿي ويئي. مسلمانن جي هڪ هٿ جي اشاري سان هاڻي اهي پٿرن جو ڍڳ هئا ۽ هر هنڌ توحيد جو نعرو بلند هو.