مذهب

رحمت عالم ﷺ

هي ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم، هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book رحمت عالم ﷺ

دين جي تڪميل ۽ اسلامي نظام جي پيڙهه رکڻ:

حضور پاڪ ﷺ خدا جو پيغام کڻي دنيا ۾ آيا هئا. دنيا ان جي مخالفت ڪئي، ۽ عرب وارن ان کي مڃڻ کان نه رڳو انڪار ڪيو پر ان کي ميساري ڇڏڻ لاءِ هر ڪقا ڪوشش ڪئي. مسلمانن کي طرحين طرحين نمونن سان ستايو. هنن کي سندن گهرن مان ڪڍيائون ۽ هو بي سرو ساماني ۾ پنهنجا گهر گهاٽ کڏي ڪڏهن حبش جي ملڪ ۾ ڪڏهن پري پري وارن شهرن ۾ هليا وڃن لاءِ مجبور ٿيا. ۽ اهڙي طرح تيرهن سالن تائين حضور پاڪ ﷺ جن سان گڏ مسلمانن پوري صبر ۽ پختائيءَ سان اهي سختيون سٺيون. نيٺ ڪفر جي قوتن فوج ۽ لشڪر، تلوار ۽ خنجر سان مسلمانن کي فنا ڪري ڇڏڻ جي تياري ڪئي ۽ نو سالن لڳاتار انهن جي اها ڪوشش هلندي رهي. مسلمانن انهن جي ظالمانه طاقت کي به منهن ڏنو. ۽ الله تعاليٰ جي مدد سان هو ان ميدان ۾ به ڪامياب ٿيا، ۽ آهستي آهستي مشڪلات جو هر ڪو پٿر سندن راهه مان هتي ويو. عرب جي ڪنڊ ڪڙڇ اسلام جي جهنڊي هيٺان گڏ ٿي ويئي ۽ لا الہ الا الله محمد رسول الله ﷺ جي پڙاڏي سان عرب جو سڄو جزيره گونججي ويو تڏهن وقت اچي ويو ته دين پنهنجن سڀني حڪمن سان تڪميل جي درجي کي پهچي . ۽ ان جو نظام عرب جي ملڪ ۾ قائم ڪري ڇڏجي.
حضرت عائشه رضي الله عنها فرمائي ٿي ته سڀ کان پهرين قرآن پاڪ جون اهي آيتون لٿيون جيڪي دلين کي نرمي روحن ۾ گرمي ۽ خيالن ۾ تبديلي پيدا ڪن. جڏهن اهو ٿي ويو ته حڪمن جون آيتون آيون. جيڪڏهن ائين نه ٿئي ها ۽ پهرئين ڏينهن ئي هي حڪم ڏنو وڃي ها ته ماڻهو! شراب ڇڏي ڏيو، ته ڪير ان کي مڃي ها. اسلام جي دعوت جي اها ترتيب قدرتي هئي، فطرت جي عين مطابق. حضور پاڪ ﷺ جيسيتائين مدينه ۾ رهيا، توحيد جي تعليم، الله تعاليٰ هي بي انت قدرت ۽ بي حساب رحمت، بت پرستي جي خرابي، بتن جي بيوسي، الله جي رسولن جا قصا، رسولن کي نه مڃڻ سان قومن تي عذاب، مرڻ کانپوءِ ٻيهر جيئرو ٿي اٿڻ، خداجي اڳيان پنهنجن پنهنجن ڪمن لاءِ جوابده هجڻ ۽ سٺن لاءِ جنت ۽ خراب لاءِ دوزخ جا نظارا ڏيکاريا پئي ويا. ان سان گڏوگڏ الله جي سچي عبادت جي ڍنگ، غريبن سان مهرباني، بيڪسن سان شفقت ۽ اخلاق جي ٻين سٺين سڍين ڳالهين جا سبق هنن کي سيکاريا پئي ويا. نتيجو هي نڪتو ته الله جي مڃيندڙن جو هڪ اهڙو ٽولو پيدا ٿي ويو. جيڪو هن جي هر حڪم تي ڪنڌ جهڪائڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ان وقت الله پنهنجي پنهنجي رسول ﷺ جي وسيلي پنهنجن سمورن حڪمن کان هنن کي واقف ڪيو.
هنن کي ٻڌايو ويو ته ڏينهن ۾ پنج ڀيرا حضرت ابراهيم عليه السلام جي مسجد (ڪعبه) ڏانهن منهن ڪري خدا جي حضور ۾ بيهن گوڏن تائين جهڪي (رڪوع) پنهنجي ٻانهي عاجزي کي چٽي طرح ظاهر ڪن ان کي نماز سڏيو ويو. اها نماز سڀ مسلمان هڪ وقت تي هڪ هنڌ گڏ ٿي هڪ امام جي پويان گڏجي پڙهن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته نماز جنهن ريت خدا ۽ بندي جي ڳانڍاپي جي سڀ کان مضبوط ڪڙي آهي اهڙي نموني اها مسلمانن جي قومي نظام جي حقيقي شڪل به آهي يعني سڀ مسلمان هڪ ٿي هر ڪنهن فرق ۽ مرتبي جي بندشن کي ٽوڙي هڪ قطار ۾ بيهي هڪ اهڙي متحده جماعت جي صورت بنجي وڃن جو هنن جا سمورا ظاهري فرق ميسارجي وڃن ۽ اهي سڀ گڏجي هڪ امام جي هڪ هڪ اشاري تي چُرن ڦِرن انهيءَ لاءِ پاڻ سڳورن فرمايو ته نماز ۾ سڀ مقتدي پير سان پير ملائي چڱي طرح گڏجي بيهن ته جيئن هنن جون دليون به ائين گڏجي وڃن ۽ هي فرمايائون ته جيڪو ماڻهو امام جي اٿڻ ويهڻ کان اڳ اٿي يا ويهي رهي ان کي ڊڄڻ کپي ته هو بدلجي گڏهه نه بنجي وڃي. جيڪو پنهنجي بيوقوفي لاءِ مشهور آهي.
اسلام جي سڀني حڪمن مان نماز جي حيٿيت وڌيل آهي، ان ڪري هن کي دين جو ٿنڀو فرمايو ويو آهي. عرب جي بي اطميناني هاني جيئن ئي ختم ٿي، حضور پاڪ ﷺ سڀ کان اڳ ۾ نماز ڏانهن توجه فرمايو. ان جي رڪنن جي پورائي ۽ وقتن جي مقرري ته مڪه ۾ ئي ٿي ويئي هئي. پر هاڻي جيئن جيئن اطمينان وڌندو ويو. ان جي ظاهري ۽ باطني ڪيفيتن ڏانهن به ڌيان به ڌيان وڌندو ويو. هاڻي ان ۾ قرآن ۽ دعا کانسواءِ هر قسم جي انساني ڳالهه ٻولهه ، اشاري ۽ سلام و ڪلام وغيره جي منع ٿي ويئي. ۽ سڀني جو گڏجي هڪ جاءِ تي نماز پرهڻ، جنهن کي جماعت چون ٿا، واجب قرار ڏنو ويو. نماز جو رخ خانه ڪعبه مقرر ٿيو ته جيئن سڄي دنيا جا مسلمان هيڪڙائي جي هڪ رنگ ۾ پڌرا هجن.
هفتي جي جي گڏيل نماز جنهن جو نالو جمعه آهي جيتوڻيڪ مڪه ۾ ئي فرض ٿي چڪي هئي پرمڪه جي بي اطميناني ۾ جڏهن چار مسلمان گڏجي به هڪ هنڌ نماز نٿي پڙهي سگهيا ته آبادي جا سمورا مسلمان گڏجي هڪ هنڌ نماز ڪيئن ٿي پڙهي سگهيا، تنهنڪري جمعه جي نماز مڪه ۾ ادا نٿي ٿي سگهي. پر مسلمانن کي نمدينه ۾ جيئن ئي اطمينان مليو. پهرئين ئي هفتي ۾ ڏينهن جي روشني ۾ منجهند جي وقت سج لڙڻ مهل ئي جمعه جي نماز ادا ڪيائون ۽ امام جمعه جو خطبو پڙهيو. ٻئي هفتي پاڻ حصور ﷺ جن آيا ۽ انوقت کان وٺيپاڻ سڳورا جمعه جي نماز جي امامت ڪرڻ لڳا ۽ نماز کان پهرين حمد ۽ قرآن جي تلاوت سان گڏ مسلمانن جي تعليم ، تنبيهه ۽ نصيحت سان ڀريل ننڍي تقرير جنهن کي خطبو چون ٿا، فرمائڻ لڳا.
مدينه کان ٻاهر بين صوبن جي شهرن ۽ آبادين ۾ مدينه مان ئي يا انهن ئي هنڌن تان امام مقرر ٿيا. اهي امام انهن هنڌن جي مسلمانن جي معلم ، مبلغ، مفتي ۽ پيشوا جي حيٿيت رکندا هئا. هو انهن کي سڍيون ڳالهيون سيکاريندا هئا. خراب ڳالهين کان روڪيندا هئا، انهن کي ضرورت وارا مسئلا ٻڌائيندا هئا ۽ ٻارن کي الله رسول جو ڪلمو سيکاريندا ، دين جون ڳالهيون ٻڌائيندا ۽ قرآن جي تعليم ڏيندا هئا.
انهيءَ مقصد لاءِ هر ڪڳنهن آبادي ۾ خداجي نالي سان نماز ۽ مسلمانن جي ٻين گڏيل ضرورتن جي لاءِ مسجدون ٺاهيون ويون. اهي مسجدون انهن جي نماز ۽ جماعت جو گهر، انهن جي تعليم جو مدرسو، انهن جي وعظ ۽ نصيحتن جو هنڌ، انهن جي قومي ۽ ديني ڪمن جو مشوره گاه ۽ انهن جي قاضين ۽ حاڪمن جي عدالت بنجي ويون.
غريب مسلمانن جي امداد لاءِ زڪوات جو نظام مقرر ٿيو. يعني هيءُ ته مسلمان هر سال پنهنجي ان سون چاندي جي مال تي جيڪو هن جي ضرورت کان وڌيڪ هجي سڄي سال کانپوءِ ان جو چاليهون ڀاڱو خدا جي واٽ ۾ ڏئي. اهڙي ريت جيڪڏهن ڪنهن وٽ سون چاندي کانسواءِ جانور هجن ِ ٻنيون هجن ته انهن تي ڌار ڌار ڳڻپ موجب هڪ ڀاڱو خدا جي ڪمن لاءِ فرض ڪيو وي. سموريون رقمون ۽ جانور ۽ پيدائش حضور پاڪ ﷺ جن جي حياتيءَ ۾ مسجد نبويﷺ ۾ حضور جن جي ٻانگي (موذن) حضرت بلال﷦ وٽ يا ڪنهن ٻئي عامل وٽ گڏ ٿينديون هيون ۽ ضرورت موجب ضرورت وارن کي ورهائي ڏبيون هيون. حضور پاڪ ﷺ جن کانپوءِ هن ڪم لاءِ هڪ ڌار دفتر ٺاهيو ويو جنهن جو نالو بيت المال رکيو ويو. اهو بيت المال مسلمانن جي امامن جي سنڀال ۾ رهندو هو ۽ ضرورت وارن مسلمانن جون ضرورتون ان مان پوريون ڪيون وينديون هيون.
9 هجري ۾ جڏهن سڄي عرب ۾ مسلمان هڪ لڙيءَ ۾ پوئجي ويا، ته عرب جي هر ڪنهن ڀاڱي ۾ زڪوات جا عامل ۽ محصل مقرر ٿيا. جيڪي هر هنڌ وڃي مسلمانن کان زڪوات جو مال وصول ڪندا هئا ۽ کڻي اچي حضور پاڪ ﷺ جن جي خدمت ۾ يا بيت المال ۾ جمع ڪندا ۽ پنهنجو حساب پيش ڪندا هئا.
مسلمانن کي الله وٽان قرآن جي صورت ۾ زندگيءَ جو جيڪو هدايت نامون مليو ان جي خوشيءَ ۽ مسرت جي تقريب ۾ ان جو ساليانو يادگار امهيءَ ئي مهيني ۾ هر سال ملهائڻ ضروري قرار ڏنو ويو ته جيئن اسين الله تعاليٰ جي ان نعمت جو شڪريو ادا ڪريون ۽ سڄو مهينو ان ڪيفيت ۾ گذاريون، جنهن ڪيفيت ۾ اهو مهينو اسلام جي پيغمبر ۽ قرآن جي پهرئين مخاطب محمد ﷺ جن گذاريو يعني صبح کان سام تائين سڄو مهينو اسين کائڻ پيئڻ ۽ ٻين نفساني ڪمن کان پاسو ڪريون. جنهن جو نالو روزو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته رات جو بيهي ٻن ٻن رڪعتن ۾ ڪلام پاڪ ٻڌون، جنهن کي تراويح چون ٿا. ۽ ٻين عبادتن ۾ هي مهينو گزاريون. مهينو پورو ٿيڻ تي شوال جي پهرين تاريخ تي عيد جو ڏينهن ملهايون سٺا سٺا ڪپڙا پهريون ، خوشبو لڳايون ۽ سڀ گڏجي عيد گاه ۾ وڃي شڪراني جون ٻه رڪعتون ادا ڪريون ۽ ان ڏينهن نماز کان اڳ ۾ غريبن جي کائڻ لاءِ اَن جو ڪجهه مقداران جي نذر (ان کي صدقته الفطر چون ٿا. انهي اَن جي قيمت ڏيئي ڇڏڻ به جائز آهي.) ڪريون ته جيئن هو به اهو ڏينهن خوشي ۽ مسرت سان گذارين.
حقيقت ۾ رمضان ، ان قرآن پاڪ جي نازل ٿيڻ جو جشن آهي جيڪو مسلمانن جي هر خير ۽ برڪت جو اصلي سبب آهي. ۽ ان ۾ روزو ان لاءِ فرض ٿيو آهي ته مسلمان اها پاڪائي واري زندگي گذارن سکن جنهن کي قرآن تقويٰ چيو آهي ۽ جيڪا قرآن جي اصل گهرج آهي.
اسلام جو چوٿون رڪن حج آهي. اسلام حضرت ابراهيم عليه السلام جي دينِ حنيف جي اصلي شڪل آهي، تنهنڪري جهڙي طرح رمضان جو روزو قرآن پاڪ جي نازل ٿيڻ جو يادگار آهي، اهڙي طرح حج حضرت ابراهيم عليه السلام جي دين جو يادگار آهي. خانه ڪعبه اها مقدس مسجد آهي جنهن کي حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ اسماعيل عليه السلام خدا جي نالي تي سڀ کان پهرين ٺاهيو هو ته جيئن اهو دنيا ۾ خدا پرستن جو مرڪز هجي، جتي دنيا جي هر ڀاڱي مان هڪ خدا کي مڃڻ وارا سال ۾ هڪ ڀيرو گڏ ٿي ابراهيمي طريقي سان خدا جي عبادت ڪن.
خانه ڪعبه اها مسجد آهي جيڏانهن منهن ڪري هر ڪو مسلمان ڏينهن ۾ پنج ڀيرا پنهنجي نماز پڙهي ٿو. هاڻي اهو ضروري بنجي ويو ته مسلمانن مان جن کي طاقت هجي ۽ انهن وٽ راهه خرچهجي، اهي حياتيءَ ۾ هڪ ڀيرو هن مسجد ۾ حاضر ٿين. ۽ ابراهيم عليه السلام وانگر هن مسجد جي چوڌاري ڦيرا ڏين جيڪو طواف سڏجي ٿو ۽ صفا ۽ مروه نالي ٻن ٽڪرين جي وچ ۾ ائين ڊوڙي ڊوڙي الله کان دعا گهرن جيئن حضرت هاجره ڊوڙي هئي ۽ عرفات ۽ منيٰ جي ميدانن ۾ خدا جي بارگاه ۾ليلڙاتيون ڪري پنهنجن ڏوهن جي معافي گهرن. ۽ منيٰ ۾ اچي حضرت اسماعيل وانگر قرباني جو جشن ملهائين. ۽ دنيا جا سمورا مسلمان هڪ هنڌ گڏجي دين ۽ دنيا جي ڀلائي جون ڳالهيون ڪن ۽ پنهنجي عالمگير اسلامي برادري جي ڀلائي لاءِ رٿون رٿين.
توحيد جي ڪلمي کانپوءِ اسلام جا هي چار رڪن آهن. اهي چار ئي رڪن هاڻي پورا ٿي ويا ۽ دين جا اهي حڪم جيڪي اخلاق جي پاڪائي ۽ معاملن ۾ عدل ۽ انصاف جو خيال رکڻ لاءِ ضروري هئا اهي مسلمانن کي سيکاري ڇڏيا ويا ۽ عرب جي ملڪ ۾ مسلمانن جو هڪ اهڙو ٽولو پيدا ٿي ويو جيڪو دين اسلام جو نمونو ۽ اسلامي پيغام جو قاصد بنجي دنيا جي بين ڀاڱن ۾ هدايت جو پيغام ۽ عمل پهچائي سگهي. ۽ اهڙي ريت سچي دنيا اسلامن جي تعليم سان منور ٿي سگهي.
هاڻي رسول الله ﷺ جن جي تعليم مان انسانيت هڪ جهڙائي جو سبق سکي ورتو هو. قريشي ۽ غير قريشيعرب ۽ عجم، ڪارا ۽ ڀورا، امير ۽ غريب سڀ هڪ خدا جا بندا بنجي اسلام جي هر ڪنهن حق ۾ ۽ آخرت جي هر ڪنهن مرتبي ۾ هڪ جهڙا ٿي ويا. انسان جا پيدا ڪيل سڀ فرق ميسارجي ويا. سڀئي هڪ آدم جو اولاد بنيا ۽ آدم مٽي مان ٺاهيو ويو هو.
خدا کانسواءِ هر باطل جو خوف، آسمان ۽ زمين جي هر ڪنهن قوت جو ڊپ، هر ڪنهن ڪوڙي وسوسي جو هراس ، ديو، فرشتا، ڀوت، پربت، چنڊ، سج ، تارا، دريا، ٻيلا، جبل مطلب ته هر ڪا مخلوق، هر ڪا فطري طاقت ۽ هر ڪنهن مادي ۽ روحاني مظهر جي خدائي هيبت جيڪا هيڻن انسان تي ڇانيل هئي. محمد رسول الله ﷺ جي حق جي آواز انهي سموري طلسم کي ٽوڙي ڇڏيو.
عرب جون اهي سموريون غلط رسمون ۽ رواج، اهي سمورا باطل قاعدا، ۽ بي شرمي ۽ بد اخلاقي جا پراڻا دستور محمد رسول الله ﷺ جي تعليم سان ختم ٿي ويا ۽ اهي تعليمات مسلمانن جي زندگي جو اصول بنيون جيڪي قرآن کڻي آيو ۽ محمد رسول الله ﷺ جن سيکاريون. هاڻي هڪ نئين قوم، نئين امت، نئون تمدن، نئون قانون ۽ نئين حڪومت زمين جي پردي تي قائم ٿي.