هڪ نئون دشمن ــ موته جي لڙائي جمادي الاول 8 هجري :
حوارن جي بادشاهه کي خبر پئجي ويئي هئي. هن اٽڪل هل لک فوج تيار ڪئي. خود قيصر روم بي شمار فوجن سان اچي ” موآب“ تي خيما کوڙيا. پاڻ سڳورن صحابه کي تاڪيد ڪيو هو ته لڙائي کان اڳ ۾ دشمن کي ٺاهه جو موقعو ڏجو ۽ اسلام جو پيغام پهچائجو. اسلام جي فوج جڏهن ويجهو پهتي ته ڏٺائون ته ٽي هزار مسلمانن کي لکن جي لشڪر سان منهن ڏيڻو آهي. پر مسلمان ته خدا جي واٽ ۾ پنهنجا سر تريءَ تي رکي پئي هليا. هو شهادت جي شوق ۾ ڊنا ڪونه. عبدالله بن رواحه چيو ته اسين تعداد جي ٿورائي گهڻائي ۽ طاقت جي ڀروسي تي ڪونه وڙهندا آهيون. اسين ته مذهب جي طاقت سان وڙهون ٿا. ان تي ٽن هزارن جي ننڍي گروهه هڪ لک فوج تي حملو ڪري ڏنو.
حضرت زيد بڙڇيون کائي شهيد ٿيو هن جي جاءِ تي حضرت جعفر اڳتي وڌي اسلام جو جهنڊو پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ اهڙي ريت بهادري سان وڙهيو جو هڪ هٿ وڍجي ويو ته ٻئي هٿ ۾ جهنڊو جهليائين۽ ٻيو هٿ به وڍجي ويو ته ڇاتي سان لڳائي ڇڏيائين. نيٺ تلوارن ۽ بڙڇين جا نوي زخم کائڻ کانپوءِ ڪريو ۽ شهادت ماڻيائين. ان کانپوءِ عبدالله بن رواحه جهنڊو هٿ ۾ کنيو ۽ هوبه شهيد ٿيو. هاڻي حضرت خالد پاڻ اڳتي وڌيو ۽ مسلمانن جي ڪمان پنهنجي هٿ ۾ ورتائين ۽ اهڙي بهادري سان وڙهيو جو دشمن کي جيتوڻيڪ جهڪائي نه سگهيو پر مسلمانن کي هنن جي حملي جي وجهه کان ڪڍي آيو.