غنيمت جي مال جي ورهاست ۽ حضور ﷺ جن جي تقرير:
پاڻ سڳورن ﷺ مڪه ۽ ڀرپاسن جي گهڻن ئي نون مسلمان ٿيل رئيسن کي جن اڃا هاڻي اسلام آندو هو، هنن جي دلجوئي ۽ اطمينان خاطر غنيمت جي مال مان گهڻو ئي سامان عنايت فرمايو. انصار جيڪي انهي نڪتي کان واقف ڪونه هئا، انهن کي هي غلط فهمي ٿي ته حضورﷺ جن قريش کي انعام ڏنو آهي ۽ اسان کي محروم رکيو اٿن. جيتوڻيڪ لڙائي جو اصل زور اسان سنڀاليو ۽ اڃا تائين اسانجين تلوارن مان قريش جي رت جا ڦڙا پيا ٽمن. ڪن نوجوان انصار چئي به ڏنو ته ڏکيائي جي مهل اسين ٿا ياد پئون ۽ انعام ٻين کي ٿو ملي.
حضور پاڪ ﷺ جن اهو چوٻول ٻڌو ته انصار کي هڪ خيمي ۾ ڌار سڏائي پڇيائون ته ڇا اوهان ائين چيو آهي. عرض ڪيائون، يا رسول الله! اسان جي وڏن مان ڪنهن ڪونه چيو آهي. البته ڪن نوجوانن جا واتان اهي جملا نڪتا هئا. اهو پڇڻ کانپوءِ پاڻ سڳورن هنن جي اڳيان اها تقرير ڪرڻ فرمائي جنهن جو هر جملو اثر ۾ ٻڏل هو. فرمايائون :
”ڇا اهو سچ ڪونهي ته اوهين پهرين گمراهه هئا، ته خدا منهنجي وسيلي اوهان کي هدايت ڏني، اوهين ٽڙيل پکڙيل هئا ته خدا منهنجي وسيلي اوهان کي اتفاق ۽ ٻڌي جي نعمت بخشي اوهين مفلس (ڪنگال) هئا ته خدا منهنجي وسيلي اوهان کي دولتمند بڻايو.“ پاڻ سڳورا اهو چوندا ويا ۽ هر جملي تي انصار چوندا پئي ويا ته خدا ۽ ان جي رسول جو احسان سڀني کان وڌيڪ آهي. پاڻ صلعم فرمايائون، نه اوهين هي جواب ڏيئي سگهو ٿا ته اي محمد (ﷺ) توکي جڏهن ماڻهن ڪوڙو بنايو (انڪار ڪيو) تڏهن اسان تنهنجي ڳالهه مڃي توکي جڏهن ماڻهن ڇڏي ڏنو ته اسان تنهنجو ساٿ ڏنو، تون مفلس آيو هئين ته اسان تنهنجي هر ڪا مدد ڪئي.
اهو چئي پاڻ سڳورن فرمايو،” اوهين اهو جواب ڏيندا وڃو ۽ آئون چوندو وڃان ته اوهين سڇ ٿا چئو، پر اي انصاريو! ڇا اوهان کي اهو نٿو وڻي ته ٻيا ماڻهو اٺ ٻڪريون وٺي وڃن ۽ اوهان محمد ﷺ کي وٺي گهر اچو.“
اهو ٻڌي انصار کان بي اختيار رڙيون نڪري ويون ته ” اسان کي رڳو محمد ﷺ گهرجي ٿو.“ گهڻن جو هي حال ٿيو ته روئندي روئندي ڏاڙهيون پسي وين. ان کانپوءِ پاڻ سڳورن ﷺ انصار کي سمجهايو ته مڪه جا ماڻهو جيئن ته نوان نوان اسلام ۾ آيا تنهنڪري انهن کي جيڪي ڪجهه مليو اهو حق جي طور تي نه هو. پر اسلام جي نعمت کان انهن کي واقف ڪرڻ مقصود هو .
ان وچ ۾ قيدين کي ڇڏائڻ لاءِ ڪجهه ماڻهو پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. انهن ۾ اوس قبيلي جا به ڪي ماڻهو هئا جن ۾ دائيحليمه به هئي. جنهن جي ننڍپڻ ۾ پاڻ سڳورن ٿڃ پيتي هئي. پاڻ ﷺ فرمايائون، عبدالمطلب جي ڪٽنب جو جيڪي به ڀاڱو آهي اهو اوهان جو آهي پر قيدين جي عام آزادي جي صورت ۾ هي آهي ته نماز کانپوءِ جڏهن ميڙ ٿئي ته سڀني جي اڳيان پنهنجي درخواست پيش ڪريو. اڳينءَ جي نماز کانپوءِ هنن سڀني مسلمانن جي اڳيان پنهنجي درخواست پيش ڪئي ته حضور پاڪ ﷺ جن فرمايو ته مونکي رڳو پنهنجي ڪٽنب تي اختيار آهي پر آئون عام مسلمانن کي اوهان جي سفارش ڪريان ٿو. اهو ٻڌڻ سان سڀني مسلمانن چئي ڏنو اسانجو ڀاڱو به حاضر آهي. اهڙي ريت ڇهه هزارقيدي يڪدم آزاد ٿي ويا.