مذهب

رحمت عالم ﷺ

هي ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم، هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book رحمت عالم ﷺ

سوداگري جو ڪم

قريش جي شريفن جو سڀ کان عزت ڀريو ڌنڌو سوداگري ۽ واپار هو.جڏهن اسان جا رسولﷺجن ڪاروبار سنڀالڻ جيڏا ٿيا ته اهو ئي ڌنڌو اختيار ڪيائون.پاڻ سڳورن جي نيڪي ،سچائي ۽ سٺي ورتاءَ جي هاڪ هئي.تنهنڪري هن ڌنڌي ۾ سندن ڪاميابي جي واٽ ڏاڍو سگهو نڪري پيئي.هر معاملي ۾ سچو واعدو ڪرڻ فرمائيندا هئا پاڻ سڳورن جي واپار جو هڪ ساٿي عبدالله بيان ٿو ڪري ته هڪ ڀيرو مون ساڻن ڏي وٺ جو هڪ سودو ڪيو ڳالهه ڪجهه طئي ٿي ويئي هئي ڪجهه اڌوري رهجي ويئي هئي.مون واعدو ڪيو ته وري اچي ڳالهه پوري ٿو ڪريان اهو چئي هليو ويس ٽن ڏينهن کانپوءِ مونکي پنهنجو واعدو ياد پيو ڊوڙي آيس ته ڏٺم ته پاڻ سڳورا انهيءَ جاءِ تي ويٺا منهنجي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن۽ جڏهن آيس ته منهنجي ان حرڪت جي ڪري سندن پيشاني تي گهنج به ڪونه پيو.نرميءَ سان رڳو ايترو فرمايائون ته تون مون کي ڏاڍي تڪليف ڏني ٽن ڏينهن کان هتي ويٺو تنهنجو انتظار پيو ڪريان.
واپار جي ڪاروباري ۾ پاڻ ﷺ پنهنجو معاملو سدائين صاف رکندا هئا سائب نالي پاڻ سڳورن جو هڪ ساٿي چوي ٿو ته منهنجا
ماءُ پيءُ مٿن قربان پاڻ سڳورا واپار ۾ منهنجا ڀائيوار هئا پر سدائين معاملو صاف رکيائون نه ڪڏهن جھڳڙو ڪندا هئا ۽ نه گهاٽي واڌي ڪندا هئا پاڻ سڳورن جي ڪاروبار جي هڪ ٻئي ساٿي جو نالو ابوبڪر هو. هو به مڪه ۾ ئي قريش جو هڪ سوداگر هو.هو ڪڏهن ڪڏهن سفر ۾ پاڻ سڳورن جو ساٿي رهندو هو.
قريش جا ماڻهو اسان جي نبي ﷺ جي سٺي ورتاءَ ،ديانتداري ۽ ايمانداري تي ايترو ڀروسو ڪندا هئا جو بنا هٻڪ جي پنهنجو سمورو سرمايو سندن حوالي ڪري ڇڏيندا هئا گهڻا ماڻهو پنهنجون رقمون پاڻ سڳورن وٽ امانت رکندا هئا ۽ کين امين يعني امانت وارو سڏيندا هئا.