مذهب

رحمت عالم ﷺ

هي ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم، هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book رحمت عالم ﷺ

تبوڪ جي لڙائي :

ان زماني ۾ شام ۽ مصر جا ملڪ عيسائي رومين جي هٿ هيٺ هئا جن جو تخت گاهه قسطنطنيه هو. شام جون حدون حجاز سان گڏيل هيون. اسلام ۾ نئين قوت جو حال ٻڌي رومين ۾ بي آرامي پکڙيل هئي. حجاز ۽ شام جي سرهد تي تبوڪ نالي هڪ هنڌ هو.ان جي اوسي پاسي ڪجهه عرب سردار جيڪي عيسائي ٿي ويا هئا.رومين جي هٿ هيٺ حڪومت ڪري رهيا هئا. انهن عرب سردارن مان ” غساني“ ڪٽنب جا عرب سڀني کان طاقت وارا هئا ۽ اهي ئي رومين جي پاران ان ڪم تي مقرر ٿيا. ٿوري ٿوري وقت ۾ مدينه ۾ اهي خبرونب پکريون پئي ته غساني مدينه تي هلان ڪرڻ جا ويچار ڪري رهيا آهن شام جي نبطي سوداگرن اچي ٻڌايو ته رومين شام ۾ ڏاڍي وڏي فوج گڏ ڪري ورتي آهي. جيڪا هر قسم جي سامان سان تيار آهي.
حضور پاڪ ﷺ جن اهي خبرون ٻڌي مسلمان غزين کي به تياري جو حڪم ڏنو. اتفاق سان اهو سخت گرمين جو زمانو هو. ملڪ ۾ ڏڪار جا آثار هئا. منافق جيڪي دل سان مسلمان نه ٿيا هئا. انهن لاءِ هي وڏي آزمائش جو وقت هو. هنن لڙائي کان لهرايو پئي ۽ ٻين کي به ڳجهه ڳوهه ۾ جهليائون پئي.
پرجوش وارن مسلمانن لاءِ هي سندن ايمان تازي ڪرڻ جو نئون موقعو هٿ آيو ته هاڻي عرب جي ڪجهه قبيلن سان منهن ڏيڻو ڪونهي. پر دنيا جي هڪ وڏي سلطنت سان مقابلو آهي. دولتمند صحابين ﷦ وڏيون وڏيون رقمون پيش ڪيون. ڇو ته سفر پري جو هو ۽ سواري جو انتظام گهٽ هو.تنهنڪري ڪن معذور مسلمانن روئي روئي عرض ٿي ڪيو ته حضور ﷺ جن سفر جو سامان ڏيارين ته ساڻن گڏ هجڻ وارو ڀاڳ نصيب ٿئي. اهو ڏسي حضرت عثمان ﷦ فوج لاءِ ٽي سو اٺ پيش ڪيا ۽ حضور پاڪ ﷺ جن کيس دعا ڪئي.
حضور پاڪ ﷺ جن جڏهن مديني کان ٻاهر ويندا هئا ته ڪنهن نه ڪنهن کي شهر جو حاڪم بنائي ويندا هئا. ازواج مطهرات هن ڀيري گڏ ڪونه ٿي ويون. هن ڀيري اهو عهدو حضرت علي بن ابي طالب ﷦ جي حوالي ٿيو. هن عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ! اوهان مونکي ٻارن ۽ عورتن ۾ ڇڏي پيا وڃو. ارشاد ٿيو ڇا توکي اهو نٿو وڻي ته توکي مون سان اهائي نسبت هجي جيڪا هارون کي موسيٰ سان هئي. پاڻ سڳورن جو هي ارشاد حضرت علي﷦ لاءِ اهو فخر آهي جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.
خير پاڻ سڳورا ٽيهه هزار فوج سان گڏ مدينه مان نڪتا جنهن ۾ ڏهه هزار سوار هئا. تبوڪ پهچي معلوم ٿيو ته رومين جي حملي واري خبر صحيح ڪانه هئي. پر ايترو درست هو ته اسلام جي نئين قوت جي مقابلي لا3 غسائي رئيس ڊڪ ڊوڙ ڪئي پئي. حضور پاڪ ﷺ جن تبوڪ ۾ ويهه ڏينهن ترسيا. ان ترسڻ جو اثر اهو ٿيو ته ٽيهه هزار مسلمانن جي هيءَ پاڪيزه جماعت جيڪا ظاهر ۾ سپاهي ۽ حقيقت ۾ عشق الاهي هئي، اوسي پاسي جي شهرن تي پنهنجو اثر وجهڻ کان ڪانه رهي.
اسلام ۾ اڳين پيغمبرن جي امتن سان هي رعايت رکيل آهي ته اهي جيڪڏهن ٿورو محصول ڏيئي مسلمانن جي رعيت بنجي وڃن ته مسلمانن انهن جي هر قسم جي حفاظت جي ذمه داري کڻن. ان محصول جو نالو قرآن پاڪ ۾ ” جزيه“ رکيو ويو آهي. هي پهريون موقعو هو ته ڪا غير مسلم قوم مسلمانن جي حڪومت ۾ آڻي ٿي. ايله خليج عقبه وٽ عربن جي هڪ ننڍي ريات هئي. ان جي رئيس يوحنا خدمت نبوي ۾ اچيجزيه ڏيئي مسلمانن جي حفاظت ۾ رهڻ منظور ڪيو. ” جرباء“ ۽ ” آذرح“ جي عيسائي عربن به جزيه ڏيئي مسلمانن سان ٺاهه ڪري ورتو. دمشق کان پنج منزلون پري ” دومته الجندل“ ۾ هڪ عرب سردار اُڪيدر نالي هو جيڪو قيصر روم جي اثر هيٺ هو. مسلمانن چار سو سوارن سان ان تي حملو ڪيو ۽ هن کي جهلي خدمت نبوي ﷺ ۾ آندائون. هن کي ان شرط تي آزادي ملي ته هو مدينه اچي صلح جا شرط پيش ڪري. تنهنڪري هو پنهنجي ڀاءُ سان گڏ مدينه آيو ۽ امان مليس.
تبوڪ جو سفر ان حيثيت کان تمام اهم هو. ته هي عرب کان ٻاهر جي ٻن سڀ کان وڏين طاقتن مان هڪ سان ٽڪرجڻ جي سڀ کان پهرين ڪامياب ڪوشش هئي. تنهنڪري حضور پاڪ ﷺ جن جي خير و عافيت سان موٽي اچڻ تي مسلمانن ڏاڍي خوشي ملهائي. مدينه جا ماڻهو شوق جي حالت ۾ رسول الله ﷺ کي وٺڻ لاءِ شهر کان ٻاهر نڪتا. عورتون به گهرن کان ٻاهر نڪري آيون ۽ ڇوڪرين آجيان جو هي ترانو ڳايو.
طلع البدر علينا من ثنيات الوداع
وجب الشکر علينا ما دعا للهِ داع
چوڏهين جو چنڊ اسان جي اڳيان نڪتو آهي وداع جي لڪ مان
اسان تي خدا جو شڪر واجب آهي جيسيتائين دعا گهرڻ وارا دعا گهرن