مسلمان مبلغن جو بيدرديءَ سان قتل:
انهن ڏينهن ۾ غضل ۽ قاره جا ڪجهه ماڻهو پاڻ سڳورن جي خدمت ۾ آيا ته اسانجي قبيلي اسلام قبول ڪري ورتو آهي. اوهان ٿورا مسلمان اسان گڏ ڏيو ته اسان وٽ هلي اسان کي اسلام جو ڳالهيون سيکارين. پاڻ سڳورن ڏهه ماڻهو گڏ ماڻيا. جڏهن اهو هٿين خالي قافلو رجيعجي هنڌ تي پهتو ته انهن ظالمن بد عهدي ڪئي. بني لحيان جي ٻه سو تير هلائيندڙن هنن کي گهيرو ڪري ورتو. هي ٿورا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مسلمان هڪ ننڍي ٽڪري تي چڙهي ويا ۽ ٻن کانسواءِ سڀئي خدا جي راهه ۾ مارجي ويا. جيڪي ٻه بچي ويا اهي خبيب ۽ زيد هئا جن کي انهن جهلي مڪي وڃي قريش وٽ وڪڻي ڇڏيو خبيب احد جي لڙائي ۾ حارث بن عامر کي ماريو هوتنهنڪري حارث جي ڇوڪرن هن کي خريد ڪري ورتو۽ پنهنجي پيءُ جي پلاند ۾ هن کي سوري تي چاڙهي ماري ڇڏيائون سوري تي چڙهڻ کان اڳ هن پنهنجن قاتلن کان موڪل گهري ته هو ٻه رڪعتون نماز پڙهي وٺي انهن ان جي موڪل ڏني ته هن ٻه رڪعتون ادا ڪيون ۽ ان وقت کان وٺي اها مسلمانن شهيدن جي رسم پئجي ويئي. سوري چڙهڻ وقت به شعر سندس زبان تي هو :
”جڏهن آئون اسلام جي واٽ ۾ ماريو پيو وڃان ته مونکي ان جي ڪا پرواهه ڪانهي ته آئون ڪهڙي پاسي (نموني) ماريو ويندس.“
زيد کي هڪ ٻئي قريشي ان لاءِ خريد ڪيو هو ته مڪه جي تماشائين جي اڳيان هن جي قتل جو رنگين تماشو ڏيکاريندو جڏهن قاتل تلوار کڻي اڳتي وڌيو ته ابو سفيان پڇيس سچ ٻڌائج جيڪڏهن هن وقت تنهنجي بدران محمدﷺ قتل ڪيا وڃن ها ته ڇا تون خوش ڪونه ٿئين ها؟ چيائين خدا جو قسم رسول الله جي پيرن جي ترين کي ڪنڊن کان بچائڻ ۾ منهنجي جان ڪم اچي وڃي ها ته منهنجي لاءِ سعادت هجي ها. ان جملي سان گڏ هڪ تلوار واري ۽ هن جو سر ڌڙ کان ڌار ٿي ويو الله اڪبر هنن خدا جي بندن تي حق جو نشو ڪيڏو نه چڙهيل هو.