مذهب

رحمت عالم ﷺ

هي ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم، هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book رحمت عالم ﷺ

پهرين مسلمان ٿيندڙ

عرب جا ماڻهو حد درجي جا جاهل ،نادان،۽ خدا جي دين کان بي خبر ٿي ويا هئا ۽ شرڪ و ڪفر ۾ اهڙا فاٿل هئا جو ان جي برائي هو ٻڌي به نٿي سگهيا سچائي جو هي آواز سڀ کان پهرين جنهن جي ڪنن تي پهتو اها حضور جن جي گهرواري بيبي خديجه رضه آهي.رسول صلعم جن جڏهن سندس اڳيان خدا جي تعليم پيش ڪئي ته هوءَ ٻڌڻ سان مسلمان ٿي ويئي.پاڻ سڳورن جي مرد ساٿين ۾ ابوبڪر نالي قريش جو جيڪو مشهور سوداگر هو اسان جي رسول ﷺ جن جڏهن ان کي خدا جو پيغام ٻڌايو ته هو به بنا هٻڪ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو ۽ ان وقت کان وٺي لڳاتار پاڻ سڳورن جي هر ڪم ۾ ساڻن گڏوگڏ رهڻ لڳا.پاڻ سڳورن جي پياري چاچي ابو طالب جي ننڍي ڄمار واري پٽ جو نالو علي هو هي اسان جي رسولﷺ جي جھولي ۾ نپيو هو ۽ پاڻ سڳورن سان گڏوگڏ رهندو هو.هو ننڍپڻ کان ئي مسلمان رهيو.پاڻ سڳورن جو هڪ لاڏلو خادم جنهن جو نالو زيد بن حارث هو ان به اسلام جو ڪلمو پڙهيو ۽ مسلمان ٿي ويو.
ان کانپوءِ پاڻ سڳورن ۽ حضرت ابوبڪر رضه گڏجي ماٺ ميٺ ۾ قريش جي اهڙن ماڻهن کي جيڪي طبيعت جا نيڪ ۽ سمجهه جا چڱا هئا اسلام جون ڳالهيون سمجهائڻ شروع ڪيون.وڏن وڏن ناليرن ماڻهن مان پنج ماڻهو حضرت ابوبڪررضه جي سمجهائڻ سان مسلمان ٿيا جن جا نالا هي آهن حضرت عثمان رضهبن عفان،حضرت زبير رضه ،حضرت عبدالرحمان رضه بن عوف ،حضرت سعد رضه بن وقاص ۽ حضرت طلحه رضه پوءِ هي چوٻول آهستي آهستي ٻين ماڻهن جي ڪن تائين به رسيو ۽ مڪه ۾ مسلمان جو ڳاڻيٽو ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو انهن ۾ ڪجهه غلام(ٻانها)به هئا جن جا نالا هي آهن حضرت عمار رضه بن ياسر،حضرت خباب رضه بن ارت ،۽ حصرت صهيب رضه رومي قريش جي ڪجهه نيڪ طبيعت نوجوانن به پهرين ايمان آندو.جهڙوڪ ارصم رضه،سعيد بن يزيد،عبدالله بن مسعود ،عثمان بن مظعون ۽ عبيده رضي الله عنهم.
هاڻي آهستي آهستي اهواثر مڪه کان ٻاهر به پکڙڻ لڳو ۽ قريش جي سردارن کي به هن نئين تعليم جي سُڌ پُڌ پوڻ لڳي هڪ ته جهالت ٻيو ابن ڏاڏن جي مذهب سان الفت ٻئ شيون اهڙيون هيون جو قريش جي سردارن کي هن نئين مذهب تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي جيڪي ماڻهو مسلمان ٿي ويا هئا انهن کي هر نموني سان ستائڻ شروع ڪيائون .مسلمان جبل جي لڪن ۽ عارن ۾ وڃي لڪي لڪي نماز پڙهندا هئا ۽ الله جو نالو وٺندا هئا هڪ ڀيرو خود رسول الله ﷺ جن پنهنجي سوٽ حضرت علي رضه کي گڏ وٺي ڪنهن لڪ ۾ نماز پڙهي رهيا هئا ته سندن چاچو ابو طالب اچي نڪتو.هن کي هن نئين شيءِ عجيب لڳي ڀائيٽي کان پڇيائين ته هيءَڪهڙو دين آهي؟پاڻ فرمايائون هي اسان جي ڏاڏي ابراهيم عه جو دين آهي ابو طالب چيو اوهان شوق سان انهيءَ دين تي قائم رهو،منهنجي هوندي اوهان کي ڪير به ڪجهه نٿو ڪري سگهي.
ٽن سالن تائين پاڻ سڳورا ائين لڪي لڪي ۽ آهستي آهستي بتن جي خلاف وعظ ڪندا رهيا۽ ماڻهن کي صحيح دين جو سبق پڙهائيندا رهيا.جيڪي نيڪ ۽سمجهدار هوندا هئا اهي قبول ڪري وٺندا هئا ۽ جيڪي ناسمجهه ۽ هٺيلا هوندا هئا اهي نه مڃيندا هئا اٽلودشمن ٿي پوندا هئا.
ان زماني ۾ ڪعبي جي ڀر ۾ هڪ گهٽي هئي جنهن ۾ هڪ وڏي سچار ۽ جان نٿار مسلمان ارقم جو گهر هو،هي گهر اسلام جو پهريون مدرسو هو.پاڻ سڳورا گهڻو ڪري هتي ويهندا هئا ۽ مسلمانن سان ملندا ۽ انهن کي خدا جي ياد ۽ نصيحت جون سٺيون سٺيون ڳالهيون ٻڌائيندا هئا ۽ انهن جي ايمان کي پختو ڪندا هئا جيڪي ماڻهو هن دينجو شوق رکندا هئا اهي اتي اچي خدا جي رسول سان ملندا ۽ مسلمان ٿيندا هئا.