مڪه جي ڪافرن جي رنڊ روڪ:
ان سان گڏوگڏ پاڻﷺ هي ڪيائون جو مدينه جي ڀرپاسي ۾ جيڪي عرب قبيلا اهڙا هئا جن جي بگڙي وڃڻ يا مڪه وارن جو ساٿ ڏيڻ سان مدينه جو امن وامان خراب ٿي وڃي ها انهن سان صلح جو ٺاهه ڪرڻ لڳا.اهڙي ريت پهرين جُهينه جي قبيلي سان پوءِ بنو ضمره سان صلح ۽ دوستي جا ٺاهه ٿيا.
مڪي جا ڪافر اهو ڏسي هيڪاري سڙڻ لڳا ۽ سمجهيائون ته ان سان محمدﷺ جوزور اڃان به وڌندو جنهن جو ٽوڙ ضروري آهي.تنهنڪري مڪي جي هڪ رئيس ڪُرز بن جابر فهري مدينه جي چراگاهه تي هلان ڪئي ۽ پاڻ سڳورن جا اُٺ ڦري مديني هليو ويو مسلمان پويان پيا پر هو بچي نڪري ويو.
هن واقعي جي ٽئين مهيني پاڻ سڳورا ٻه سو مهاجرن کي وٺي بني مُدلج جي قبيلي ۾ پهتا ۽ ان سان به دوستي جو ٺاهه ڪيائون.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هيئن ٿيو ته رجب 2 هجري ۾ پاڻ سڳورن ٻارنهن ماڻهن کي نخله جي واسي ۾ اماڻيو ۽ هنن کي هڪ بند خط ڏيئي فرمايائون ته هن کي ٻن ڏينهن کانپوءِ کولجو.ٻن ڏينهن کانپوءِ جڏهن خط کوليو ويو ته ان ۾ لکيل هو ته ”نخله ۾ ترسي قريش جي ارادن جي خبر وٺو ۽ اطلاع ڏيو“.اتفاق سان مڪه جي ڪجهه ماڻهو جيڪي شام کان واپار جو سامان کڻي پئي ايا سامهون لنگهيا مسلمانن جي هن دستي رسول الله ﷺ جي اجازت کانسواء انهن تي حملو ڪري ڏنو.انهن مان هڪ شخص عمر بن حضرمي مارجي ويو ٻه جهلجي پيا ۽ قافلي جو سامان ڦري ورتو ويو.حضور اڪرمﷺ جن کي جڏهن ان جي خبر پيئي ته ناراضگي ڏيکاريائون ۽ فرمايائون ته مون اوهان کي اهو ته ڪونه چيو هو اوهان ته لڙائي جي باهه لڳائي ڇڏي ۽ ان سان گڏ عرب جي قاعدي موجب هن دستي جيڪو سامان ڦريو هو اهو به ان کي موٽائي ڏنائون مڪه جو جيڪو ماڻهو مارجي ويو هو اهو قريش جي هڪ وڏي سرادر جو حليف(جنهن سان هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ جو قسم کاڌل هجي) ۽ جيڪي به ماڻهو جهليا ويا هئا اهي به قريش جي هڪ ٻئي سردار جا پوٽا هئا.هن واقعي مڪه وارن ۾ بدلي وٺڻ جو نئين جوش پيدا ڪري ڇڏيو.