نماز جي پورائي ۽ قبلو:
جماعت سان گڏ نماز پڙهڻ لاءِ ضرورت ان جي هئي مسلمانن کي مقرر ٿيل وقت تي سڏڻ لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪئي وڃي.هندن ۾ ان لاءِ سنک،عيسائين ۾ گهڙيال ۽ يهودين ۾ قرناءِ جو رواج هو.اسلام ۾ راند روند جي انهن بيمعني آوازن جي بدران انسان جي فطري آواز کي پسند ڪيو ويو.ته ڪو اٿي بيهي الله اڪبر،الله اڪبر،اشهد ان لاالٰه الاالله ۽ اشهد ان محمد رسول الله (الله سڀني کان وڏو آهي آئون ساهدي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ٻيو ڪو به پوڄا جي لائق ڪونهي ۽ محمد ﷺ خدا جو رسول آهي)زور سان چوي ۽ سڀ مسلمان اهو آواز ٻڌي سڌو مسجد ڏانهن هليا اچن.
جمع جي نماز به مڪه ۾ ڪانه ٿي سگهي مدينه اچي اهو فرض پورو ڪرڻ جو موقعو مليو تنهنڪري سڀ کان پهرين حضرت مصعب بن عمير رضه جنهن کي حضور صه جن اڳ ۾ ئي امام بڻائي مدينه اماڻيو ويو هو.مدينه اچي جمع جي نماز پڙهي پوءِ جڏهن حضور ضه جن آيا ۽ قبا ۾ ڪجهه ڏينهن ترسي مدينه ۾ وڃڻ لڳا ته اهو جمع جو ڏينهن هو.پاڻ سڳورن ان ۾ خطبو ڏنو ۽ مسلمانن کي جمع جي نماز پڙهائي.
نماز ۾ سڀني کي ڪنهن هڪ پاسي منهن ڪري بيهڻ کپي.ان پاسي يا طرف کي قبلو چوندا آهن يهود بيت المقدس ڏانهن منهن ڪندا هئا.اها حضرت دائود ۽ سليمان عه جي ٺهرايل مسجد هئي۽ عرب وارن جو قبلو ڪعبه هو جيڪا حضرت ابراهيم عه جي مسجد هئي.حضور پاڪ ﷺ جيسيتائين مڪه ۾ رهيا ڪعبي جي اهڙي پاسي کان بيهندا هئا جو بيت المقدس به سامهون اچي ويندو هو مدينه آيا ته صورت بدلجي ويئي مديني جي هڪ پاسي ڪعبه هو ته ٻئي پاسي بيت المقدس تنهنڪري انهن ٻنهي مان هڪ ئي قبله ٺاهي پيو سگهجي.پهرين ته پاڻ يهودين وانگر حضرت دائود عه جي مسجد بيتالمقدس ڏانهن ئي منهن ڪري نماز پڙهندا رهيا پر ڇهن مهينن کانپوءِ خدا جو حڪم آيو ته حضرت ابراهيم جي مسجد يعني ڪعبه ڏانهن منهن ڪريو ڇو ته اهو ئي خدا جو سڀ کان پهريون گهر آهي.ان وقت کان وٺي ڪعبه مسلمانن جو قبله مقرر ٿيو.