اسلام
اسلام جو سڀ کان پهريون حڪم هي هو ته الله هڪ آهي هن جي خدائي ۾ هن جو ڪوبه ساٿي ۽ برابر ڪونهي زمين کان آسمان تائين انهيءَ هڪ جي سلطنت آهي.سج هن جي حڪم سان اڀري ٿو ۽ لهي ٿو.آسمان هن جي حڪم جي تابع ۽ زمين هن جي اشاري جي پابند آهي ،گل،وڻ ،اناج سڀ هن جا اپايل آهن.دريا جبل ،ٻيلا سڀ هن ٺاهيا آهن نه هن جو ڪو اولاد آهي ،نه گهرواري آهي نڪي ماءُ پيءُ آهي نڪي هن جو ڪو برابر ۽ مقابل آهي.سڀ ڏک سور ۽ رنج غم اهو ئي ڏئي ٿو ۽ اهو ئي پري ڪري ٿو سڀ خير ،خوشي ۽ نعمت اهو ئي ڏئي ٿو ۽ اهو ئي کسي سگهي ٿو.
اسلام جي انهيءَ عقيدي جو نالو توحيد آهي ۽ اهو ئي اسلام جي ڪلمي جو پهريون حصو آهي.لاالٰه الاالله يعني الله کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ڪونهي ۽ نه هن کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو حڪم هلي ٿو.
الله زمين ۽ آسمان جي ڪمن کي وقت تي قاعدي ان پورو ڪرڻ لاءِ گهڻيون ئي اهريون مخلوقات ٺاهيون آهن جيڪي اسان کي نظر نٿيون اچن.اهي فرشتا آهن جيڪي رات ڏينهن الله جي حڪمن کي پورو ڪرڻ ۾ لڳا رهن ٿا انهن ۾ پاڻ ڪنهن به قسم جي ڪا طاقت ڪانهي جيڪي ڪجهه آهي اهو الله جي فرمائڻ سان آهي.هي اسلام جو عقيدي جو ٻيو حصو آهي.
ٽيون هيءُ آهي ته الله جا حڪم جا جيترا به رسول آيا اهن اهي سڀ سچا ۽ خدا جا اماڻيل آهن ۽ سڀني جي تعليم هڪ ئي هئي سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ دنيا جا آخري رسول اسان جا پيغمبر محمد رسول الله ﷺآيا آهن.
چوٿون هيءُ آهي ته رسولن جي معرفت الله جا جيڪي ڪتاب تورات ،انجيل،زبور ۽ قرآن مجيد وغيره آيا اهن اهي سڀ سچا آهن.
پنجون هيءُ آهي ته مرڻ کانپوءِ اسين وري جيئرا ٿي اٿنداسين ۽ خدا جي اڳيان حاضر ڪيا وينداسين ۽ هو اسان کي اسان جن ڪمن جو بدلو ڏيندو.
اهي ئي پنج ڳالهيون اسلام جو اصلي عقيدو آهي.جن تي هر ڪو مسلمان يقين رکي ٿو انهن ئي ڳالهين کي مختصر ڪري ٻن فقرن ۾ ادا ڪيو وڃي ۽ جن جي زبان سان چوڻ ۽ دل سان يقين ڪرڻ کي ”ايمان“ چون ٿا.
لاالٰه الاالله محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم (بر حق کانسواءِ ڪوبه الٰه ڪونهي محمدﷺ خدا جا اماڻيل رسول آهن)
حضرت محمدﷺ کي انهن ئي ڳالهين پکيڙڻ ۽ ماڻهن کي سمجهائڻ جو حڪم ٿيو.