وفات ربيع الاول 11 هجري ـــ مئي 622ع :
” آئون اوهان اڳ حوض ڪوثر تي وڇي رهيو آهيان. انهيءَ حوض جي پکيڙ ايتري آهي جيترو ايله کان حجفه تائين. مونکي دنيا جي سڀني خزانن جون ڪنجيون ڏنيون ويون. مون کي اهو ڊپ ڪونهي ته اوهين مون کانپوءِ شرڪ ڪرڻ لڳندا. البت هن کان ڊڄان ٿو ته اوهين دنيا ۾ ڦاسي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جو رت نه وهايو، ته پوءِ اوهين به ائين برباد ٿي ويندو جيئن اڳيون قومون برباد ٿي ويون.“
احد جي شهيدن کانپوءِ عام مسلمانن جي قبرستان جو وارو آيو. صفر 11 هجري جي ڪنهن وچواري تاريخ ۾ آڌيءَ رات جو پاڻ سڳورا عام مسلمانن جي قبرستان ويا، جنهن جو نالو جنت البقيع آهي ۽ انهن لاءِ خير جي دعا فرمايائون. موٽي آيا ته طبيعت ناساز ٿي. اهو اربع جو ڏينهن ام المومنين حضرت ميمونه جي واري جو ڏينهن هو. پنجن ڏينهن تائين ان بيماري جي هالت ۾ به واري واري سان هڪ هڪڳ گهر واري جي حجري ۾ ويندا رهيا. سومر جي ڏينهن مرض ۾ شدت پيدا ٿي ته ازواج مطهرات رضي الله عنهن کان موڪل ورتائون ته پاڻ ﷺ حضرت عائشه جي گهر ترسن. هيڻائي ايتيي هئي جو بنا ٽيڪ جي هلي نٿي سگهيا. حضرت عباس ۽ حضرت علي رضي الله عنهم ٻئي ٻانهن کان جهلي حضرت عائشه جي حجري ۾ وٺي آيا.
جيسيتائين هلڻ چلڻ جي طاقت رهي مسجد ۾ نماز پڙهڻ لاءِ ايندا رهيا. سڀ کان پڇاڙي واري نماز پاڻ سڳورن سانجهيءَ جي پڙهائي. سومهڻي جو وقت آيو ته پڇيائون ته ڇا نماز ٿي ويئي. ماڻهن عرض ڪيو ته حضور ﷺ جن جو انتظار آهي. ٿانءُ ۾ پاڻي ڀرائي غسل فرمايائون، پر جڏهن اٿڻ گهريائون ته غشي اچي ويئي. ٿوري طبيعت سڌري ته وري پڇيائون. نماز ٿي ويئي؟ وري چيو ويو ته حضور ﷺ جن جو انتظار آهي. پاڻ سڳورن وري غسل فرمايو ۽ اٿڻ گهريائون ته بيهوش ٿي ويا. ڪجهه طبيعت بحال ٿي ته وري پڇيائون. ٽيون ڀيرو جسم مبارڪ تي پاڻي وڌيو ويو، وري جڏهن اٿڻ جو ارادو ڪيو ته وري به غشي اچي ويئي. هاڻي جڏهن ٻيهر طبيعت ڪجھ بحال ٿي ته ارشاد فرمايائون ته ابوبڪر نماز پڙهائي. ان ڪري ڪيترن ڏينهن تائين حضرت ابوبڪر نماز پڙهائي.
وفات کان چار ڏينهن اڳ ۾ طبيعت ۾ ڪجهه سڪون هو. وچئين جي وقت پاڻي جي ستن مشڪن سان غسل فرمائي حضرت عباس ۽ حضرت علي جي ٽيڪ تي پاڻ سڳورا مسجد ۾ آيا. جماعت بيٺي هئي. حضرتابوبڪر نماز پئي پڙهائي. هلڻ جو آواز ٻڌي هن پوئتي هٽڻ گهريو، پر پاڻ سڳورن ﷺ جهلي ڇڏيو ۽ سندس پاسي ۾ اچي ويهي رهيا. نماز کانپوءِ هڪ ننڍو خطبو ڏنائون جنهن ۾ فرمايائون ته ” خدا پنهنجي هڪ ٻءانهي کي اختيار عطاڪيو آهي ته وڻيس ته هو دنيا جي نعمتن کي ابول ڪري پر ه خدا وٽ جيڪي شيون آهن اهي ئي قبول ڪيون.“ اهو ٻڌي حضرت ابوبڪر روئي ڏنوڇو ته هوسمجهي ويو هو ته اهو ٻانهو خود محمد ﷺ جن آهن.انصار جي وفاداري جو خيال ڪندي انهن لاءِ فرمايائون :
” عام مسلمان وڌندا ويندا، پر انصار اهڙي طرح گهٽ ٿي وينداجيئن کاڌي ۾ لوڻ. مسلمانو! هنن پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو، هاڻي اوهان کي هنن جو فرض پورو ڪرڻو آهي.هو منهنجي جسم ۾ معدي واري جاءِ وانگر آهن. مون کانپوءِ جيڪو اسلام جي ڪمن جو سنڀاليندڙ هجي، آئون ان کي وصيت ٿو ڪريان ته هو هنن سان سهڻو سلوڪ ڪري.“
شرڪ جو وڏو ذريعو هي هو ته ماڻهو پيغمبرن جي باري ۾ حدکان وڌيڪ مبالغو ڪري وهندا هئا، انهن کي شريعت جو حاڪم مطلق سمجهندا هئا. اهو نڪتو ان مهل حضور پاڪ ﷺ جي پيش نظر هو. فرمايائون :
” حلال ۽ حرام جي نسبت مون ڏانهن نه ڪئي وڃي. مون اها ئي شيءِ حلال ڪئي آهي جيڪا خدا حلال ڪئي آهي. ۽ اها ئي شي حرامڪئي جيڪا خدا حرام ڪئي آهي.“
اسلام جي تعليم موجب عمل کانسواءِ حسب و نسب ڪا شيءِ ڪونهي ايتري تائين جو خود رسول ﷺ جي اختيار ۾ به ڪونهي فرمايائون :
” اي خدا جي پيغمبر جي ڌيءَ فاطمه! ۽ اي خدا جي پيغمبر جي پڦي صفيه! خدا وٽ (وڃڻ) لاءِ ڪجهه ڪري وٺو آئون اوهان کي خدا کان بچائي نٿو سگهان.“
خطبي کان واندا ٿي حضرت عائشه جي حجري ۾ آيا.
يهودين ۽ عيسائين ، پيغمبرن ۽ بزرگن جي مزارن ۽ يادگارن جي تعظيم ۾ جيڪو غلط واڌارو ڪيو هو، اهو بت پرستيءَ جي حد تائين وڃي پهتو هو. حضور انور ﷺ جي نگاهه ۾ ان وقت مسلمانن جي صورتحال هئي ته هي مون کانپوءِ منهنجي قبر ۽ يادگار سان به ڪٿي ائين نه ڪن. اتفاق سان ڪن ازواج مطهرات رضي الله عنهن جن حبشه جي سفر ۾ عيسائي گرجائون ڏٺيون هيون. انهن جي مجسمن ۽ بتن جي ڳالهه ڪئي. پاڻ سڳورنﷺ فرمايو ” انهن ماڻهن ۾ جڏهن ڪو نيڪ ماڻهو مري ويندو آهي ته ان جي مقبري کي عبادتگاه ٺاهي وٺندا آهن. ۽ ان جو بت ٺاهي ان ۾ بيهاري ڇڏيندا آهن. ائين ڪرڻ وارا قيامت جي ڏينهن بدترين ماڻهو هوندا.“
عين بيچيني جي حالت ۾ جيڏي مهل به چادر منهن تي وڌائون ٿي يا ڪيڏي مهل گرمي کان گهٻرائي لاهي ٿي ڇڏيائون هوريان هوريان هي الفاظ فرمايائون ٿي :
” يهودي نصاريٰ تي خدا جي لعنت هجي جو هنن پنهنجن پيغمبرن جي قبرن کي عبادتگاه بنائي ڇڏيو آهي.“
انهيءَ حالت ۾ ياد پين ته حضرت عائشه وت ڪجهه اشرفيون رکايون هيون، پڇيائون ته عائشه! اهي اشرفيون ڪٿي آهن؟ ڇا محمد ﷺ خدا سان بدگمان ٿي ملندو؟ وڃ اهي خدا جي واٽ ۾ خيرات ڪري ڇڏ.
مرض ۾ واڌارو ۽ گهٽتائي پئي ٿي، جنهن ڏينهن وفات ٿي يعني سومر جي ڏينهن ظاهري طرح طبيعت کيسڪون هو. حجره مبارڪ مسجد سان ڳنڍيل هو، پاڻ صبح جي مهل پردو کڻي ڏڍائون ته ماڻهو فجر جي نماز ۾ رڌل هئا، ڏسي مشڪيائون ته خدا جي زمين تي نيٺ اهو گروهه پيد ٿي ويو جيڪو رسول ﷺ جي تعليم کي نموپنو بنائي خدا جي ياد ۾ لڳل آهي. ماڻهن آواز (پردي هٽڻ جو) ٻڌي خيال ڪيو ته پاڻ سڳورا ٻاهر اچڻ گهرن ٿا. خوشيءَ مان ماڻهو بي قابو ٿي ويا، ۽ ذريگهٽ نمازون ڀڳيون ٿي. حضرت ابوبڪر جيڪو امام هو، تنهن گهريو ته پوئتي هٽي وڃي پر پاڻ سڳورن اشاري سان جهليو ۽ حجري جي اندر ٿي پردو ڇڏي ڏنائون. ڪمزوري ايتري هئي جو پاڻ سڳورا پردو به چڱي طرح نه ڇڏي سگهيا. هي سڀ کان آخري موقعو هو جنهن ۾ صحابين نبوت جي جمال جو مشاهدو ڪيو.
جيئن جيئن ڏينهن چڙهندو پئي ويو پاڻ سڳورن تي هر ڀيري غشي طاري ٿي پئي ويئي. حضرت فاطمه زهره اهو ڏسي چيو ” هاءِ منهنجي والد جي بيچيني“ پاڻ ٻڌائون ته فرمايائون ” تنهنجو پيءُ اڄ کان پوءِ بيچين نه ٿيندو.“
ٽپهري هئي، ڇاتي ۾ ساهه جي کرکراهٽ محسوس ٿي ايتري ۾ لب مبارڪ چريا ته ماڻهن هي لفظ ٻڌا :
نماز ۽ غلامن سان سهڻو سلوڪ“
ايتري ۾ هٿ مٿي ڪري آڱر سان اشارو ڪيائون ۽ ٽي دفعا فرمايائون :
” بل الرفيق الاعليٰ ( هاڻي ٻيو ڪوبه نه، اهو ئي رفيق اعليٰ (خدا) گهرجي ٿو.
اهو چوندي چوندي هٿ ڍرا ٿي ويا، اکيون ڦاٽي ڇت سان وڃي لڳيون ۽ روح پاڪ قدسي جهان ۾ وڃي پهتو.
اللهم صل وسلم عليه و عليٰ آله و اصحابه اجمعين
مدينه جي گهٽين ۾ روڄ راڙي جو آواز بلند ٿي ويو. مسلمانن جي اکين آڏو دنيا اوندهه بنجي ويئي. مسجد نبوي ۾ ڪهرام مچي ويو. حضرت عمر تلوار ڪڍي ورتي ته جيڪو به ائين چوندو ته محمد رسول الله ﷺ وفات ڪري ويا آهن. ان جو سر لاهي ڇڏيندس. حضرت ابوبڪر آيو ۽ حضرت عمر جي سراسيمگي واري حالت کي ڏٺو ته سمجهي ويو ته اڄوڪي هيءَ نيم اندوهه سڀاڻي ڪيڏينه وڏيکان وڏي گمراهي جو سبب بنجي سگهي ٿي. هو سڌو منبر نبوي ﷺ ڏانهن وڌيو ۽ تقرير فرمايائين:
” ماڻهو! جيڪڏهن ڪو محمد کي پوڄيندو هو ته محمد ﷺ هن دنيا مان هليا ويا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو محمد ﷺ جي رب جي پوڄا ڪندڙ هو ته اهو زندهه آهي، ان لاءِ موت ڪونهي. (پوءِ هي آيت تلاوت ڪيائين)
وَمَا مُحَمَّدٌ إِلاَّ رَسُولٌ قَدْ خَلَتْ مِن قَبْلِهِ الرُّسُلُ أَفَإِن مَّاتَ أَوْ قُتِلَ انقَلَبْتُمْ عَلَى أَعْقَابِكُمْ وَمَن يَنقَلِبْ عَلَىَ عَقِبَيْهِ فَلَن يَضُرَّ اللّهَ شَيْئًا وَسَيَجْزِي اللّهُ الشَّاكِرِينَ
ترجمو: ۽ ﷴ (ﷺ الله جو) پيغمبر آھي، بيشڪ اُن کان اڳ ڪيترا پيغمبر گذري ويا، پوءِ جيڪڏھن (اُھو) مري وڃي يا قتل ٿئي ته (اوھين) پنھنجين کڙين (ڀَر پوءِ) تي ڦرندؤ ڇا؟ ۽ جيڪو پنھنجين کڙين (ڀَرپوءِ) تي ڦرندو سو الله کي ڪجھ نقصان ڪڏھن نه لائيندو، ۽ الله شاڪرن (احسان مڃيندڙن) کي ستت ثواب ڏيندو.
هيءَ آيت ٻڌڻ سان سڀني صحابين جون اکيون کلي ويون ۽ ائينٿي معلوم ٿيو ته آيت پاڪ اڄ ئي لٿي آهي. هر ڪنهن صحابي جي زبان تي اهائي آيت هئي ۽ انهي ئيجو چوٻول هو.
حضور انور ﷺ جن جي وفات هجرت جي يارهين سال ربيع الاول جي مهيني ۾ سومر جي ڏينهن ٽپهري جي وقت ٿي. مشهور روايت هي آهي ته اها ٻارهين ربيع الاول جي تاريخ هئي. پر خاص ماڻهن جي تحقيق هي آهي ته ربيع الاول جي پهرين هئي.
حضور پاڪ ﷺ جن جي تجهيز ۽ تڪفين جو ڪم اڱاري تي شروع ٿيو. ۽ پاڻ سڳورن جي خاص عزيزن اهو ڪم ڪيو. حضرت فضل بن عباس، حضرت علي مرتضيٰ ۽ حضور ﷺ جن جي آزاد ڪيل غلام حضرت زيد جي پٽ حضرت اسامه غسل ڏنو، حضرت عباس به موجود هو. حضرت عائشه جي جنهن حجري ۾ پاڻ سڳورن ﷺ وفات ڪئي، اتيئي پاڻ سڳورن کي دفن ڪيو ويو. ۽ ان لاءِ اهو حجرو اڄ ڏينهن تائين روضته النبي جي نالي سان سڏجي ٿو.