مذهب

رحمت عالم ﷺ

هي ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم، هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book رحمت عالم ﷺ

بدر جي لڙائي:

بدلي وٺڻ لاءِ هڪ وڏي لڙائي ضروري هئي ۽ لڙائي لاءِ سرمايو به ضروري هو.مڪه وارن پنهنجو سمورو سرمايو ڏيئي هڪ قافلو شام اماڻيو. اڳئين واقعي کان ٻه اڍائي مهينا پوءِ رمضان 2 هجري ۾ اهو قافلو واپس اچي رهيو هو تهمڪه وارن کي خبرپهتي ته مسلمان ان تي هلان ڪرڻ وارا آهن.اها خبر ٻڌندي ئي قريش جا وڏا وڏا سردار هڪ هزار سپاهين کي ساڻ ڪري مڪه کان نڪتا.هوڏانهن حضور ﷺ جن کي ان جو اطلاع مليو ته پاڻ سڳورا به ڪجهه مسلمانن سان گڏ مدينه کان رونا ٿيا.قافلو بچي مڪي پهچي چڪو هو پر مڪه وارن چيو ته اسين بدر پهچي خوشي ملهائينداسين ۽ نچڻ ڳائڻ ۽ شراب ڪباب جون محفلون ڪنداسين بدر هڪ ڳوٺ جو نالو هو .جتي هر سال هونءَبه ميلو لڳندو هو.
مديني کان هڪ ميل ٻاهر نڪري پاڻ پڙاءُ(لشڪر جو ترسڻ،ڪيمپ)ڪيائون .مدينه ۾ منافقن ۽ يهودين جو ڊپ هو تنهنڪري ابولبابه﷦ صحابي کي مديني جو حاڪم بڻائي مديني واپس موڪليائون ۽ ٻن خابروئن کي اڳتي روانو ڪيائون ه قريش جي خبر وٺن.جڏهن بدر کي ويجهو پهتا ته خابروئن خبر ڏني ته قريش وادي جي ٻئي دنگ تائين اچي ويا آهن اهو ٻڌي پاڻ سڳورا اتيئي ترسي پيا.
سڄي رات پئي لشڪر آمهون سامهون پيا هئا.مسلمانن به هٿيار لاهي آرام ڪيو،پر خدا جو رسولﷺ سڄي رات بيٺو نماز ۽ دعا ۾ رڌل رهيو.صبح ٿيڻ وارو هو ته مسلمانن کي نماز جو سڏ ڏنائون ۽ نماز کانپوءِ جهاد تي وعظ فرمايائون:
هي مسلمانن جو پهريون لشڪر هو ۽ ڪافرن سان هنن جي هي پهرين لڙائي هئي.
هڪ نيڪدل قريشي گهريو ته لڙائي ٽري وڃي ۽ ابن حضرمي جو خون بها ان جي وارثن کي ڏيئي ڇڏجي،عتبه قريش جو هڪ ٻيو سرادر ۽ حضرمي جو حليف ان لاءِ تيار هو پر ابو جهل ان رٿ کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو.
صبح ٿيو ته ٻئي فوجون ميدان ۾ اچي بيٺيون.هڪ پاسي هڪ هزار جو وڏو ميڙ هو جيڪو لوهه ۾ ٻڏو پيو هو ۽ ٻئي پاسي ٽي سو تيرنهن مسلمان هئا.جن وٽ پورا هٿيار به ڪونه هئاپر حق جو زور انهن جي بانهن ۾ هو ۽ دين جو جوش انهن جي سينن ۾ اُڀري رهيو هو.الله جا رسولﷺ لرائي جي ميدان کان ٿورو پرڀرو هڪ ڇپر جي ڇانءَ ۾ بارگاهه الاهي ۾ ڪنڌ نمائي فتح جي دعا گهري رهيا هئا۽ عرض ڪري رهيا هئا ته”خداوندا! جيڪڏهن اڄ هي تنهنجا آڱرين ڳڻڻ جيترا پوڄيندڙ ختم ٿي ويا ته پوءِ زمين تي تنهنجي عبادت ڪانه ٿيندي.“
لڙائي هن ريت شروع ٿي ته پهرين ابن حضرمي جو ڀاءُ عامر جنهن کي پنهنجي ڀاءُ جي رت جي دعويٰ هئي اڳتي وڌيو.هڪ غلام مسلامن هن جي مقابلي لاءِ نڪتو ۽ هو مارجي ويو.ان کانپوءِ عتبه جيڪو قريش جي لشڪر جو سردار هو،وڏي شان سان آيو،ان سان گڏ وليد ۽ شيبه به اڳتي وڌيا،هيڏانهن مسلمانن طرفان به مدينه جا ٽي انصاري مقابلي لاءِ آيا.عتبه هنن کان نالو ۽ نسب پڇيو۽ جڏهن خبر پيس ته مدينه وارا آهن ته زور سان چيائين”محمدﷺ!اهي ماڻهو اسان جي برابري جا ڪونهن.حضورﷺ جن جي چوڻ تي اهي انصاري موٽي آيا ۽ هاڻي حضرت حمزه﷦،حضرت علي﷦۽ حضرت عبيده﷦ ميدان ۾ آيا.
عتبه حضرت حمزه﷦ سان ۽ وليد حضرت علي﷦ سان سامهون ٿيا ۽ مارجي ويا پر شيبه حضرت عبيده﷦ کي زخمي ڪري وڌو.اهو ڏسي حضرت علي﷦ اڳتي وڌيو ۽ شيبه جو ڪم پورو ڪري ڇڏيائين.حضرت زبير﷦ سعيد بن العاص جو مقابلو ڪيو ۽ اهڙي ڇڪي بڙڇي هنيائينس جو هن ٺڪاءُ اچي پٽ تي ڪيو.
هاڻي عام شروع ٿي ويو.مدينه ۾ ابو جهل جي شرارت ۽ مسلمانن سان دشمني جو چوٻول عام هو،انصار جا ٻه نوجوان هن جي تاڙ ۾ نڪتا ۽ ماڻهن کان پڇندا باز وانگر هن تي اهڙو لامارو ڏنائون جو اک ڇنڀ ۾ هو زمين تي رت ۾ ٻڏو پيو هو.هڪ ٻئي مسلمان وڌي وڃي هن جو سر وڍي ورتو.
عتبه ۽ ابوجهل جي مرڻ سان قريش هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ مسلماننن انهن کي جهلڻ شروع ڪيو.قريش جا ستر ماڻهو جيڪي مڪه جا وڏا وڏا رئيس هئا،مارجي ويا ۽ ايترائي ماڻهو گرفتار ٿي پيا،۽ مسلمانن مان رڳو چوڏهن بهادرن کي شهادت ملي.
خدا جي عجيب قدرت آهي ته ٽي سو تيرنهن ماڻهن جن وٽ هٿيار به پورا ڪونه هئا هڪ هزار فوج کي شڪست ڏيئي ڇڏي.هي حق ۽ باطل ،سوجهري ۽ اوندهه جي جنگ هئي حق جي فتح ٿي ۽ باطل شڪست کاڌي،اوندهه ختم ٿي ۽ سوجهرو ڇانئجي ويو.