مذهب

رحمت عالم ﷺ

هي ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم، هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book رحمت عالم ﷺ

مدينه ۽ انصار:

يثرب ۾ مسلمانن کي امن جي جاءِ ملي ويئي هئي تنهنڪري حضور صلعم جن مڪه جي مسلمانن کي موڪل ڏني ته هو پنهنجو ديس ڇڏي يثرب شهر ڏانهن هليا وڃن.هاڻي مسلمانن آهستي آهستي يثرب ڏانهن هجرت ڪرڻ شروع ڪئي پڇاڙيءَ ۾ خود حضور صلعم جن به مڪه ڇڏي هجرت ڪرڻ گهري.قريش جي ماڻهن کي به ان جي خبر پئجي چڪي هئي هن پاڻ ۾ گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته رات جو هر قبيلي جو هڪ هڪ ماڻهو گڏ ٿئي ۽ سڀ گڏجي هڪ ٿي محمد ﷺ کي ستي قتل ڪري ڇڏين.خدا پاڻ سڳورن کي هنن جي انهي صلاح جي خبر ڏيئي ڇڏي.
مڪه وارن کي حضور ﷺ جن جي مذهب سان جيتوڻيڪ سخت مخالفت ڪئي پر پوءِ به سڀني کي پاڻ سڳعورن جي ديانت ۽ امانت تي وڏو ڀروسو هو تنهنڪري گهڻن ئي ماڻهن جون امانتون وٽن رکيل هيون .پاڻ سڳورن اهي امانتون حضرت علي رضه جي حوالي ڪيون ۽ فرمايو ته اڄ رات تون منهنجي هنڌ تي آرام ڪج ۽ صبح جو ماڻهن کي سندن امانتون ڏيئي تون به هليو اچج.انهيءَحڪم مطابق حضرت علي رضه رات جو حضور صلعم جي هنڌ تي آرام ڪيو.قريش جا ماڻهو صبح تائين گهر کي گهيرو ڪريو ويٺا هئا صبح جو سويراهو ڏسي حيران ٿي ويا ته محمدﷺ جي هنڌ تي محمدﷺ جي بدران علي ابن طالب آهي.
حضور صلعم جن ۽ حضرت ابوبڪر رضه ۾ هجرت جي صلاح اڳ ۾ ئي ٿي چڪي هئي ٻئي پنهنجي گهرن مان نڪري مڪه جي ڀر ۾ ئي ثور جبل جي هڪ غار ۾ لڪي ويا صبح جو ڪافرن پاڻ سڳورن جا پير کڻڻ شروع ڪيا ۽ ڳوليندي ڳوليندي ان غار جي منهن تائين اچي پهتا.حضرت ابوبڪر رضه گهٻرائجي چيو يا رسول الله! دشمن ايترو ويجهو اچي ويا آهن جو جيڪڏهن هو پنهنجن پيرن ڏانهن نهارين ته اسان کي ڏسي وٺندا پر حضورصلعم جن جي اطمينان جو اهوئي حال هو فرمايائون، ”گهٻراءِ نه خدا اسان سان گڏ آهي.“
حضور اڪرم ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر رضه ٽن ڏينهن تائين ان غار ۾ ترسيا.حضرت ابوبڪر جو پٽ عبدالله رات جو اچي مڪه وارن جي حالتن ۽ صلاحن جي خبر ٻڌائيندو هو.ٿوري رات گذرئي حضرت ابوبڪر رضه جوٻانهو ماٺ ميٺ ۾ هتي ٻڪريون وٺي ايندو هو.پاڻ سڳورا ۽ ابوبڪر رضه انهن جو کير پي وٺندا هئا.
چوٿين ڏينهن پاڻ سڳورا ۽ حضرت ابوبڪر رضه غار مان نڪتا هڪ رات ۽ ڏينهن لڳاتار ائين هلندا رهيا ٻئي ڏينهن منجهند وجو هڪ جابلو چوٽي جي هيٺيان ڇانو ۾ ساهي پٽيائون هڪ ٻڪرار ٻڪريون پئي چاريون ابوبڪر رضه ان کان کير ورتو ۽ پاڻ سڳورن وٽ آيو.پاڻ صلعم جن کير پيتو ۽ پوءِ اڳتي وڌيا.قريش پڙهو گھمايو هو ته جيڪو محمد(صلعم)يا ابوبڪر رضه کي جھلي وڍي ايندو ان کي هڪ سو اُٺ انعام ۾ ڏنا ويندا.سُراقه بن حيشم جيڪو مڪه جو هڪ ٺاهوڪو سپاهي هو تنهن اهو پڙهو ٻڌو ته لالچ ۾ هٿيار پهري گهوڙي تي چڙهي نڪتو ۽ ٺيڪ ان مهل ان جابلو چوٽي وٽ پهتو جيڏي مهل پاڻ سڳورا اتان روانا ٿي رهيا هئا.هن پاڻ سڳورن کي ڏسي ورتو ۽ مرضي ٿيس ته گهوڙو ڊوڙائي ويجهو پهچي پر گهوڙي ٿاٻو کاڌو ۽ هو ڪري پيو.بٿيءَ مان تير ڪڍي عرب جي رواج مطابق فال وڌائين جواب”نه“ ۾ آيو پر هن نه مڃيو ٻيهر گهوڙو ڊوڙايائينهاڻي گهوڙي جا پير گوڏن تائين زمين۾ گهڙي ويا تڏهن هو ڊنو ۽ سمجهيائين ته هي ڳالهه ڪا ٻي آهي حضور صلعم جن کي عرض ڪيائين اي خدا جا رسول امن بخشيو وڃي حضور صلعم جن سندس درخواست قبول فرمائي ورتي.