بدر جو پلاند:
ڇو ته ابوسفيان جي همراهن جو کاڌو هن سفر ۾ سويق يعني سَتُو(سويق يا سَتُو ڀُڳل ڪڻڪ کي چئبو آهي) جيڪو تڪڙ ۾ هو هاريندا ويا هئا.حضور پاڪﷺ جن کي هن پاسي کان اطمينان ٿيو ته کين هڪ خانگي فرض پورو ڪرڻ جو خيال آيو اها حضرت فاطمه رضه عنها جي نڪاح جي تقريب هئي۽ اها به رسمن جي سلسلي جو هڪ وڏو سڌارو هو.
حضرت فاطمه رضه عنها جو نڪاح-سن ذي الحج 3 هجري
حضور پاڪﷺ جي اولاد ۾ سڀني کان لاڏلي ۽ نياڻين ۾ سڀني کان ننڍي هئي.پاڻ سڳورن کي پنهنجي سموري اولاد مان ساڻس گهڻي محبت هئي ۽ هوءَ به پنهنجي والد بزرگوار تي فدا هوندي هئي.پاڻ سڳورن کي ٿوري به تڪليف رسندي هئي ته هوءَ بيقرار ٿي ويندي هئي.نيڪي ۽ پاڪائي ۾ بي مثال هئي.شادي جا پيغام اچڻ لڳا.پر حضورﷺ جن جي دل ۾ ڪا ٻي ڳالهه هئي.خيال اهو هون ته هن لاءِ اهڙو ئي برابري وارو ڇوڪرو به ملي.اهو حضرت علي هو،جيڪو حضور پاڪﷺ جن جي هٿ هيٺ ئي نپيو هو.حضرت علي پنهنجي درخواست پيش ڪئي،ته ڄڻ اها پيش ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي منظور ٿي چڪي هئي.حضرت ببي فاطمه رضه کان پڇيائون ته هوءَ ماٺ ٿي ويئي،اهو ڄڻ راضپي جو اظهار هو،پوءِ حضرت علي کان پڇيائون ته تو وٽ مهر ڏيڻ لاءِ ڇا آهي؟چيائين ڪجهه ڪونهي...فرمايائون ان زرهه جو ڇا ٿيو جيڪا بدر ۾ هٿ آئي هئي.عرض ڪيائين ته اُها ته موجود آهي،فرمايائون اها گهڻي آهي.
هن ڪتاب جي پڙهندڙن جو خيال هوندو ته اها زرهه ڏاڍي قيمتي شئي هوندي،پر هنن کي اهو ٻڌي عجب لڳندو ته ها رڳو سوا رپئي جي هئي.زرهه کان سواءِ بدر جي هن هيرو جي جيڪا ملڪيت هئي،اها هيءَ هئي.هڪ رڍ جي کل ۽ هڪ پراڻي يمني چادر.اهائي ملڪيت هئي جيڪا گهوٽ ڪنوار جي رهڻ لاءِ پيش ڪيو،جيڪو پاڻ قبول فرمايائون،
”مقدس پيءُ پنهنجي لاڏلي ڌيءَ کي جيڪو ڏاج ڏنو،اهو واڻ جي هڪ کٽ،چمڙي جو هڪ وهاڻوجنهن ۾ کاٻر(کجيءَ جا پن)ڀريل هئا.هڪ پاڻي ڀرڻ جو ڏول هڪ مشڪ ٻه چڪيون ۽ ٻه مٽي جا گهڙا هئا.
گهوٽ ڪنوار جڏهن نئين گهر ۾ وڃي رهيا ته حضورﷺ جن ڏسڻ لاءِ ويا،پهرين در تي بيهي موڪل گهريائون،پوءِ اندر ويا.هڪ ٿانءَ ۾ پاڻي گهريائون،ٻئي هٿ ان وڌائون ۽ هٿ ڪڍي اهو پاڻي هنن تي ڇڻڪاريائون۽ نياڻيءَ کي چيائون ڌيءَ! مون تنهنجو نڪاح ڪٽنب جي سڀ کان بهتر شخص سان ڪيو آهي.
الله اڪبر! ڪيڏي نه سادگي ۽ بي تڪلفي واري تقريب هئي.مسلمانن جي خوشي جي رسمن لاءِ ان کان سٺو پيو ڪو نمونو ٿي سگهي ٿو؟هي ڄڻ حضورﷺ جن مسلمانن جي اڳيان پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي زندگيءَ جو مثال پيش ڪيو هو.
روزو:
نماز کانپوءِ هن سال روزي جي ٻي عبادت فرض ٿي ۽ ان لاءِ رمضان جو مهينو چونڊيو ويو ڇو ته هي اهو مقدس مهينو هو”جنهن جي هڪ رات ۾ خدا جو پيغام هن خاص ٻانهي(محمدﷺ) تي حرا جي غار ۾ لٿو هو.انهي يادگار طور هي مهينوعزت ۽ حرمت جو مهينو مقرر ٿيوجهڙي ريت هن برگزيده نبيﷺ انهن ڏينهن ۾ حرا ۾ ڏينهن گذاريا هئا يعني ڏينهن جو کائڻ پيئڻ کان پرهيز ۽ رات جو جي عبادت.هر شريعت پنهنجي لاءِ ڏڻ جو ڪو ڏينهن پنهنجي خوشي ۽ مسرت لاءِ مقرر ڪيو آهي.اسلام ان لاءِ رمضان جي روزن کانپوءِ شوال جي پهرينءَ کي عيد جو ڏينهن مقرر ڪيو.هن ۾ عيد نماز جون ٻه رڪعتون نماز سنت ڪئي وئي ته جيئن سڀ خدا جي آڏو بيهي قرآن جي نعمت ۽ اسلام جي دولت ملڻ تي خدا جو شڪر ادا ڪن ۽ ان لاءِ ته هن خوشي جي ڏينهن ڪوبه ڀاءُ بکيو نه رهي.هي انتظام ڪيو ويو ته هر پهچ واري تي فطر جو صدقو واجب ڪيوويو.هي پهريون ڀيرو هو جو حضور پاڪﷺ جن مسلمانن کي گڏ وٺي هڪ ميدان ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي.نماز کانپوءِ خطبو ڏنائون جنهن ۾ فطر جي صدقي جون خوبيون بيان فرمايائون.
هي عيد جي نماز مسلمانن جي معاشرتي هڪ جهڙائي ۽ مذهبي خوشي جو ڏيک آهي.