مذهب

رحمت عالم ﷺ

هي ڪتاب رحمتِ عالم صلي الله عليه وسلم، هن ڪتاب جو ليکڪ مشهور سيرت نگار سيد سليمان ندوي آهي.
اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.
Title Cover of book رحمت عالم ﷺ

اسلام جي عهد جو پهريون باقاعدي حج ۽ لاتعلقي جو اعلان:

اسلام جي دعوت کي شروع ٿئي ٻاويهه سال ٿي ويا هئا. ٻاويهه سالن جي لڳاتار ڪوششن سان هاڻي عرب جو ذرو ذرو اسلام جي نور سان چمڪي رهيو هو. لا الہ الا الله جا آواز ان جي هڪ لڪ مان بلند پئي ٿيا. يمن جي سرحد کان وٺي شام جي سرحد تائين هاڻي اسلام جي حڪومت هئي. ۽ خدا جو گهر هاڻي توحيد جو مرڪز بنجي چڪو هو. هاڻي وقت اچي ويو هو ته اسلام جي اها مذهبي درٻار جيڪي ” حج“ جي نالي سان مشهور آهي خدا جي ٺاهيل ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام ڏسيل دستور موجب سينگاري وڃي.
تبوڪ کان واپسي تي حضور پاڪ ﷺجن 6 هجري ۾ ذيقعده جي پڇاڙي يا ذوالحج جي اڳياڙي مهيني ۾ ٽي سئو مسلمانن جو هڪ قافلو مدينه منوره مان مڪه ڏانهن روانو ڪيو. حضرت ابوبڪر ﷦ هن قافلي جو اڳواڻ، حضرت علي ﷦ هن جو نقيب ۽ حضرت سعد بڀن وقاص﷦، حضرت جابر﷦ ۽ حضرت ابوهريره﷦ پڙهي وارا ۽ معلم ٺاهيا ويا ۽ قرباني لاءِ ويهه اٺ گڏ کنيائون.
قرآن انهي حج جو نالو حج اڪبر (وڏو حج) رکيو آهي ڇو ته ڪفر جي حڪومت جي خاتمي ۽ اسلام جي عهد جي شروعات جو سڀ کان پهريون اعلان هو، حضرت ابوبڪر ﷦ماڻهن کي حج جا اصلي طريقا ٻڌايا ۽ سيکاريا ۽ قرباني واري ڏينهن اٿي بيهي خطبو پڙهيو. ۽ ان کانپوءِ حضرت علي ﷦ بن ابي طالب لا تعلقي واري ان سورت مان چاليهه آيتون پڙهي ٻڌايون جن ۾ ڪافرن سان هر قسم جو لاڳاپو ٽوڙڻ جو اعلان هو ۽ پڙهو ڏياريو ويو ته هاڻي ڪوبه مشرڪ خانه ڪعبه ۾ داخل نه ٿي سگهندو ۽ نه ڪو اگهاڙو ٿي حج ڪري سگهندو ۽ صلح جا اهي سمورا ٺاهه جيڪي مشرڪن سان ٿيا هئااڄ کان چئن مهينن کانپوءِ ٽٽي ويندا.
ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي ته اهي قريش جيڪي ويهن سالن تائين تلوار جي نوڪ سان اسلام جو مقابلو ڪندا رهيا، اهي مڪه جي فتح کانپوءِ ڪنهن به قسم جي زور ۽ لالچ کانسواءِ رڳو اسلام جو ڳوڙهو رنگ ۽ مسلمانن کي ويجهڙائي کان ڏسي وائسي پاڻيهي پاڻ مسلمان ٿيندا ويا ۽ جيڪي اڃان تائين محروم رهيل هئا. اهي هن اعلان کانپوءِ اسلام جي ڇانو هيٺ اچي ويا.