يهود جو آخري قلعو خيبر ــ پڇاڙي 6 هجري يا شروع 7 هجري:
سلام جي جاءِ هاڻي اسير بن رزام ورتي. هن به انهن ئي قبيلن جو دورو ڪري هڪ وڏي فوج تيار ڪئي. مدينه ۾ خبر پهتي ته پاڻ سڳورن تحقيق جي لاءِ ماڻهو اماڻيا، انهن اچي تصديق ڪئي. پاڻ صلعم صلح لاءِ ڪجهه ماڻهو موڪليائون ۽ اسير کي مدينه گهرايائون ته صلح پڪو ٿي وڃي. هو ٽيهه ماڻهو ڪري ساڻ هليو،واٽ تي هن جي دل ۾ لائي ڪهڙي ڳالهه آئي جو مسلمان دستي جي آفيسر جي هٿ مان تلوار کسڻ گهريائين، ان تي ٻنهي پاسن تلوارون اڀيون ٿي ويون ۽ اسير ان ۾ پورو ٿي ويو.
هاڻي خيبر وارن غطفان وارن کي باغن جي اڌ پيدائش ڏيڻ جي لالچ ڏيئي پاڻ سان گڏي ورتو. غطفان جي هڪ قبيلي بنو فزاره اها همت ڪئي جو محرم 7 هجري ۾ مدينه جي چراگاهه تي حملو ڪيائين ۽ هڪ مسلمان کي قتل ڪيائين. هاڻي مسلمانن جي صبر جو پيالو ڀرجي ويو. خيبر تي حملي جو اعلان ٿيو . سورنهن سئو مجاهد پاڻ سڳورن سان گڏ مدينه مان روانا ٿيا. فوج سان گڏ ڪجهه مسلمان عورتون به آيون هيون ته جيئن اڃايلن کي پاڻي پياري سگهن. زخمين جي ملم پٽي ڪري سگهن. لڙائي جي ميدان مان تير کڻي آڻي ڏين. هي پهريونڀيرو هو جو اسلام جي فوج جو جهنڊو جهولايو. ٽي علم (جهنڊا) تيار ٿيا. هڪ حباب بن منذر کي ٻيو سعد بن عباده کي ۽ ٽيون علم جنهن جو ڦڙڪو (ڪپڙو) حضرت عائشه جي چُني مان ٺاهيو ويو هو. شير اسلام حضرت علي المرتضيٰ جي حوالي ٿيو.واٽ تي هن مقدس فوج جو ترانو هي هو:
” خداوند! جيڪڏهن تون نه هجين ها ته اسان کي هي هدايت نه ملي ها. اسان جون جانيون قربان. اسان کي معاف ڪري ڇڏ ۽ اسان تي تسلي لاهه ۽ اسان جا پير پختا ڪر. ظالمن اسان ڏانهن هٿ وڌايو آهي ۽ فتنو اڀو ڪرڻ گهرن ٿا ته اسين هنن کان هيسجڻ وارا نه آهيون، اسين تنهنجي مهرباني کان بي نياز نٿا ٿي سگهون.“
ايمان جو هي جوش سان ڀريل دريا، ائين ڇوليون هڻندو پئي ويو جو رات جو اونداهي ۾ خيبر جي قلعي سان وڃي لڳو. موقعو هو ته رات جي اوندهه ۾ هنن تي حملو ڪري ڏجي ها پر پاڻ سڳورن ائين نه ڪيو ۽ حڪم ڏنائون ته صبح جو انتظار ڪيو وڃي. صبح ٿيو ۽ يهودين معمول مطابق قلعن جا ڦاٽڪ کوليا ته سامهون فوج پيل ڏٺائونم. رڙ نڪري وين ته محمد ﷺ جي فوج! پاڻ ﷺ اڃا تائين وڙهڻ نٿي گهريائون، تنهنڪري هاڻي به حمنلي جو حڪم ڪونه ڏنائون پر يهودين صلح جي بدران لڙائي جو ارادو ڪيو. اهو ڏسي پاڻ سڳورن مسلمانن کي اڳ ۾ نصيحتون ڪيائون پوءِ جهاد جو حڪم ٻڌايائون.
مسلمانن پهرين ناعم نالي قلعي تي هلان ڪئي، محمود بن مسلمه هڪ بهادر مسلمان هن دستي جو آفيسر هو، هو تمام سٺي نموني وڙهيو پر گرمي جا ڏينهن هئا ٿوري ساهي کڻڻ لاءِ قلعي جي ڀت جي ڇانءَ ۾ ويهي رهيو. يهودي سردار ڪنانه لڪي لڪي ڀت تي چڙهي ويو ۽ اتان جنڊ جو پڙ هن جي مٿان اڇلايائين جنهن جي ڌڪ سان هو مري ويو پر هن قلعي جا دروازا کولي ورتا. قموص جي قلعي تي مرحب نالي هڪ مشهور يهودي پهلوان مقرر هو. هن جي مقابلي لاءِ ڪيترن ئي تائين وڏا وڏا صحابي فوجون وٺي ويا، پر فتح جو فخر ڪنهن ٻئي جي قسمت ۾ هو. جڏهن مهم ڊگهي ٿي ويئي ته هڪ ڏينهن شام جو پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته ” سڀاڻي آئون جهنڊو ان شخص کي ڏيندس جنهن جي هتان خدا فتح ڏيندو ۽ جيڪو خدا ۽ خدا جي رسول کي ڀانئي ٿو ۽ خدا ۽ خدا جو رسول هن کي ڀانئين ٿا.“ هي رات اميد ۽ انتظار جي رات هئي وڏن وڏن صحابين سڄي رات ان اوسيئڙي ۾ گذاري ته ڏسون ته فخر جي هي دولت ڪنهن کي ٿي هٿ اچي.
صبح ٿيو ته اوچتو ڪنن تي هي آواز پهتو ” علي ڪٿي آهي؟“ هن جون اکيون اٿل هيون، هن کي گهرايو ويو. پاڻ سڳورن هن جي اکين تي پنهنجي وات جي پِڪ لڳائي ۽ دعا فرمائي ۽ خيبر جو فتح جو جهنڊو عنايت ٿيو. عرض ڪيائين ته ڇا يهود کي وڙهي مسلمان بنيايان . فرمايائون ” هنن جي اڳيان نرمي سان اسلام پيش ڪر، جيڪڏهن هڪ ماڻهو به تنهنجي هدايت سان مسلمان ٿي وڇي ٿو ته اهو ڳاڙهن اٺن جي دولت کان سٺو آهي.“ مرحب قلعي مان پنهنجي پهلواني جو هي ترانو ڳائيندو ٻاهر نڪتو ن:
” خيبر کي خبر آهي ته آئون مرحب آهيان. لوهه ۾ ٻُڏل تجربيڪار ۽ پهلوان آهيان.“
مرحب جي جواب ۾ شيرخدا هي رجز پڙهيو :
” آئون اهو آهيان جومنهنجي ماءُ منهنجو نالو شينهن رکيو هو، جهنگل جي شينهن وانگر ڊيڄاريندڙ ۽ ڀوائتو آهيان.“
شير خدا ايڏي زور سان تلوار هنئي جو مٿي کي وڍيندي ڏندن تائين لهي آئي. مرحب مارجي ويو ۽ قلعي جو ڦاٽڪ مسلمانن جي هٿن ۾ هو.
لڙائي ۾ پنڌرهن مسلمان ڪم آيا. يهودين ٺاهه ڪيو ۽ ٺاهه جو هي شرط وڌائون. زمين اسان جي قبضي ۾ ڇڏي وڃي. پيدائش جو اڌ ڀاڱو اسين مسلمانن کي ڏينداسين. يهودين جي اها درخواست منظور ٿي. هي ڄڻ زمينداري جو پهريون سبق هو جيڪو يهودين مسلمانن کي سيکاريو ۽ حضور پاڪ ﷺ جن هنن تي ترس آڻي ان کي قبول ڪري ورتو. خيبر جي اڌ زمينن جي ملڪيت مجاهدن ۾ ورهائي ويئي ۽ اڌ بيت المال جي ملڪيت ۾ آئي. انهيءَ مان حضور اڪرم ﷺ جي لاءِ به پنجون حصو (خمس) مقرر ٿيو. جنهن جي اپت پاڻ سڳورن جي خانگي ضرورتن ۽ اسلام جي ٻين ڪمن ڪارين ۾ ڪم ايندي هئي.
سال ۾ جڏهن بٽائي جو وقت ايندو هو ته حضور ﷺ جن عبدالله بن رواحه صهابي کي خيبر امڻيندا هئا هو وڃي سموري پيدائش جي ڍڳ کي ٻين هڪ جيترن حصن ۾ ورهائيندو هو ۽ يهود کي چوندو هو ته انهن مان جيڪو وڻيو اوهين کڻو. يهود جي اکين لاءِ هن عدل ۽ انصاف جو نظارو بلڪل نئون هو. هو چئي ڏيندا هئا ته ” زمين ۽ آسمان هن ئي عدل سان قائم آهن.“
فتح کانپوءِ پاڻ سڳورا ٿورا ڏينهن خيبر ۾ رهيا. جيتوڻيڪ يهود کي سڀ رعايتون ڏنيون ويون هيون ۽ هنن کي هر طرح جو امن و امان بخشيو ويو هو پر پوءِ به هنن جي فطري بدنيتي هنن جو ساٿ نه ڇڏيو. هڪيهودي عورت پاڻ سڳورن ۽ سندن ڪجهه صگھابين جي دعوت ڪئي ۽ کاڌي ۾ زهر ملائي ڇڏيو. پاڻ سڳورن گرهه وات ۾ وجهي کائڻ کان هٿ جهلي ورتو ۽ فرمايو ته کاڌي ۾ زهر ملايو ويو آهي. پر هڪ صهابي ان کي چڱي طرح کاڌو. پاڻ ﷺ ان يهودڻ کي سڏائي پڇيائون ته هن ڏوهه قبول ڪيو. تنهن تي به پاڻ سڳورن هن کي ڇڏي ڏنو پر جڏهن ان صهابي انهي زهر جي ڪري وفات ڪئي ته هوءَ ان جي قصاص ۾ ماري ويئي.
خيبر وٽ ئي هڪ ڍورو هو جنهن کي ”وادي القريٰ“ چوندا هئا. ان ۾ ”تيماء“ ۽ ”فدڪ“ وغيره يهودين جا ڪجهه ڳوٺ هئا، مسلمان اوڏانهن به وڌيا. اتان جي يهود خيبر وارن شرطن تي صلح ڪري ورتو.
هن واقعي تي يهود جي لڙائي جو خاتمو ٿي ويو.