پاڻ سڳورنﷺ جو رسول ٿيڻ
الله پنهنجنرسولن کي فرشتن جي وسيلي پنهنجين ڳالهين کان واقف ڪري ٿو ۽ پنهنجو ڪلام کين ٻڌائي ٿو اهي رسول فرشتي کان خدا جو ڪلام ٻڌي خدا جي ٻانهن کي اهو ئي ٻڌائين ٿا جيڪي الله جا نيڪ ٻانها رسول جي واتان خدا جو ڪلام ٻڌي خداجي ڳالهه مڃين ۽ ان حڪمتي هلن ٿا اهي مسلمان سڏجن ٿا.الله انهن کان خوش ٿئي ٿو پيار ڪري ٿو ۽ جيسيتائين هو جيئن ٿا الله انهن کي هر طرح جو انعام ڏئي ٿو ۽ انهن تي پنهنجي برڪت نازل ڪري ٿو ۽ قيامت کان پوءِ جڏهن سڀ ماڻهو وري جيئرا ٿي اٿندا ته نيڪ ماڻهنکي الله اتي هر طرح جي خوشي نصيب ڪندو انهن کي بادشاهن کان وڌيڪ اتي هر طرح جو آرام ۽ سک ملندو کين بادشاهن کان به وڌيڪ آرام ۽ سک جتي ملندو ان جو نالو بهشت آهي ۽ ان کي جنت به چون ٿا.۽ جيڪي ماڻهو ان رسول جي ڳالهه نٿا مڃين ۽ خدا جو ڪلام نٿا ٻڌن ۽ ان جي حڪمن تي نٿا هلن انهن کي هن دنيا ۾ به دل جو سک ۽ روح جو آرام نٿو ملي ۽ مرڻ کانپوءِ خدا جي خوشنودي کان وانجهيل رهن ٿا ۽ قيامت کان پوءِ اهي اهڙا ڏک سور ۽ سزا ڀوڳيندا جهڙي تڪليف ڪڏهن آئي نه هوندن ۽ اهو هنڌ جتي انهنکي اها سزا ملندي دوزخ آهي جنهن کي جهنم به چون ٿا.
جنهن الله پنهنجنٻانهن لاءِ زمين۽ آسمان ٺاهيوطرحين طرحين اناج،ميوا ۽ ڦل پيدا ڪيا پهرڻ لاءِ رنگ برنگي ڪپڙا ٺاهيا زمين ۾ قسمين قسمين ساوڪون ۽ گل اُپايا جنهن انسان جي چند ڏينهن جي آرام جي لاءِ هي سڀ ڪجهه ٺاهيو ڇا انهن جي سدائين جي آرام جو بِلو نه ڪيو هوندو؟جهڙي ريت هن دنيا جا قاعدا قانون ٺاهڻ ۽ سيکارڻ لاءِ استاد ،طبيب ۽ ڊاڪٽر ٺاهيا اتي ساڳيءَ ريت هن دنيا جا قانون قاعدا ٻڌائڻ لاءِ رسول ۽ پيغمبر ٺاهيائين ۽ جهڙي ريت هن دنيا جي استادن ۽ ڊاڪٽرن جو چوڻ اسين نه مڃون ته اسان کي دنيا ۾ پنهنجي ناداني ۽ جهالت جي ڪري وڏيون تڪليفون اچن ٿيون ساڳيءَ ريت جيڪڏهن اسين پنهنجي ناداني ۽ جهالت جي ڪري رسولن ۽ پيغمبرن جو چوڻ نه مڃيون ته هُن دنيا ۾ اسين وڏي تڪليف ۾پونداسين.
الله جي سڀني احسانن ۾ سڀ کان وڏو احسان هيءُآهي ته هن اسان کي پنهنجيون ڳالهيون سمجهائڻ ۽ نيڪيءَ جي واٽ ڏيکارڻ لاءِ پنهنجا رسول اماڻيا.
آدم عليه السلام جي وقت کان وٺي حضرت محمدﷺ تائين هر زماني ۾ ۽ هر قوم ۾ خدا جا اهي رسول ايندا رهيا سڀني کان پڇاڙيءَ
۾ سڀني رسولن جي رسول حضرت محمدﷺ کي اماڻيو ويوکانئن پوءِ وري ٻيو ڪو رسول اچڻو ڪونهي ڇو ته خدا جي ڳالهه پوري ٿي چڪي آهي ۽ خدا جو پيغام هر هنڌ پهچي چڪو آهي.
اسان جي رسول ﷺکي چاليهه سالن جي ڄمار ۾ جڏهن الله رسول بنائڻ گهريو ان کان اڳ کين اڪيلو رهڻ گهڻو پسند هو ڪيترن ئي ڏينهن جو کاڌو گڏ کڻنداهئا ۽ مڪه جي ڀر ۾ هڪ جبل جي غار ۾ جنهن جو نالو حرا هو هليا ويندا هئا ۽ الله جي ڳالهين تي ويچار ڪندا هئا دنيا جي گمراهي ۽ عرب ماڻهن جي خراب هالت ڏسي پاڻ سڳورن جي دل ڏکندي هئي پاڻ سڳورا ان غار ۾ ڏينهن رات خدا جي عبادت ۽ سوچ ۾ رڌل رهندا هئا هڪ ڏينهن هيئن ٿيو جو الله جي حڪم سان الله جو اهو فرشتو جيڪو الله جي ڪلام ۽ پيغام کڻي رسولن وٽ ايندو آهي ۽ جنهن جو نالو حضرت جبرائيل عليه السلام آهي.ڏسڻ ۾ آيو هن فرشتي خدا جو سڀ کان پهريون پيغام جنهن کي وحي چون ٿا محمد ﷺ کي ٻڌايو خدا جي اماڻيل پهرئين وحي هيءَ هئي.
سوره
هي اسان جي رسول ﷺ تي پهرين وحي آئيان وحي جي اچڻ سان رسولﷺ تي پنهنجي امت جي تعليم جو ڳرو بار وڌو ويو.نادانن کي ٻڌائڻ ،اڻڄاڻن کي سيکارڻ،اوندهه ۾ هلڻ وارن کي سوجهرو ڏيکارڻ ۽ بتني پوڄارين کي خدا پاڪ جي نالي کان واقف ڪرڻ جو ڪم پاڻ سڳورن تي رکيو ويو سندن دل خوف کان ڏڪي وئي اهڙي حالت ۾ پاڻ سڳورن گهر موٽي آيا ۽ پنهنجي گهرواري حضرت خديجه رضه کي سڄو واقعو ٻڌايائون حضرت خديجه رضه کين تسلي ڏني ۽ چيو ته اوهان غريبن تي رحم ڪريو ٿا بيڪسن جي مدد ڪريو ٿا ۽ جيڪي قرضن جي باوجود هيٺيان دٻيل آهن انهن جو بار هلڪو ڪريو ٿا الله تعاليٰ اهڙي شخص کي ائين ڪونه ڇڏي ڏيندو پوءِ کين پنهنجي سوٽ ورقه بن نوفل وٽ وٺي ويئي ورقه عيسائي مذهب ۾ داخل هو ۽ عبراني ٻولي ڄاڻيندو هو ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام جو ڪتاب تورات ۽حضرت عيسيٰ عليه السلام جو ڪتاب انجيل پڙهيل هو.هن حضرت رسول خدا ﷺ کان سموري ماجرا ٻڌي ته چيائين ته هي اهوئي خدا جو فرشتو آهي جيڪو موسيٰ عليه السلام تي لٿو هو پوءِ چيائين ته ”اي ڪاش! آئون ان وقت توانو ۽ تندرست هجان جڏهن تنهنجي قوم توکي تنهنجي گهر مان ڪڍندي پاڻ پڇيائون ڇا ائين ٿيندو؟ورقه چيو ته جيڪو پيغام اوهان کڻي آيا آهيو اهو کڻي اوهان کان او ۾ جيڪو به آيو ان سان سندس قوم اهو ئي سلوڪ ڪيو اتفاق سان ان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ورقه گذاري ويو.
اڃان پاڻ سڳورن پنهنجو ڪم شروع ئي ڪيو ته الله جو حڪم آيو
(1)يَا أَيُّهَا الْمُدَّثِّرُ 1 - 1. اي (پاڻتي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس.
(2) قُمْ فَأَنذِرْ 2 - . کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار.
(3) وَرَبَّكَ فَكَبِّرْ 3 - ۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر.
(4) وَثِيَابَكَ فَطَهِّرْ 4 - ۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک.
(5) وَالرُّجْزَ فَاهْجُرْ 5 - ۽ پليتي کان پري رھ.
هن وحي جي اچڻ کانپوءِ پاڻ سڳورن تي فرض ٿي ويو ته خدا تي ڀروسو ڪري اٿي کڙا ٿين ۽ ماڻهن کي خدا جون ڳالهيون ٻڌائين رب جي وڏائي بيان ڪن ۽ ناپاڪي ۽ گندگي جي ڳالهين کان بچن ۽ بچائين.