ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ، نقاد ۽ محقق اڪبر لغاريءَ جو لکيل اھم ڪتاب ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب سي ايس ايس، پي سي ايس، ايم اي سنڌي  ۽ ٻين ڪاميٽيٽو امتحانن لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ ڪارگر ۽ مددگار آھي.
ڪتاب جي پھرين حصي ۾ سنڌي ادب جي شروعات کان ورھاڱي تائين جي دورن ۾ ورھائي ان جو ارتقائي جائزو ورتو اٿم. ان کان پوءِ سنڌي نثر توڙي نظم جي اھم صنفن، اوائلي توڙي جديد شاعرن جي شاعريءَ، اھم محققن، سنڌي ادب ۾ جديد لاڙن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت ڏنل نظرين جو نچوڙ پيش ڪيل آھي.
ھن ڪتاب جا ھن وقت تائين مختلف وڌايل ۽ سڌاريل 15 ڇاپا ڇپجي چڪا آھن. 2012ع ۾ روشني پبليڪيشن پاران ڇپايل پندرھين ڇاپي جي سنڌ سلامت جي سرگرم دوست محمد امين ڀٽيءَ پاران ڪمپوز ڪيل ڪتاب ۽ پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان ھتي شيئر ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ