1
“ ڪنچن با آئي آهي .” مانڊڻيءَ واري اڳيان پنجن جو سڪو اُڇلائيندي ويرڀدر چيو.
“ ٻه مصالحا.”
“ ڇا! ائين نه هوندو ٻاپو.” آواز سان گڏوگڏ هريش به مٿاهون ٿي ويو. هريش جي ڪلهي تي هٿ رکندي هن کي هيٺ ويهاريندي ويرڀدر چيو.
“ ڇا، ماڻڪچند؟ ٿي نٿو سگهي!” کلندي کلندي اڳيان چيائين.
“ ادا هن جي پيءُ جو ڳوٺ آهي. تو وانگر ٿوري آهي؟”
پوئين جملي کي ڳرڪائيندي هريش چيو.
'پر ڀونگا ڀيڻيون وڪڻي ويا تنهن کي به اڄ ڏهه سال ٿي ويا. هيل تائين هڪ ڀيرو به ڪونه آيا آهن. ۽ هي ساوڻ به ته سڄو ويو مٿان اڌڪ وارو ساوڻ به اڌ گذرڻ تي آهي. هاڻي وري ڇا وٺڻ جي لاءِ ايندي.؟'
“ اڙي توهان واپارين جو اهو ئي ته ڏک آهي! ڇا جي لاءِ ايندي؟ اڙي اچي به ته تنهن ۾ توکي ڪهڙو ڏک ؟ تنهنجي مان ته ڪو اڌ ڪونه ورهائي ويندي. نقصان به ته هن جڳي برهمڻ کي . تون ته ڪانپ جا ڦيرا ڪندو رهُ ۽ ويٺوجلسا ڪر.” ڪانپ جو نالو ٻڌندي ئي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وڃي تيئن هريش ڍلو ٿي ويو.
ڪانپ معني سُريندر نگر. ڪانپ انهيءَ جو جهونون نانءُ. انگريزن جي دور ۾ هتي لشڪر جي ڪئنپ هوندي هئي. ڪئنپ کي ماڻهو ڪانپ چوندا هئا. ضلعي جا لڳڀڳ سڀئي ماڻهو سامان سڙو، وکر واپار، دوا ــ دارون يا ڪورٽ ڪچهريءَ جي ڪم ڪار لاءِ ڪئنپ وڃن. هريش جو ناناڻڪو چئو يا وطن، سڀئي ڪانپ ۾. ماءُ ــ پيءُ ٻئي تمام ننڍپڻ ۾ گذاري ويا. اولاد لاءِ سڪندڙ ماميءَ وڏو ڪيُس.
جساپر ۾ هريش جو سهرو تلڪ چند گذاري ويو انهيءَ ڪري کيس گھر، کيت ۽ ڌنڌو سنڀالڻ جي لاءِ هت اچڻو پيُس. تلڪ چند کي هڪ ئي ڌيءَ ڀاونا. ڀاونا کي هريش ڪافي سمجهايو پر هوءَ ڪئمپ ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿي. هن جساپر ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هريش کي چيو“ تو ڀلي ڪئمپ ۾ رهُ، هفتي اندر اچج. دڪان جو مال به کڻندو اچجانءِ. مان هتي سڀ ڪجھ سنڀالي وٺنديس” لوڪ لڄ خاطر هريش هت رهڻ قبوليو.
“هريش ڪمار، ذرا پنج سو گرام ويجيٽيبل گيهه ته ڏج.” چوندي رُکي ڀاڀي آئي.
“امڙ، توکي ويجيٽيبل گيهه هلندو؟”
“ مونکي ته پهڻ به پچي ويندا آهن. اهو ته سڀاڻي ايڪادشي آهي انهيءَ لاءِ سامان سيڌو ڏيڻو آهي. ” چوندي رُکي دڪان جي اوٽي تي ويهي رهي.
“ ته ڇا اڌڪ جي ايڪادشيءَ تي ساهيڙين کي نج گيهه ۾ ٺاهيل لڏون ڪونه کارائيندينءَ؟”
“ اڙي، ڇو نه کارايان، پر منهنجي ڪا ساهيڙي به هجي تڏهن نه!”
“ هوڏانهن ڏس هوءَ پئي اچيو.” هريش دور ٺاڪر مندر طرف آڱر کڻندي چيو.
رُکيءَ اکين مٿان هٿ جي ڇڄي ٺاهي نهاريو. هڪ استري آڪار ٺاڪر مندر جي ڏاڪڻ وٽ پراهون منهن ڪيو بيٺو هو. رکيءَ کي لڳو، شايد چمپل پائي رهي آهي. ويس ته اهو ئي آهي. اها ئي اڇي ساڙهي ۽ هٿ ۾ ٿيلهي. ٿي سگهي ٿو هي ناٺي مشڪري به ڪندو هجي. جيئن ئي هن مائيءَ پير ڀريو ته رکي اٿي بيٺي. اها ئي هڪ هٿ ۾ ٿيلهي ۽ ٻئي هٿ ۾ ساڙهي ٿوري مٿاهين پڪڙي هلندڙ ڪنچن با. وچولي قد ڪاٺي ۽ سنهڙو سرير.
اڄ کان پنج سال پهريان وارو وقت هجي ها ته رکي ڊوڙ پائي ها. پر هينئر چيلهه جي سور کيس حيران ــ پريشان ڪري ڇڏيو اٿس. ۽ هوءَ ٻه قدم اڳيان هلي. ڪنچن با هن کي ڏٺو. ' ڪيڏي نه بدلجي ويئي آهي رکي ڀاڀي. مُنهن ۾ ڏند به ناهن ۽ چيلهه کان ٿورو جهڪي بيهڻوٿو پئيس ' ڪنچن با جي مُنهن تي مرڪ اچي ويئي، ۽ پير ٿورا تڪڙا هلڻ لڳا، پر رکي ڀاڀيءَ وٽ پهچندي مرڪ مرجهائجي ويئي ۽ وکون به ڌيميون پئجي ويون. ڀاڪر پائڻ جي لاءِ بي صبري رکي ڀاڀيءَ جي هٿ کي ٻنهي هٿن ۾ زور سان جهلي هن هڪ کڻ لاءِ سڄي سڪ کي ويڙهي ورتو. کڻ پل هڪ ٻئي ۾ ڳُتيل آڱريون ڳالهائينديون رهيون، اکيون ٻڌنديون رهيون. رکي ڀاڀيءَ جي ڳالهائڻ لاءِ کُلندڙ چپن کي ڏسي ڪنچن با هن جي سارن سوالن کي ڌُتاريندي پير وڌايا ۽ چيو؛
“ مان ذرا سَتي ماتا جي آستاني جا درشن ڪري وٺان، پوءِ ڳالهايون ٿيون.
هريش جلد بازيءَ ۾ پنهنجي حاضري ڳڻائيندي چيو؛
“ جي نارا'ڻ، گوراڻي ماءُ.”
“ جي نارا'ڻ ، چوندي ڪنچن با درٻار گڍ طرف هلي ويئي.
ڪنچن با جي وڃڻ بعد رکي با به هلڻ جي ڪئي.
“امڙ، گيهه ناهي وٺڻو؟ ” هريش پويان رڙ ڪئي.
“ توري رکج. شام جو سنجيوَ کي موڪليانو ٿي.”
هريش جي من ۾ هيو ته رُکي با به درٻارن واري گڍ واري واٽ وٺندي. پر هن ته پنهنجي گهر جي يعني سُٽهڙن واري پاڙي جو رخ ڪيو.
رُکي با جون وکون ڍليون هيون پر من ۾ ته الائي ڪيترا ئي گهوڙا ڊوڙيا پي. 'ڏهن سالن بعد هيئن اوچتي؟ ڇو آئي هوندي ڪنچن با؟ پل ڀر بيٺي به ڪانه ۽ ڳالهايائين به ڪونه؟ ڇا هوندو؟ ڪجهه فڪر جهڙو ته ڪونهي نه! چندرڪانت يا سندس زال سان جيهڙو ٿيو هوندس؟ خبر ناهي، اڄ ڪلهه جي ماڻهن جو ڪجھ چئي نٿو سگھجي! هونئن ته شوق سان وٺي ويا هئا ڪنچن با کي. احمدآباد جهڙي شهر ۾ گهر جهڙو گهر. زال مڙس ٻئي سرڪاري نوڪريءَ ۾۽ پٽ جي گهر به ٻه پٽ. ڪهڙو نه صاف سٿرو مزيدار علائقو! پرڀو ڀڄن ڪرڻ ۽ ٻارن کي سنڀالڻ، هن عمر ۾ هاڻي ٻيو گھرجي به ڇا؟ پر ايشور ڄاڻي! ڪجھ چئي نٿو سگھجي. هن ڍڪيل ڪَپار جي ڀلا ڪنهن کي ڪلَ! '
گھر جي چانئٺ چڙهندي رکي باَ جي منهن مان شوڪارو نڪري ويو.
“ ڇو با اڄ توکي دير ٿي وئي؟” تيار ٿيندڙ سمِتا پڇيو.
“ڪنچن با آئي آهي.”
“ کيس وٺي نه آئينءَ؟”
“هاڻي ئي اچي ٿي، ستي ماتا جي درشن لاءِ ويئي آهي.”
ڪلهي ۾ پرس لٽڪائيندي سمِتا تڪڙ ۾ حويليءَ جو در کوليو ۽ ويندي ويندي چوندي وئي:
“ مان اسڪول وڃان ٿي، سَنجيو دير سان ايندو. توهان کائي وٺجو.”
“ها، اما.” رکيءَ پاٽ تي پير ڊگهيريا. چيلهه کي ذرا سٺو لڳو، ٿورو آرام محسوس ٿيس.
ڳوٺ جو درٻار گڍ معني درٻارن جي گھٽي. جنهن جي پڇڙ ۾ ڪنچن با جي پيءُ جو گھر. هڪڙو ئي برهمڻن جو گھر. هتان کان شروع ٿئي ڪڙمين جو پاڙو. پيڙهيون اڳ ڳوٺ جي ٺاڪر صاحب ڪنچن با جي مائٽن کي زمين ڏني هئي. هئن ته ستي ماتا واري آستاني واري جڳهه به هنن جي حوالي هئي. گھٽ ۾ گھٽ ڏيو ٻرندو رهندو هو. اڱڻ ۾ داخل ٿيندي ئي ساڄي پاسي نم جو وڻ ۽ ان جي هيٺان ستي ماتا جو اسٿانڪ. سنڌُر سان رڱيل پٿر تي استريءَ جي چوڙن واري هٿ جو نشان. ڪافي سال اڳ درٻارن جي خاندان ۾ اڪي ٻڌي کيڏندڙ ڇوڪري ستي ٿي هئي. اڃا ته مڱڻوئي ٿيو هئس۽ سندس ٿيندڙ مڙس ڳوٺ جي گانين کي جهنگ مان وارڻ ويو ۽ اتي ئي کپي ويو. اڄ به ڳوٺ ۾ نات ڀلي ڪا به هجي ، ڇوڪري يا ڇوڪريءَ جو مڱڻو ڪن ته ستي ماتا جي اڳيان ناريل ضرور ڀڃين. ڏيساور يا ٻاهر هجن ته گھٽ ۾ گھٽ مني آرڊر ذريعي ناريل جا پيسا موڪلي ڇڏين.
حويليءَ وٽان لنگهندڙ ٺاڪر صاحب جي هاري جيوي ڪنچن با کي ڏسي ورتو.
“ جي نارا'ڻ، با.”
“جي نارا'ڻ، ابا.”
“ ترسندينءَ نه؟”
“ ها، ابا.” ڪنچن با هلندي هلندي ئي جواب ڏنو.
جيوو ٺاڪر صاحب جو هاري. مُند ۾ کيت جوٽي ۽ باقي وقت ۾ چوويهه ئي ڪلاڪ ٺاڪر صاحب جي حويليءَ تي حاضري ڀري.ايڪو جوڙي پاڻيءَ جو ڊرم کوهه تان ڀري اچڻ کان وٺي حُقو، چلم ۽ چانهه پاڻي سڀ ڪجھ ڪري ڏئي. هن جو پيءُ به ٺاڪر صاحب جو دوست ماڻهوهو. چوندا هئا ' جيوي جي پيءُ ته ٺاڪر صاحب لاءِ جنم ورتو آهي.' جيوي کي ولايتي صاحب يعني پرويڻ سنگھ درٻار پگھار ٻڌي ڏني هئي ۽ رهڻ لاءِ گهر به ڏنو هو. جيوي جي زال ڪيسر ڪنچن با جي چيلي. ڪنچن با کي ٿيو 'ڪيسر کي خبر پوندي ته هوءَ گهڙي به ڪونه ترسندي.'
جهوني گهر جي سامهون اچي بيٺي ته ڪنچن با کڻ لاءِ گمانجي وئي. ' هي مان ڪٿي اچي وئي آهيان!' خاطري ڪرڻ لاءِ هن آسي پاسي نهاريو. ' نڪو، ڳلي ته اهائي آهي.' ياد ايندي هن جي منهن مان امالڪ نڪري ويو . ' اڙي رام رام! مان به ڪهڙي نه اياڻي آهيان. ڏهن سالن کان پوءِ ڳوٺ ۾ پير رکيو اٿم ۽ لڳيم پيو ته جهڙو ڇڏي وئي هئس اهڙو ئي سڀ ڪجھ اڃا هوندو. اڙي چري، موهه ۾ اهو به ڀلجي ويس ته گھر ته ٺاڪر صاحب خريد ڪري ورتو آهي.' پنهنجي ذات سان ٿيندڙ ڳالهين کي ٻنجو ڏيندي هن وري نظر ڊوڙائي. ٺاڪر صاحب جي سالن کان تمنا هئي ته ستي ماتا جي اسٿانڪ وٽ شڪتي ماتا جي به جڳهه هئڻ گھرجي. اها جڳهه ٺهي راس ٿي تنهن کي به اڄ ست سال ٿي ويا .
ڪنچن با نهاريو. سامهون آسماني رنگ سان رڱيل لوهي گيٽ هو. حويلي ۽ گھر جي چوءطرف مٿاهين ديوار کڙي ڪري چئني طرفن کان تارَ جي واڙ ڪيل هئي. واڙ مٿي ولايتي مهندي چاڙهڻ جي به جهڙي تهڙي ڪوشش ڪيل ڏسجي رهي هئي. اڳي ته هڪ اوسري ۽ ٻه ڪمرا هئا. پري کان ڄاريدار اوسري ڏسجي رهي هئي. هن گيٽ کولي اندر پير رکيو. هڪ پل لاءِ هن جا پير ڌرتيءَ سان چهٽي ويا. انتر مان سَر سَر ڪندي سَرواڻي اچڻ لڳي! هاڻي ئي ڇاتيءَ مٿان رکيل پٿرن کي هٽائيندي ٻاهر نڪري ايندي! 'نه، اهو ٺيڪ ڪونهي، جنهن کي راضي ٿي ڇڏيوسين تنهن لاءِ موهه !' ڄڻ ڪنهن جي هٿ کي پاسيرو ڪري رهي هجي تيئن هوريان هوريان هن نظر هٽائي، پوءِ آسرو ڳولهيندي هجي تيئن هوءَ ستي ماتا جي اسٿانڪ طرف وڌڻ لڳي. اسٿانڪ جي آس پاس پڪين سرن ۽ تارَ جي واڙ ۽ ننڍي ڄاري. درشن لاءِ هڪڙو ننڍڙو دروازو. ڄاري ۽ دروازو ٻئي سائي رنگ سان رڱيل. ٽن فوٽن جيتري اونچي ڄاري ٻڪرين ــ ڪتن کي روڪڻ لاءِ ڪيل ٿي ڏسجي، پر هِت هُت سندس حاضريءَ ۾ نشان ڏسجي رهيا هئا. دروازو هجي ته ڍنگ سان بند ٿيندو رهندو هجي ۽ اهو به عام جاءِ تي! ائين مڃي وٺڻ اهو به ٺيڪ ڪونه ٿو لڳي.
ستي ماتا جي مڙهيءَ اڳيان وهندي سوالي نظرن سان ڪنچن با چيو: هيءَ ستي ماتا ساکي آهي، مون ڪڏهن به آڳ ڏيڻ ۾ ڪُپت ناهي ڪئي پر ماتا تون ئي چئُه، هاڻي ڪڏهن لهندي منهنجي مٿان اها آڳ؟ جيئن تيئن ڪندي ٻن سالن بعد ته اسي سال پورا ٿي ويندا. هاڻي گهڻو نڀائي سگھبو؟ تنهن جي باوجود به اگر منهنجي مٺڙي ماءُ مونکي آزمائڻو اٿيئي ته هڪڙي شرط تي. مونکي سگھ ڏي، شڪتي ڏي. وڇايل پلوءَ ۾ ڪجھ نه ڪجھ ضرور پيو هوندو انهي اميد سان هوءَ اٿي بيٺي. ۽ دَرڙو کولي اچي نم جي اوٽي تي ويهي رهي.
آسمان ۾ بادلن جي اچ ــ وڃ جي ڪري پل ۾ اس پئي لڳي ته پل ۾ ڇانو. پر آسي پاسي جي ماحول کي ڏسڻ سان لڳي رهيو هو ته ٻپهري ٿي رهي آهي.نم ڏاڍو پراڻو هو جنهن جي پور ۾ پوپٽ آکيرا ٺاهيندا هئا.انهن مان هينئر ڪن ايڪڙ ٻيڪڙن جا آواز اچي رهيا هئا. ڪنهن نم جي ٽاريءَ ۾ ٺِڪر لٽڪائي ڇڏيو هو. نم جي گھاٽي ڇانو کي ڏسي ڪنچن با جي من ۾ ٿيو ، ذرا ساهي پٽي وٺان. هوءَ ٿُڙ کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهي. پٺيءَ تي کُهري کَلَ جو ڇهاءُ ڄڻ گھر جي ڪنهن محنت ڪش بزرگ جو اسپرش هجي!. هوءَ هٽي وئي. هن سوچيو 'هينئر ئي هي نم خبرون چارون ڪندو ته هن جو مقابلو ڪيئن ڪبو؟' ڪنچن امڙ اٿي ويئي ۽ پويان واڙي ڏانهن هلي وئي. واڙو ڪافي ڪشادو هو. ٻيون به ٻه جڳهيون ٺهي سگھن ايترو موڪرو هو. ماضيءَ ۾ ڪنچن با کي اهو سوچيندي مزو ايندو هو ته وڏي پٽ چندر ڪانت کي اڳيان رهائيندي ۽ ننڍي ڪارتِڪ کي پويان گهر ٺهرائي ڏيندي. هن کي اها به خبر هئي ته پرَ ايندي جساپر وارو آڪاس سندن ناني جيان پٽن کي به سوڙهو لڳندو. واڙي جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪپهه جا ڪانا سٿيل هئا. 'ڪنهن جا هوندا؟' جنهن جا هوندا تنهن جا هوندا، تنهن ۾ پنهنجو ڇا؟ هڪ کڏ کوٽيل هئي. ڪچرو اڇلائڻ جي لاءِ. کن پل لاءِ سندس چهرو ٻهڪي پيو.هتي ڪنهن کي صفائي سٿرائيءَ جو اونو هجي اهڙو لڳي ئي ڪونه ٿو. گھٽي هفتي ۾ مڏ ٻهاري ڏسندي هوندي. هڪ طرف ڊنڪي ۽ موري هئي، پاسي ۾ وڏي ڪوٺي هئي. ڪوٺيءَ مٿان ڍڪڻ لاهي ڏٺائين ته پاڻي گندو هو مٿس سينور ڄميل هئي. ڊنڪيءَ کي هلائي هن پاڻي ڪڍڻ چاهيو. ڪافي دير بعد ٿورڙو پاڻي آيو. ٻُڪ ۾ ڀري هن گرڙي ڪئي. پاڻي ڪجھ ٻاڙو هو. پويان گھمندي هن جي نظر مندر طرف ويئي. هن جو پوکيل ڪرَڻ جو ٻوٽو اڃا جيئرو هو. جنهن تي ٻه ٽي گلابي گل به آيل هئا. ڪنچن با جي دل کي راحت رسي.