3
“ جي نارايڻ امڙ.”
“ جي نارايڻ.”
ڪنچن با کي جَيوڀا جي آواز ۾ سندس ڏاڏي جي جھلڪ محسوس ٿي. کيس ياد اچي ويو اڄ کان پنجاه سال پهريان جو بڊي وارو سميه. آڪاس ۽ اک، ٻنهي مان ڪنهن هڪ جو پاڻي نه پي سڪو. ڪراچيءَ کان ڀڄي پاڻ ڳوٺ جي ديوي جهانپلدي جي اوٽي تي آسرو ورتو هو. هن طرح ئي ٺاڪر صاحب آيو هئو. ڊگھي قد بت ۽ آواز ذريعي ئي اڌ جنگ کٽي وٺندڙ شخصيت. گڏوگڏ ڇانو ڪندڙ نظر.
جَيوڀا ويس ۽ وهنوار ۾ نئين زماني جي اثر ۾ هئو. ڪنچن با ساڻ ڏاڪڻيون چڙهندي چڙهندي ڇا چوڻو ان تي ئي غور و فڪر ڪندو رهيو. هُونئن به ڪنچن با ڳوٺ ۾ هوندي هئي ته هن جي سامهون وڃڻ کان ٽارو ڪندو هو. جيوڀا کي هميشهه لڳندو هو ته هن مائيءَ کان ڪجھ به لڪو نٿو رهي. هُو اڄ به هت اچڻ ٽاري ها ......
“ ابا گهر سڀيئي مزي ۾؟” ڪنچن با جي سوال هن جي آڱر جھلي.
“ ها، توهان کي وٺڻ آيو آهيان. بابا چيو آهي.” در جي ٻمڀي کي پڪڙي بيٺي بيٺي هن چيو.
ڪماڙ وٽ ويهندي ڪنچن با جواب ڏنو :
“ ايندس.”
“ هنيئر ئي هلو.”
“ هي انُشٺان پورو ٿئي پوءِ ايندس.”
“ اسانجي گھر هلي انشٺان ڪجو. هي چوءماسي جا ڏينهن ۽ هين ورانڊي ۾، بيمار سيمار ٿي پوندينءَ ته.”
“ ڀڳوان جهڙو سار لهندڙ ڌڻي ٿيو آهي، ۽ اگر بيمار ٿي پيس ته توهان وٽ اچي ئي کٽ ڍاريندس.”
“ هين ٿا ڪيون. اڄ شام جو جڳديش ايندو ته هو چاٻي توکي ڏيندو ويندو.”
“ نه ابا نه، چاٻي وٺي چا ڪنديس! مون لاءِ ته ڪمرو ۽ ورانڊو ٻئي هڪ جهڙا آهن.”
“ پر امان ڀڳوان نه ڪري پر توکي ڪجھ ٿي پوي ته اسان ڪهڙو جواب ڏينداسين؟ ” جيوڀا جي آواز ۾ وينتيءَ کان شڪ وڌيڪ هو. ' ڪٿي هيءَ هيئن مري ويندي ته؟ الائي ڇو آئي آهي؟ نينگر نهرن کان وڙهي آئي هجي ۽ هتي اچي ڊگھي تاڻي ڇڏي ته؟ پوليس کي ته پڄي وٺنداسين، پر هرو ڀرو اهو سڀ ڪرڻو!.”
ڪنچن با هن جي بنا پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي چيو:
' پٽڙا تون بي فڪر رهُ. بابي کي چئج مونکي ڪجھ به ڪونه ٿيندو. اڃا ته سو سال پورا ڪرڻا اٿم. ' ڳالهه پوري ڪندي چيائين، “جڳديش سان مان ڳالهائي وٺندس. ڀلي هاڻ، جي نارايڻ.'
“ جي نارايڻ.” وڃڻ جي تڪڙ ۾ جيوڀا بوٽ جي ڏوري به ڪونه ٻڌي. گاڏيءَ کي ڪِڪ هڻندي من ئي من ۾ چيائين: ' هيءَ رُکي با واندي ۽ تنهن کان وڌ واندو آهي بابو. ڪانپ ۾ ٽين بجي واري شو ۾ پهچي وڃان ته سٺو. ڏيڍ ته هت ئي ٿي ويو آهي.'
ڪنچن با ڏٺو ته جِند ڇُٽڻ جي جلدبازيءَ ۾ جيوڀا ورانڊي وارو در بند ڪرڻ به ڀلجي ويو. هوءَ در وٽ آئي ۽ ڪڙو چاڙهي ڳليءَ ڏانهن ڏسندي رهي.
ڳليءَ ۾ لڳڀڳ تمام گھر درٻارن جا هئا. اڌ بند ۽ سنسان آهن. وڏيون حويليون ۽ چوطرف ڀتيون. ديوارن تي رنگين ڪانچن جا نوڪدار ٽڪرا لڳل. چور ٽپي نه اچي تنهن جي لاءِ. اندر وڏو اڱڻ ۽ پوءِ مڪان. روشني اوطاق تائين ئي پهچي سگھي ٿي. اندر انڌڪار ۽ دونهي جو راڄ. هتي جي ٻوساٽ ڪڏهن آگ واري حادثي جي روپ ۾ ته ڪڏهن اچانڪ اپينڊڪس ڦاٽڻ جي روپ ۾ ظاهر ٿيندي هئي پر ستا ۽ سمپتيءَ جي زور تي اهو ويڙهيندي ڪهڙي دير!
ڪنچن با کي ياد آيو. پهريون ڀيرو ماءُ سان گڏ ٺاڪر صاحب جي حويليءَ تي ويئي هئي. هوندي اٺن نون سالن جي عمر. امان گھاگھري ۽ چولي مٿان اوڍڻي اوڍائي ۽ خاص تاڪيد ڪئي ته ڪٿي اوڍڻي مٿي تان لهي نه وڃي. ان زماني ۾ هن ڳليءَ ۾ مٿي اگھاڙو ۽ پيرن ۾ چمپل پائي نڪري نه سگھبو هو. امان ته ڏاڍو منهن ڍڪيو هو. هوءَ هن ڳوٺ جي ننهن جو هئي.
هر سال ٺاڪر صاحب جي زال جيجي ماءُ ستي ماتا جي تٿ تي ڪنوارِڪا سينگاريندي هئي ۽ گوراڻيءَ کي کارائيندي هئي. جيجي ماءُ پهريان ڪنچن با کي هنج ۾ ويهاريندي هئي پوءِ سامهون رکيل سندليءَ تي. ڪنڪو چانورن جو ٽيڪو ڪرڻ کان اڳ پڇندي هئي ' سنان ڪيو اٿيئي؟' ۽ کلي پوندي هئي. ننڍڙيءَ ڪنچن جي هنج ۾ ستارن وارو رتو چڻيو چولي رکندي هئي ۽ مٿي تان چنري اوڍائيندي هئي. هٿ ۾ چوڙيون پارائي پلو وڇائي پيرين پوندي هئي. هيڏي وڏيءَ جيجي ماءُ کي پيرين پوندو ڏسي ڪنچن ڊڄي ويندي هئي. پويان بيٺل ماڻس آشيرواد جا ٻول ٻوليندي هئي. ' سدا سهاڳڻ رهو، سدا سکي رهو، توهان جو ونش سدا وڌندو رهي.'
ان ڏينهن امان جي آڱر پڪڙي هئي پر پوءِ به اوٽي تان آٿڙي ڇڻي هيس. اما هٿ جهلي جھڻڪيو هو. ڪٿان اونهي کوهه مان آواز آيو هو.
'کمان توکي، هوريان هوريان.'
اوندهه کان ڌيمي ڌيمي عادي ٿيندڙ نظر آواز کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. پهريان ته پڇنڊيءَ تي ٽامي پتل جا چمڪندڙ ٿانو ڏسڻ ۾ آيا. ننڍيون وڏيون ٻيلهون. ڪٿي لوٽا پيالا. ننڍيون ننڍيون وٽيون ته ڪليون هڻي لٽڪايون ويون هيون ۽ سينگار ڪيو ويو هو. پيڊلي تي پتل مڙهيل ٻه وڏا داٻلا. داٻلن کي ڏنل لوهه جا وڏا تالا. هنن تالن جي چاٻين جي ڇٻي کي ڪمر ۾ لٽڪائيون ته چيلهه به چٻي ٿي وڃي! هيٺ نظر ويندي ڏٺائين ته اهو جھيڻو آواز کٽ تي ويٺل جيجي ماءُ جو هيو. چانديءَ جي وٽ وارو چولو. نراڙ تي روپئي جيڏو تلڪ. سندس پٺين ديوار تي ٺاڪر صاحب جو رجواڙي انداز ۾ وڏو فوٽو لٽڪيل هو. بند گلي جو ڪارو ڪوٽ، رتي پڳهه ۽ سفيد چوڙيدار. واڍڪي ڪم سان اڪريل گل ٻوٽن واري ڪرسيءَ جي هٿن جي ڇيڙي تي شينهن جا مک اڪريل هئا.پير مٿان پير چاڙهي ٺاڪر صاحب شينهن کي هٿ سان سهلائيندي نظر اچي رهيو هئو.
ٺاڪر صاحب جو فوٽو چٽايل هئو. جنهن جي هيٺان لکيل هو ' جساپر جو ٺاڪر صاحب شري ڪِرپال سنگهه هرپال سنگهه راڻا ' ڪنچن کي پڙهندي ڏسي جيجي ماءُ پڇيو. ' توکي پڙهڻ ايندو آهي، پٽ؟' ۽ امڙ سامهون نهاريندي چيو، ڪير گورڀاءُ پاڙهيندو آهي؟'
'نه امان نه، هيءَ ننڍي وشوناٿ کي اسڪول ڇڏڻ ــ وٺڻ ويندي آهي اتي ٻه ــ چار اکر ڪنن تي پوندا اٿس. ننڍو ٿورو چاڳلو آهي، ڏاڍي مستي ڪندو آهي. کيس اڪيلو نه ڇڏي سگھندا آهيون.'
وڏي ڀاءُ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ننڍي ڀاءُ لاءِ امان جو ساهه مٺ ۾ رهندو آهي. ڀاءُ کي اسڪول ڇڏڻ وڃڻ، ۽ اسڪول ڇٽي تيستائين خيال رکڻ. ڪلاس جي ٻارن سان جهيڙو نه ڪري تنهن جو خيال رکڻ. ماستر کي خاص سوچنا ته کيس هٿ نه لائي. اگر ماستر ماري ته ڏاڏهنس اتي وڃي کيس ڌمڪائي اچي. پنچايت آفيس جي سامهون هڪ اوٽو. اوٽي مٿي ماستر ٻارن کي پڙهائي ۽ هيٺ ڌڌڙ ۾ کيڏندڙ ڪنچن مٽيءَ ۾ اکر لکندي وڃي. الف لکندي ٿيل انڀوتيءَ جو احساس اڄ به ڏسڻيءَ اڱر جي چوٽيءَ ۾ موجود آهي. اهو الف جڏهن پهريون ڀيرو لکي ننڍي ڀاءُ کي ڏيکاريو هو ته ڪيڏي نه خوشي ٿي هئي. بس اتان کان ئي لکڻ پڙهڻ جي لگني لڳي وئي. ڪڏهن ڪڏهن ننڍي ڀاءُ کي پڇندي هئي ته هو هيڊ ماستر جهڙو رعب ڄمائيندو هو. سکڻ سکائڻ ته پنهنجي جڳهه تي جهيڙو شروع ٿي ويندو هو. ڪٽي ٿي ويندي هئي. پاڻ ۾ رسي پوندا هئا. پر اسڪول وڃڻ واري ڪرت ته چالو رهندي هئي.
ٻه اکر پڙهڻ جي سگھ ايندي ئي ڪنچن با بس، جتي ڪٿي ڪاڳر چونڊيندي گھمندي پيئي هئي. ان زماني ۾ صرف ٻن گھرن ۾ ئي اخبار ايندي هئي.هڪ ٺاڪر صاحب جي گھر ۽ ٻي شِوچندڀا جي گھر.ٺاڪر صاحب جي گھر ته اڪيلو وڃڻ جي همٿ ئي نه ٿيندي هئي. حويليءَ تي لسي وٺڻ لاءِ وڃي يا کوهه تان پاڻي ڀرڻ جي لاءِ وڃي تڏهن پير جي آڱرين سان ڪاڳر چونڊي ، ارد گرد جي ماڻهن جي نظرن کان بچندي گھاگھريءَ جي ور ۾ هڻي ڇڏي. بازار يا ڳليءَ ۾ جھڪي ڪري ڪا شيءِ کڻي نه سگھبي هئي نه ته گھر به مار پوي.
شِوچند سيٺ جو ووئڻن ڦٽين جو وهنوار.ڪنچن با جو ڏاڏو ٻني ٻاري ۾ ۽ ڌنڌي واپار ۾ به ڀائيوار.بازار جا اگھ ڄاڻڻ لاءِ اخبار گھرائيندو هو.شِوچند ڀا ڪنچن کي پڙهندي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. آسمان واري ڇا سوچيو هوندو؟ اهي ٻه ٽي اکر لکڻ پرهڻ اچي ويا ڄڻ پار لنگھياسين. لنگھياسين؟ تُنبي جا تيرهن ڀوَ ڪنهن کي خبر!ڪير ڄاڻي؟
'هي ڏسو نه منهنجو من به نه مڃي رهيو هو پر والايتي صاحب کي به راجڪوٽ موڪلڻو ئي پيو نه. ڇا ڪيان؟ ولايتي صاحب اهو ته ماڻس چاڳ جو نالو رکيو هو.اصل نالو ته پرويڻ سنگھ هيس.چئن نياڻين جي پويان هڪڙو پٽڙو. پٽ لاءِ ٺاڪر صاحب ٻه ڀيرا پرڻيو. جي جي ماءُ پاڻ پنهنجي ڀائٽي وٺي آئي. ان زماني ۾ اهڙا قصا ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ڪونه هئي! ايشور جو حڪم پٽ کي جنم ڏيڻ بعد هوءَ ويم ۾ ئي گذاري وئي.چوندا آهن ته ويم واري استريءَ جو هڪ پير ته مساڻ ۾ ئي هوندو آهي! ماڻهو ڳالهيون ڪندا هئا. 'جيجي ماءُ جي پيٽ ۾ توهان ڀلي نَوَ مهينا رهو ته به توهان کي خبر نه پوندي ته ان ۾ ڇا آهي؟ڏاڍي اونهي مائي.' پر پٽن کي اکين جي رتنن جيان جتن ڪري هن ماڻهن جي مُنهن تي تالا هڻي ڇڏيا هيا.
هي ولايتي صاحب ئي جساپر ۾ نئون زمانو وٺي آيو. حالانڪ انهي جي وڏي قيمت کيس ادا ڪرڻي پئي.شايد ان ڪري ئي ماڻهو اڄ کيس ڀلاڀائي چوندا آهن.
ڀلا ڀائيءَ جي گھرواري هري پريا ڪنچن با جي وهيءَ جي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنچن با وٽ دل جو درد اوريندي هئي.هري پريا ڀلا ڀائيءَ جي انگريزيءَ جي ماستر جي ڌيءَ. کلندي کلندي چوندي هئي، 'بابا سائين اسان کي پريم جي ڪويتا پاڙهيندي پاڙهيندي پريم جو پاٺ به پڙهائي ڇڏيو.' جهوني ڳالهه ياد ايندي ڪنچن با جا چپ ٿورا مشڪي پيا. 'ان وقت مان سائيڪل سان ڪاليج ويندي هئس ۽ ٺاڪر صاحب ته هاسٽل ۾ ئي رهي پر شام جو سنگيت جي ڪلاس ۾ وڃان ته پويان پويان هو موٽر سان اچي.مان هلندي هجان ۽ هو مونکي موٽر ۾ وهڻ جو اسرار ڪري. ويهان ته به ماڻهن لاءِ مزاڪ ۽ نه ويهان ته به تماشو.'
هري پريا جي پيءُ کي پهريان خبر پيئي پر سڌريل ويچارن جو هئو انهيءَ ڪري اعتراض ڪون ڪيائون. پر پڌري پَٽ ساٿ به نه ڏنائون. ڀلاڀائي لاءِ ته نيسارن جو پاڻي مٿي چاڙهڻ جهڙي ڳالهه هئي. هن شادي ڪئي پر جيئرو رهيو تيستائين پيءُ نه هن سان ڳالهايو نه ماءُ ننهن جي هٿ جو پاڻي پيتو.سندس ٻار ڏاڏي ڏاڏيءَ ٻنهي جو ساهه پساهه! جيوڀا ڪاليج ڪري هتي وارو ڪاروبار سنڀاليندو آهي ۽ وڏين ٻِن ڀينرن مان ڪُنج ٻالا داجينگر جي ٺاڪر صاحب جي چترڪار پٽ سان پرڻائي آهي ۽ ننڍي ونودٻالا آرڪِٽيڪ وارو علم پڙهي پرديس هلي وئي آهي، شادي ڪونه ڪئي اٿس. هري پريا گذريل سال گذاري وئي. اخبار ۾ پڙهيو هيم پر وڏڙي پڳڙين ۾ وڃڻ نه ڏنو. ' اسان جو هنن ۾ ڇا؟ هو ڪهڙا اسان جي نات جا آهن جو .... ' ڪنچن با کان شوڪارو نڪري ويو. هوءَ ٿڪل قدمن سان واپس آئي ۽ مندر جي اوسريءَ ۾ ساڙهي ڦهلائي اهلي پئي.
ننڊ ته نه پي آئي ۽ پيرن ۾ به جلن ٿي رهي هئي. 'اڃا گھڻو پنڌ باقي هوندو؟' آڪاس ۾ بادل مڙڻ لڳا هئا ڏينهن جي روشني ٿوري جھَڪي ٿي وئي هئي. آرسيءَ تي ٻاڦ ڄمي وڃي تيئن. هونئن ته هي بڊو هو، پر هن سال نه ته ساوڻ سٺو رهيو نه بڊو ڀرپور. مندن جي چال به ڪافي بدلجي وئي آهي. مندون ئي ڇو ، هن کي ٿيو سڀ ڪجھ بدلجي ويو آهي.ان ئي وقت ويچارن کي ٽوڙي ڇڏي اهڙي آواز سان گڏ گيٽ وارو دروازو ڪنهن کڙڪايو.