ناول

اَڻکُٽ پيالو

ناول ”اَڻکُٽ پيالو“ هند جي ليکڪا بندو ڀٽ جو لکيل آهي. هن ناول جو سنڌيڪار ڪڇ- ڀُڄ هندستان جي علائقي ”ٻني“ جي ڳوٺ پناهواري جي سنڌي دوست ڪلاڌر مُتوا ڪيو آهي.
Title Cover of book اَڻکُٽ پيالو

17

زوردار برئڪ ڏيڻ جي ڪري موٽر بيهي رهي. رحمت ڏٺو گوتم پوئين سيٽ تي نه هو.
رحمت جڏهن ڪنچن جي پيڪي جي خبرچار لهڻ ڪرڻ لاءِ هيٺ لٿو هو تڏهن گوتم هن جي پويان وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. پر ڪنچن کيس ڇڙٻي روڪيو هو.ناراض ٿيل گوتم دروازو بند نه ڪيو هو. هو ٻوٿ سڄائي دروازو پڪڙي بيٺو هو. جڏهن ڪنچن گاڏيءَ جو ٻيون دروازو کولي رستي ويندڙ اڻڄاتل شخص سان هري شنڪر محلي ۾ لڳل باهه بابت پڇاڳاڇا ڪري رهي هئي تڏهن گوتم ڌيري ڌيري کسڪي ويو هو. هن کي ناني يا مامي جي چنتا کان باهه بابت ڄاڻڻ جي اتسڪتا وڌيڪ هئي. باهه وسائڻ وارن جي ڪرتبن ، ڪرامتن کي ڏسڻ جي خيال کان هو رحمت جي پويان پويان ويو هو. رحمت کي ان جي ڪل ئي نه پيئي.
رحمت لڳڀڳ ڊڪون پائي رهيو هو. هڪ طرف گاڏيءَ ۾ سيٺ جو ڪٽمب بي يارومددگار هو ته ٻي طرف اهڙو به امڪان هو جو جيشٺارام جو پريوار بچي به ويو هجي! هو ڄڻ هڪ سنهڙيءَ ڏوريءَ تي ڊوڙي رهيو هو ! هري شنڪر شاستريءَ جي محلي کان اڌ ڪلو ميٽر دور هن ڏٺو ته ماڻهن جا هشام گڏ ٿي رهيا هئا. سڄو علائقو مڇريل ڍڳي جيان هتان کان هتي ڊوڙون پائي رهيو هو. هن جي سامهون ايندڙ يا ته ٽڪر کائي يا سڱن ۾ مٿي کڻي هيٺ الاري! رحمت کي هڪ پل پنهنجي ڏاڙهي ۽ سٿڻ ياد آئي. هو مُنجھي پيو، وڃجي يا نه؟ 'ڇا ٿيندو، وڌ ۾ وڌ سر ويندو نه. ' ويچاري هو ٿورو اڳيان وڌيو ته امرت سيٺ جي ڪيل پارت وارا لفظ ياد آيا، ' رحمت اڄ توکي منهنجي سڄي زندگيءَ جي موڙي حوالي ڪري رهيو آهيان. الله جي امانت سمجھي سنڀالجانءِ.' رحمت واپس موٽيو . اچي هن موٽر ڊوڙائي ڇڏي.
جهڙي ڪنچن گوتم جي نالي رڙ ڪئي گاڏي زوردار جھوٻو کائي سان بيهي رهي. هو ڪجھ سوچي تنهن کان اڳ ڪنچن دروازو کولي اڀي رستي ڊوڙڻ لڳي. رحمت ڊوڙي کيس پڪڙيو. هن جي پڪڙ مان ڇٽڻ لاءِ هٿ پير هڻندڙ ڪنچن واڪا ڪري رهي هئي. ' منهنجو گوتم .... مونکي وڃڻ ڏي .... منهنجو پٽڙو .... وڃڻ ڏي .... 'ڪاوڙ ۽ وينتي ڀريل آنسن ۾ ڪنچن جا اڌ الفاظ ٻڏي ٿي ويا. رحمت کي هن کي موٽر تائين گهلي اچڻو پيو.ڄڻ ڦر کان وڇڙندڙ ڳئون رنڀي رهي هجي! رحمت هن کي سيٽ تي ويهاري رهيو هو ته وري هن ڇڪي ڏيئي ڊوڙڻ شروع ڪيو. رحمت هن جا ٻئي هٿ هڪ پنجي ۾ پڪڙي ۽ ٻئي هٿ سان هڪ ٿپڙ وهائي ڪڍي. رحمت دروازو لوڪ ڪري گاڏي ڊوڙائڻ لڳو.
ڪنچن سيٽ جي ڌار تي مٿو پڇاڙي وڏي آواز سان روئي رهي هئي. چندرڪانت ۽ اروڻا ڊپ جا ماريا سيٽ جي هيٺا ويهي رهيا. ديو شنڪر ڪنهن چتر جيان اسٿِر ويٺو هو. رحمت سيٺياڻيءَ کي ٿپڙ ته هڻي ڪڍي هئي پر پوءِ شرمسار ٿي رهيو هو. بندر آيو تيستائين هن هڪ اکر به نه ڳالهايو.
ڪياماڙي بندر تي سڄي شهر جا ماڻهو هئا. اگر هڪ وڏي پليٽ مٿي هلائي ڇڏجي ته ماڻهن جي مٿن تي گھمندي رهي ، هيٺ نه ڪري اهڙي ڀيڙ. شهر جي مختلف ڪنڊن مان هڪ دهشت، هڪ آتنڪ جو پرواهه ٿڙندو ٿاٻڙندو، ڇڪجندو ڇڪيندو اچي رهيو هو ۽ هتي بندر واري ڌڪي تي اچي گڏ ٿي رهيو هو. اوڪاش ۾ شورغل، رڙين چيخن جو تهه ٿلهو ٿي رهيو هئو. ڪجھ سُجھي نه رهيو هو. هڪ لهر هتان کان ٿي آئي ته ٻي هُتان کان. اندر ٻاهر سڀ ڪجھ لڏي لمي رهيو هو.
هر سال شرد پورنما واري رات ڪياماڙي بندر تي ميلو لڳندو هو. سمنڊديوتا جي آستاني تي آڪاش جي اڱڻ ۾ وکريل چانڊوڪيءَ ۾ اتسو جو جھولو جھولندو هو. امنگ ۽ آنند جي ٻن ڇيڙن جي وچ ۾ ماڻهو جھولندا هئا. اڄ اهو ئي سمنڊ ڪنارو آهي ۽ اهو سمنڊ ديوتا جو آستانو. ماڻهو ته سمائجي ئي نه رهيا آهن. ماڪوڙين جيان اچي مڙيا آهن. آڪاش ۾ بادلن کي ۽ ماحول ۾ آڙنگ ڏسي سڀيئي صديون پراڻا ڏر، ٻِرَ ڇڏي نڪري پيا آهن. ڪنهن به وقت هي بادل وسندا ۽ اها رت جي برسات نه هوندي تنهن جي ڪا خاطري نه آهي. هي پاڙن مان اکوڙيل ڪٿي وڃي پاڻ کي پوکيندا اها خبر نه آهي! اڄ تائين پاڙن مان نڪتل وڻ سائو ٿيو هجي اهڙو ٻڌو ناهي. ڀلي وڻ نه بچن پر هنن سلن کي ته جيارڻا پوندا. ڪُک تي، ڪلهي تي ۽ اڱرين ۾ پيٽ ڄاين کي چهٽايا آهن. مٿي تي خانابدوش زندگيءَ جون ڀريون آهن. اداس اکيون ۽ ٻيڙيل چپ کڻيو ويٺا آهن ، هاڻي ته ٻه چار پساهه بچن يا بچائي سگھجن ته به غنيمت آهي!
رحمت ڪنچن کي جهاز جي پئسيج واريءَ قطار ۾ ويهاريو ۽ پاسي ۾ سامان رکيو. چندرڪانت ۽ اروڻا ڪنچن جي ٻنهي پاسن کان لڳي ويٺا. رحمت ديوشنڪر کي لوهه جي پيتيءَ مٿي ويهاريو ۽ چيو “ هتي ئي ويهجو، ڪيڏاهن چرجو نه” ديوشنڪر مٿو لوڏي ها ڪئي. ڪنچن طرف گھمندي چيو:
“ سيٺياڻي امان، تون هت بي فڪر رهج. مان هينئر ئي گوتم کي وٺيو ٿو اچان. ڌرتيءَ جي پيٽ مان کيس ڳولهي لهندس. توهان هن لائين ۾ ئي رهجو۽ جيئن جيئن لائين اڳيان کسڪي تيئن توهان به اڳتي وڌندا رهجو. لائين کان ٻاهر نه نڪرجو. مان هينئر ئي اچان ٿو.”
ڪنچن جون خالي اکيون ويندڙ رحمت کي ڏسي رهيون هيون.
يادن جي ڌاڳن ۾ اڻجندڙ اتيت جو پاڻ ۾ ڪو ڌاڳو ٽٽو. ... رحمت ؟
پر ڪنچن ڪهڙي خبر هئي ته رحمت جو ڇا ٿيو؟
رحمت ڪنچن کي دلداري ته ڏني هئي پر هن ڄاتو ٿي ته ههڙي وقت ۾ گوتم کي ڳولهڻ وارو ڪم ڪيڏو نه ڏکيو آهي. سڄو ڪراچي شهر هڪ جھنگل ۾ تبديل ٿي ويو هو. وڳوڙن واري باهه شهر جي سڪن ــ آلن علائقن کي لپيٽ ۾ کڻندي پئي ٿي ويئي. هن زهري باهه ۾ سڙندڙ، جلندڙ، ڀڄندڙ، ٽهڪندڙ، تڙڦندڙ ماڻهو نه هندو هيا نه مسلمان ۽ نه سک. اهي سڀ هيا صرف غريب جيوَ! هي سڀ زندگيءَ لاءِ هيڏاهن هوڏاهن ڊڪون پائي رهيا هئا، واجھائي رهيا هئا. هنن جيون جي چڪرين ۾ ڪيترا ئي پساهه ٽٽي رهيا هئا، لتاڙجي رهيا هئا. موقعي جو فائدو وٺڻ جي لاءِ تيار ويٺل شڪاري سوداگر ڪنهن هڪڙي اڪيلي کي هڪ ئي حملي ۾ پتائي ٿي ڇڏيو. هنن جي من ڏارهي يا مڇ، چندن يا لوبان، پڳهه يا ٽوپي سڀيئي هڪ جهڙو هيو. هنن کي نه الله جو خوف هو نه پرماتما جو ، نه هنن کي قرآن پاڪ روڪيو ٿي نه گرنٿ صاحب! هنن جي گيتا ۾ هڪ سوتر هيو ــ “ ڦل جي ڪامنا سان، سوارٿ لاءِ ڪڌي کان ڪڌو ڪم ڪرڻ کان نه رڪجڻو. ” ستا ۽ سياست جي سياهڪاريءَ ۾ ويچارن پيادلن جي ڪهڙي هستي؟ رحمت سوچي رهيو هو ، ' ماڻهوءَ جو ههڙو ڪڌو روپ اڄ تائين ڪٿي ڍڪيو پيو هو؟ جيڪي اکيون آتميتا جا آئينا هيون انهن اکين ۾ آشنڪا جا رتهاڻا عڪس ڏسجي رهيا هئا. هن کي ڪنچن جون اکيون ياد آيون.
رحمت بندر روڊ کان سوامي نارايڻ مندر واري رستي ڏانهن گاڏي موڙي. هن کي ائين هيو ته شهر ۾ سيٺ جي گاڏيءَ کي سڀئي سڃاڻندا آهن. ميئر جي موٽر ڪنهن کان ڳجھي هوندي! ۽ شهر ۾ گورن کان سواءِ آڱرين تي ڳڻي سگھجن ايترن ماڻهن وٽ گاڏيون هيون. مندر واري رستي کان وڃڻ ۾ جوکم ناهي. پر جيئن ئي رحمت گاڏي موڙي ته سامهون تعزين وارو جلوس نڪتو هجي تيئن ڍول نغارا وڄائيندا ماڻهو مشعلون کڻي نڪري پيا هئا. “ هائي حسين” جي بدلي “ هائي هندوستان” جا نعرا آسمان ۾ گونجي رهيا هئا. رحمت پٺيان ڏٺو ته نمڪ واري گليءَ کان نڪري ٻيو انبوهه مندر طرف وڃي رهيو هو. انبوهه جا ماڻهو مهاديوجيءَ جو ٽولو بڻي هٿن ۾ ڏنڊا الاريندا اچي رهيا هئا. ٻنهي طرف مشعلن، تلوارين، لٺين، ڪرپاڻن ۽ پهڻن سان سينائون سج هيون. ڪلهه اڃا هيءَ ئي پرجا هڪ ٿي پرديسين سان وڙهندي رهي هئي. پر اڄ اهائي پرجا ظالم پرديسين جي ڳالهه ۾ اچي پنهجي ئي هڪڙي انگ کي ڪٽي ڇڏڻ لاءِ اتاولي بڻي آهي. رحمت ڦڙتيءَ سان گاڏي نانڪ واڙي جي گليءَ ۾ موڙي. اونداهي گليءَ ۾ ڪجھ پريان چار پنج ٻوڪاني ٻڌل ماڻهو گلي روڪي بيٺا هئا. هاڻي واپس ورڻ مشڪل هو.رحمت گاڏي بيهاري ڇڏي. هو بندوق بردار ڊوڙي آيا ۽ انهن مان هڪ رحمت جي ڇاتيءَ تي خنجر رکيو.
“ چل گاڏي کول.”
هڪ اڳين سيٽ تي رحمت سان گڏ ويٺو. هن پنهنجو خنجر رحمت جي پاسي ۾ رکي ڇڏيو. ٻيا چار پوئين سيٽن تي ويٺا.
“ هل، بولٽن مارڪيٽ وٺي هل.”
رحمت گاڏي چالو ڪئي. هن کي هڪ ويچار آيو ته گاڏي واپس وٺي انهي ٽولي ۾ ڦاسائي ڇڏي. ڀلي ماڻهو جلائي ڇڏين. پر ترت ياد آيو، اڃا ته گوتم کي ڳولهڻو آهي. سيٺياڻي راهه ڏسندي هوندي. هن آڏي نظر سان نهاريو ، خنجر واري جي اکين ۾ به خوف ته هيو ئي! هيءَ وري ڪهڙي لڙائي چئبي جو ٻئي ڌريون هڪ ٻئي کان ڊڄي رهيون هيون. هٿيارن وارو ۽ بنا هٿيارن وارو ٻئي. حالانڪ لڙائيءَ جي پاڙ ۾ خوف آهي. انسان پهريون ڀيرو ڊپ جو مقابلو ڪيو هوندو ان مان ئي هن کي هٿيار ٺاهڻ جي پريرڻا ملي هوندي. بي ڊپائي ته صرف پريم ۽ وشواش جي ڌرتيءَ تي وڌندي ويجھندي آهي.
صدر بازار جي آڏين ڦڏين گلين مان ٿيندي رحمت پنجن ئي ٻوڪاني واريل شخصن کي بولٽن مارڪيٽ پهچايو. هو پنج ئي اوندهه ۾ الوپ ٿي ويا. رحمت راحت جو ساهه کڻي گاڏي پنکا گلي طرف ورتي. گليءَ جي چونڪ وٽ پهتو ته هن سوچيو هڪ منٽ گهران ٿي اچان. گاڏي بيهاري هو پنهنجي فلئٽ طرف ويو. فلئٽ ۾ ڏهه ٻارهن گھر هئا. پاڙي ۾ ڀيانڪ شانتي هئي. کن پل لاءِ سندس هردو بيهجي ويو. اڃا پنهنجي گھر جي ڪڙي کڙڪائي ئي کڙڪائي اتي “ ماريوس، ماريوس” جا آواز آيا. هو ڊوڙيو. هن ڏٺو ته پنجاهه سٺ ماڻهن جو ٽولو سيٺ جي گاڏيءَ کي چوءڦير اچي مڙيو هو. رحمت گاڏيءَ طرف ڊوڙيو. ڪو لٺين سان موٽر جا شيشا ٽوڙي رهيو هو ته ڪو موٽر تي ڪيروسين هاري رهيو هو. رحمت ٽولي ۾گھسيو. سندس پڳهه مٿي تان لهي هيٺ ڪري پئي. هو ٿڙندو ٿاٻڙجندو موٽر تائين پهتو تيستائين مشعل هن جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. رحمت مشعل واري وٽان مشعل جھٽڻ ويو تيستائين پويان لٺ ٺڪاءُ ڪيو. 'مارو سالي ڪو، ديدو هندوستان .... ' ڪو هن کي امرت سيٺ جو بنسي ڊرائيور سمجھي ماري رهيو هو ته ڪو ڪافر سمجھي. 'سالا هندوڙي ڪو بچاتا هَي، غدار ... ڀيج دو اسي ڀي بيوي بچون ڪي ساٿ ....' موٽر سان گڏ رحمت کي جيئرو جلائڻ کان پوءِ ٽولي کي محسوس ٿيو ته انصاف برابر ٿيو آهي. هڪ ڪافر کي برابر جي سزا ملي آهي.
انصاف ۽ ايمان جي وائي هر وات تي هئي. جيڪي ڀارت مان ڀڄي آيا هئا اهي پنهنجا رتهاڻا زخم ڏيکاري رهيا هئا ۽ جيڪي هتي سڀ ڪڇ ڇڏي وڃي رهيا هئا اهي پنهنجا ڪٽيل انگ ڏيکاري رهيا هئا. سڀني کي هڪ ٻئي سان شڪايت هئي. هرڪو پنهنجي حساب سان حساب برابر ڪرڻ واري پيرويءَ ۾ هو. پر ڪو به اهو سوچڻ لاءِ رڪيو نه پئي ته هي دفتر صاف ڪرڻ لاءِ انسانيت جي لڳاتار ونڊ ٿي رهي آهي. شيش ۾ شُنيه وٺي اسان ڪنهن جي آڌار تي ٽڪنداسين؟
رحمت جي وڃڻ کان پوءِ ڪنچن دير تائين ان ڏس طرف نهاريندي رهي. هن جي اڳيان هڪ لمبي لائين هئي.ڌيري ڌيري هن جي پويان ماڻهو وڌندا پئي ويا. شروعات ۾ ڪا حرڪت ٿي پئي وري سڀ ڪجھ شانت ٿي رهيو هو. ڪنچن جي آسپاس مختلف آواز اٿي رهيا هئا پر ڪنچن جي ڪنن سان ڪجھ به ٽڪرائجي نه رهيو هو. هوءَ هوريان هوريان مورڇا ۾ سرڪي رهي هئي، چندرڪانت کيس جھنجھوڙيو.
' اما نهار ته سهي ! ڏاڏي ڌوتيو ڀڄايو آهي. ' پيتيءَ تي ويٺل ديوشنڪر جي پيرن وٽان مٽ جو ريلو اچي رهيو هو. پوين پنجن ڪلاڪن کان ڪنهن ياد ڪرائي کيس پيشاب ڪونه ڪرايو هو. ڪنچن هڪدم اٿي. ديوشنڪر کي اٿاري پيتيءَ مان ٻيو ڌوتيو ڪڍيو. اڄ تائين ته امرت هن کي ڪپڙا پارائيندو هو ، وهنجاريندو هو، امرت نه هوندو هو ته اهي ڪم گوتم جي مٿي تي اچي ويندا هئا. اڄ پهريون ڀيرو اهو ڪم ڪرڻو هو. ڪنچن کن پل لاءِ هٻڪي. ديوشنڪر ته ڪڏهوڪو استري پرش جي ڀيد کان پر ٿي ويو هو. هونئن ته چوڻ کپي ته انسان هئڻ واري اسٿتيءَ مان به نڪري ويو هئو. ڪنچن هن کي ڀت جي پويان بيهاري سندس ڌوتيو بدلايو. ديوشنڪ ابهم ٻار جيان ڪنچن جي سامهون بيٺو رهيو. ڪنچن ڌوتيو هن جي چيلهه تي ويڙهي پٺيان ڳنڍ ڏيئي ڇڏي. پلئه پويان گارڻ لاءِ هوءَ ديوشنڪر جي پٺيءَ طرف مڙي. ڇيڙو گاريندي ڪنچن ديوشنڪر جي پٺيءَ تي مٿو رکي روئي پئي. انهن سڏڪن ۾ هوءَ ڳولهي رهي هئي پيءُ جي هنج ۽ پتيءَ جي ڇاتي، ڀاءُ جو هٿ ۽ پٽ جو ڪلهو. پاڻ تي ضابطو آڻيندي هن فيصلو ڪيو ته هاڻي ته جيڪو چئه سو هوءَ پاڻ آهي. هاڻي مونکي پنهنجي ٻانهن سان تڙڳي سنسار پار ڪرڻو آهي. ها، اڪيلي ئي ترڳڻو آهي.
ديوشنڪر کي لائين ۾ ويهاري هوءَ بندر جي آفيس ويئي.وشوناٿ سان گڏ وڃڻو هو ان ڪري لائين ۾ ته ويهڻو ئي نه هيو، پر هاڻي وشوناٿ ته هيو ئي ڪونه. هن آفيس ۾ پڇا ڪئي. هڪ ننڍڙي اهڙي ڳوٺ جيترو ڪمپنيءَ جو وستار ۽ ان ۾ نوڪري ڪندڙ ماڻهن جو تعداد هزارن ۾. ان ۾ به وري گدام بابو طور ڪم ڪندڙ وشوناٿ جهڙي ننڍي انسان کي ڪير سڃاڻي؟هاڻي ته تقسيم ڪميٽي وارا جنهن محلي جو وارو ڪڍن ان مطابق جهاز ۾ چڙهڻو هيو. 'ديوولا' ته سوَتنتر بنگلو هو. اهو ڪنهن لائين، ڪنهن محلي ڪنهن پاڙي ۾ نه پئي آيو. سيٺين ماڻهن جوظاهر ۾ ماڻهوءَ مان رکن پر اندر ۾ ته انهن کي الڳ ئي ليکين. ايرکا ۾ سوکيم اهمَ جي به ملاوٽ ٿئي. ٽئين ڏينهن هري شنڪر شاستري محلي جو وارو آيو ڪنچن به انهن سان ملي ويئي. ڪميٽيءَ جي ممبرن مان ٻن ٽن مخالفت به ڪئي تڏهن هن چيو ' بابا ۽ ڀاءُ جون اسٿيون سنگم ۾ پروان ڪرڻيون آهن. آخرڪار کين اسٽيمر جي ٿرڊ ڪلاس يعني بلڪل تهه واري حصي ۾ وڏي هال جهڙي جڳهه ۾ هڪ ڪنڊ ملي.مٿين ٻن ماڙن ۾ فرسٽ ڪلاس ۽ سيڪنڊ ڪلاس جون ڪئبينو هيون. ڪنچن کي ڪنهن چيو به سهي ته 'توهان کي هت مزو ڪونه ايندو.' ماڻهو ڏنگ هڻڻ ڪٿان سکيو هوندو؟ ڪنچن ڪجھ به نه ڪڇيو. هوءَ ڪهڙي ريت چئي ته ڪجھ پيسا ۽ ٿورا گھڻا زيور گوتم جي چڍيءَ جي اندرئين حصي ۾ سبيا هئا اهي به گوتم سان گڏ ويا. هن کي ائين هيو ته ٻار سمجھي ڪو هن وٽ رقم هئڻ جو گمان ڪونه ڪندو. ڪنچن ڪنهن کي روئي؟ پٽ کي يا پيسن کي؟ اڄ هن کي وڏي ڀاءُ سومناٿ کي ياد ڪري روئندڙ امڙ جي پيڙا سمجھ ۾ آئي. 'پر منهنجو گوتم جيئرو ته هوندو يا پوءِ ؟'
ڪنچن آخرين گھڙيءَ تائي يعني اسٽيمر جي ٽئين سائرن تائين رحمت جي راهه نهاريندي رهي. هو ضرور گوتم کي وٺي ايندو! هوءَ پوين ٽن ڏينهن کان چندرڪانت ۽ اروڻا کي ديوشنڪر جو خيال رکڻ جو چئي هِت هُت ننڍن ــ وڏن ڇوڪرن ۾ گوتم کي ڳولهيندي رهي. ' متان ڪنهن سان گڏ بندر تي آيو هجي.' ڪو بادامي بش شرٽ ۾ هجي يا ڪاري چڍيءَ ۾ ، هوءَ ڊوڙي پهچندي هئي ۽ شرمسار ٿي ويندي هئي. واقف اڻ واقف جيڪو به ملندو هو ان کان پڇندي هئي، 'توهان ڏهن يارهن سالن جي ٿوري ٿلهي بدن ۽ گول منهن واري ڳوري ڳوري ڇوڪري کي ڪٿي ڏٺو ناهي؟ سندس نراڙ تي وارن جي ونگي چڳ هوندي. ڏسو ته مهرباني ڪري مونکي چئجو. هن کي ڪڏهن ڪڏهن ته اها به سڌ نه رهندي هئي ته سامهون وارو سندس اڌ ڳالهه ٻڌي هلڻ لڳو آهي. هوءَ پنهنجي ڌُن ۾ ڳالهائيندي رهندي هئي. هوءَ چري ڇو نه ٿي اها اڄ تائين هن لاءِ پاڻ لاءِ به هڪ تعجب جهڙي ڳالهه آهي.
اسٽيمر روانو ٿيو. ڪناري تي ڪو الوداع ڪرڻ وارو پنهنجو هٿ ڪونه هو. سامهون هئا باقي رهجي ويل اهي وڃڻ لاءِ آتا مسافر. انهن جا هٿ هوا ۾ کڄي رهيا هئا ۽ چئي رهيا هئا ته اسان جي لاءِ به دعا ڪجو ته جيئن اسان به پنهنجي ماءُ مٽي ڏسي سگھون. سالن تائين جنهن کي پنهنجي مڃي هئي اها ڀومي هڪ اڀاڳي پل ۾ پرائي ٿي ويئي هئي.