20
ڪراچيءَ کان اچڻ بعد جساپر ۾ پيءَ واري پاڙي ۾ پير رکڻ جي جڳهه ملي ويئي هئي. مٿي جهڙو تهڙو اجهو به هو. برساتي راتين ۾ سَوجي ڪاڪا جي ڏنل واڻن جي کٽولي تي ٽيئي ماءُ ٻارڙا سمهي رهندا هئا. سالن کان نريا سريکا ڪونه ڪيل هئا انهي ڪري جڳهه هنڌان هنڌان ٽمي رهي هئي. ڪوري جائي تي کٽولو سيريندي سيريندي صبح ٿي وڃي، ڪڏنهن ڪڏنهن ته ڪنچن سيراندي پيراندي ٿانو جھلي چوئاڪا جھليندي هئي ته جيئن ٻار نه پُسن. سندس ٽمندڙ اکيون پلئهُ پُسائينديون رهن. هوءَ هونئن به ڪوري رهي سگھي ائين ڪٿي هيو.
نانچند ڪاڪو سنهڙيون ٻه رليون ڏيئي ويو هو. تيز هوا ۾ اهي ڪيئن ٿي دٻ جھلي سگھيون؟ هڪ وڇائڻ لاءِ ۽ ٻي ٽنهي جي اوڍڻ لاءِ. ڪنچن پنهنجي سنهڙي ساڙهيءَ ۾ پاڻ کي ٿڌ کان بچائڻ جي ڪوشس ڪندي هئي. ڪوساڻ جي تلاش ۾ ٻار ڪنچن جي گود ۾ لڪندا وڃن. ڪنچن جاڳندي رهي. بادلن جي گجگوڙ ۽ بجليءَ جا چمڪاٽ ٻمڀي مان ٿيندا گھر ۾ اچي پهچن. ٽٽل ڦٽل دروازا ۽ زهري جيو جنتن جو ڊپ! ڪڏهن ڪڏهن سپ بلائون نظر به اينديون هيون. چمنيءَ جي جھيڻي روشنيءَ ۾ ڪنچن ڪنهن چروءَ جي چوڪي ڪندي هجي تيئن امرت جي امانت تي ڦڻ کڻيو ويٺي هوندي هئي، ۽ ويچاريندي رهندي هئي.
مهنو کن ته ٺاڪر صاحب چلهه جو ٽانڊو جلندو رکيو پر هيَن ڪيستائين؟ ڪنچن وٽ هڪ ئي رستو هيو ـــ ماڌوڪري وارو. لالجي سوٽهڙ ججمان گھر به ڏياريا هئا ، پر ڪنچن کي شاسترن مطابق ڪو ڪرمڪانڊ ايندو نه هو. برهمڻڪو ڪم ڪجي ته ڪيئن ڪجي، صفا مفت ۾ اٽو پني کائجي ؟ من مڃي نه رهيو هو. ٻئي پاسي ڪنهن جو احسان کڻڻ به برداشت کان ٻاهر هو.
اهو سروَ پترو شراڌ جو ڏينهن هيو. رتي لال جي ننهن رُکي سڄو مهنو هلي ايترو سيڌو کڻي آئي هئي. ڪنچن ڳڙ ڪڪري کڻي اهو سيڌو واپس موٽائي ڏنو. ڳالهه صفا ڪرڻ بنا هلي وڃي ته پوءِ رُکي ڇاجي؟
“ ته پوءِ ڇا ڪندينءَ؟ پنڻ وڃڻو ڪونهي ۽ ٻين جو ٿورو کڻڻو ڪونهي. توکي خبر آهي ته ست يُگ ۾ به برهمڻ اٽو پنندا هئا. ” ذرا طور ڪندي رکيءَ چيو. “ ته تون وري ڪهڙي کيت جي موري آهين؟”
رُکيءَ جي ڪاوڙ کي ٺاريندي ڪنچن چيو “ جساپر جي کيت جي. ڀاڄائي توهان جي ڳالهه صحيح آهي پر اهي سڀ ودوان برهمڻ هئا. ڇوڪرن کي سکيا ڏيندا هئا ان ڪري انهن کي مفت جو کائڻ ۾ دوش نه لڳندو هو. ”
“ ته تون به سيکارج نه. ٻار ته اسڪول ويندا آهن پر اسان جهڙين استرين کي ٻه اکر پڙهڻ سيکارج. واندي هجين ته ڪٿاوارتا چئج. ٻه سٺيون ڳالهيون ڪنن ۾ پونديون ته گهڻن جا ڀَوَ سڌري ويندا.”
ڏڪندڙ آواز ۾ ڪنچن چيو “ ڀاڄائي اڄ تائين مون ڀڳوان کان به ناهي گھريو ۽ ....”
“ اها ئي ته ڳالهه آهي. ڀڳوان کي ڀلا ڪنهن ڏٺو آهي؟ ڀڳوان مڃيو ته ڀڳوان ۽ ماڻهو مڃيو ته ماڻهو ٻئي هڪ آهن. ڏک ڏور ڪري اهو ڀڳوان. ”
ڪنچن کي ٿيو رکي ڀاڄائي جي ڳالهه سورهن وال ۽ هڪ رتي! هن سنسار ۾ ايشور جي ثابتي ماڻهن منجھان ئي محسوس ٿئي ٿي. هيڏن سارن جيون مان ماڻهو ئي هڪڙو اهڙو جيو آهي، جيڪو ٻئي جي مدد ڪري ٿو. پاڻ کان سواءِ ٻين جي لاءِ جيئي ٿو. ان ڪارڻ ئي ڀڳوان جي برابري ڪري سگھي ٿو. انساني اوتار ان ڪري ئي ته درلڀ مڃيو وڃي ٿو. ڪنچن نانچند سيٺ واري تلڪچند وٽان ڪانپ مان ڪرمڪانڊ ۽ ورت ڪٿا وارو ڪتاب گھرائي سکڻ لڳي.
اهو اسو مهني جي ايڪم وارو ڏينهن هيو. ڪنچن صبح جو سويل ئي اٿي ويئي هئي. پر سُتي هجي ته اٿئي نه! سڄي رات من ۾ اٿل پُٿل هلندي رهي. من ئي من لفظ، جملا ٺاهيندي رهي. اٽو پنڻ وڃڻ وقت ڇا چوڻو؟ “ديووِلا” ۾ ته ڪير آيو ۽ ڇا وٺي ويو تنهن جو حساب رکيو ڪونه هيو، هٿ ڪيئن ڦهلائي سگھبو؟ جيڪو هٿ هميشهه مٿان رهيوآهي، ڏيندو رهيو آهي ان هٿ ۾ پنهنجو سڄو استِتوَ سڄو وجود رکي ڪهڙي طرح ڪنهن جي سامهون بيهي سگھبو؟ ڏيندڙ جي اکين ۽ ڏيندڙ هٿن جو مقابلو ڪيئن ٿي سگھندو؟ روئي پئبو ته؟ هيَن اٽو پنڻ کان ته ڪنهن جا ڪپڙا ــ باسڻ صاف ڪرڻ سٺو، پاڻي ڀرڻ سٺو پر هتي ٻهراڙيءَ ۾ اهي ڪم ڪير ٿو ڪرائي؟ ۽ اهو به برهمڻ جي ڄائيءَ کان! پاپ لڳي ته؟ هي پاپ پڃ وارو چرخو به عجيب آهي. ڪنهن جو سوَمان ليرون ليرون ٿي وڃي ان ۾ ڪو هرج ڪونهي، ان کي ويٺي ويٺي ماني ڏيڻ ۾ واندو ڪونهي. اهو توت ڪنهن آرام پسند جيو ئي کڙو ڪيو هوندو.
ڪنچن چندر ڪانت کي تيار ڪري ٿيلهيءَ ۾ ڪٽورو وجھي ڏنو ته هن اڇلائي ڇڏيو ۽ پوءِ سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. ڪنچن ڪنهن کي هنئاري ڏئي؟. ڪنهن کي دلداري ڏئي؟ پٽ کي گود ۾ کڻندي هن پاڻ به روئي ڏنو. ان ڏينهن چندرڪانت گڏ نه هليو. گھر کان ٻاهر پير رکندي هن کي ٿيو اڳيان ست ساگر آهن، ٻيڙي چئو يا پتوار، جيڪو چئو اهو هي هينئون آهي. هاڻ ته پار لهڻ يا ٻڏي وڃڻ ۾ ئي ڇوٽڪارو آهي. ڪنچن ڄڻ پختو ڪيل ارادو ورجائيندي هجي تيئن پاڻ کي چيو ' مان هاڻي ڀلجي وينديس ته مان ڪا مهاديو پرساد وياس جي پوٽي آهيان جنهن جي نالي جون هُنڊيون هلنديون هيون. مان ڀلجي وينديس ته مان ديوشنڪر شڪل جي ننهن آهيان جنهن جي نالي جون سخاوتون ڳالهائن ٿيون. هاڻي مان صرف “ ماءُ” آهيان.
گليءَ ۾ ايندي بي خبريءَ ۾ پير سَوجي پٽيل جي گھر طرف مڙيا. “ نارايڻ پرسن اسو ود ايڪم ۽ سومر.” مونگھي چاچي هٿ ۾ اٽي چپٽي کڻي آئي. پريان کان ڪنچن کي ڪونه سڃاتائين. پاسي ۾ آئي تڏهن :
“ ائي مران، ڪنچن تون؟ ” چوندي هن ڪنچن کي ڊوڙي ڀاڪي پاتي. ۽ چوڻ لڳي “ اڙي الا ڪهڙو ڪال پيو آهي .... جيٺي ڀاءُ جي نياڻيءَ مٿي .... جنهن ويچاري هر ڪنهن لاءِ جيرو جلايو آهي ان جي هيءَ حالت .....”
“نه نه چاچي ائين نه چئه” چوندي ڪنچن آنسون اگھيا. ۽ چيو “ ڀڳوان شل ڪنهن جو آکيرو نه ڦِٽائي بس ايترو ئي گھران ٿي. اها ته وقت وقت جي ڳالهه آهي. ” مونگھي ڪاڪيءَ سان گڏ پاڻ کي هنئاري ڏيندي ڪنچن ڪٽورو وڌايو ان ڏينهن ڪنچن ٻئي ڪنهن جي گھر نه ويئي. واپس موٽي آئي. ان ڏينهن چلهه ڪونه ٻري.
وقت وڃي رهيو هو. چندرڪانت به اٽو پنڻ ويندو هو. ڪنچن پونم اگيارس تي، وار تهوار تي ڪٿا ــ وارتا ڪندي هئي. ستيه نارايڻ جي ڪٿا ڪرڻ ويندي هئي. هوريان هوريان سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي رهيو هو. ڪنچن ڏٺو ته اڪيلو رهڻو آهي. ذرا سنڀالي رهڻو پوندو. ڳوٺ جي ماڻهن کان فاصلو رکڻ سان خوامخواهه حيرت جو موضوع بڻجي پئبو، ته وري هڪ دم هلي ملي وڃڻ ۾ به مزو ڪونه هيو. گھر کي اوطاق (بئٺڪ) نه ٿيڻ ڏجي. مڌيم مارگ سٺو. ماڻهن جي سهاري هلڻو هيو. انهن جي دک سُک ما ڀاڳ ورهائڻو، مدد ڪرڻي. ڪنهن سان به ايڏو قريب نه ٿيڻو جو ٻيا مڙيئي ڪٽجي وڃن.هوءَ ڪڏهن ڪڏهن ئي گذريل وقت جي ڳالهه ٻئي سان ڪندي هئي. هونئن به هر ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ ۾ ئي رس هوندو آهي. ڪنچن کي هڪ گرو چاٻي ملي ويئي هئي. هوءَ اڪثر ٻڌندڙ واري ڪردار ۾ رهندي هئي. جنهن ۾ ٻين کي پنهنجائپ لڳندي هئي پر هن جي انتر سنسار ۾ سامهون وارو ماڻهو ورلي ڪو داخل ٿي سگھندو هو. جنهن ۾ ڪنچن جو الڳ ئي اثر پوندو هو. ڊگھي قدوقامت، ڳورو رنگ، شان و شوڪت ۾ پليل شخصيت جو اثر ماڻهن کي متاثر ڪندو هو.
ڪنچن جو گھر راس ٿيندو ويو پئي پر هوءَ من ئي من ۾ منجھندي رهندي هئي. ڏيڍ ٻه مهنن جيترو عرصو گذري ويو هو، پر هوءَ ٻاهر ويٺي ڪونه هئي. هوءَ طيءِ نه ڪري سگھندي هئي ته ڇا ٿيو آهي؟ ٿي سگھي ٿو ماضيءَ ۾ ٿيو هو تيئن ائين ئي ماسِڪ چڙهي ويو هجي! يا ٿي سگھي ٿو هوءَ پيٽ سان به هجي. سندس نظر ۾ مسلسل ٻه منظر هلي رهيا هئا. “ديووِلا” ڇڏڻ کان اڳ واري رات مڙس سان ماڻيل مڌر کڻ هن جي اندر ۾ جنم وٺي رهي هئي. انهن کڻن جو سمرڻ لون لون جھڻجھڻائي رهيو هو پر اها جھنڪار اڃا سانت ٿئي نه ٿئي ته اتي ئي اوکا بندر واري ڪاري رات ڪڙڪندڙ وڄ جيان ڪڙڪندي هئي. پيرن کان مٿي تائين لوساٽ لڳندي هئي. بندر جي چوڪيداي لاش ڳولهڻ لاءِ آيل ڪنچن کي آڏي واٽ وٺي لٽيو هو ان حادثي جو پاڇو اڄ ڏينهن تائين تر ۾ دٻيو پيو هو،اهو وري مٿي اڀري آيو هو. ڪڏهن ڪڏهن کيس ٿيندو هو ته هِن بت جا بڪا ڪري ڪنهن جنگلي جانور جي اڳيان اڇلائي ڇڏيان ته ڇٽي وڃا پر وري موٽندڙ پل من چوندوهو “ ممڪن آهي تنهنجي اندر ۾ امرت جي آخرين نشاني پلجي رهي هجي” هن جي هٿن جون مٺيون کلي وينديون هيون. “ امرت ڪٿي هوندو؟ هو ٺيڪ نِمرو ته هوندو نه؟ ڇا هاڻ هن ڀوَ ۾ سندس منهن ڏسڻ نصيب ڪونه ٿيندو؟ وچ سير ۾ طوفان جي ور چڙهيل ڪنهن جهاز جي ٽڪرن جيئن هتان کان هُتان هڪ ٻئي کي ڳولهيندي، هڪ ٻئي جي راهه ڏسندي تهه ۾ ويهي رهنداسين؟” ڪڏهن ڪڏهن ڪنچن کي ٿيندو هو “ منهنجو گوتم هڪ نه ته ٻي ريت مون ساڻ آيو آهي.” هن جي مامتا گوتم لاءِ تڙڦي اٿندي هئي. گوتم جي ياد ۾ هوءَ اهو ڀلجي ويندي هئي ته ممڪن آهي ته امرت هن ٽئين ٻار کي قبول نه ڪري. ٿي سگھي ٿو هن جو من امرت جي ههڙي اوِشواس جي ڳالهه سوچي به نه سگھندو هو.هن کي مڪمل يقين هو ته بلاتڪار جو ٻج وڌي ئي نه سگھندو آهي. ڪڏهن سندس من ۾ آنڌمانڌ مچندي هئي ته عاجز اچي ڪري چئي ڇڏيندي هئي “ ڪک جي مٽي ته منهنجي آهي نه.” ڪنچن بي يقينيءَ جي چڪ تي چڙهندي رهندي هئي، لهندي رهندي هئي ۽ چڪ تي پيل مٽيءَ مان مورت ٺهندي رهي.
هڪ ڏينهن رُکيءَ پڇيو “ ادي، ڪائون مهنو هلي رهيو آهي.” “ پنجون.” ڪنچن جواب ڏنو. ڪنچن جي آواز ۾ ڪٿي ڪا جھجھڪ ڪانه هئي. جنهن بابت پاڻ کي شڪ ڪونه هيو ان بابت ماڻهن جو شڪ کيس آڏو نه ايندو هو.هن ڪٿي ڪو اناچار ڪيو هو جو ڊڄڻو پويس! ۽ ماڻهو چون ته ڇا ٿيو. هوءَ ڪٿي ڪنهن تي ڀروسو ڪري ٿي؟ نه ته سيتا کي ٻه ٻه ڀيرا پريکيا ڏيڻي پوي ها! جنهن کي وشواس رکڻو هوندو آهي ان کي ثابتيءَ جي ضرورت ناهي هوندي آهي. ۽ اوِشواسُو ماڻهن کي ته ڪير وشواس ڏياري سگھيو آهي؟
هڪ ڏينهن ڪنچن ڀارت سنگھ جي گھر ويئي. هن جي ماءُ اگيارس جو سيڌو وٺڻ لاءِ گھرايو هو. هيم ڪنوربا ڪمري ۾ ٿالهي پائي رهي اتي ڀارت سنگھ اشارو ڪري پڇيو.
“ اهو ڪنهن جو آهي؟” هن جي آواز ۾ ڪو راز پڪڙي وٺڻ جو رومانچ هيو.
“ توکي ڄاڻڻو آهي؟” ٿڌي آواز ۾ سامهون نهاريندي ڪنچن پڇيو.
“ ها.” چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک واري اتسڪتا ڀارت سنگھ جي اکين مان بکي رهي هئي.
تنهن دوران اندرئين ڪمري مان هيم ڪُنوربا سيڌو کڻي آئي. هن پڇيو
“ ڇا ڄاڻڻو آهي پٽ؟ ” ڀرت سنگھ ڪجھ چوي تنهن کان اڳ ڪنچن چيو:
“ ادو اهو پڇي ٿو ته هن جو اصل پيءُ ڪير آهي؟ تڏهن مون چيو اها خبر ته تنهجي ماءُ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي هوندي؟”
ڪنچن جي آواز جي ڌار ٻنهي کي رت هاڻو ڪري ويئي. لڄي ٿيل ڀرت سنگھ ۽ شرمسار هيم ڪُنوربا کي ائين ئي ڇڏي ڪنچن هلي نڪتي.سيڌو ورانڊي ۾ ائين ئي پيو رهيو. ۽ ڪنچن وري ڪڏهن به ڀرت سنگھ جي اوٽي تي نه چڙهي. ستين مهني ڪنچن پٽ کي جنم ڏنو پر ......