ناول

اَڻکُٽ پيالو

ناول ”اَڻکُٽ پيالو“ هند جي ليکڪا بندو ڀٽ جو لکيل آهي. هن ناول جو سنڌيڪار ڪڇ- ڀُڄ هندستان جي علائقي ”ٻني“ جي ڳوٺ پناهواري جي سنڌي دوست ڪلاڌر مُتوا ڪيو آهي.
Title Cover of book اَڻکُٽ پيالو

26

ڪنچن احمدآباد وڃڻ جو طيءِ ته ڪيو پر وڄڻو ڪهڙي ريت؟. پوين سترهن سالن ۾ مڏ ڪانپ تائين وڃڻ ٿيو هو ۽ اهو به مشڪل سان ٻه ٽي دفعا. وري ڪنهن نه ڪنهن جو ساٿ ته هيو ئي. هيءُ ته احمدآباد وڃڻو. ڊگھو رستو، اچڻ وڃڻ ۾ هفتو لڳي وڃي. ايڏا ڏينهن ڪم ڌنڌو ڇڏي ڪير گڏ هلي؟ ڪنچن اڪيلو ئي نڪرڻ جو ويچار ڪيو.
ڪانپ مان احمدآباد وڃڻ جي بس به ملي ۽ ريل گاڏي به. حالانڪ چوماسي ۾ بس بند رهندي هئي. ريل گاڏي ۽ بس جي ڀاڙي ۾ به فرق ۽ احمدآباد پهچڻ ۾ به تفاوت. گاڏيءَ جو ڀاڙو گھٽ پر وچ ۾ ويرمگام جنڪشن کان احمدآباد وڃڻ لاءِ گاڏي تبديل ڪرڻي پوي ان ۾ به اگر صبح جو نڪرجي ته اوندهه ٿيندي احمدآباد پهچجي. وچ ۾ اڃا ٻين گاڏين جا ڪراسنگ ۽ ڪنڪشن نڙن اهي نفعي ۾. ڀاڳن سان ڪا گاڏي وقت سر پنهنجي منزل تائين پهچائيندي هئي تنهن کان ته بس سٺي. ڀاڙو ٿورو وڌيڪ پر وچ ۾ ڪٿي به ڪجھ بدلائڻ جي جھنجھٽ ڪانه هئي. ڪانپ مان ويٺاسين سڌو احمدآباد لهڻ.
ڪنچن ڪانپ مان احمدآباد وڃڻ واري بس ورتي. بس ننڍا وڏا ڳوٺ وٺندي وڃي. گھڙيءَ ۾ پڪن رستن تي هلي ٿي ته گھڙيءَ ۾ ڪچن رستن تي لهي ٿي ويئي. ننڍڙن ننڍڙن ڳوٺڻ ۾ به ويئي پي. ڪنچن صبح جو يارهين لڳي بس ۾ ويٺي ۽ وڃي شام جو ساڍي ڇهين بجي احمدآباد پهتي. گيتا مندر اسٽئنڊ تي لٿي پل ڀر لاءِ سندس اکيون چرخ ٿي ويئون. ڊگھي عرصي کان اونداهي ڪمري ۾ رهڻ بعد اچانڪ کليل موڪري روشن ميدان ۾ اکين کي هير پوڻ ۾ وقت لڳندو آهي. ڪنچن جو ٻالڪپڻ ڀلي ٻهراڙيءَ ۾ گذريو هو پر هن جو هڪ شخصيت طور وڪاس ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ ٿيو هو. سُڌ ۽ سمجھ ڪراچيءَ مان پرائي، سياڻي ٿي. ان ڪري هوءَ ڪيترا ئي سال ڳوٺن ۾ رهي پر پاڻ کي سڏائي ته شهري. هن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۾، ويچار وهنوار ۾ ڳوٺاڻي کهرائي گھٽ ۽ شهري نزاڪت وڌيڪ هئي. ڪنچن جي چرخ ٿيل اکين ٻه چار ڀيرا اُپٽ پور ڪئي ۽ من ۾ ڪراچيءَ جا ويڪرا صاف رستا، ڊگھيون عمارتون، ٽرام وي ۽ ريل گاڏين وارا منظر اڀري آيا. ڪاش! اهي سڀ نرجيو ـــ اسٿِر درشيه هجن ها! ڪنچن جي اکين ۾ بوندون اچي ويئون. هاڻي ته صرف يادن ۾ اهو شهر ۽ ان جا رهواسي .... هن هڪ شوڪارو ڀريو ۽ ٿيلهيءَ مان چندرڪانت جي سرنامي وارو ڪاڳر ڪڍيو. هونئن ته جيا جو سرنامو هيو، پر هن سوچيو ته هيئن اوچتو چندرڪانت جي ڪمري تي وڃي ڏسان ته سهي! ڪيئن رهي ٿو ڪيئن نه ، خبر ته پئيم.
هُن اسٽئنڊ تي گھمندي ڪنڊڪٽر کي سرنامي وارو ڪاڳر ڏيکاريو۽ وڃڻ جو رستو پڇيو. ڪنڊڪٽر ڪاڳر پڙهيو ۽ هڪ نظر ڪنچن جي سامان تي وجھندي چيو: “ هتان کان پري آهي، هيڏو سارو سامان کڻي پيادل پڄي ڪونه سگھبو. پيڊل رڪشا ڪري وٺو.” ڪنچن کي شش وپنج ۾ ڏسي هن چيو: “ڏيو مان ٿو توهان کي رڪشي وارو ڳولهي ڏيان. توهان کي ٺڪاڻي پهچائي ڇڏيندو ۽ پيسا به واجبي وٺندو.” ڪنڊڪٽر جي انسانيت ۽ ماڻهپائي ڏسي ڪنچن کي ٿيو دنيا ۾ اڃا سٺن ماڻهن جو ڏڪر ڪونهي.
پيڊل رڪشا کي ڏسي ڪنچن جا ٻه قدم پوئتي هٽي ويا. گاڏن، ايڪن، گھوڙي گاڏين ۾ وهندي آهي ته بار ڇڪيندڙ جانورن تي ديا ايندي آهي. هت ته ماڻهو ماڻهوءَ جو بار ڇڪي رهيو هو! هن ناڪار ڪئي. ڪنڊڪٽر سمجھائيندي چيو: ادي گھوڙا گاڏيءَ وارو وڌيڪ پيسا وٺندو. ۽ هي ته ڪجھ سٺو به آهي. سائيڪل رڪشا کي پيڊل هڻڻا پون جنهن جي ڪري رڪشا واري کي گھٽ محنت پوندي آهي. ڪلڪتا جهڙي شهر ۾ ته ماڻهو ٻن هٿن سان گاڏي جا اڳيان ڊگھا ٻه هٿا پڪڙي جانور جي جڳهه تي ڊوڙندا آهن. ۽ بابو پٺيان وهندا آهن. رڪشا واري به جوڙيندي چيو: ادي توهان جيئن اگر سڀيئي اسان تي ديا کائيندا ته اسان ڇا کائينداسين؟
نئون شهر، وهڻ بنا ٻي ڪا واهه ڪانه هئي. مٿان سامان به گھڻو هو. ٻارن لاءِ هنيون پئي هُريو. يجمانن وٽان آيل اَنُ، کوکن جو ڳوٿرو، اروڻا جي لاءِ پولڪي جا پيس، جَيا جي لاءِ پنج جوڙون ڪپڙا، ٿالهي پياليون، چندرڪانت ڌوتي پائيندو ڪونه هو ان ڪري ان لاءِ ٻن قميصن جيترو اڇو ڪپڙو ۽ مٺائيءَ جو دٻو به. سامان وڌي پيو هو انهيءَ ڪري رضائي کڻي اچڻ وارو ويچار ترڪ ڪري ڇڏيو هو. گھر شيون وڌنديون وينديون هيون پر کائيندڙ يا واپرائيندڙ پاڻ اڪيلي . ڪڏهن ڪڏهن يجمانن کي شيون آڻڻ جي منع ڪرڻي پوندي هئي. ته ڪڏهن اوڙي پاڙي ۾ ورهائي ڇڏيندي هئي. جھوير ڀاڀي بنا گهرڻ جي صلاح به ڏيندي هئي. تنهنجن جي ڀاءُ کي وڌيل شيون دوڪان تي ڏيئي روڪ وٺي ڇڏيندي هجين ته.” پر ڪنچن جو من نه مڃيندو هو. تلڪچند اڌ قيمت ڏئي ها ۽ وري اهي شيون ٻيڻي قيمت ۾ يجمانن کي وڪڻي ها، اهڙا گورک ڌنڌا ڪير ڪري!
ڪنچن پئڊل رڪشي ۾ ويٺي ته سهي پر هن جو جيو ڏُري رهيو هو. پگھر ٽمندڙ پٺيءَ تي چهٽي ويل قميص، گوڏن تائين ميري گندي پوتڙي، پيرن جي پنڊين جا اڀريل سنايو. ۽ هٿن جون ڇڪيل نسون، ٻر ڪندي چٻو ٿيندڙ سرير. ايلِيس بريج واري ڍار ايندي ڪنچن کان صبر نه ٿيو هن چيو “ بيهو ادا، هي ڍار مان هلي وينديس.” رڪشا ٿوري ڌيمي ٿي ۽ هوءَ لهي ويئي.
پل وٽ کاٻي باغيچي جي ٻاهران رستي تي ۽ سامهون واري رستي تي هٽڙيون سميٽيندڙ ماڻهو، ويندي ويندي ڪجھ کٽي وڃڻ جي لالچ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ گراهڪ . جمعي واري بازار وکرجي رهي هئي. پل جي ناڪي وٽ وڃي رڪشا وارو پگھر اگھندي بِيهي رهيو. ڪنچن کي ڏسي چيائين “ ادي تون هتان جا ته ڪونه ٿي لڳين. هتي ته پائي پائي وصول ڪرڻ وارا ماڻهو پيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اسان پاڻ وينتي ڪندا آهيون ته مهرباني ٿي سگي ته ٿوري دير جي لاءِ لهي پئو ته ٺيڪ ٿئي ته وڙهي پوندا آهن. ۽ پيسا ڪاٽي وٺڻ جي ڌمڪي ڏيندا آهن. توهان جهڙا رحم دل انسان ته مڏ ملندا آهن.” پوءِ ته رڪشا وارو ڄڻ گائيڊ جو ڪم ڪري رهيو هو.
“ ادي هيءَ پل آهي ته لوهه جي پر ماڻهون هن کي ڪاٺئين پل چوندا آهن. هيءَ اهڙي پل آهي جو سو سالن تائين به هن کي ڪجھ نه ٿيندو.” پل جي ٻنهي طرفن کان گولاڪار ڪمانن مان سابرمتي وهندي ڏسجي رهي هئي. پل ختم ٿيندي رڪشا واري چيو“ سنڀالي ڏاڍو جھلجھو.” ۽ ڍار لهندي هن جي رڪشا ڊوڙڻ لڳي. رڪشا واري جي چهري تي سامت ڏسي ڪنچن کي ٿيو ' سڄو رستو هلڪو ڦول هجي ها ته ! 'پر جيون ۾ سڀني کي ڪٿي نه ڪٿي ڍار چڙهڻا پوندا آهن. ۽ ڪٿي لهڻا به پوندا آهن. شايد ٻئي شيون زندگيءَ ۾ ضروري آهن. نه نه حقيقت ۾ ته هڪ آهي جنهن جي ڪري ٻي آهي. سک نه هجي ڏک کي سڃاڻي به ڪير؟ ۽ ڏک نه هجي ته سک کي ڪيئن ماڻي سگھجي؟
“ ادي ، هيءُ احمدآباد جو وڏي ۾ وڏو اسپٽال “ واڙي لال” رڪشا واري جي آواز جي ڪري ڪنچن جي ويچار تند ٽٽي. وسيع عمارت جي سامهون واري پاسي هڪ ٿنڀ تي مادلپور جو پاٽيو لٽڪي رهيو هو. ڪو جھونو ڳوٺ هوندو، هاڻي ته هن جو نالو به مٽجندو ويندو هوندو، شهر وڌندي ڪيترائي ننڍڙا ننڍڙا ڳوٺ ۽ قصبا انهي ۾ جذب ٿي ويندا آهن.
' ستياگره آشرم' وارو بورڊ پڙهندي ڪنچن کي ٿيو ' چلو ڪوچرب اچي ويو. موقعو ملندو ته جيا سان گڏجي سابرمتي آشرم به ڏسڻ وينديس.اهو ته چندرڪانت جي پاسي ۾ ئي آهي.' ڪنچن کي تمام وڻيو.
مندر جي مورتيءَ جا درشن ڀلي دور هجن پر پڙائيءَ جي درشن مان جيڪا راحت ملندي آهي اهڙي ئي ڪجھ راحت جو ڪنچن کي احساس ٿيو.
ڪوچرب ڳوٺ ۾ نئين پٽيل واس ۾ چندرڪانت جو روم ڳولهڻ ۾ ڪا خاص تڪليف نه ٿي. ڏينهن الهڻ لڳو هو. ڪنچن رڪشا مان لٿي. رڪشا واري سامان هيٺ لاهڻ ۾ مدد ڪئي. طيءِ ڪيل ڀاڙي کان ٻه آنا وڌيڪ ڪنچن رڪشا واري کي ڏنا ۽ چيو “ توهان ته مونکي احمدآباد به ڏيکاري ڇڏيو”
چندرڪانت جي ڪمري اڳيان پاٽيو لٽڪي رهيو هو ' شري چندرڪانت امرت لال شڪل، بي. ڪام ' ڪنچن جي ڇاتي گز گز ڦلي پيئي. ڪمري جو دروازو اڌ کليل هو. پهرين ڏاڪڻ تي پير رکندي ڪمري مان ڪنهن عورت جي کلڻ جو آواز آيو. ڪنچن بِيهي رهي. جوان ڇوڪرا! ٿورڙو پاڻ کي سنڀاليندي در کڙڪايو.
“ اچان ٿو، اچان .” چندرڪانت جواب ڏنو.در پورو نه کوليندي هن ٿورو منهن ٻاهر ڪڍيو“ امان تون؟!! چوندي هو حيرت ۾ پئجي ويو. کائونس ڪنچن جي هٿ مان پيتي وٺڻ به وسري ويو.
“ ها ابا مان، هي هيٺ پيل سامان کڻي هل.” چئي ڪنچن در وٽ بيهي رهي. ڦڪو ٿيل چندرڪانت ڪجھ به چوڻ جي بنا سامان کنيو ۽ سڄو در پير جي اڱوٺي جي ٺيس سان کولي ڇڏيو. ڪمري ۾ گھڙندي ڪنچن ڏٺو ته هڪ ڇوڪري کٽ جي سامهون پيل ڪرسيءَ تي ويٺي آهي. ڪنچن کي ڏسي اٿي بيٺي.
“ ويهه پٽ ويهه، چوندي ڪنچن پاڻ کٽ تي وڃي ويٺي ۽ ساڙهيءَ جي ڇيڙي سان منهن اگھڻ لڳي. هوءَ ڇوڪري پاڻ پاڻي کڻڻ ويئي. هڪ ڀرپور نظر ڪنچن ڪمري ۾ گھمائي. ننڍين وڏين شين جي رکڻ مان ڪنهن جو امنگ ۽ اتساهه بکي رهيوهو. ڪنچن ڏٺو ته چندرڪانت ڌيمي ڌيمي گھر وسائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. پاڻ گھران ڏنل ٿانون کان علاوه نئين گھاٽ گھاڙيٽي جا ٿانو به نظر اچي رهيا هئا. جن کي ڏسي هن کي به گڏيل مسيل احساس ٿيو. کيس برو ته ڪونه لڳو پر هوءَ راضي به ڪونه ٿي.
ڇوڪريءَ جي هٿ مان پاڻيءَ جو پيالو وٺي ڪنچن کي ڏيندي چندرڪانت سهجتا سان چيو “ امان هيءَ وِشاکا آهي، گذريل سال کان اسان سان جڙي آهي. ”
وشاکا نمستي ڪئي. جنهن جو جواب ڏيندي ڪنچن ڳالهه کي الڳ ئي موڙ ڏنو. “ ها، ڪجھ ڪجھ ٿورو ٿورو ياد اٿم، تو هڪ ڀيرو ٽپال ۾ لکيو هو.” وري وشاکا ڏانهن نهاريندي چيو“ ڏاڍي تعريف ڪندو آهي تنهنجي. مونکي ٿو چوي “ مددگار ٿئي اهڙي آهي.”
چندرڪانت ڳالهه جي تند اڌ وچ مان ڪٽيندي چيو“ ڏس نه هي مونکي ڪلهه تپ آيو هو انهيءَ ڪري اڄ آفيس ڪونه ويس ته هيءَ هتي پڇڻ هلي آئي آهي. وري چوي ٿي ته ڏي ته کچڻي ٿي رڌي ڏيانو.”
وشاکا ويئي ته چندرڪانت ڳالهه ڪئي. وشاکا جو پيءُ چالو نوڪريءَ اچانڪ گذاري ويو. جنهن جي ڪري کيس رحم راهه تي نوڪري ملي ويئي. ڀاڻس تمام ننڍڙو هو ۽ ماڻس ڪو خاص پڙهيل ڪونه هئي. وشاکا ڪاليج جي ٻئين سال ۾ هئي. کيس مئٽرڪ جي آڌار تي ڪارڪن جي جڳهه تي کڻي ورتي. حالانڪ ماڻس ويچاريءَ کي ڊپ هيو ته ڇوڪري پرڻجي ويندي پوءِ ڇا ٿيندو؟ پٽ وڏو ٿئي انهيءَ انتظار ۾ بکايل ٿورو جي سگهجي؟
احمدآباد ۾ پهرين رات بنا ننڊ جي ڪنچن ڪاٽي. هن کي ڳڻتي هئي ته اروڻا ڪو ڇوڪرو نه ڳولهي وٺي.هتي ته الڳ ئي ڳالهه هئي. حالانڪ اڃا چندرڪانت صفا چٽو چيو ڪونه هيو پر چوڻ جي ضرورت به ڪهڙي هئي. ڪنچن کي انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍو صدمو رسيو هو ائين به نه چئي سگھجي. هوءَ ڪڏهن ڪڏهن چوندي هئي “ ڌيءَ آڻجي چاهي اُتان، پر ڌيءَ ڏجي ته ڪُلوان گهر ۾.” هتي ته انهي چوڻيءَ مطابق ئي هيو” راجا کي وڻي سا راڻي” پر ڪنچن کي پٽ جي ماءُ ٿي وڏپ ڏيکارڻ جو جذبو هيو. ٻن چئن گھرن کان ڇوڪريءَ وارا اچن ۽ انهن مان پٽ لاءِ ڪنوار پسند ڪئي وڃي! هن کي نات پرنات جي ڪا خاص پرواهه ڪانه هئي. ايئن به ڪونه هيو ته وڏ گھراڻي ڇوڪري اچي ۽ ڏاجي ۾ چڱو ڏيج کڻي اچي. بس ڪنچن کي ٿورو من ۾ هيو ته چندرڪانت سندس ٿورو حق کسي ورتو آهي.
ٻئي ڏينهن چندرڪانت هن کي جيا وٽ ڇڏي آيو. اروڻا سويل سويل ئي سنسٿا جي آفيس ۾ ڪم ڪرڻ ويندي هئي. شيوا جي شيوا ۽ ٿورو دفتري ڪم ڪار به سکي سگھجي. ڪنچن کي ڏسندي شرط ڪنچن سمجھي ويئي ته ڀاڀي ڪنهن ڳڻتيءَ ۾ آهي. چندرڪانت جي ويندي ئي هن پڇي ورتو. سڄي رات جي اوجاڳيل ڪنچن جَيا سان وشاکا ۽ چندرڪانت واري ڳالهه ڪئي.
جيا چيو“ آهاها ... انهيءَ کان سٺو ٻيو ڇا گھرجي؟ ڇوڪري اسان جو ڪم آسان ڪري ڇڏيو. ” پوءِ ڪنچن کي سمجھائيندي چيائين “ ڀاڀي سچ چئجو هتي اسان جو ڪير آهي؟ هو تون چئين ٿي اهو گھمي ڦري رامپر واري جو تِرڀُون. انهيءَ ۾ اسان ته شروع کان ئي ٻاهر آهيون ۽ هاڻي نات ٻاهر ڪير ڪڍندو؟ ڳالهه صحيح آهي ته اسان جي ڪراچيءَ ۾ شاخ وڏي آهي، پر هتي؟ مونکي لڳي ٿو ته توکي انهيءَ ڳالهه تي وڌيڪ مٺيان لڳي آهي ته چندرڪانت پاڻ پاڻ لاءِ پاتر (ڪردار) پسند ڪيو آهي. ڀاڀي ٿورو سولو مطلب ڪڍو. سڀاڻي هن پسندگيءَ جي جوابداري تو تي ته ڪونه وجھي سگھندو!.
ڪنچن چيو ته پوءِ اسان کي وشاکا جي ماءُ سان ملڻ گھرجي. مونکي شڪ آهي ته چندرڪانت اسان جي پرسٿتيءَ بابت پيٽ ڇٽي ڳالهه شايد نه ڪئي هجي.” اروڻا آئي ته نڻان ڀاڀيءَ جي ڳالهه اڌ ۾ رهجي ويئي. کاڌيءَ جي ساڙهيءَ ۾ اروڻا کي ڏسي ڪنچن کي ٿيو ڄڻ هوءَ هن جي اڌورن خوابن کي پورو ٿيندي ڏسي رهي آهي.
هفتو گذري ويو جنهن جي سمڪ ئي نه رهي. انهيءَ وچ ۾ ڪنچن ۽ جيا وشاکا جي ماءُ سان ملي آيون. جڏهن ڪنچن وشاکا جو سرنامو گھريو ته چندرڪانت ايڏو ڪو راضپو ڪونه ڏيکاريو. جَيا صاف پڇي ورتو “ ڇوڪري توکي نٿي وڻي؟”
“ نه صفا ائين به ناهي، اسان سوچيو پئي ته هڪ ته هن جو ڀاءُ ڪٿي نوڪريءَ لڳي وڃي ۽ ٻيو اروڻا جو به ڪو بلو ٿي وڃي. خرچ بابت به ٿورو ترسون ته .... ”
جيا ڪجھ چوي تنهن کان اڳ ڪنچن چيو“ ڏس ابا، توکي ڇوڪري وڻندي هجي ته پوءِ اسان کي جوان ڇوڪريءَ جي ماءُ کي بي فڪر ڪري ڇڏڻ گھرجي. اروڻا جو نصيب اروڻا سان، ۽ هاڻي خرچ جي به ڪا ايڏي چنتا ڪانهي. ڪارتِڪ به ممبئيءَ ۾ ٿانئيڪو ٿيندو پيو ٿو وڃي. اهو ته لک ملي ڪونه ۽ لکاپتي ٿي نه سگھجي. آمدني شروع ٿي وڃي پوءِ سڳن رشتيدارن جي مدد به وٺي سگھجي ٿي. ڌيري ڌيري پيسا واپس موٽائي ڏجن. سنسار ۾ سڀيئي وهنوار ائين ئي هلندا آهن. ۽ ها، اسان کي اسان جي حيثيت ۽ جوبدارين واري ڳالهه به هنن کي چئي ڇڏڻ گھرجي.”
وشاکا جي ماءُ سان ڪنچن ۽ جَيا ملي آيون. انڌي کي ڇا کپي؟ ٻه اکيون. وارو تال هيو. اهي ناگر برهمڻ هئا. انهن کي به نات پرنات کان ڀوِشيه جي وڌيڪ چنتا هئي. ڪنچن وشاکا جي ماءُ کي بي فڪر ڪري ڇڏيو. ” چندرڪانت جهڙو منهنجو پٽ آهي تهڙو توهان جو به. جوان ڇوڪرو آهي اسان کي ڳالهه پڪي ڪري ڇڏڻ گھرجي. شادي ڀلي سال مهنن بعد ڪبي. ۽ شادي سادگيءَ سان ڪبي. توهان جوڙ ڪپڙن ۾ ڌيءَ ڏيندا ته به اسان کي ڪا شڪايت نه رهندي. پر هڪ ڳالهه مونکي واضح ڪرڻي آهي ، منهنجو گھر غريب گھراڻو آهي، هتي يجمان ورتي ۽ ڇوڪري جي نوڪري آهي. هتي پيسن جي ريل پيل ناهي. ٿورو خيال سان هلڻو پوندو. باقي منهنجي گھر توهان جي نياڻي ڏکي ڪونه ٿيندي.” جڏهن چندرڪانت وشاکا سان پڪي ٿيل رشتي جو ڳُڙ کاڌو، انهيءَ ڏينهن جَيا چندرڪانت کي سون جي منڊي ۽ ڌيءَ وشاکا کي سون جو ڏورو پارايو. چندرڪانت کي تعجب ٿيو پر هن ڪجھ ڪڇيو ڪونه.
وڃڻ جي اڳئين ڏينهن اروڻا ڪنچن کي سابرمتي وٺي ويئي. ڳوٺ جي پڇڙ تي. وچ وچ ۾ بنگلا ۽ ڳوٺڙا به آيا پئي. هونئن ته مڪانن کان وڻ جھجھا هئا . آشرم ۾ گھمندي ڪنچن جي نظر ۾گوتم جي جنم ڏينهن واري اڳين شام تري ويئي. ڪراچيءَ جو بمبا گرائونڊ. منچ تي گانڌيجي ۽ پنڊال ۾ بيٺل لليتا! ڪنچن جو من ڀرجي آيو. ڇا گانڌيجيءَ ههڙي رت سان رڱيل آزاديءَ جو خواب ڏٺو هو؟
گھر پهچي در کوليائين ته ورانڊي ۾ ٻه ٽپالون واٽ نهارينديون پييون هيون.