12
'ديووِلا' ۾ لڳڀڳ پندرهن ڏينهن ڪنچن ۽ وشوناٿ رهيا. پڻس کي وطن وڃڻو هو ان شام بگي وٺي امرت وٺڻ آيو هو. ڪنچن کي هن جي وِنگي چڳ ڏسي ياد اچي ويو. 'شنڪر ـ پارپتي' پڻس کي اسٽيشن تي لاهي امرت وشوناٿ کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو ۽ پڇيو ' ڇا وشو شنڪر ـ پارپتيءَ کان پوءِ ڪهڙو وِرت وَرتو آهي؟'
'ڪو به نه .. مان ته اديءَ جو ورت به ڇڏرائي ڇڏيو.'
'وڃ وڃ هاڻي ٻٽاڪي، وڏو آيو آهين وِرت ڇڏرائڻ وارو! اهو ته هاڻي مان من ئي من پنج ڀيرا نالو وٺي ڇڏيان ته هي به چئي ڇڏي.' ڪنچن مخالفت ڪندي چيو.
امرت اک ۾ مستي ڀريندي چيو، 'ائين ڪونه هلندو، من ۾ ته تون چاهي ان جو نالو وٺي سگھين ٿي. اها ته ڪُپت چئجي. ڪيئن نه وِشو؟'
'ڪُپت ڪُپت ' چوندي وشوناٿ اتساهه مان سُر ۾ سُر ملايو.اڪيلي ٿي ويل ڪنچن رُسندي چيو ' وڃ وڃ' پوءِ ته گھر وڃي امرت ڪنچن کي "ٻال جيون" مخزن جا جھونا پرچا ڏيئي پرچائي ورتو. امرت ڪنچن کي 'شنڪر ــ پارپتي' چئي چيڙائيندوهوته ڪنچن کيس 'امرت ٽوپي ' چوندي هئي. ديووِلا ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون ٻه پارٽيون ٿي ويون هيو. هڪ طرف امرت ۽ وشوناٿ ته ٻي طرف جَيا ۽ ڪنچن. شام جو ڪمپائونڊ ۾پٺيان ٻڌل نيٽ تي بئڊمنٽن جا ساٿي طيءِ هوندا هئا.رات جو روٽيءَ کان پوءِ امرت وشوناٿ کي پاڙهيندو هو. هڪ ڏينهن هن ڪنچن کي زبردستي پڙهڻ لاءِ ويهاريو. ضرب وارو حساب ڪرائيندي هن پڇيو
' اُڻويهن کي پنجن سان ضربجي ته ؟'
ڪنچن ڪو جواب نه ڏنو. هوءَ هيٺ ڪنڌ ڪري ويٺي رهي. امرت کي ٿيو نٿو اچيس ان ڪري نٿي جواب ڏئي. امرت وري پڇيو
' اُڻويهن کي پنجن سان ضربجي ته ؟'
وشوناٿ کي ٿيو هينئر ئي ڀيڻ کي ڇنڊ ڪڍندو، پر ڪنچن ته ڪنهن الڳ ئي دنيا ۾ هئي. سامهون ويٺل امرت جو عڪس ٽيبل واري ڪانچ ۾ ڏسجي رهيو هو. ڪنچن هڪ ٽڪ ان ۾ ڏسجندڙ ونگي چڳ ۽ ناسي اکين کي ڏسي رهي هئي. امرت وڏي آواز مان وري پڇيو
' اُڻويهن کي پنجن سان ضربجي ته ؟'
حيرت مان ڪنڌ مٿي کڻي ڪنچن نهاريو 'خبر ناهي' چوندي ٻاهر ڊوڙي وئي.
'ديووِلا' ۾ اچڻ جي هڪ هفتي بعد ڪنچن جي ماسترياڻي شاردا بين کي پرڏيهي ڪپڙي جي دڪانن ۾ پِڪيٽِنگ ڪندي پڪڙيو ويو.حالانڪ چئن ئي ڏينهن ۾ ڇٽي به ويئي پر پوليس وارن جي گاڏيءَ مان هيٺ لهي رهي هئي ته پويان ٿاڻيدار زور سان لت وهائي ڪڍي ۽ هوءَ وڃي هيٺ ڪري جنهن جي ڪري سندس ساڄي پير ۾ فرئڪچر ٿي پيو. ۽ مٿي ۾ به ٽانڪا آيس. ماسترياڻي موڪل تي هلي وئي ته ٻارن لاءِ ته مزو ٿي ويو.ڪنچن کي ٿيو ته پوليس ته خراب ماڻهن کي پڪڙيندي آهي پر شاردابين ته سٺي مائي آهي. اسڪول ۾ پاڙهيندي آهي ته به پوليس ڇو کيس پڪڙي وئي؟ هن کي ٿيو ته امرت کان پڇجي، پر امرت وٽ صفا سادي لڳندس ته؟ هن نه پڇيو.
اسڪول ۾ موڪلن جي ڪري ڪنچن سڄا ٻپهر خفي رهندي هئي. ڪجھ به نه سجھندو هو تڏهن هوءَ گنگابا وٽ وڃي ويهندي هئي. چوءماسي جا ڏينهن. گنگابا ساڍا چار مهينا هڪ ٽاڻا ۽ ورت ــ اُپواس ۽ ڪٿا وارتا ۾ رڌل رهندي هئي.ٻنپهرن جي وقت هوءَ جيا واري ڪمري ۾ هيٺ فراسي وڇائي اهلندي هئي. ڪنچن ڏسندي هئي، گنگابا هيٺ مشڪل سان ويهي سگھندي هئي. اٿڻ مهل چئن پيرن تي ٿيڻو پوندو هئس. هن هڪ ڀيري چيو به سهي “وڏي امان، توهان پلنگ تي سمهو ها ته؟”
“ توکي خبر ناهي، وِڌوا استريءَ کي پلنگ تي سمهڻ جي منع هوندي آهي.” چوندي گنگابا مٿي تان رئو لاهي ٺوڙهه تان هٿ گھمائي وٺندي هئي. ڪنچن ان بادلن ڇائي روشنيءَ ۾ هن جو چمڪندڙ مٿو ڏسندي رهندي هئي. جيڪو ڇلڪي لٿل ناريل جهڙو لڳندو هو.گنگابا امرت کان لڪائي حجم کي گھر گھرائي وٺندي هئي. امرت وڏي امان جي هنن ڪرم ڪانڊن، ۽ آڀڙڇيٽن کان ڏاند جيئن ٽهندو هو. امرت ٽن سالن جو هو ۽ جيا ڇهن مهنن جي،تڏهن کان ئي گنگابا جي هٿ هيٺ. هن ته ٻارن کي پالڻ تاتڻ ۾ ڪا ڪمي ڪانه ڇڏي پر امرت جي من ۾ ڳنڍ بڌجي وئي هئي. ڪنهن هن جا ڪن ڀريا هئا ته ' سندس ماءُ انسويا گنگابا جي ستائڻ جي ڪري ئي مري وئي.' حقيقت ۾ ته انسويا اڌڪ ماس ۾ سمنڊ ۾ سنان ڪرڻ وئي هئي تڏهن ٻڏي وئي هئي.
ڪنچن کان پهريون ڀيرو سمنڊ ڏسڻ وارا اهي پل ڀلجن تهڙا ناهن. رشي پنچميءَ جو ڏينهن هو. گنگابا هوابندر واري سمنڊ ۾ سنان ڪرڻ لاءِ وڃڻي هئي. وشوناٿ جي به ڏاڍي دل هئي. دل ته ڪنچن جي به هئي، پر ان ڏينهن تي ته هاري ۽ وڏيون مايون ئي ورت رکن. جيا چيو 'ورت نه رکون ته ڇا ٿيو، سمنڊ تي ته وڃي سگهجي ٿو نه!' جيا ۽ وشوناٿ امرت کي به تيار ڪيو. ان ڏينهن جيا ڪنچن کي پنهنجو فراڪ پارايو. ٿورو تنگ لڳي رهيو هوس. هڪ ڀيرو ته ڪنچن کي لڳو ته ساهه به کڻي سگھبو يا نه؟ ڪنچن جا هٿ رکي رکي چنري ٺاهڻ لاءِ مٿي تي ويا پي پر وري واپس پي اچي ويا. فراڪ ۾ ڪنچن کي ڏسي گنگا چيو، 'اصل جيا جي مڊم جهڙي لڳي رهي آهي.' ڪنچن هن جي مٺي نظر جو ڇهاءُ محسوس ڪري رهي هئي.
هوابندر وارو سمنڊ. ڪنچن کي ٿيو ته هن آسماني فراڪ نه پر ڄڻ سمنڊ ئي پاتو آهي! ڇلڪندڙ، وهندڙ، لهرائيندڙ .... نظر وڃي تيستائين پاڻي ئي پاڻي. آسماني پاڻي. لهرون اٿن آڪاش ۽ ڏرتيءَ کي الڳ ڪن، وري هڪ ڪري وڃن، ڦيڻ ڦيڻ ٿي وکرجي وڃن. ڪنچن ڪناري تي بيٺي بيٺي پيرن تي ڇولين جو ڇهاءُ ماڻي رهي هئي. گنگابا ٿورو پريان ساڙهيءَ سميت سنان ڪري رهي هئي.امرت سمنڊ ڪناري ريتيءَ جي ڍڳ مٿي ويٺو هو. جيا ۽ وشوناٿ ڪوڏ ميڙڻ لاءِ هيڏانهن هُوڏانهن ڊوڙي رهيا هئا. ڪنچن بيٺي ته هئي سمنڊ ڪناري پر سندس اک جي سامهون ته باڙمير جي ڇيڙي واري وستارجو رڻ علائقو تڙڳي رهيو هيو. ' رڻ هجي يا سمنڊ .... اڻ کٽ ..... اپار.... ۽ مان ؟ هڪ ريت ڪڻ، هڪ جل ڦڙو! پر سمنڊ ڀِڄائيِ ٿو، پاسي ۾ سڏي ٿو، ڪلهي تي هٿ رکي ٿو، هڪ نرم هٿڙو کڻي اچي ٿو ۽ ڪنڊ ڪنڊ تائين ڦري وڃي ٿو.' ڪنچن کي ڪجھ وڻي رهيو هو ته ڪجھ اداس ڪري رهيو هو. هن سمجھڻ چاهيو ٿي تيستائين اتي جيا ۽ وشوناٿ ڊوڙندا پهچي آيا ۽ هڪ ٻئي کي ٿيلها ڏيندي پنهنجا ڪوڏ ڪوڏيون ۽ سُتيون ڏيکارڻ لڳا. جيا فراڪ جي پاند ۾ ۽ وشوناٿ خميس جي چانئر ۾ چونڊيل خزانو ڀريو هو. ڪنچن جيئن هٿ وڌايو ته واٽ نهاري ويٺل ڇولين ٽنهين کي پُسائي ڇڏيو. انهن ڇولين جي ڇوهه ۾ جيا ۽ وشوناٿ سمنڊ کي پنهنجو ڌن واپس ڏيئي ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳا. ڀِڄڻ جي ڪري ڪنچن سوچن مان واپس موٽي ڪناري طرف هلڻ لڳي. ڪنچن کي روڪيندي وشوناٿ ۽ جيا امرت کي سڏيو. ڀنل فراڪ کي نچوئيندي ڇنڊيندي ڪنچن ڊوڙڻ لڳي، ان پل ئي امرت آڏو اچي بيهي رهيو. ڪنچن پل ڀر لاءِ بيهي رهي. امرت جي نظر سندس نظر سان ملي نه ملي، هوءَ سرڪي وئي ۽ ..... ڪنچن واپس موٽي وئي. ان ڏينهن پهريون ڀيرو هن ڇاتيءَ ۾ کڙندڙ گلن جي سڳنڌ کي محسوس ڪيو. ان ڏينهن کان پوءِ ڪنچن ۽ امرت آمهون سامهون اچڻ کان پاڻ کي ٽاريندا هئا. جيا يا وشوناٿ پتي راند ۾ ڀيچي ٿيڻ وارو پرستاو کڻي ايندا هئا ته ڪو بهانو ڪڍندي هئي، پر وشوناٿ کي پاڙهيندي امرت کي خبر هوندي هئي ته سندس آواز ٻڌندڙ ڪنچن آسي پاسي ۾ ئي ڪٿي هوندي. ته جيا کي چوٽي ٺاهي ڏيندي ڪنچن ڄاڻندي هئي ته هينئر ئي امرت هروڀرو هت ايندو ۽ ترت واپس موٽي ويندو.
پڻس وطن مان واپس اچڻو هو ان جي اڳئين ڏينهن گنگابا ۽ امرت جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.ان ڏينهن ٽپال ۾ امرت جي ساهرن کان تحفو آيو هو.انسويا جي حياتيءَ ۾ ئي گنگابا امرت جو رشتو پنهنجي نڻان جي ڌيءَ سان ڪري ڇڏيو هو. امرت گذريل ٽن سالن کان رشتو ٽوڙڻ وارو ضد ڪيو ويٺو هو. ديوشنڪر امرت کي ارڙهن سال ڪڏهن پورا ٿين انهيءَ جي واٽ نهاريو ويٺو هو. پر قدرت جا ڪم! اها ڇوڪري تپ ۾ گذاري وئي. گنگابا لڳڀڳ آزي ڪندي امرت کي چيو 'مٺا منهنجو صرف ايترو چيو مڃ، تون سنان ڪري وٺ. ڪجھ به هجي پر هوءَ اسان جي هئي. روپيو ۽ ناريل ورتا آهن اها ڪا راندڳالهه ته ناهي. ان ويچاريءَ جي قسمت ۾ سڱ جي صرف چنري ۽ پتاشا هوندا.هوءَ پنهنجو قرض وٺي هلي وئي.تون سنان ڪري وٺ. ڇوت ڇات ته اسان کي به لڳندي نه.'
امرت صاف انڪار ڪري ڇڏيو.آخر گنگابا اُپواس وارو هٿيار آزمايو. ' جيستائين تون سنان نه ڪندين تيستائين مان ان جل ڪونه ورتائيندس.' چئي هوءَ ته ويهي رهي ڀڳوان جي سامهون.جيا۽ وشوناٿ ته سڄي گھٽنا کان ڊڄي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيا هئا. ديوشنڪر ته پيڍيءَ تان رات جو واپس ايندو هو.آخر ڪنچن امرت کي سمجھائڻ لاءِ وئي.
امرت سندس ڪمري ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو هو۽ ٽيبل تي ڪو ڪتاب کليل پيو هو. دور دريءَ مان نهاريندڙ نظر ۽ ڪرسيءَ جي هٿن تي پيل سندس هٿ. هلڪڙن قدمن سان اڳتي وڌندي ٽيبل وٽ پهچي ڪنچن کليل ڪتاب بند ڪيو.۽ چيو:
' هل، پاڻي رکيو اٿم.'
موٽ ۾ هڪ به حرف اچارڻ کان سواءِ امرت ڪنچن سامهون تکو نهاريو.
' تون ڇوت ڇات ۽ سوتڪ ۾ نه مڃيندو آهين. ڀلي منڊن نه ڪرائج پر سنان ڪرڻ ۾ ڪهڙو نقصان آهي؟'
' مذاق نه ڪر.'
سمجھائڻ واري نوع ۾ ڪنچن چيو:
' تون هروڀرو ڪاوڙجي رهيو آهين. توکي ته سڱ ٽوڙي ڇڏڻو هو ۽ هي ڏس نه پاڻهين تو لاءِ رستو صاف ٿي ويو آهي. هوءَ ويچاري ته توکي آزاد ڪندي وئي. ۽ سماج ۾ بدناميءَ کان به بچائيندي وئي.هل سنان ڪري وٺ.'
' پر مان هن جي نالي جو ........'
' هن جو نه ته منهنجي نانءَ جو ....'ڪنچن جملو پورو ڪري ان کان اڳ ئي امرت هڪدم اٿي بيٺو۽ ڪنچن جا ٻئي ڪلها جھلي هن کي ڌوڏيندي چيو:
' ڇا پيئي چئين؟ ورائي چئه ڀلا!'
ڪلهن تان هٿ هٽائيندي ڪنچن چيو:
' مان مري وينديس ته ان ۾ تنهنجو ڇا ؟ '
امرت جو ڄڻ ٻرندڙ اڱرن تي پير پئجي ويو هجي ائين ٽپو ڏنائين ۽ ڪنچن جي چوٽي پنهنجي ڳچيءَ ۾ ويڙهيندي چيائين:
' ته مان به مري ويندس.'
ڪنچن جو ساهه مٿي ٿي ويو. نديءَ جي پاڻيءَ ۾ ترندڙ سون ورڻيون مڇيون ائين ئي ڇٻ ڇٻ ڪندي للچائجن ۽ هٿ ۾ اچانڪ ڪا مڇي اچي وڃي تيئن ڪنچن ڇال ڏنو.هوءَ نه ته مڇيءَ کي ڇڏي سگھي نه جھلي سگھي. پٺيان طبيلي ۾ ٻڌل گھوڙي جي هانهر جي آواز ان ڄمي ويل پل کي ٽوڙيو. ڪجھ دير کان پوءِ رنڌڻي مان گنگابا ڏٺو ته ڪنچن جي پويان پويان امرت به وڃي رهيو هو.