5
گيٽ کوليندي ئي جڳديش جي اک ستي ماتا جي اوٽلي تي ويٺل ڪنچن با کي ڳولهي ورتو. هُونئن ته ڳوٺ ۾ پير رکندي ئي کيس خبر پئجي وئي هئي. بازار ۾ هريش جي دڪان تي ويٺل هرجي پٽيل واري گريش ته سڌو فرمان ڪڍيو هو.
'جڳا ڀائي ، ٻڌ ٽپڙ ٽاڙي ۽ هلندو ٿي.'
'نه،نه، گريش صفا ائين ڪيئن ٿيندو؟ هريش کي ٺارڻ جي اداڪاري ڪندي جلائڻ جي ڪئي.
'اڙي ناٺي، هن کي توهان سڃاڻو ڪونه. ٻي ڀانت آهي.'
جڳديش گھٻرائيندي چيو، اڙي ادا ڪجھ سمجھائيندا به سهين يا ٻئي ائين ئي لڙندا رهندا.'
'هل مان چوانءِ ٿو.'چوندي جيو ڀا جڳديش جي ڪلهي تان هٿ ورايو.
حويليءَ تي ٻاپوءَ ايترو ئي چيو، 'اڄ وڃين تڏهن چاٻي ڪنچن با کي ڏيندو وڃج.'
جڳديش کي ڪافي ڪجھ پڇڻو هو ته، اهو سڀ ڇا جي لاءِ؟ پر هن جي همت نه هلي.اها ته جيو ڀا سان دوستي آهي جو هيترو بِيهڻ لاءِ به مليو نه ته ..... پر اندر ۾ ڊپ ته ٿيو ئي. هيءَ پوڙهي هاڻي؟
سائيڪل بِيهاريندي جڳديش ڏٺو.ڪنچن با مالها مڪمل ڪندي مير (وڏو مڻيون) اکين تي رکي رهي هئي.'نه نه هيءَ ڪراڙي اهڙي ته ڪانه ٿي لڳي جو ڏنل ڏاڻ واپس وٺي.' کيس ڪنچن با جي خاص واقفيت ڪانه هئي. ڀر واري ڪنهن به ڳوٺ ۾ چوراسي ٿئي تڏهن آسي پاسي وارن ڳوٺن مان برهمڻ خاندان ڪڏهن ڪڏهن ملن پر ڪنچن با جو اهڙن موقعن تي به نه وڃڻ جو نيم. چڱن ــ لڱن موقعن تي سندس حاضري هوندي آهي. جڳديش پهريون ڀيرو سندس ڏاڏي جي ديهانت تي ڪنچن ٻا کي ڏٺو هو.هوءَ پڇڻ آئي هئي.
رامپرا ڪنچن با جو ساهرو. هُونئن ته سالن کان سندس ڪٽنب ڪراچيءَ ۾ واپار ڪندو هو. سندس سهري جو جنم به ڪراچيءَ ۾. جنهن ڳوٺ ۾ نه ٻالڪپڻ جون يادون هجن نه بابي جو ٻني ٻارو اهو ڀلا پنهنجو لڳي به ڪيئن ٿو سگھي؟ امرت لال ته ڳوٺ جواجھور( مال جي وهڻ جي جائي. جھنگ) به ڪونه ڏٺو هو. ورهاڱي بعد ڪنچن با جساپر آئي ۽ رامپرا سان ٿورو ڇڊوپاڊو ناتو وري جيئرو ٿي پيو.
جڳديش کي ڏاڏي جي موت وارو منظر اڃا به ياد آهي.ان وقت سندس عمر ستن اٺن سالن جي هوندي. ڳوٺ جون ميراسياڻيون روز اچي مرثيا ڳائي ڇاتي ڪُٽينديون هيون. گھر جي زالن کي به انهن جو ساٿ ڏيڻو پوندو هو. جڳديش جي ماءُ ويچاري ٽن ڏينهن کان اهو ظلم سهندي رهي هئي. هڪ ته دم جي بيماري ٻيو اهو روئڻ پٽڻ. مٿان وري ڪٽنب وارن جا چڙهيل لٿل منهن ڏسڻ اهو جدا!ڪنچن با هڪڙي هڪل سان ئي اهو سڀ بند ڪرايو.
'بابا مزي جي سائي ٻني ڇڏي ويو آهي.۽ نوي سالن جي عمر ۾ هلندڙ چلندڙ ماڻهو پٽ جي ڪلهي چڙهي وڃي ان کان وڌيڪ نصيبدار ٻيو ڪير! هاڻي صبر ڪريو۽ پويان جيڪي رهجي ويا آهن انهن جي ته ڀلائيءَ جي ڪامنا ڪريو. ڀڳوان جو نالو وٺو.'
جڳديش سوچيو 'هيءَ مائي پٽ وٽ پرڀو ڀڄن ڪرڻ جي لاءِ وئي هئي، وري هت ڪهڙا ٻُڪ ڀرڻ آئي آهي؟' هن طيءِ ڪيو ته ذرا خيال رکڻو پوندو.
مالها پوري ڪري ڪنچن با نهاريو. جڳديش مندر جي اوسريءَ وارو ڄاريو کولي رهيو هو. جڳديش جي ڏيک، اوڍڻ پهرڻ ۽ ڌنڌي جو ڪو ميل ڪونه هو. چٽڪمرو وڏن گلن وارو بش شرٽ۽ پينٽ، مٿي تي وڏو پٽڪو ۽ وات ۾ تماڪ جي ڪري هيٺيون چپ سُڄيل. 'سرڙ سرڙ ' آواز سان جڳديش مندر ٻهارڻ لڳو. هو ٻهار ڪڍي رهيو هيو يا دز اڏائي رهيو هو! ڪنچن با سوچيو ' هڪ سٺي ٻُهاري هجي ته مندر سٺي نموني صاف ٿي سگهي.' سڀاڻي سمتا کي چونديس هوءَ وٺي ايندي. پر هي جڳديش ڪجھ الٽو ئي سمجھندو ته!پر ماتا جي ڪم ۾ به سوارٿ کي سنگھي اهڙي نڪ جو ڊپ ڇو رکجي؟ ڇا زندگي ڀر ماڻهن کي ڏيکاريندا ڦرون! ثبوت، خُلاصا، تصديق ناما ۽ پرماڻ پتر! نه ڀائي، مان ته هڪ منهنجي رام کي جواب ڏيڻ جي لاءِ ٻڌل آهيان.ٻين جو برو ٿئي ته چنتا.
اوسريءَ ۾ اچي هن مٽيءَ جي دليءَ مان پاڻي پيتو. ماتاجيءَ جو ڪمرو کليل هو.ڪمري جي ڪماڙ وٽ بيٺي بيٺي درشن ڪرڻ لڳي.ڪمري جي سامهون واري ڀت ۾ برابر وچ تي ٽي ڏاڪڻيون ٺهيل هيون.ٽين ڏاڪڻ تي شينهن مٿي سوار اشٽ ڀجا ماتاجيءَ جي ٽي کن فوٽن جي سفيد آرس پهڻ جي مورتي هئي. ماتاجيءَ جو سوَروپ سندرتا ۽ شڪتيءَ جو پرتيڪ بڻجي شوڀا ڏيئي رهيو هو. مورتيءَ جي اڳئين حصي ۾ ٻنهي طرفن کان ننڍڙن ڏيَن جي قطار ۽ وچ ۾تامرڀانڊ، آچمني ۽ پنچ پاتر پيا هئا.پوڄا جا ٿانو آمريءَ جي کٽاڻ جي راهه ڏسي رهيا هئا.ڪمري جي کاٻي ديوار ۾ ننڍڙو ڪٻٽ هو. ڪنچن با ڪٻٽ جي هئنڊل تي پنهنجين آڱرين جي ڇاپ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. اصل اهو رنڌڻي جو ڪٻٽ. هينئر ئي کلندو مٿئين خاني ۾ پيل هيڊ مصالحي جا دٻا ۽ هيٺئين خاني ۾ تيل ــ گيهه جي دٻن جي پاسي ۾ سڻڪ ۾ ڪپڙي سان ڍڪيل مانيون به پيل هونديون.
جڳديش واڙي مان ڪرِڻ جا ٻه ــ ٽي گل پٽي آيو. هن هوريان هوريان ڪمري جو دروازو بند ڪيو.ڪماڙ وٽ بيٺل ڪنچن با ٻه قدم پوئتي هٽي وئي. حالانڪ کيس هٽڻ جي ضرورت نه هئي.شايد جڳديش جي هن حرڪت کيس ڌاري ڪري ڇڏي هئي . ٻاهر واري ماڻهوءَ کي ڪمري جي اندر مُنهن پائڻ جي اجازت ڪٿي هوندي آهي؟
نظر سامهون بند دروازي ڏانهن ڏسندي ڪنچن با گھڙي پل لاءِ ورتمان ۾ ئي ٿمبي وئي. در پاڻ بند ڪرڻ ۽ ڪو دروازو بند ڪري انهن ٻن گھٽنائن ۾ زمين آسمان جو انتر آهي. ' جي امبي' آواز سان گڏ وري دَر کُليو ۽ ڪنچن با مٿي تان اوڍيندي پاڻ کي سنڀاليو. جڳديش پينٽ بدلائي پِتامبر پاتوهو. سندس کُليل ڪُلهن تي جڻيو هو. سامهون کاٻي اڌ کُليل ڪٻٽ مان ماتاجيءَ جي چُنري ۽ جڳديش جي شرٽ جي ٻانهن ڏسجي رهي هئي.سائي رنگ جي آئل پئنٽ هيٺان هيڊ مصالحن واري بوءِ ۽ گيهه تيل وارو مکُ ڍڪجي ويو هو. هڪ اونهون ساههُ کڻي هُن ڪمري جي ساڄي ديوار واري پاسي رکيل وڏي ڪٻٽ جي آرسيءَ مٿان نظر ڊوڙائي. اروڻا چوندي هئي ' با، مان نوڪري ڪنديس ۽ پوءِ سڀ کان پهرين مان ڊريسنگ ٽيبل ٺهرائينديس. جوانيءَ ۾ داخل ٿيندڙ اروڻاجو هڪ به عڪس هن آرسيءَ ۾ نه هو. پوئين ڀِت جي اونچي ڄاريءَ مان ايندڙ پرڪاش ۽ هنن ٻن ڪٻٽن کان سواءِ سڀ ڪجھ نئون هو. ڪنچن با شوڪارو ڀريندي هردي کي 'هري اوم' چوندي ٻيءَ موڙي ڇڏيو.هن ڏٺو ته جڳديش ڪپهه کڻي وٽ وٽي رهيو هو.کيس وٽ ٺاهڻ نه پئي آئي. ' ڏي ٺاهي ڏيانو.'
'هينئر هلندو.' چئي جڳديش گيهه وارو دٻو کڻڻ لاءِ مڙيو.ڪنچن با آگرهه نه ڪيو.هوءَ وڃي ماتاجيءَ جي سامهون اوسريءَ ۾ ويٺي. شام ٿي رهي هئي. آسمان ۾ ڦهليل رنگن جي لالاڻ مندر اوسري ۽ سڄي محلي ۾ ڇانيل نظر آئي. وڻ تي ڪيترا ئي پکي ڪِل وِل ڪري رهيا هئا. نم جي پولارن ۾ رهندڙ پوپٽن جا آواز وڌيڪ اچي رهيا هئا. جھونا رهواسي هُئڻ جي ڪري ٿي سگھي ٿو اهي وڏو دعوو ڪري رهيا هجن. هل هنگامون ڪندڙ ٻارن کي ڏسي مشڪندڙ وڪيل جيان نِم هوريان هوريان لُڏي رهيو هو.
لهندڙ ڏينهن جي هلڪي سوجھري ۾ ڪنچن با اوسريءَ جي وچ ۾ لڳل تختي پڙهي. 'سورگيه شري امرت لال ديو شنڪر شُڪل جي ياد ۾ سندس ڌرم پتني گنگا سوَروپ ڪنچن گَوريءَ ماتاجيءَ جي مندر ۾ تختي جڙائي آهي. سنبت 2034 اکاٽيج آرتوار .....' وڏي پرٻاهرا پئسا ٺاڪر صاحب کي موڪليا هئا. عادت مطابق سڄو پڙهي پورو ڪيائين پر ڪنچن با جو ڪليجو ڪُرڪي پيو. ' اڙي مان به ڪهڙي نه نادان آهيان! ڏيندڙ ته سڄي هٿ سان ڏيندا آهن جنهن جي کاٻي هٿ کي به خبر نه پوندي آهي. ڏنو، جس جڙيو ۽ وري وصول ڪرڻ آئي آهيان! ٻئي هٿ جوڙي هوءَ من ئي من ۾ ليلائڻ لڳي.
'ماءُ، مونکي پنهنجي مڃي معاف ڪجانءِ، توکي ارپڻ ڪيل ڪا شيءِ مونکي نه کپي. دردن جي ماري تنهنجي شرڻ آئي آهيان، هن شرير سان تنهنجو قرض چڪائڻ بنا مان ڪونه مرنديس.'
آرتيءَ جي گھنڊڻي جي آواز ڄڻ ڪنچن با کي جاڳائي ڇڏيو. هوءَ اٿي ۽ اوسريءَ ۾ لڳل گھنڊ وڄائڻ شروع ڪيو.روز ته جڳديش اڪيلو هوندو آهي. وري هن کي هڪ هٿ سان آرتي ڪندي ڪندي ٻئي هٿ سان گھنڊڻي وڄائڻ ٿورو مشڪل ٿيندو آهي.گھنڊڻيءَ جي ليه قائم رکڻ ويندو آهي ته آرتيءَ جو رڌم ٽٽندو آهي ۽ آرتيءَ کي سنڀاليندو آهي ته گھنڊڻيءَ واري ليه ڦِٽندي آهي. هونئن به زندگيءَ ۾ هڪ ليه کي قائم رکڻ ڏکيو هوندو آهي اتي هي ٻه ٻه ليه .... پر اڄ گھنڊ جي آواز جي ڪري ڏهه ــ ٻارهن ڇوڪرا مڙي آيا هئا. سمتا واري رنجن به حق سان ڪنچن با جي ڀر ۾ اچي بيهي رهي هئي. .آرتيءَ کان پوءِ ڇوڪرن کي خالي هٿين ويندو ڏسي ڪنچن با کي ٿيو : ماتاجيءَ کي ٿورو پرساد ڏيڻ کپي. سڀاڻي ڪنهن کي چونديس. پر ...
'اي ٻارو، گيٽ بند ڪندا وڃجو.' جڳديش هڪل ڪري ڪمري جا دروازا وري بند ڪيا. رنجن ڪنچن با جي قريب ويندي پڇيو:
' اما، هي جڳا ڀائي اندر ڇا ڪندو هوندو؟'
' پوڄا.'
ٿوري دير بعد پينٽ پائي پلاسٽڪ جي ٿيلهي هٿ ۾ کنيو جڳديش ٻاهر نڪتو. جڳديش کي ڏسي رنجن کلي پئي. ڪنچن هن کي روڪي تنهن کان اڳ ته ....
' چاچا جڳا ڌوتي پهري سائيڪل نه هلائي سگھجي؟' رنجن پڇي ئي ورتو.
'ڏاڍي وائڙي آهي. وٺ اما، هيءَ چاٻي.' چوندي جڳديش ڪنچن با ڏانهن چاٻي وڌائيندي چيو.
' پٽ مونکي چاٻيءَ سان ڪهڙو ڪم؟'
' ٻاپوءَ چيو آهي.'
' ٺيڪ آ، پر مونکي چاٻيءَ جي ضرورت ناهي. تون ٿڌيءَ دل سان ماتا جي پوڄا ڪر مونکي ته هن اوسريءَ جي ڪنڊ ڪافي آهي.'
'پر ٻاپو پڇندو ته ـــــ'
' ته چئجوس ڏيئي ڇڏي آهي. پوءِ مان سنڀالي وٺنديس.ٺيڪ آ، جيه امبي. '
جڳديش ڪمري جو مکيه دروازو بند نه ڪيو. اندر لائيٽ لئمپ چالو رکيو. اڌ ڄاريءَ وارو در بند ڪري چاٻي جڻئي ۾ ٻڌندي هن کي ٿيو، هي گريش ۽ هريش هرو ڀرو ڀڙڪائي رهيا هئا. هن امڙ کي ته ڪجھ به نه پيو کپي. پر اڃا ڪجھ کپيس نٿو اهو جملو من ۾ پورو ڪري تنهن کان اڳ شڪ وري مٿو مٿي کنيو. ڪٿي هن جو پلان وڏو نه هجي! ٻاپوءَ جا ڪن ڀري ٿڌي پاڻيءَ سان خارش نه ڪڍي. ڇا ڪريان چاٻي ڏيئي ڇڏيانس؟ پر هوءَ ته وٺي ئي نٿي. ڀلي وٺي نٿي ۽ ٻاپوءَ کي چوندي ته جڳوءَ چاٻي ته مونکي ڏني ئي ناهي! '
ڏاڪڻ لهندي جڳديش کي عرب ۽ اٺ واري ڪهاڻي ياد اچي ويئي. سياري جي رات ۾ رڻ ۾ ٿڌ کان بچڻ لاءِ اٺ پهريان ٿورو مُنهن ئي تنبوءَ ۾ وڌو ۽ پوءِ عرب کي ٻاهر ڌڪي ڇڏيو. هن کي ٿيو ' پر هيءَ ته آڱر وٺڻ کان به منع پيئي ڪري. پڪ سان ڪو وڏو ڪارنامو ڪندي. هن پٺيان واڙي واريءَ زمين تي ته سندس اک ڪانهي! پر هاڻي هن جو ڪهڙو حق؟ هن ته ٺاڪر صاحب کي مڪان وڪڻي ڇڏيو آهي ۽ ٺاڪر صاحب سڄو وهيوٽ پئنچات کي سونپي ڇڏيو آهي. هن اليڪشن ۾ سرپنچ وچن ڏنو آهي ته پويان ڪمرو ٺهرائي ڏيندو. پر هيءَ سرپنچ سويتا هونئن به مائي عالم. هن کي ته آڱوٺو ئي هڻڻو آهي. وري جنهن جي گھر ۾ پائيءَ جيتري به نه هلندي هجي تنهن جي پئنچات ۾ ڪير ٻڌندو؟ ' هڪ کن لاءِ جڳديش کي ٿيو ته هن جا ٻارهن ئي وهاڻ ٻڏي ويا. هي صبح ــ سانجھي ڏيي بتيءَ جا مهني ٻه سو روپيا ملن جنهن مان سائيڪل جو پنڪچر به مهانگو پئجي وڃي.اهو ته وار تهوار تي پوڄا ــ ڪٿا هلندي آهي جنهن جي ڪري ٻارهن مهنن جو ان ملي پوندو آهي. پر لڳي ٿو هاڻي هتي وارو ان ــ جل به پورو ٿي ويو آهي يا ڇا؟
ٺاڪر صاحب جي حويليءَ وٽان لنگھندي جڳديش پل ڀر لاءِ رڪجي ويو.' ملي وٺانس؟' پوءِ ٿيس هل نه سرپنچ جي گھر کان ٿيندو اچان. ' سويتا بين جو ڏير رَوجي ماستر دوست آهي ان ڪري پهرين هن جي ئي ڪن ۾ ڳالهه وجھي ڇڏيان، پوءِ فڪر نه رهي. ' جڳديش سائيڪل سرپنچ جي گھر ڏي موڙي ڇڏي.