22
ڪنچن پاڻ تپاس ڪندي هئي. هوءَ پهريان به ڀڳوان کي پوڄا ــ ڏيو ڪندي هئي ۽ اڄ به ڪندي آهي. خاص ڪو فرق ناهي پيو. هوءَ ستيه نارايڻ جي ڪٿا ڪرائيندي آهي، وار ورتولا ۾ پوڄا ڪرائيندي آهي جنهن سان هن جي ڌارمڪتا ناهي وڌي يا ناهي گھٽي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪرم ڪانڊن جي جڙتا ۽ قدامت پسنديءَ جي ڪارڻ سندس من کٽو ٿي پوندو هو. ماڻهن کي ته وڌي وڌانن ۾ ئي رس هو. ورت پوڄا ڪندي يا ڪٿا ٻڌندي هڪ ٻئي جي ايرکا کان يا کڏون کوٽڻ کان نه هٻڪندا هئا.ڪنچن انهن جي اکين جي ڦرڻ ۽ چپن جي چرڻ مان ٻڌي وٺندي هئي “ ڏس ڙي امان، ڪيڏي نه ٺهي بني آئي آهي ڀڳوان کي پاڻ پسائڻ لاءِ.” يا “ ڏاڍي ٽرڙي آهي وجھ ملي ايتري دير آهي ڏسج ڪيئن ٿي ڪيرايانس!” پوڄا ۾ آرتيءَ جي پيسن ۾ گول مال ڪندي يا هڪ ٻئي جي ٿالهيءَ مان ڪمل پنکڙيون سيريندي ماڻهن کي ڏسي ڪنچن کي ٿيندو هو، ڀڳوان اهو سڀ ڏسندو هوندو؟
چندرڪانت اروڻا کي اڳتي پڙهڻ جي اڻسڌي نموني منع ڪئي ان وقت ڪنچن خفا ٿي. اروڻا ڇوڪري آهي ان ڪري نه پڙهندي ته هلندو ۽ پاڻ ڇوڪرو آهي ان ڪري کيس پڙهڻ جو حق آهي. چندر ڪانت ڀلجي ويو هو ته اگر ماڻس ٻه اکر پڙهيل هجي ها ته هن طرح گھر گھر مان اٽو پنڻ جي نوبت نه اچي ها! هو ڀلجي ويو هو ته گھڻا ڀيرا پنيل اٽو ۽ پنيل لسي کائي پي ڏينهن ڪاٽيا آهن! هو ڀلجي ويو هو ته ننڍڙي اروڻا ڳُڙ لاءِ ضد ڪيو هو ته کيس ماڻس جي مار کائڻي پئي هئي! ڀلجي ويو هو ته پيسن جي کوٽ جي ڪري ننڍڙو ڀاءُ ٽنگون گهليندو هلندو آهي! ڪنچن کي ٿيو پيٽ ڄائي کي اهو سڀ ياد ڪرائڻو پوندو! ان کان ته ڪراچيءَ واري سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو هيو ته سٺو هو. پر ڪنچن ڄاڻندي هئي ٻار جيئڻ جو آڌار آهن ته جيئڻ جي لاچاري به. ننڍڙي ننڍڙي شيءِ لائي تڙڦندڙ ٻارن جي اک ۽ خالي هٿ ڏسڻ لاءِ جيتري همٿ جي ضرورت پوندي آهي ان کان گھڻي گھٽ همٿ جي ضرورت هوندي آهي آتم هتيا ڪرڻ ۾! بس هڪڙي وچن جي خاطر، بس هڪڙي ڇڊي پاڊي آس جي ڏوريءَ تي ٽڪي رهي هئي ڪنچن!
“ اروڻا کي پڙهائڻو ته آهي ئي، چاهي جيڪو ٿئي.” پڪو پهه ڪري ڪنچن تلڪچند وٽ ويئي. تلڪچند ۽ ڪنچن تقريبن هم عمر هئا. تلڪچند ڇوڪري سٺي خراب ڪرڻ ۾ دير سان پرڻيو.ڪجھ نخرا هن ڪيا ۽ ڪجھ ڇوڪرين جي مائٽن. ٻهراڙيءَ ۾ ڇوڪري ڏيڻ ۾ راضي ڪونه هيا. پهرين پسند احمدآباد ممبئي جي سيٺين طرف هوندي هئي. تلڪچند جو ڳوٺ ۾ هڪڙو ننڍڙو دُڪانڙو پر خاص واپار ته ڌيرڌار جو.ڳوٺ ۾ هاري گھڻا ۽ هيءَ ته وري جھالاواڙ جي ڌرتي. هتي برسات هلندي ڀلجي وڃي. تلڪچند جهڙن واپارين لاءِ گيهه ڪيلا. کرا نڪرڻ ٽاڻي هاري چوپڙا صاف ڪرائين ۽ وري پوکيءَ ٽاڻي چترائڻ لاءِ حاضر ٿين. ڪنچن تلڪچند جي گھر پهتي تڏهن سندس ننهن جَھوير اندرئين ڪمري ۾ ٻوڪي ٻڌي پاٺ پڙهي رهي هئي. جھَوير ڌارمڪ سنسڪارن واري هئي. تنهن ۾ به شادي جي گھڻن سالن بعد ڌيءَ ڄمڻ کان پوءِ پٽ پراپت ڪرڻ لاءِ سندس ڌارمڪ مشغوليت ٻيڻو زور پڪڙيو هيو. حالانڪ اڃا تائين سندس اها من مراد پوري نه ٿي هئي.اوسريءَ ۾ پيل پنگھي ۾ ڏيڍ سال جي ڀاونا سُتي پئي هئي. ڪنچن کي ڏسي جھولي ۾ ويٺل تلڪچند اخبار ويڙهيندي چيو:
ڀلي ڪري آيون ادي . گھڻن ڏينهن بعد توهان ڀلجيون آهيو. ننڍپڻ ۾ ڪنچن کي چيڙائيندڙ تلڪچند هاڻي کيس توڪارو نه ڏيئي سگيو.
“ ادا، مان ته روز ڀلجندي آهيان نه! پر توهان هي مونکي “ توهان” چئو پيا، مان ته توهان کان ٻه سال ننڍي آهيان.”
“ ٻه سال اهو ڪو وڏو فرق ڪونهي ادي. ۽ سڀان توهان جو ڇوڪرو پڙهي ڳڙهي تيار ٿيندو ۽ ڇوڪري آڻيندو.
“ ادا ڳالهه به ڇوڪريءَ جي ڪم جي کڻي آئي آهيان.”
“ ٻڌايو، ٻڌايو، من ۾ ذرا به کٽڪو نه رکجو.”
“ اروڻا جي ڀوشيه جو سوال آهي. هيترن سالن ۾ پهريون ڀيرو سوال ڪرڻ آئي آهيان. حالانڪ هونئن ته اسان ماءُ ـ ٻار توهان سڀني جي آسري جيئون پيا.”
“ ائين نه چئو، توهان ڳوٺ ۾ آيون آهيو ته ڳوٺ جو به فائدو آهي نه. هنن مائين کي ٻه سٺيو ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ملن. مان شروع کان ئي چوندو رهندو هوس پر سڀني کي واڻئين جي ڳالهه مان سوارٿ جي ڌپ ايندي هئي. پر توهان دلتن جي پاڙي ۾ مٺي پاڻيءَ جو کوهه ڪرائي ڏيئي ڪيڏيون نه دعائون ورتيو آهن. توهان ڪونه هونديون ته به ماڻهو با جي کوهه کي ياد ڪندا رهندا.”
ڪنچن شوڪارو ڀريندي چيو:
“ اڃان جيئڻ جو جنجال پورو ناهي ٿيو. موئي پڃاڻا ڪنهن ڏٺو آهي.”
“ ٻڌايو، ڪهڙي ڪم سان آيون آهيو؟”
“ اروڻا کي ستين درجي کان پوءِ پڙهائيءَ لاءِ موڪلڻو آهي. چندرڪانت آحمدآباد ۾ آهي، پر اڃا ٻار آهي. جوان ڀيڻ جي ذميداري سندس مٿي تي نه رکجي ته سٺو. توهان جي احمدآباد ۾ ڪا سڃاڻپ هجي يا اهڙو ڪو خانداني گھر هجي. جتي ڇوڪري رهي، پڙهي ۽ گھريلو ڪم ڪار ۾ مدد به ڪري .”
ڏس ادي پيٽ جي ڳالهه ڪريان. گھر ته گھڻا ئي آهن، منهنجي سالي جو گھر. واپاري ۽ خانداني. پر اتي ٻار پڙهي نه سگھي. ڪم ۾ ئي ڪَتجي وڃي ۽ مٿان وري ڪنهنجو هٿ ٿورو. ان کان ته سٺو آهي ته اروڻا کي ڪنهن سنسٿا ۾ ڇڏجي جيئن هوءَ هر طرح سان تيار به ٿي وڃي. گھڙجي وڃي. اسان جي ڪانپ ۾ “ وڪاس گرهه” نالي سان پشپا بين مهتا جي سنسٿا آهي. منهنجي ماءُ گذاري ويئي هئي ته مون ڪارج ڪونه ڪيو هو. ان جي بدلي “وڪاس گرهه” ۾ دان ڏيئي ڇڏيو هو. ٽرسٽين ۾ منهنجي سڃاڻپ آهي، اتي نراڌار ڇوڪرين کي آسرو ملندو آهي ۽ پيرين ڀر ڪرڻ لاءِ پڙهائيندا به آهن.
“ ان ۾ اروڻا کي داخل ڪندا؟”
“ ها، اهو ذرا ڏسڻو پوندو. توهان چنتا نه ڪريو. مان جانچ ڪندس. اها ذميواري منهنجي.”
پٺن پورو ڪري جھَوير ڪمري مان ٻاهرآئي.
“ ڪنچن بين جو خير ٿئي، ادي اروڻا کي پڙهائي ڇا ڪندينءَ؟ ڌيءَ ڌڻ. هن کي ته رنڌڻو ئي ڪٽڻو آهي نه؟ لکڻ پڙهڻ اچيس ٿو اهو ئي ڪافي آهي.”
ڪنچن کان رهيو نه ٿيو.
“ ڀاڄائي ايندڙ ڏينهن ڪنهن ڏٺا آهن؟ توهان ڌيءَ کي ڀلي ڪيترن ئي لاڏن ڪوڏن سان گھر ۽ ور ڳولهي ڏيئي سون جي ڀِٽ تي ويهاريو هجي پر نه ڪري نارايڻ ۽ ..... هٿ ۾ جيئڻ جوڳي شيءِ هجي ته مون جيان پنڻو ته نه پوي. ”
جھوير ڪجھ چوي تنهن کان اڳ پينگھي ۾ ڇوڪري رني. جھوير هن کي کڻي تلڪچند جي هنج ۾ ڏني ۽ چيو:
“ توهان هيءَ ذميواري ڀلجي نه وڃجو. ٻين جي چنتا ۾” پوءِ ڪنچن سامهون منهن ڪندي چيو:
“ چانهه پيئندينءَ نه ادي؟ ”
“ نه ڀاڄائي اڄ پونم جو اُپواس اٿم. چڱو ته هاڻي جئه نارايڻ.”
ڪنچن گليءَ ۾ نظر کان اوجھل ٿي ته جھوير در بند ڪندي چيو:
“ مڙس جيئرو آهي يا نه تنهن جي ڪا خبر ناهي ، ويٺي پونم جا اُپواس ڪري.”
، ماڻهوءَ جو من ائين جلدي اميد نه ڇڏيندو آهي. هي ڏس نه تنهنجي من ۾ اڃا پٽ جي آس آهي نه؟.”
اروڻا کي ستون درجو پاس ڪرڻ بعد هڪ سال ويهي رهڻو پيو. پر آخرڪار ڪانپ جي “وڪاس گرهه” ۾ کيس داخلا ملي ويئي.جيون هڪ عجب پرولي آهي. ڪڏهن ڪڏهن هن جي ڀڃڻي اسان جي هٿ ۾ هوندي آهي پر عين وقت تي ئي اسان جي هٿ مان نڪري ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن منجھيل ڍير جو ڌاريل ڇيڙو هٿ اچي وڃي ۽ سڄي پرولي ڀڄي پوي.اروڻا بابت به ڪجھ ائين ئي ٿيو هو. ايشور جي ليلا ڪجھ ائين ته اچانڪ طور گھٽنا کي موڙ ڏيندي آهي جو اسان کي سوچيل سمجھيل ناٽياتمڪ ڳالهه لڳندي آهي. جيون ته ڪلپنا کان به وڌيڪ حيرت جو سرجن ڪندو رهندو آهي.
تلڪچند سان گڏ ڪنچن ڪانپ ۾ وڃڻ جو طيءِ ڪيو. ڳوٺ مان ٻه بسيون صبح جو ستين بجي ۽ شام جو چئين بجي ڪانپ ۾ وڃن. ۽ ائين ڪانپ مان ڳوٺ ۾ اچڻ لاءِ ٻه بسيون ملن. ڪانپ ڪو ايڏو پري ڪونه هيو. پر ڪچا پڪا رستا ۽ اردگرد وارا ڳوٺ وٺندي بس لڳڀڳ چئين ڪلاڪن ۾ ڪانپ پهچائيندي آهي. ڪنچن اروڻا ۽ ڪارتِڪ کي گھر ڇڏي آئي هئي. ۽ پاڙي واري سمتا کي خيال رکڻ لاءِ چئي آئي هئي. جھوير کي ڪانپ مان خريداري ڪرڻي هئي ان ڪري هوءَ به گڏ آئي هئي. اونهاري جا ڏينهن هئا. ننڍي ڇوڪري مٿان وري بس ۾ کيس ڦيري چڙهي. ڪنچن مڏ مڏ کيس سنڀاليو هو.
“وڪاس گرهه” بس اسٽئنڊ کان ڪافي پري هو. لڳڀڳ ڳوٺ جي ڇيڙي تي.گھوڙاگاڏي ڪري اتي پهتا ته گيٽ وٽ بيٺل چوڪيدار اندر وڃڻ نه ڏنو. ڪافي پڇ پڇ ڪيائين ۽ سڃاڻپ پڪي ڏياري تڏهن دري کوليائين.
سامهون وچ ۾ وڏو ميدان هو۽ L (ايل) آڪار ۾ آمهون سامهون ڪمرا. ميدان ۾ دور دور نمن جا وڻ ۽ وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ٻارن ۾ ڪرڻ جا، چميليءَ جا گلن وارا ٻوٽا.ميدان ۾ سامهون واري ڇيڙي تي سنسٿا جو رنڌڻو ۽ ٻي طرف وهنجڻ ــ ڌوئڻ لاءِ تڙ ۽ پاڻيءَ جي ٽانڪي. داخل ٿيندي ساڄي هٿ تي آفيس. ڪنچن، جھوير ۽ تلڪچند پهتا ان وقت هڪ مائي آفيس ٻُهاري رهي هئي. وڏي ڪمري ۾ ٽن ڪنڊن ۾ ٽيبل ۽ پنج ڇهه ڪرسيون هيون. آفيس جي سامهون واري دنگ تي دروازي مٿان نالي واري پليٽ لٽڪي رهي هئي. “ گرهه ماتا”
“ٿوري دير لاءِ ٻاهر بيهو.” مائيءَ جي ڳالهائڻ ٽنهي کي ٻاهر ڌڪيليو. آفيس جي ڏاڪڻ وٽ ڪنچن ۽ جھوير ويٺيون. کاٻي پاسي واري ڪمري جي ٻاهران ٻڌل ڏوريءَ تي ڪٿي فراڪ ته ڪٿي ساڙهي ـــ بلائوز سڪي رهيا هئا. ڪمرا بند هئا. ساڄي پاسي ڇيڙي واري وڏي هال جهڙي ڪمري جي دريءَ مان ويٺل ماڻهن جا مٿا ڌنڌلا ڌنڌلا ڏسجي رهيا هئا. ٿوري دير بعد سماپن واري شلوڪ جو ڌيمو ليڪن مڌر آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڪمري جي کليل دروازي مان لڳڀڳ چاليهه پنجاهه ڇوڪريون ، مايون ٻاهر آيون. سڀني جي هٿن ۾ ڊگھيون پيتيون هيون. جھَوير پڇيو ته تلڪچند چيو“ چرخا آهن. هتي سڀني کي صبح جو لازمي ڪتڻو پوندو آهي.” ڪنچن جو ڌيان ٻيءَ هيو. هوءَ آخر ۾ ڪمري کي تالو ڏيندڙ مائيءَ جي پٺيءَ سامهون نهاري رهي هئي.هوءَ ڪجھ ڄاتل سڃاتل لڳي رهي هئي. هوءَ مائي اڃان سامهون مڙي تنهن کان اڳ آفيس مان رڙ ٻڌڻ ۾ آئي. ڪنچن ۽ تلڪچند ويا. جھَوير ڀاونا کي کيڏائيندي رهي. آفيس ۾ ويا ته جيڪا مائي ڪچرو صاف ڪري رهي هئي اها کاٻي ڪنڊ ۾ ٽيبل سنڀاليو ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. هينئر کيس عينڪ پاتل هئي. هن جي سامهون ٻه ڪرسيون خالي پيون هيون، پر هن ڪنهن کي به ويهڻ لاءِ نه چيو. فارم ڪڍي پڇڻ لڳي:
“ مائيءَ کي ڪهڙي تڪليف آهي.”
ڪنچن ۽ تلڪچند هڪ ٻئي جي سامهون نهاريو. هن جو سوال سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا.
“ ڪهڙي مائي.” ڪنچن پڇيو.
“ ڇو، هن ننڍڙي ڇوڪري وٺي آئي آهي ان کي ؟ مڙس ڪڏهن کان ۽ ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟”
ڪنچن آواز بدلائيندي چيو:
“ ادي ذرا لحاظ رکو. نٿيون ويهڻ لاءِ چئو ۽ نه ئي سليقي سان ڳالهايو ٿيون. ڳوٺاڻا ماڻهو سمجھي پنهنجو ئي ڏنڊو الارينديون ٿيون وڃو.هوءَ مائي منهنجي ڀاڄائي آهي ۽ هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي. اسين اسان جي نياڻيءَ کي هتي پڙهڻ جي لاءِ ڇڏڻ آيا آهيون.”
ڪلرڪ مائيءَ کي پهريان خراب لڳو پر پوءِ آيل ماڻهن جي جاهليت ڏسي کيس جوش چڙهيو.
“ هتي ڇا اسڪول ڏٺو آهي توهان؟ هتي ته ڏَنيل ڇَڏيل يا وري مائٽ نه هجن اهڙين مائين کي داخل ڪندا آهيون. وڃو هاڻي منهنجو مٿو نه کائو.”
ڪنچن ڪجھ چوڻ چاهيو ٿي، تلڪچند کيس روڪيندي چيو: ڪنچن بين، هڪ منٽ ذرا ٻاهر اچو. هن ڪنچن کي سمجھائيندي چيو:
“ تون ڏاڍي تڪڙي آهين. ڌيءَ کي داخل ڪرائڻو آهي هيڏي تڪڙ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ چئي ڇڏين ها رشتيدارن جي ڇوڪري آهي، ۽ ماءُ پيء ڪونه اٿس. هن کي ڪهڙي خبر پوي ها؟ ” تلڪچند چئي ته ويو، پر ڪنچن جي چهري جو رنگ بدلجندو ڏسي هن اضافو ڪيو:
“ ڏس ڀيڻ مٺي نه ڀانئجان. اهو ته اسان کي ڪم ڪڍائڻو آهي ته پوءِ ٿورو اٽڪل سان ته ڪم وٺڻو پوندو نه.”
“ اٽڪل معني ڪوڙ؟” ڪنچن جي آواز ۾ تکائي جو انڀو ڪندي تلڪچند چيو:
“ هيَن ٿا ڪيون جو مان ڳوٺ ۾ وڃي هتي جي ٽرسٽي هيراچند وکاريا جي سفارشي چٺي کڻي ٿو اچان. ٿي سگھي ٿو ڪم ٿي وڃي. تون ۽ تنهنجي ڀاڄائي هتي ويٺيون رهجو.”
“ مان هتي ويهي ڇاڪنديس؟ مونکي ته بيبيءَ لاءِ ڪپڙا وٺڻا آهن ان ڪري مان به گڏ هلان ٿي.”
ڪنچن کي ٿيو هاڻي هي مورچو مون اڪيليءَ کي ئي سنڀالڻو پوندو.
تلڪچند ۽ جھَوير کي گيٽ تائين اماڻي واپس اچي هن ڏٺو ته هوءَ اديوگ روم کي تالو پائيندڙ مائي آفيس ۾ ويئي. ڪنچن کي ٿيو هن سان هڪ ڀيرو ڳالهه ڪري ڏسجي. کيس نه ڄاڻ ڇو هڪ طرح جو اعتماد اچي رهيو هو. وري ويچار به اچي رهيو هو ته ڪٿي منع نه ڪري. هن کان وڌيڪ ته ڪجھ خراب ٿيڻو ناهي. ممڪن آهي ڪو نئون رستو نڪري اچي. آفس ۾ اچي هن ڪلرڪ مائيءَ کان پڇيو:
“ هينئر آئي هئي اها ادي ڪيڏاهن ويئي؟”
“ اها ته گرهه ماتا آهي. هوءَ ته پنهنجي آفيس ۾ ويٺي آهي، پر انهن سان ملڻ مان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو. ڏاڍي اصول پسند آهي.”
ڪنچن آخرين ڪوشش ڪندي اندر ڪيبن ۾ داخل ٿي. هوءَ مائي سندس ڪرسيءَ جي پويان پيل ڪٻٽ مان ڪجھ ڳولي رهي هئي. هن جي سائي ڪناريءَ واري سفيد کاڌي جي ساڙهي، سڌو سنهڙو سرير، جھڪيل ڪلها ڪنچن کي ڏاڍا پنهنجا لڳي رهيا هئا.
“ جئه هند ادي.”
“ جئه هند.”
ڪتاب ۾ نهاريندي نهاريندي هن چيو.
“ ادي، ڏَنيل، ڇڏيل يا مائٽ مري وڃن ته ڇوڪري اناٿ چئجي؟ هن ورهاڱي ۾ اجڙيل گھرن ڪٽنبن ۾ ڪير بچيو ۽ ڪير نه انهيءَ جي ثابتي ڪٿان آڻجي؟ پنهنجي هٿن سان جنهن کي الوداع نه ڪيو آهي ان کي مري ويل ته ڪيئن مڃي سگھجي؟”
پڙهڻ واري عينڪ لاهيندي هوءَ سامهون گھمي ۽ “ ڏسو ادي ”
ڪنچن ۽ هوءَ مائي هڪ ٻئي کي ڏسندي ئي ڄڻ ڄمي ويئون!