25
ڪنچن کي ٿيو. چندرڪانت به امرت جو انش آهي. هن جي خوشي ٻيڻي ٿي پئي. هن جسوءَ کي مصري کارائي مٺو منهن ڪرايو. ۽ سرهائيَ جا ٻه روپيا ڏيڻ لڳي، پر جسوءَ نه ورتا. هڪ گھر ته ڏائڻ به ٽاريندي آهي.
ٻهراڙيءَ ۾ جسو جهڙن ٽپالين مٿان ٽپال ورهائڻ کان علاوه ٽپال لکي ڏيڻ ۽ پڙهي ڏيڻ وارو ڪم به هوندو آهي. ٽپال ورهائڻ ۾ هڪ ٻن ڏينهن جي موڪل رکندو آهي ته هلي ويندو آهي پر لکرائيندڙن کان جند ڇڏائڻ مشڪل ڪم. سڄي پوسٽ ڪارڊ ۾ اڌ کان وڌيڪ حصي ۾ صرف نالا ئي هوندا آهن، خط لکجي انهن جا يا لکرائيندڙن جا. ان ۾ به اگر ڪنهن جو نالو رهجي ويندو آهي ته مصيبت ٿي پوي. حالانڪ جسو ان ۾ به ڪمائڻ وارو ڪيميو ڳولي ورتو. ٽپال لکي ڏيڻ جو آنو ـــ ٻه آنا ـــ جنهن کي جهڙي تڪڙ ان مطابق وٺي. ٽپال پڙهڻ وارو ڪم هو دوستن جي سهايتا سان ڪندو هو. پوسٽ ڪارڊ پڙهڻ جو ته ڄڻ سڀني کي اڻ چيو اڌيڪار. انتر ديشي گول نليءَ جهڙو ڪري گھمائڻ ۽ ماڻهن جي گھر پريوارن جي ڳالهين مان مزو وٺڻ. لفافو کولڻ ۾ ٿوري ڪلا ـــ ڪاريگري ڪرڻي پوندي هئي. ٿورو ٿلهو لفافو هجي ۽ ان ۾ به پريم ڪٿا ملي وڃي تڏهن ته مزو ئي مزو. ڳوٺ جي ڪافي سارن ماڻهن کي ان ڳالهه جي خبر. هڪ ٻه ڀيرا ته ڀلي ڀائي جي ساٿي جيوي جسوءَ کي ڊنگول به ڪڍي، جنهن جي ڪري ٿورو ڍلو ٿيو، پوءِ به موقعو ملندو هو ته ڇڏيندو ڪونه هو.
پر اڄ ته سچي دل سان ڪنچن لاءِ سٺا سماچار کڻي آيو هو. گوراڻي اما کان ناحق جو ڪجھ به نه وٺجي......!
پوين ويهن سالن ۾ اڱرين تي ڱڻي سگھجن ايترا مڏ سٺا سماچار آيا هوندا. حالانڪ جنهن جي هوءَ سالن کان واٽ نهاريو ويٺي آهي اها خبر ته الاجي ڪڏهن ايندي؟ چندرڪانت کي احمدآباد ميونسيپاليٽيءَ ۾ ڪلرڪيءَ جي نوڪري ملي هئي. امرت جي سونپيل جوابدارين منجھان هڪ ته پار پيئي. بس هاڻي پرڻجي گھرگرهستيءَ وارو ٿئي ته آرام. حالانڪ پويان ئي پويان اروڻا تيار آهي. ڌيءَ ڌڻ، کيس وڌندي ڪهڙي ويرم! جھوير ڀاڀي هجي ها ته چوي ها ڌيءَ ۽ ڪچري جو ڍڳ ٻئي سريکا. پيا پيا وڌندا رهندا آهن. ڪنچن کي ٿيو ته جھوير ڀاڀي ۽ جيا جهڙي نڻان هجي ها ته ڌيءَ بابت سندس خيال بدلجي وڃي ها. اروڻا ڪاليج ۾ آئي ۽ ان ئي سال جَيا احمدآباد جي وڪاس گرهه ۾ بدلي ڪرائي ورتي. ڪنچن کي ٿيو هي چندرڪانت پنج سال کن نوڪري ڪري ۽ تنهن درميان اروڻا ڪاليج ڪري وٺي ته ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جون گڏ شاديون ڪرائي سگھجن. هڪ ئي خرچ ۾ ٻه پرسنگ پتجي وڃن. من ته گهڻو ڌم پڇاڙ ڪندو آهي پر آخر ڪار ته سڀ ڪجھ مالڪ جي هٿ ۾ آهي. ڏسو نه ڪنچن ڪيتريون ساريون ٻاڌائون رکيون هيون پر ڪارتِڪ ستين ۾ ناپاس ٿيو ۽ سال بگڙيو. نه ته ان کي به چندرڪانت وٽ احمدآباد موڪلي ڇڏي ها. هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج سڀ ڪجھ گڏ ئي گڏ پتجي وڃي ها. ڪارتِڪ کي چوپڙين کان چترن ۾ وڌيڪ مزو ايندوهو. هن سوچيو ته جيا کان پڇائيندس ته اتي ڪا اڳيان پڙهائي واري لائن به هجي ته؟ باقي هي ڇوڪرو ٻين جيان ڪونه پڙهندو. هونئن به سُڀاءَ ۾ ڪجھ الڳ ئي آهي. سڄو ڏينهن سيم ۾ رلندو وتي ٿو. گھر کان ٽهندو آهي. ننڍو هو تڏهن ڏَسيل ڪم ڪندو هو، جڏهن کان چندرڪانت کي نوڪري ملي آهي تڏهن کان تقريبن هر ڳالهه هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏي ٿو. گھر کان اسڪول وڃڻ لاءِ نڪرندو آهي پر اسڪول نه پهچندو آهي. هڪ دفعو ماستر ڪنچن کي چيو به سهي. ڪنچن ان ڏينهن ماريس ته سامهون ٿيو. ٿڪجي هارجي ڪنچن سندس نالو وٺڻ ڇڏي ڏنو. هن کي بس بڙودي وڃڻو آهي. ۽ چترڪلا جو اڀياس ڪرڻو آهي. پر ستون درجو ناپاس، کيس ڪير داخل ڪندو؟ ۽ چترن جي پڙهائيءَ ۾ ڪاڳر، رنگ ۽ ٻين شين جي پٺيان وارو خرچ به ڪافي ٿيندو آهي. مڃي وٺو چندرڪانت ٿوري مدد ڪري پر ڪنچن کان اهو سڀ ڪٿان پڄي؟جَيا سان ڳالهائي ته ڪا تڪليف نه رهي، پر هن مٿي به ته اروڻا جي ذميواري وڌي آهي اتي هيءَ ٻي ڪٿان وجھجي. اتفاق سان هڪ ڏينهن ڀلاڀائي گھر آيو. هُونئن ته اهي قليل ڪڏهن ايندو هئو. هري پريا جي ذريعي ئي هو هڪ ٻئي کي سڃاڻندا هئا. ٿيو ائين جو ان ڏينهن ڪنچن گھر کي راڳو ڪرڻ لاءِ ڇيڻو مٽي پُسايا هئا. تقريبن ٻنپهرن جو، ڪارتِڪ اسڪول ويو هو. ڪنچن ڪمري ۾ راڳو ڪري رهي هئي ۽ ٻاهران گيٽ وٽ ڪنهن ڪڙو کڙڪايو. ڇيڻي مٽيءَ وارن هٿن سان ڪنچن دروازو کوليو ته سامهون ڀلاڀائي بيٺا هئا!
اونچو سنهڙو ڪڻڪائون ديهه. چهري تي هلڪيون مڇون، ليمي جي ڦاڪ جهڙيون اکيون. ڪنچن پل ڀر لاءِ هٻڪي ويئي. کيس خيال به نه رهيو ته ڪو هن جي مٿي تان ساڙهيءَ جو ڇيڙو سِري ويو آهي. چوٽو ڪيل وار ڍلا ٿي ڪنڌ تي پيا آهن ۽ راڳو ڪندي بيٺ ٻڌل آهي، شلوار کنجيل آهي جنهن جي ڪري پير ڳرين تائين کلا آهن.شايد پهريون ڀيرو هوءَ ڪنهن پرائي پرش جي اڳيان هن طرح بيٺي هئي. اڌ گھڙيءَ ۾ هن پاڻ کي سنڀالي ورتو. راڳي وارن هٿن سان مٿي تان اوڍيو “ ادا ڀلي ڪري آئين” چوندي هن ٻڌل بيٺ ڇوڙي ۽ کنجيل شلوار به سريکي ڪئي.
ڀلاڀائي سنڪوچ وچان اڱڻ ۾ پير پاتو ۽ ڌيمي ستي ماتا واري هنڌ طرف مڙيو. جوڙو لاهي درشن ڪيا. ڪنچن ورانڊي وٽ دروازي جي ڀرسان پاڻيءَ جو گلاس کڻيو بيٺي هئي. هو آيو ۽ ڪنچن کان پاڻيءَ جو گلاس وٺي ڪرسيءَ تي ويٺو. ڪنچن ڪماڙ جي ٽيڪي سان بيٺي هئي. گلاس واپس ڪندي ڀلا ڀائي ڳالهايو:
“ گھڻن ڏينهن کان توهان سان ملڻو هو پر موقعو نه پي مليو. وچ ۾ هڪ ڀيرو ويچار آيو ته هن کي يعني توهان جي سهيليءَ کي موڪليان پر وري سوچيم ڪجھ ڳالهيون سڌيون ڪجن ته ٺيڪ. ” رڪجندي هن ڪنچن سامهون ڏٺو. ۽ اڳيان چيو:
“ چوڻين ۾ چيل آهي ته سنگھاسن تي وهندڙ پيءُ مري پر پرايا پيهڻا پيهندڙ ماءُ شل ڪنهن جي نه مري. ڳالهه به ڪجھ صحيح آهي ته ڪجھ اڌوري به. حقيقت ۾ ٻار کي زندگيءَ ۾ ماءُ يا پيءُ ڪنهن هڪ بنا به نه هلندو آهي. مان ڏسان پيو توهان جي تپسيا، ڪيڏو سارو سهي توهان ٻارن کي وڏو ڪيو آهي. پيءَ جو فرض به نڀايو آهي پر ڪمي آهي سا ته آهي ئي.” هو ڪنچن جو ردِعمل ڏسڻ لاءِ رڪجيو. ڪنچن کي ڪجھ سمجھ ۾ اچي رهيو هيو ۽ ڪجھ نه.
“ ڀلا ڀائي توهان صاف لفظن ۾ ڳالهه ڪريو، مان مٺيان نه ڀائينديس.”
“ ڳالهه هيئن آهي ته توهان جو ننڍڙو ڪارتِڪ ويرڀدر جي سنگت لڳو آهي. سڄو ڏينهن جھانپل دي جي اوٽي تي پيو هوندو آهي. ڀارت سنگھ جو مٿي جو وار به قرض ۾ ٻڏل آهي. هو اوطاق تي جُوا کيڏندو رهي ۽ هي ويرڀدر ڳوٺ جا ٻار گڏ ڪري مار ڪٽ ڪري، لڦڙا ڪري. پاڻ کي ائين ٿئي ته ڳوٺ جو نالو ٿو بدنام ٿئي پر آخر ڪيستائين کيس پوليس کان بچائجي؟ ڪارتڪ جي هن سان اُٿ ـــ ويهه هجي اهو ٺيڪ ناهي.”
ڪنچن ڪجھ چئي نه سگھي. هن جو من ڀرجي آيو. پوين ڪيترن مهنن کان هن کي جيڪو ڊپ هيو اهو اڄ سچ ثابت ٿي رهيو هو.چندرڪان سنئون سڌو، ۽ ماٺيڻو. هو وڏو ٿيو ڪنچن کي خبر نه پيئي هئي پر هن ڪارتڪ جو ڇا ڪجي؟ هن ڀريل آواز مان چيو:
“ڇا ڪريان ادا؟ رات ڏينهن ان جي چنتا ٿيندي اٿم. گذريل سال ستين ڪلاس ۾ فيل ٿيو. ڪيترو ئي سمجھايو اٿم ته امتحان ڏي پر الاجي ڇو مونکي ته ڄڻ پاڻ جي دشمن سمجھندو آهي. ڳالهائيندو ئي ناهي. ڪجھ چئوس، مار ڪُٽ ڪريوس ته چپ سبي ويهي رهندو آهي. ”
“ ائين تون ڍلي نه ٿي. کيس آرام سان ويهي پڇينس، پڙهڻو نه هجي ته ڪنهن ڪم تي لڳائينس.”
“ نه هن کي ته چترڪلا جو پڙهڻو آهي. بڙودي وڃڻو آهي، پر منهنجي حيثيت ئي ڪٿي آهي جو مان موڪلي سگھانس. اڃا ته چندرڪانت کي نوڪري ملي آهي تنهن کي ٻه سال به ته نه ٿيا آهن. هن جي نوڪري پڪي ٿي وڃي پوئي ئي ڪجھ سوچي سگجي ٿو ۽ هن چترڪلا کي پڙهي ڇا ڪندو؟ ان مان ڪهڙي ماني ملندي؟”
“ تون هيئن ڪر، هن کي مون وٽ موڪلج. مان هن کي سمجھائي ڪو رستو ڪڍندس. ۽ ها اگر هو چترڪلا ۾ نالو ڪڍندو ته توکي هن جي ته ڇا تنهجي مانيءَ جي به چنتا ڪونه ڪرڻي پوندي. چڱو ته مان هاڻي هلان ٿو.” چوندي ڀلاڀائي ورانڊي واريون ڏاڪڻيون لهڻ لڳو. جوتو پائي هڪ منٽ بيهي رهيو ۽ چيائين:
“ تون ڪارتِڪ بابت فڪر نه ڪج، هن جو بڙودي وڃڻ جو انتظام مان ڪري ڏيندس. ان کان علاوهه اڌ رات جو به تنهنجو ڪو ڪم هجي شرم نه ڪج. تون ڳوٺ جي نياڻي ئي نه پر هن جي سکي به آهين. تون ته مٺي پاڻيءَ جي مڇي هتي کاري پاڻيءَ ۾ ڀلجي پيئي آهين. هوندي جيڪا ايشور جي مرضي. پر ايترو ڄاڻج ته تون اڪيلي نه آهين.”
ڀلا ڀائي ويو. ڪنچن کي ٿيو صفا سڪل نديءَ ۾ به ويئريون هونديون آهن سهي!
بڙودي وڃڻ واري ڳالهه ڪارتِڪ کي ننهن چوٽيءَ تائين ڄڻ بدلي ڇڏيو. ڪنچن کي من ۾ اونو رهندو هو ته هن پير جي تڪليف سان هو ڪهڙي ريت شهر ۾ رهي سگھندو؟ پر ائين ڪرڻ سان جو هن کي هن جي من کي وڻندڙ ڪِرت ملي ويندي ته گھٽ ۾ گھٽ آڏي رستي ته ڪونه ويندو. بڙودا وڃڻ ۾ هفتي جي دير هئي ۽ هڪ شام جو هرجي پٽيل وارو ڪالو ڪارتڪ کي گهليندو گھر وٺي آيو. پٺيان ماڻهن ۽ ٻارن جو ٽولو هيو. ڪنچن ڊڄي ويئي.
ڪارتڪ جي منهن مان رت نڪري رهيو هو. سڄو بُت مٽيءَ سان اٽيو پيو هو. ٻئي پير لٿل هئا. ڪنهن کيس ڪنڊن جي واڙ ۾ گهليو هجي اهڙا. هڪ هٿ لٽڪي رهيو هو. ڪارتڪ ڪروڌ ۽ پيڙا جي ڪري روئي به نه پي سگھيو .
جڏهن کان ڀلا ڀائي ڪارتِڪ کي گھرائي سمجھايو ۽ کيس بڙودا موڪلڻ واري ڳالهه ڪئي هئي تڏهن کان ڪارتڪ ويرڀدر جي سنگت ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو هو. ويرڀدر کي ڊپ هيو ته ڪارتڪ هن جي ڪارنامن جي پول کولي وجهندو. ڳوٺ ۾ ٿيندڙ ننڍيون وڏيون چوريون، جيئن ته ڪنهنجي سائيڪل جي گھنٽي چورائجي وڃي، ڪنهن جي بُليٽ گاڏيءَ جي پيٽرول جي ٽانڪي خالي ٿي وڃي، ڪنهن جي ڳئون ڏُهڻ وقت گابو ڇٽي وڃي، تلائن کوهن تي مايون ڪپڙا ڌوئنديون هجن يا وهنجنديون هجن تڏهن وڻ جي ٽارين تي چڙهي لڪي لڪي نهارڻ واري عادت، ڪير ڪنهن سان هلي ٿو ان جون ثابتيون ڳولڻ، دير رات جو ڪنهن اڪيلي رهندڙ عورت جي ڇت تي پٿر ڀتر اڇلائڻ، ڪنهن بيٺل ٻنيءَ ۾ ڍور ڇڏي ڏيڻ ۽ وجھ ملي ته ٺاڪر مندر مان پرچورڻ ميڙي وڃڻ .... اهڙا ڪئين ڪيترن گورک ڌنڌن جو ڪارتڪ ساٿي ۽ ساکي رهيو هو.
هڪ ڏينهن واڙي ۾ ڪارتڪ لغڙ اڏائي رهيو هيو. ۽ ويرڀدر پنهنجن ساٿين سان گڏ اچي پهتو. ڪارتڪ ڪجھ سمجھي تنهن کان اڳ هن جا لغڙ ڦاڙي ڇڏيا. ڏورن واري ڍيري دور تلاءَ ۾ اڇلائي ڇڏي ۽ لتون مڪون هڻي ڪارتڪ کي هيٺ ڪيرائي کيس ٻٻرن جي ڪنڊن ۾ گھليو ويو.
“ وڃ. تنهنجي ماءُ کي پڇي اچ ته هن جا گھڻا مڙس آهن؟ ۽ هن حراميءَ کي چئج ته توکان ٿئي سو ڪري وٺج. هو توکي بڙودي موڪلي ٿو، مان ڏسان ٿو ڪيئن ٿو موڪلي هو؟ ”
ڪارتڪ مار ته سهي ويو هو پر ويرڀدر ڪنچن ۽ ڀلا ڀائي تان جيڪا ڪيچڙ اڇلائي هئي اها هن جي برداشت کان ٻاهر جي ڳالهه هئي. هو هيٺ پيو هو پر سندس هٿ ۾ آيل سِر کڻي ويرڀدر جي مٿي ۾ ٺڪا ڪيائين. رت جي ريلي سان ويرڀدر ويهي رهيو. ان وقت هرجي پٽيل وارو ڪالو سيم مان موٽي رهيو هو. هن هڪل سان ٽولي کي ڀڄايو. ڪارتڪ جا ٻئي پير لهي پيا هئا. کيس ڪلهي تي کڻي گھر وٺي آيو.
ڪارتِڪ جو کاٻو هٿ اکڙي پيو هو. ڀلاڀائي کي جيئن خبر ملي ته هو گاڏي وٺي ڊوڙي آيو ۽ کيس پاسي واري ڳوٺ سيجڪ پور ۾ ڪنهن ويد وٽ کڻي ويو. ڪنچن کي گڏ اچڻ لاءِ چيو پر هن پهريان ته نا ڪئي. ڀلا ڀائي چيو “ ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين ۾ هيئن نراس ٿي ويندينءَ ته ڪيئن هلندو؟ هل، پٽ تو لاءِ هيڏو سَٺو آهي ۽ تون پوئتي هٽي رهي آهين.” ڪنچن ويئي. ويرڀدر به موٽر ۾ هو. هن کي تعلقي جي ڊاڪٽر ٽانڪا کنيا. موٽندي ڀلا ڀائي چيو “ هي ٻار وڏڙن جي ميرن منن جو پڙاڏو هوندا آهن. حقيقت ۾ هو ماڻهو اهڙا نه هوندا آهن.”
ڪنچن واپس آئي ته ڪيترن ئي ڏينهن تائين طبيعت پڇڻ وارن ماڻهن جي قطار لڳي ويئي. سڄو ڳوٺ ڀارت سنگھ ۽ ان جي ماڻهن کان عاجز هو. سڀيئي واٽ نهاريو ويٺا هئا ته ڪو اچي منيءَ جي ڪنڌ ۾ اچي چڙو ٻڌي! آخرڪار صفا غريب لڳندڙ ڪارتڪ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو. ڪنچن کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پيئي ته هن ڪارتڪ کي چيو “ تو ڇو جھيڙو پاڻ تي کنيو؟ هتي ته اڪيليءَ عورت کي عالي موالي گاريون ڏيئي ويندا آهن. ڪنهن کي ڪا لڄ شرم آهي ڪونه. تون ڪنهن جي ڪنهن جي منهن تي ڇاڻي ٻڌڻ ويندين. هن ڀيري تون بچي ويو آهين، پر وري اگر ڳالهه وڌندي ته هي ماڻهو توکي جيئرو ڪونه ڇڏيندا.”
“ ڀلي، اهي ماڻهو مونکي مارڻ کان وڌيڪ ٻيو ڇا ڪندا؟ پر هڪ ڳالهه تون به ڪن کولي ٻڌي ڇڏ. مان سڀ ڪجھ سهي ويندس، پر ڪو تنهنجو نالو وٺندو ۽ منهنجي پيءَ تائين ويندو ته مان ان کي جيئرو ڪونه ڇڏيندس. ”
ڪنچن کي ٿيو هاڻي ڪارتِڪ وڏو ٿي ويو آهي. هن کي پنهنجي مٿان ٿڌي ڇانو جو احساس ٿيو.
ڀلاڀائي جي سڄاڻپ جي ڪري ڪارتڪ کي بڙودي جي فائين آرٽس ڪاليج ۾ داخلا ملي ويئي. پهريئين سال جو ته سمورو خرچ ڀلا ڀائي کنيو ٻئين سال کان ڪارتڪ ننڍا وڏا گرافڪ جا، ڊزائن جا ڪم کڻي ٿورو گھڻو ڪمائڻ لڳو. هن لائن ته پئينٽينگ واري کنئي هئي پر ڌيمي ڌيمي هن جو ڪامرشيل آرٽس طرف لاڙو وڌندو ويو. ٽئين سال هن پڙهائي ڇڏي ممبئي جي واٽ ورتي. اتي اشتهارن جي ڪمپنيءَ ۾ ڪم به ڳولهي ورتو.
چندرڪانت پڙهڻ ويو تڏهن ڪنچن کي لڳو ته اروڻا ۽ ڪارتڪ آهن. اروڻا ويئي ته ڪارتڪ جو سهارو هيو پر ڪارتڪ جي وڃڻ بعد هوءَ بلڪل اڪيلي ٿي پيئي. هيل تائين هن جيڪو ڪجھ ڪيو پئي ان جي پويان صرف هڪ مقصد هيو ٻار، انهن کي پالڻ، پڙهائي ڍنگ سان ٿئي ۽ هو لائقيءَ لڳي وڃن. ڪنچن کي ٿيو ٻار شروعات وارن ڏهن سالن ۾ ڄڻ تمام هوريان هوريان وڏا ٿيندا لڳن، پر پوءِ ته اچانڪ هڪدم وڌندا يعني گھڙيءَ گھڙيءَ وڏا ٿيندا محسوس ٿين. اڃا هينئر ئي ته چندرڪانت جو آواز بدلجيو هيو تان ڪارتڪ جي منهن تي به منهن سَر ڦُٽي آئي هئي. اروڻا ۽ ڪنچن جي چپل جي ماپ چپٽي وڄائيندي هڪ ٿي ويئي هئي. چهنب ــ پنک ايندي سڀيئي پنهنجي پنهنجي دشائن ۾ اڏامي ويا.
اروڻا بي. اي. ٿي ويئي. ڪنچن کي هاڻي ٻنهي کي گڏ پرڻائڻ جي اڻتڻ ٿي. هن جَيا کي لکيو لائق ڪنيا ۽ گھوٽ نظر ۾ رکج. پر اروڻا صاف چئي ڇڏيو ته پهريان نوڪري پوءِ ٻيون ڳالهيون. هوءَ سرڪاري نوڪريءَ لاءِ امتحان ڏيڻ جون تياريون ڪرڻ لڳي. ڪنچن کي ڊپ ٿيو ته اروڻا شادي ڪرڻ جي نابري نه واري ڇڏي يا هن من ئي من ۾ ڪنهن کي پسند نه ڪري ڇڏيو هجي؟ هن احمدآباد وڃڻ جو طيءِ ڪيو.