ناول

اَڻکُٽ پيالو

ناول ”اَڻکُٽ پيالو“ هند جي ليکڪا بندو ڀٽ جو لکيل آهي. هن ناول جو سنڌيڪار ڪڇ- ڀُڄ هندستان جي علائقي ”ٻني“ جي ڳوٺ پناهواري جي سنڌي دوست ڪلاڌر مُتوا ڪيو آهي.
Title Cover of book اَڻکُٽ پيالو

14

“واڌايون هجن ابا. جيٺو تنهنجي ته گھر ويٺي گنگا آئي.”
' ديووِلا' کان واپس موٽيل اُميا امڙ جي خوشيءَ جو پار نه هيو. پر جيشٺارام ٿورو سوچي رهيو هئو.
“ پر امان اسان کي ٿورو سوچڻو پوندو. سيٺ جي جتيءَ ۾ پير پائڻ کان اڳ ....”
“ هاڻي ڏس، تون به ڪو عجيب برهمڻ آهين. لڇمي ٽلڪ ڪرڻ آئي آهي تڏهن تون نراڙ ڌوئڻ جون ڳالهيون ويٺو ڪرين! تنهنجو پيءُ ته هڪ اڌوري آس کڻي گذاري ويو ۽ ڪهڙي خبر منهنجو موت به ڪيئن لکيل آهي.
“ پر تڏهن ته ڪنچن پڙهندي هئي.”
“ ها، پر هاڻي ڇا آهي؟ ائين ڪندي چوڏهن سالن جي ته ٿي وئي آهي. ڇوڪري ۽ گند ڪچرو ٻئي هڪ جهڙا هوندا آهن، وڌندي دير نه لڳندي آهي.”
ڪمري جي ڪنڊ ۾ پيل ريوا کي لڳو ته هيءَ ته ڪا ڪنچن جي شاديءَ جي ڳالهه ٿي رهي آهي. هوءَ کن پل لاءِ ناراض ٿي پئي.' منهنجي پيٽ ڄائيءَ جي سڱ جي ڳالهه ٿي رهي آهي ۽ مونکان ڪو پڇي به ڪونه ٿو! هڪ ستايل انسان جيان مونکي ٻڌڻو ۽ ڳالهه جو انداز ڪڍڻو! ڪم نٿي ڪري سگھان ته ڇا منهنجا تمام رشتاناتا به بيڪار ٿي ويا آهن؟ منڊي ڍور جيان ولر مان ئي ڪڍي ڇڏڻو؟ اتي ريوا ڏانهن نظر ويندي جيشٺارام چيو،
“ شادي ته ٻن سالن کان پوءِ .....”
“ اڙي!، هنن جو ته هن سياري ۾ ئي شادي ڪرڻ جو ويچار آهي. شادي ۽ نکيٽي سڀئي گڏ. گنگابا کان هاڻي ڪم نٿو پڄي. ان ڪري ته ڪنچن وٺڻ لاءِ تيار ٿي آهي. باقي ڪٿي راجا ڀوج ۽ ڪٿي گانگو تيلي؟”
“ ريوا کان شوڪارو نڪري ويو. ڌيءَ جو اوتار ... ائين ئي پيءُ جي گھر کان ساهري... ان ۾ به غريب مائٽن جي ڌيءَ ته وڏي گھر ۾ اڳڙيءَ برابر! کيس ياد آيو.
“امڙ، سيٺ جو پُٽ امرت ته ٻيجوَر ئي چئجي نه.”
“ هيءَ ڏسو ڏاهي ماءُ جي ڌيءَ! امرت ڪهڙو مري ويل سان گڏ چار ڦيرا ڦريو هو جو ٻيجوَر چئجي. ۽ هيءَ تنهنجي ڇوري به ڪٿي ننڍڙي آهي جو هن لاءِ ڪو ڪنوارو واٽ نهاريو ويٺو هوندو؟ شڪر مڃ ڀڳوان جو، تنهنجي ڌيءَ محل ۾ راڄ راڻيءَ جيئن رهندي!” ۽ جيشٺارام سامهون گھمندي اميا امڙ چيو:
“ ڏس جيٺو تون خرچ پکي جي چنتا بلڪل نه ڪج. مان ويٺي آهيان نه ٻارهن سالن جي.کيت وڪڻي به رنگ ڍنگ سان ڪارج ڪنداسين. گنگابا ته چئي ٿي مونکي ڪنڪو ۽ ڪنيا ڏيندا ته به هلندو. پر اسان کي پنهنجي حال آهر ڪجھ ته ڪرڻو ئي پوندو نه. ۽ مان ته چوان ٿي ته ڪنچن جي شاديءَ سان گڏ وشوءَ جا جڻيا به ڪري ڇڏيون.”
پاڙي واري نرملا ماسيءَ وٽ ڀرت ٽانڪوسکڻ جي لاءِ ويل ڪنچن گھر ۾ پير رکندي ئي اميا امڙ جو پويون جملو ٻڌو. ۽ هوءَ اتي ئي در جي وچ ۾ کُپي ويئي. هوءَ ڄڻ سرحد تي بيٺي هئي. هڪ ئي جملي جي ڪري کيس گھر جي اندر واري دنيا ڌار ٿيندڙ لڳي.. هڪ ڏس جا دروازا بند ٿي رهيا هئا پر ٻي ڏِس ڪهڙي؟
هونئن ته ڪنچن کي ڪجھ وقت کان محسوس ٿي رهيو هو ته ڪجھ نه ڪجھ ضرور ٿيندو. جڏهن کان اسڪول ڇڏيو هو تڏهن کان سندس ڏاڏي ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ته ڪنچن جا هٿ پيلا ڪرڻ واري ڳالهه ڪڍندي ئي هئي. اسڪول ڪنچن لاءِ هڪ ڪَوَچ هو ــ بختر هو. اهو هٽي وڃڻ جي ڪري ڄڻ هاڻي هن جو ڪٽجي وڃڻ لازمي هو. هن ته ماءُ لاءِ اسڪول ڇڏيو هو. هن کي هو ته ڏاڏي ڀلي چئي ٿي پر جيستائين ماءُ چاڪ نمري ڪونه ٿيندي تيستائين پيءُ کيس ڪونه پرڻائيندو. پر اڄ جيڪو هن ٻڌو، هينئون ڦاٽي پيس. هوءَ پاڻ کان به اڄاڻ ٿيندي رنڌڻي ۾ هلي وئي.
ريوا آخرين ٻول ٻولي ڏٺو. هن چيو: “ مان صفا پروس آهيان ڪنچن کي پرڻائي ڇڏيندا ته ......”
ڄڻ چماٽ هڻي ڳالهه ٻڪي هجي تيئن اُميا امڙ چيو.
“اڙي توبهه توبهه.. سوارٿ جي به ڪا حد هوندي آهي يا نه؟ تون نئين بني ٿئين ۽ پنهنجي هٿ سان ناٺيءَ کي ڌيءَ ڏئين ان انتظار ۾ ته تنهنجي ڌيءَ پوڙهي ٿي ويندي پوڙهي، ها! ڪنوارو ڪراڙو ٻڌو آهي پر ڪنواري ڪراڙي ٻڌي اٿيئي ڪٿي؟ ريوا تنهنجي ڌيءَ لاءِ تون سٺو سوچ. تون نه سوچيندينءَ ته ٻيو ڪير سوچيندو!”
ريوا خاموش ٿي وئي. رنڌڻي ۾ ڪنچن ڀاکريءَ لاءِ ڪونڊي ۾ ڳوهڻ لاءِ ڪڍيل اٽي جو ڍڳ ٺاهيندي ڊاهيندي رهي . هونئن ته گھڻا دفعا کيس چيو ويو آهي ته سوچڻ ڪم مائٽن جو آهي توکي ته جيڪو چيو وڃي اهو ڪرڻو آهي. اهو ته هنن جو واڌو اختيار هو. پر من هيو جو ور ور ڏيئي انهي منع ٿيل وستار ۾ گھڙي ٿي ويو. ڪير هوندو اهو!
تنهن درميان وشوناٿ چيو:
“ ادي توکي خبر آهي، تنهنجي شادي امرت سان ٿيڻي آهي.”
“ ڇا ...!؟” ڪنچن ڪڇي پئي. سندس ڀاکري ٺاهيندڙ هٿ رڪجي ويا.
“ ها، ڏاڏيءَ چيو آهي ته مونکي هاڻي امرت کي امرت لال چوڻو. ۽ تنهنجي شاديءَ ۾ مونکي جڻيو پارائڻ وارا آهن. ڏسج نه مونکي گور مهاراج جڻيو پارائيندو تڏهن مان دور ڀڄي ويندس. ڪنهنجي هٿ نه چڙهندس.” وشوناٿ ڄڃ ۾ گھمي رهيو هجي تيئن رعب مان گھمندڙ گھوڙي سوار جيان رنڌڻي مان ٻاهر نڪري ويو.
ڪنچن کي ٿيو ' امرت هن مڱڻي جي ها ڪئي هوندي؟'
کيس ٻڌڻ ۾ آيو 'شنڪرپاربتي' ۽ سندس لالاڻ ڀرئي چهري تي هلڪڙي مشڪ اچي وئي.
***

بسنت پنچمي. ڪنچن جي زندگيءَ جو نئون باب هن ڏينهن کان شروع ٿيو.ساهرو ڳوٺ ۾ هو، ماڻهو ڄاڻندا هئا، امرت جو ساٿ وڻندو هو پر ڪنچن جي من تي هڪڙو بار هو. سالن کان هڪڙي ئي سُر ۾ ساهرو لفظ ٻڌو آهي، ههڙي ڍڳي جهڙي رهندينءَ ته ڪير هٿ جھليندو تنهنجو؟ ههڙيون غلطيون ڪندينءَ ته ڪير رهڻ ڏيندو توکي؟ مٿي تي ڀري رکي ڊوڙائي ڇڏيندءِ سس. ننڍري ٻار کي ٻلي ۽ ٻاوي جو ڊپ ڏيکاري وڏو ڪيو وڃي تيئن هتي ساهرن جو ڊپ ڊاءُ ڏيکاري ڪڏهن ڊيڄاريندي ته ڪڏهن ڌمڪائيندي هئي ڏاڏي.هڪ ته اڻ ڄاتل ڊپ ۽ ٻي ٻاراڻي عمر! ايندڙ ڏينهن ۾ شادي ڪرڻ جا سپنا ڪٿي ٿا ڏسي سگھجن. هتي اُڳن ته آشنڪائن، ڊپن جا ٿوهر اڳن! مخالفت ڪري سگھجي اهڙو ويچار اُڳي اهڙي نه ته زمين هئي، نه ئي هوا ، نه ڀاڻ پاڻي!سُتيءَ کان وٺي هڪ ئي مصرع جي رٽَ رٽائي ڏيڻ ۾ اچي. صرف سويڪار. سويڪار اها ئي نيَتي. اهو ئي رواج.
ريوا به ڪٿي آزاد هئي انهي نيرَ مان. ريوا به پرڻائڻ واري ڳالهه جو آخرڪار سويڪار ڪري ئي ورتو پر انهيءَ سويڪار جو هن تي الڳ ئي اثر ٿيو. بيماريءَ جي ڪري گھروارا کيس نظرانداز ڪرڻ لڳا هئا ۽ وقت ويندي هوءَ پاڻ به پاڻ کي نظرانداز ڪرڻ لڳي هئي. خالي زمين ڏسي ڪو به ستايل ماڻهو ان تي قبضو ڪري وٺندو آهي تيئن ريوا تي به بيماريءَ قبضو ڄمائي ورتو هو! پر جيئن جيئن شاديءَ وارا ڏينهن ويجھا پئي آيا تيئن تيئن هوءَ جنون جي حد تائين بيماريءَ کي ڌڪيندي اڳيان وڌي رهي هئي.اميا ۽ جيشٺارام وهنوار، وهيوٽ ۽ خريداريءَ ۾ لڳا پيا هئا.ريوا ڪنچن جي ڏيج لاءِ ننڍيون وڏيون شيون الڳ ڪري رهي هئي. هوءَ ڪنچن کي پاسي ۾ ويهاري جھوني پيتي کولائيندي هئي. سندس ماءُ چوڄ مان ريوا کي ڏيج ۾ ڏنل ڀرت ڀريل ٽپڙٽاڙين واري پوٽلي به کولائيندي هئي. ڪنچن کي ٿيندو هو اگر منهنجي ماءُ به چاڪ هجي ها ته مونکي به ڀرت ڀريل ڪپڙا، موتين جا تورڻ ، ڏورن ۽ اُن جا ڀرت ڀريل وال پيس ، ڪماڙ، تڪيا، موتين مڙهيل ناريل لوٽا، ۽ وڃڻا ڏئي ها.... پر ريوا چونڊي چونڊي سڀ ڪجھ ڪنچن کي ڏيئي ڇڏيو. بس هڪ هرمچي ڀرت وارو رومال ماءُ جي يادگيريءَ طور پاڻ وٽ رکيائين.
وهنوار ،ڀليڪار،کينڪار، اوڍاڻيون، پهراڻيون، ۽ دعوتون ڏيندي شاديءَ وارو ڏينهن اچي پهتو. هفتي کان پوري پڪوانن جون تياريون هلنديون رهيون. سڄا ٻپهر سِهرن ڳيچن سان گونجندا رهندا هئا.صبح جو پرڀاتيا ۽ شام جو سانجھي. هيءَ چوري هيءَ چنري، هيءَ سس جي ساڙهي ۽ هيءُ رامڻ ڏيو، هيءَ پاٽ هيءُ پوش، هيءُ ماڻڪ ٿنڀ ۽ کيت پال، هيءَ ڪچري داني، هيءَ گڻيش ماٽلي ..... ڪنچن اکيون مٽڪائيندي ڏسندي رهي. ۽ کيس مخاطب ٿي ڳيچ ڳائجندا رهيا. “ بني ماڻين بنرا سيڄ ماڻين سنرا، سدا اڱڻ آئين لاڏا بنالا.....” “هٿين گل ميندي پيرين گل ميندين، لال لڱن کي لايو ڙي منهنجو ڪالونگر. روح چوي ڙي منهنجي اڱڻ ٻاروچو آيو ڙي ...” “ لڏي لڏي ٿو نمن جي لامن منجهه، لڏي لڏي ٿو انبن جي ٽارين منجھه. توکي لڳو ونيءَ جو واءُ ڙي راڻا توکي لڳو جيڏل جو واءُ.” ته وري ڪنهن گيچ ڳايو جنهن ۾ لاڏي جي رنگ جو ذڪر هو. سهرا ٻُڌي شرمائيندڙ ڪنچن کي ٿيو پر امرت جو رنگ سانورو ته ناهي ، اتي ئي ڪنهن رڙ ڪري چيو پيٺي برابر لڳائجو، ته جيئن رنگ کلي. وري ساهري وڃي وڏو گر جو سنڀالڻو اٿس.' ڪنچن کي ٿورو ٿورو سمجھ ۾ اچي رهيو هوته ڪجھ سوچنائن مان الڳ ئي بوءِ اچي رهي آهي.باسڻ ۾ هيٺ کير سڙي چهٽي وڃي پوءِ بوءِ اچي اهڙي بوءِ.
ڪنچن کي وشوناٿ جي جلوس ۽ جھمر ۾ وڃڻ جو موقعو نه مليو. مالها پائڻ کان پوءِ گھر کان ٻاهر پير نه رکي سگھجي. وشوناٿ جو جلوس رڻڇوڙ لائن کان ٿيندو ٽرام جي پٽن کان لگھندو پاروتيءَ جي مندر کان ويندو چئين بجي واپس آيو. وشوناٿ کي ساسڪين جو ڪوٽ ــ پئنٽ پاتل هئا. گھوڙي تي ويٺل وشوناٿ جي هٿ ۾ موتين سان مڙهيل ناريل هو ۽ پٽڪي ۾ لائيٽ چمڪي رهي هئي.اڳيان اڳيان بئنڊباجا ۽ پويان پويان اونچن راڳن ۾ جڻئين جا گيت ڳائيندڙ عورتون.... چيٽ ويساک جا واءَ لڳا، انهن وائن ۾ ٻٻر ڦرهيون. .....پوءِ ته انهي ٻٻرن مان هر ٺاهيا ۽ هر سان کيت کيڙيا، کيت ۾ وُئڻ پوکيا ۽ وُئڻن ۾ ڏيڏا لڳا. ڏيڏن مان ڪپهه ڪڍيو ۽ ڪپهه مان سٽ ڪتيو ۽ سُٽ مان جڻيو تيار ٿيو. جلوس جي ٻنهي پاسن کان مٿي تي پئٽروميڪس کڻي مزدور هلي رهيا هئا جن جا چهرا اوندهه ۾ ڍڪيل هئا.
شادي ۽ جڻيو. هيڏو وڏو شادمانو. ريوا جي گھر ته هي پهريون موقعو هو، پر جڏهن کان هن ڪراچيءَ ۾ پير پاتو آهي تڏهن کان سندس ڀائرن هن کي دل تان ميساري ڇڏيوهو اتي مامن طرفان ڪا آس رکڻ اجائي هئي! ريواکي دک ٿيندو هو، پر اميا ان جو به رستو ڪڍي ورتو هو. ڪنوار جي پڦي گذاري وئي آهي انهي ڪري پيڪا ڪونه اچي سگهندا. ائين ريوا کي به تڪليف ٿئي پر پيڪي جو ماتم ساهري ۾ ڪهڙي ڪم جو! پر سندس ڀائر وڏي دل وارا آهن. روڪ پيسا موڪلي ڏنا اٿن. ههڙي ٽاڻي ڪُٽاڻي سيڻن سان دک رکون ته ماڻهو ئي نه سڏايون.
ڇاتي تائين گھونگھٽ ڪڍي ان کي ٻن هٿن سان پڪڙي ڪنچن مانڊوئي ۾ ويٺي هئي ته ڪپڙي مان ٺاهيل ڪنهن گڏيءَ جهڙي لڳي رهي هئي. گور مهاراج جي وچان ڏنل پڙدي جي ٻئي پار امرت ويٺو هو. ان جي پويان بيٺل لوڻونتي جيا رکي رکي مڱ لوڻ ڀريل ٽامي جي لوٽي ڀاءُ جي مٿان کڙڪائي رهي هئي.ڪنهن جي نظر نه لڳي وڃي انهيءَ ڪري. پڙدو هٽيو ۽ ڪنچن جو هينئون هڪ ڌڙڪن ڌڙڪڻ کان رهجي ويو.هتي شرم کان ڊپ وارو احساس وڌيڪ هو. هن جي اک ٻوٽجي وئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ هن اڌوگابري نظر سان نهاريو، سامهون اهو ئي ڄاتل سڃاتل چهرو هو، اهو ئي هو! هست ميلاپ جي وقت ڏڪندڙ ساڄو هٿ گھونگھٽ مان ٻاهر نڪتو. گور مهاراج جي ڏسيل ڏس ۾ اڳيان وڌيو۽ امرت جي هٿ ۾ ڏنو ويو. وچ ۾ پيل ناگروَل جي پنن جي آرپار بجليءَ جي هڪ لهر ڊوڙي وئي. ڪنچن گلاب جي ڪنهن مهڪندڙ ٽاريءَ جيان لڏي وئي. هن کان اڳ هڪ ڀيرو امرت جو ڇهاءُ نصيب ٿيو هو. راند ڪندي الاهي دفعا ڪوڏيون ۽ ڪڪريون جھٽيون آهن، ڪيترا ئي دفعا ڊوڙا ڊوڙي ڪندي هڪ ٻئي سان ٽڪرايا آهن. لڱ لڱن سان لڳا آهن. پر هن ڇهاءَ جي جاڳايل ڏڪڻي ته سڌو آخرين ڀيري پيءُ جي در جي چانئٺ تي هنيل ڪنڪو جي چنبي ۾ هميشهه جي لاءِ چٽجي وئي.
اميا کي خوشي هئي ته ڪنچن جو ڪنياڪال پورو ٿيڻ کان اڳ هن جو ڪنيادان ڪري پڃ ڪمائي ورتو آهي. هوءَ ئي ڇو؟ هن جهڙا انيڪ بزرگ هيئن ئي ايڊريو قلعو فتح ڪندا آيا آهن.
(“ايڊريو قلعو فتح ڪرڻ” هڪ اصطلاح آهي)
ڪنچن پرڻجي ساهري وئي تڏهن امرت جي مئٽرڪ جي امتحان کي هڪ مهنو آڏو هو.هو ڄڻ شاديءَ پورتو ئي ڪتابن مان ٻاهر آيو هو! وري واپس امتحانن جي تياريءَ ۾ لڳي ويو. هو لڳڀڳ پنهنجي ڪمري ۾ ئي پڙهندو رهندو هو. روٽي به پنهنجي ڪمري ۾ کائيندو هو. ڪنچن جيا ۽ گنگابا گڏ رهنديون هيو. گھر، ماڻهو ۽ امرت سڀئي اهي ئي هئا پر هاڻي رشتا بدليا هئا. هاڻي کلي پوتي نه پر ساڙي پائڻي پوندي هئي. ديوشنڪر سيٺ هاڻي سُهرو هيو. هن جي اڳيان هاڻي لنگھي نه سگھبو هو. جيا سان مان سان ڳالهائڻو پوندو هو. امرت کي به نالي سان نه سڏي سگھبو هو. سويل اٿي گنگابا سان گڏ وهنجي سهنجي رنڌڻي ۾ وڃڻو پوندو هو. گنگابا ڀڳوان جي پوڄا ڪندي يا مالها جپيندي ضروري سوچنائون ڏيندي رهندي هئي.
ان ڏينهن امرت جو امتحان پورو ٿيو. رات جو گنگا با ڪنچن کي کير جو گلاس ڏيئي امرت جي ڪمري ۾ موڪليو ۽ چيو ' توکي تنهنجي ماءُ چيو هو اهو ياد آهي نه؟ امرت چوي تيئن ڪرڻو آهي. ڪنهن به ڳالهه جي ناڪار ناهي ڪرڻي.' ڪنچن کي ٿيو، اهڙي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه هوندي جا هينئن ياد ڏيارڻي پوي؟ هن مٿو لوڏي هاڪار ڪئي.
صبح جو هميشهه جيان ڪنچن جي اک کلي. ڀر ۾ ستل امرت کي ڏسي هن کي هڪ ئي وقت ڪاوڙ آئي ۽ روئڻ به آيو. جيئن تيئن ساڙهي ٺاهيندي هوءَ گنگابا وٽ ويئي ۽ کيس ڀاڪي پاءِ روئڻ لڳي. هن جي سڏڪن ۾ گنگابا ٽٽل ٽٽل ٻڌو.
' هن .... امرت مونکي .... ماريو ....'
گنگا با لاءِ هن حالت جو مقابلو ڪرڻ سولو نه هيو.پاڻ ٻال وڌوا. هڪ ڪورو ڪاڳر! حالانڪ ٻين جي واتان ٿورا گھڻا اکر اڪلايا هئائين پر هڪ طرح سان ته ڪنچن جهڙي ئي هئي. پتي پتنيءَ جي جسماني رشتن بابت ٻين کان ٻڌي ٿورو ڄاتو هو. وقت وقت تي من ۾ جيڪو ڪجھ جاڳندو هيو ان کي ڌرم ــ نيم جي پردي ۾ دٻائيندي رهي. ڌڪيندي رهي، تنهن جي باوجود اهي شيون مٿو کڻنديو رهنديون هيون. هن ڪنچن کي ڀر ۾ ويهاريندي پٺيءَ تان هٿ گھمائيندي ڌيري ڌيري پڇيو ،' ڇا ٿيو ؟' ڪنچن کي ته ڄڻ ڪو دانهن ٻڌڻ وارو ملي ويو هو، هوءَ چوندي وئي. ڳالهه پوري ڪندي هن ڏٺو ته گنگابا جي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ هئي، نه ڪاوڙ. پوءِ ته گنگابا ڪنچن کي روز زوريءَ امرت وٽ موڪليندي هئي. ڪنچن وڃڻ کان ڪيٻائيندي هئي ته کيس ڪڏهن ڪڏهن چوندي هئي 'پاپ لڳندءِ' ته ڪڏهن چوندي هئي ' ڀڳوان وڙهندءِ' ته ڪڏهن ' تنهنجي ماءُ کي چئي ڏينديس' چئي ڊيڄاريندي هئي. ٻئي ڏينهن کيس پرچائي هڪ هڪ ڳالهه پڇندي هئي. ڄڻ من کي وڻندڙ شربت جا ننڍڙا ننڍڙا ڍڪ ڀريندي رهندي هجي.
هڪڙي ڏينهن اهو سلسلو ٽٽي پيو.گنگابا پوڄا ڪندي چندن ملي رهي هئي ۽ ڪنچن ٿوم ڦولهيندي ڳالهائي رهي هئي، امرت به اتي اچي نڪتو. خبر ناهي گھڻي دير کان هو هتي بيٺل هو ؟ هن جو چهرو غصي جي ڪري ڳاڙهو ٿي رهيو هو۽ گنگا با جو چهرو سفيد پوڻيءَ جهڙو ٿي ويو.ڪنچن کي ٿيو جيڪو ماڻهو ڏوهه ۾ اچي وڃي اهو ڪاوڙ ڪيئن ٿو ڪري سگھي؟ شايد امرت جو قصور نه هجي. اهو ته شاديءَ جي ٽئين سال گنگابا گذاري ويئي تڏهن امرت انهي ڪاوڙ جو مطلب ڪنچن کي سمجھايو هو.
مڱڻي جي مصري چنري اوڍيندي ئي ڪنچن جي ڪاياپلٽ ٿيڻ واري پرڪريا جي شروعات ٿي هئي. اها ٻئي سال پهرين گود جي گوتم جي جنم سان پوري ٿي وئي. شاديءَ جو پهريون سال ته ڄن پاڻ کي ۽ هڪٻئي کي ڳولڻ ۾ ئي پورو ٿي ويو هو. ڪايا جون روز نيون نيون پرهليون ڳوليندي هڪ جو جواب ملندو هو ته ٻي ته ڄڻ گم ئي ٿي ويندي هئي.