مهاڳ : لهرون لهرون شاعري
دلي ڪه ايڪ شهر ٿا عالم ۾ انتخاب
هم رهني والي هين اُسي اُجڙي ديار ڪي.
هندي فارسي شاعريءَ، خسرو ۽ غالب کان سواءِ، پنهنجي ڌرتيءَ جو ذڪر خير ڪو ڪيو آهي. علي حزين جو هڪ شعر آهي:
از بنارس نه روم مصبد عام ست اين جا
هر برهمن پسري لڇمن ورام ست اين جا
(مان بنارس ان ڪري نه ٿو ڇڏيان جو هتي عام عبادتگاهه آهي ۽ هر برهمڻ، ڄڻُ لڇمڻ ۽ رام جو پُٽ آهي.)
گنگا جمنا، برهمپترا ۽ سنڌوءَ وغيره جي ديس ۾ دجله ۽ فرات جون ڳالهيون ٿينديون هيون. علامه اقبال بانگ درا ۽ هماليه تي نظم لکي جو پاسو ڦيرايو ته ايران جي ڪوهه وماند تي وڃي نڪتو. بنگال ۾ مون، فقط چمپا جا سترهن قسم ڏٺا ها، پر برصغير ۾ نرگس ۽ گل لاله سان تشبيهون ڏنيون وينديون هيون، جي گُل فقط ايران ۾ ٿيندا هئا. جتي سنڌ ۽ راجستان جهڙا صحرا ها، اُتي عرب جي صحراءِ نجد جو ذڪر ڪيو ويندو هو. ديومالائن جي ديس ۾ ليلى مجنون، شيرين فرهاد، وامق عذرا، رستم سهراب وغيره جا اجنبي قصا دُهرايا ويندا ها. رُڳو هڪ شعر اردوءَ ۾ پنجاب جي لوڪ ڪهاڻيءَ جي باري ۾ لکيو ويو هو ته اُهو بار بار دُهرائيندا ها. ڄڻُ ته پنجاب تي ڪو احسان ڪيو هيائون.
سنايا رات ڪو قصا جو هير رانجھي کا
تو اهل دل ڪو پنجابيون ني لوٽ ليا
اهو سڀ انهيءَ جي باوجود ته پنجاب جي شهرن پنجابي ڇڏي اردو اپنائي هئي. اردوءَ جي شاعري ۾ محبوب کي اختر شيرانيءَ تائين مذڪر لکيو ويو. اختر شيراني جون عذرائون ۽ ليلائون به رت پوڻيون هونديون ۽ اهي هر نسواني جذبات کان عاري لڳنديون.
اروشي ۽ شڪنتلا جي ديس ۾ عورت کي محبوبه چوڻُ، معيوب سمجھيو ويو. اُمرد پرستي عام هئي ۽ محبوب جو سراپا ڄڻُ پورو مغليه خانو هو. تير نظر، خنجر ابرو وغيره سان محبوب کي ائين شڪار ڪندا ها، جيئن مغليه شهزادا شڪار ڪندا ها. غالب جو شعر آهي.
تم مجھي ڀول گئي هو تو پتا بتلادون
تيري فتراڪ مين ڪوئي ڪبهي نخچير ڀي ٿا.
(تون مون کي وساري ڇڏيو آهي ته توپي پتو ٻڌايان ٿو. ڇا تنهنجي خرزين ۾ ڪڏهن ڪوئي شڪار به هيو؟)
ساري تهذيب جي عڪاسي ڌاري هئي ۽ ايران ، سمرقند، بخارا، افغانستان وغيره تان ورتي وئي هئي. محبوبن جا ڏند مُسيءَ سان ڪارا هوندا ها ۽ چَپَ پان سان ڳاڙها، ڄڻُ هنن ڏائڻن وانگر عاشقن جو خون پيتو هو. انهيءَ شاعريءَ جوتتبع اسان جي غزل گو شاعرن (گُل کان سواءِ) ۾ ملي ٿو. سڀئي ادبي سلهه جا مريض ها، جن هڪ سئو سال شاعرن کي انهيءَ وبا ۾ وچڙائي رکيو ۽ اڃا تائين اُنهن مان ڪي رتُ اوڳاڇيندا ٿا وتن، انهيءَ وچ ۾ ڌرتيءَ جا عظيم شاعر، ڀٽائي، سچل ۽ سامي ڄڻُ وسري ويا ها. اڳين غزل گو شاعرن ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مصرع سنڌي هوندو هو، جيئن ڪنهن ڪنڊيءَ جي منهن ۾ هڪ اڌ ڏند رهجي ويندو آهي، نه ته اڪثر شاعر ڀُڏا ها ۽ هنن اردُوءَ جا پان خور ڏند وجھرايا ها. اهڙِي شاعريءَ خلاف بيوس
پهرين بغاوت ڪئي. آخر ان جي ساري عمارت اچي ڦهڪو ڪيو. اردو شاعري به موضوع جي حد تائين بدلجي وئي. ميراجي، فيض، راشد وغيره ان ۾ ڪافي انقلاب آندو. ٻوليءَ جي لحاظ کان ان جي فارسي آميزيءَ ۾ فرق نه آيو ۽ ساري جا ساري مصرع فارسي هوندا ها. آرزو لکنوي، عظمت الله، سيد مطلبي فريد آبادي، ميراجي، فراق گورکپوريءَ جن ٻوليءَ ۾ ڏيهي لفظ آندا. اُنهن ۾ ايترو جينيس ڪونه هو، جو زبان جو مزاج بدلائي سگھن. علامه اقبال جي ٻولي به غالب واري آهي. ان ڪري اردو شاعري ۾ اڄ تائين جمود آهي. سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ ڀرپور انقلاب آيو آهي ۽ ان ۾ اڌ صديءَ کان وڌيڪ وقت لڳي ويو آهي. اڄ سنڌ، هڪ ماکين جي ماناري وانگر آهي. جتي ڪيئي شاعر گُنگُنائي رهيا آهن. مون کي ٻارنهن تيرنهن ورهين جي عمر ۾ فارسي بحر وزن تي مڪمل دسترس هو. پوءِ مون ان ۾ ڪيئي تجربا ڪيا، جي بنهه سنڌي آهن. مون سنڌ جا ڪلاسيڪي اسلوب بيت ۽ وائي به وري جيئاريا آهن ۽ ٻي هر صنف سُخن تي (سواءِ ترائيل جي) لکيو آهي. اڄڪلهه جديد شاعر پنهنجو پاڻ تي ڪوبه زنجيرُ رکڻُ نه ٿا چاهين. انهن جون اکيون کُليل ۽ پير آزاد آهن. ادل سومرو انهن مان برکُ شاعر آهي. هن به ڪيترن صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر غزل، بيت، وايو، ٽيڙو ۽ نظم، آزاد نظم هن سُٺا لکيا آهن. جن مان ڪجھ شعر هي آهن.
•
جيڪا هاريءَ جي هٿن مان ٿي ڦُٽي
روشني سائي ٻنين ۾ ٿي رهي.
بُک تي آهي سُتو جو آدمي
زهر ان جي اڱڻ تي چاندني
محبوبن جي آمد کان اڳ
هُٻڪارون ڳالهائن ٿيون.
هلندڙ بس مان ڳوٺ جو منظر
بارَ جھُڳيون ۽ گدلو سينور.
زندگي پياري ڪيائون ديس کان
هاڻي ويٺا سنڌ لئه روئن سڪن.
ڍورن ڍانچا رڻَ ۾، مٿان چمڪي چنڊُ
ٿاريليءَ جو جنڊُ، اڃا ترسي ان لئه.
تو جي نيڻ کنيا هن مُرڪي
دل جي ٿر تي باکَ ڦُٽي آ.
هُن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪر
چند ڳوڙهن ۾ ڇا رکيو آهي
پلازا جي پيرن ۾ جھُڳيون
هر فليٽ مان اک نهاري
ڄڻُ ٿيا بيڪار ڪنهن پٿر جيان
جن چپن جي ڀاڳَ ۾ ناهي چُمي
ڪکائن گھرن ۾ جنم ڏينهن ڪهڙا
جتي هر خوشي ٿي اچڻ کان لنوائي.
منهنجو ساهه سمونڊ، لهرون لهرون تُون
ڪڏهن نه ڀانيو مون، پري توکان پاڻ کي.
ڦُٽن ڦُولن وانگيان، چميون چپن تي،
جڏهن جوڀن کي، رنگ لڳي ٿو پيار جو.
اوجاڳي اکين ۾، ٻاريو آهي مچُ
ننڊ اسان وٽ اچُ، سپُنا کڻي سونهن جا.
جسم جي اوندهه سڄي ويندي هلي
ذهن ۾ هڪڙوئي ڏيئو ٻار تون.
ادل سومرو ۽ اياز گُل، منهنجن انهن نوجوان دوستن مان آهن، جي سکر ۾ گھڻو ڪري، منهنجي گھر ۽ آفيس تي ڀيرو ڀريندا هئا ۽ انهن سان ادبي رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. منهنجا ذري گھٽ هم عمر دوست، مرحوم رشِيد ڀٽي، تنوير عباسي، فتاح ملڪ جن به جڏهن ادبي ڪچهريون
ڪندا هئا ته ادل سومرو ۽ اياز گُل به ڪنهن ڪنهن وقت انهن ۾ شريڪ ٿيندا هئا. اُن وقت هو ٻئي اُڀرندڙ شاعر هئا ۽ ٻئي لڳاتار اڻٿڪ محنت سان پنهنجيءَ شاعريءَ کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪندا هُئا. ادل سومري سان ته منهنجي بيحد سِڪ آهي. ڇوته هو مُنهنجي گھر اچي ڏينهن جا ڏينهن منهنجا ڪتاب اُتاريندو هيو. انهيءَ ڪم ۾ ڪنهن وقت هن کي سارو سارو ڏينهن به گذري ويندو هو ۽ اسان ماني به گڏجي کائيندا هئاسين. شام جو پُراڻي سکر جي گھٽين ۾ هو ۽ مان گڏجي چڪر ڏيندا هئاسين ۽ ان وقت ائين لڳندو هيو ته گھٽين جي مٿان چنڊُ اسان جي گُفتگو دلچسپيءَ سان ٻڌي رهيو آهي. مان، ادل کي پوري دنيا جي ادب ۽ پنهنجي زندگيءَ جي تجربن ۽ مشاهدن بابت ڳالهيون ٻڌائيندو هوس.
ادل سومري، جڏهن شاعريءَ جي شُروعات ڪئيته ان وقت ڪوبه چڱو شاعر ڪنهن استاد کان باقاعدي شعر جي تربيت نه وٺندو هو، پر پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جي زور تي لکندو هو ۽ ادل سومري به ائين ڪيو. هن سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجو اُستاد بڻايو ۽ اڄُ جيڪو هُن جي شاعريءَ ۾ رنگُ آهي ان ۾ ادبي سنگت جو به حصو آهي. ادل شخصي طور تي به نئين دؤر جي شاعرن ۽ ليکڪن تي ايترو اثر انداز ٿيو آهي، جو هن کي سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو آهي. شاعر جي حيثيت ۾ به هو نئين دؤر جي شاعريءَ تي پنهنجو اثر وجھي چُڪو آهي. هن وقت تائين به هن جيڪي ڪُجھُه لکيو آهي اُن کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. سندس تخليقون سنڌي ادب ۾ سٺو اضافو آهن. جن ماڻهن ۾ ڏات جو ڏيئو ٻرندو آهي ته اهي ترقيءَ جي راهه ۾ ٿيڙ ٿاٻا گھٽ کائيندا آهن. ۽ تمام تيزيءَ سان منزلون طيءِ ڪندا ويندا آهن. ادل جي شاعري به ٿوري عرصي ۾ حيرت انگيز ترقي ڪري چُڪي آهي. مونکي اميد آهي ته جي هو پنهنجي ذوق شوق سان شاعري جي تخليق ۽ ٻئي ادب جو مطالعو
انهيءَ ساڳئي رفتار سان جاري رکندو ته ڪو وقت اهڙو ايندو جو هو سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ شمار ٿيندو.
هي ڪتابُ مون وٽ ٻن سالن کان مُهاڳ لاءِ پيو آهي. ان وچ ۾ ادل سومري گھڻو ڪجھ لکيو آهي، جو اڳي کان به بهتر آهي. هن جا اڪثر آزاد نظم نهايت خوبصورت آهن. اُنهن ۾ بحر وزن جي پابندي نه آهي. اُهي فقط بحر وزن جي سرحدن کي ڇُهن ٿا، پر انهن ۾ نواڻ آهي، تازگي آهي، بيپناهه شعريت آهي ۽ جديد انگريزي شاعريءَ وانگر رڻَ ۾ رُلندڙ هرڻ وانگر خوبصورت آهن. اُن هرڻ جو خاص دڳُ نه هوندو آهي، پر جڏهن سج لٿي واٽڙين مان پاڻي پيئندو آهي ته ان جي تصوير ازل جي عڪس وانگر لڳندي آهي.
•
مان ڄاڻان ٿو اڄ اوهان وٽ
ريٽي رتُ جا سارا گُل
بوٽن هيٺيان چچريا ويا هن
ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪين ٿو پسجي
پاريهر جو آکيرو ڪو
چؤڏس آهي رتُ جي خوشبو
کنڊر آهن ساريون وستيون
ڊٺل جاين جي کنڊرن مان
ٻار پيا ڳولن رانديڪا
اسڪول اُجڙيل ۽ اسپتالون آهن آباد
تنهنجا وطن پرست ڀائر
جن، ڄائي ڄَمَ کان آهي ٻُڌو
گولين جو آواز
خوبصورت ڇوڪرين بدران
رائفلون آهن جن جون محبوبائون
ڏاڍ سان جوٽي جنگ بيٺا هن.
ڏاڍ جو ڪوئي ڌرم نه ديس
ڪابه نه ٻولي ۽ لولي
ڏاڍ نه عربي يا ڪو عجمي
ڏاڍُ ته آهي وحشي انڌو
هيڻن کي هيسائي مارڻُ
اُن جو ڌنڌو
(نظم ” جوڀن رُتَ جا ڳاڙها خواب ” جو حصو)
بابل تنهنجا پورهيت هٿ
ڪيڏا کهرا ٿي ويا آهن
تنهنجي هٿ جون هڙ ريکائون
پٿر بڻجي ويون آهن.
چهري منجھه لڪيرون ائين
ڄڻُ ڪنهن ڳتيل شهر جا رستا
اگھه پورهئي جا ڪيڏا سستا!
تُنهنجون سارون سُندر سوچون
ذهن، نگر ۾ ڊوڙي ڊوڙي
هاڻ ته ٿڪجي پيئيون آهن
وڏگھراڻي محبوبا جان
ننڊ به توکان ڏُور وئي آ
(نظم ” مايوسين کي موتُ به ايندو ” جو حصو)
ڪيئي ڏيهي اغوا ٿي ويا
گولين آڏو پُرزا ٿي ويا
ڀنل اکين جا سڪا ٿي ويا
ڊنل دلين جا دهڪا ٿي ويا
بازارون ڀڙڀانگ سموريون
اونداهيءَ جي چادر اوڙهي
رات جي ناتر ناچ نچي ٿي
چٻرن جا آواز اچن ٿا.
( نظم ” امن جا وٿاڻ، ڪتاب ۽ قبرستان “ جو حصو )
اهڙا ٻيا به نظم آهن. جيئن ”هر ڏس ۾ هيڊاڻ آ ڇانيل“، ”ٿڪل زندگي“، ”ڌرتيءَ تي دوزخُ“، ”وڇوڙي جو ڪارڻ“، ”ڏُکن جي سرحد وٽ روڪيل خوشيون“، ”وڇوڙي جي مند جي پهرين برسات“، ”نيروليءَ جو خُوابُ“ ۽ ”پاڙون“ وغيره. اها ڪيفيت هن جي ٻي شاعريءَ ۾ به ڪٿي ڪٿي ملي
ٿي. ادل سومري ۾ جو انسان آهي، ان ۾ قوميت به ڀرپور آهي ته بين الاقواميت به ڀرپور آهي. پوءِ به هن جي شاعري سياست سان واڳيل نه آهي ۽ اها آزادي به هن جي بحر وزن مان آزاديءَ وانگر آهي. اياز گُل وانگر ادل، شاعري ۾ اُنهيءَ دؤر جو آئينه دار آهي، جيڪا پنهنجا اسلوب ڳولي لهندي ، پنهنجا موضوع ڳولي لهندي، جن تي سنڌ جي مُهر مثبت هوندي پر پوءِ به انهن جي آفاقيت مجروح نه ٿيندي.
[b]شيخ اياز
[/b]