ڌرتيءَ تي گُلاب ته آخر ٽڙڻا آهن (هوشوءَ جي نالي)
هڪ هابيلي، ٻيو قابيلي
هابيلي هُٻڪار ڪري ٿو
قابيلي ڪنڊا ٿو پوکي
قابيلي ٽولي جا قاتل
ٿُوهر ڪنڊا کڻي هٿن ۾
خوشبوءَ جي ڳولا ۾ آهن.
رهزن، خوني، استحصالي
هن ٽولي جا ساٿي آهن.
سنڌ ۾ سارا قابيلي
درٻارن جا پاليل ماڻهو
رُتبي کي محفوظ رکڻ لئه
خوشامد جي سَنَدَ وٺڻ لئه
موهن جي دڙي کان دُٻي تائين
ڌُر بڻيا هن ڌارين جي
انگريزن ۽ آرين جي
دُبي جنگ ۾ گوري سان
پنهنجي ديس جو ٺوڙهو آهي.
سچُ ڪيو سنگسارُ ويو آ
حق جا هوڪا پوءِ به هر ڪنهن
ٻوليءَ منجھه ٻُريا آهن.
سنڌ هُجي يا سينتياگو
سچُ سدائين سينو تاڻي
ڪُوڙ جي سامهون آيو آهي
توڙي رتوڇاڻُ ٿيو آ
آڻ مڃيندي ڪين جھُڪيو آ.
هٿيارن بارودن سامهون
هابيلي ٽوليءَ جو هوشو
ڌرتيءَ خاطر ويڙهه ۾ وڙهندي
گجندي گجندي ڳاڙهو ٿي ويو
مظلومن جو نعرو ٿي ويو
مٽيءَ جي تاريخ لکي ويو.
سنڌوءَ جي سُرهاڻ جي دشمن
قابيلي ٽولي جي نيپئر
دُٻي جي ميدان ۾ مرڪي
ڪارو ڪارو گُلاب ٽوڙيو هو
۽ قانون جوڙيو هو:
”آزاديءَ جا گُل نه ڪوئي پوکيندو“
پر هُو گورو مت جو ٿورو
ڪين اهو ڄاڻي هو سگھيو
آزاديءَ جي خوشبو هرهنڌ
سگھيو نه آهي قيد ڪري ڪو.
ڪوبه قابيلي، قوت سان ڀَلُ
هٿيارن سان هيسائي
يا مالهي سارا مارائي
پر ڌرتيءَ تي گُلاب ته آخر ٽڙڻا هن
ڌرتيءَ تي گُلاب ته آخر ٽڙڻا هن
* غلام محمد ٺوڙهو، جنهن دُٻي جي جنگ ۾ غداري ڪري، مير شير محمد جي بارود کي باهه ڏني هئي