ڌرتيءَ تي دوزخ
گندي پاڻيءَ جي دُٻن ڪپَ تي
جوڙيل ڪوجھن جھُوپن ڀرسان
اچي لنگھين ٿو،
ٿُڪ اڇلين ٿو.
ڌڪار مان تون ناسن تي رومال رکين ٿو
ڪرڀ منجھان مُنهن ۾ سونڊ وجھي
پوءِ چوين ٿو:
”هي گندا ۽ جھريل جھُوپا
سندر سماج جي چهري تي
ڪارنهن جو ڄڻُ ٽڪو آهن
۽ رهواسي
هيچ نيچ ۽ جاهل آهن.“
اُنهن جھُوپن ۾ رهندڙ ماڻهن
ڪنهن جي جوت اُجھائي ناهي
ڪنهن جي دل رنجائي ناهي
ڪنهن جي لَڄَ کڻائي ناهين
انهن ويچارن سادن ماڻهن
جيڪو ٽاڻو ٽاريو آهي
گوندر منجھه گذاريو آهي.
غربت جي ان ڏوهه ۾ هو
ڏيهاڙي پوءِ سُور سهن ٿا
ماٺ رهن ٿا
روز جيئن ٿا روز مرن ٿا.
ساري ڏينهن جا ڏنڀ سهن ٿا
رات جو اُڀَ ۾ تارا ڏسندي
هي واچارا سادا ماڻهو
ليڙون ليڙون جھول جھلن ٿا
ڪوبه تارو ڪين ڪري ٿو
چنڊ ڪري ٿو تن تي چٿرون
تارا ٽهه ٽهه ٽهڪ ڏين ٿا.
۽ پوءِ
دوزخ جهڙي ڌرتيءَ تي
ساڳيو ڏک جو ڏينهنُ تپي ٿو
سُورن جو سِجُ اُڀري ٿو.