اباڻي شهر ۾ اجنبي
ڏسي رندَ رستا
ٿيا خُوابَ پورا
خوشيءَ جي اکين مان ڪريل چند ڳوڙها
مٽيءَ ۾ ملي ويا،
ڌرتيءَ سُڃاتو منهنجو نينهن ناتو
اُهائي گھٽي جنهن ۾
ننڍپڻُ جو تون ۽ مان
گڏجي ڪُڏياسي
رُناسي کِلياسي
رُسڻ ۽ ٺهڻ جا سوين سانگ ٿيا ها،
مگر اَڄُ اُتي ڪجھه به ناهي رهيو.
اُهو گھر جنهن ۾ ٿيو هو جنمُ
۽ ماتا جي جنهن ۾ ملي هُئي مُحبت
اُهو گھر ته اڄُ به ساڳيو ئي آهي
مگر منهنجو ناهي.
دل ۾ اهائي هئي آس مونکي
ته پنهنجي اباڻي گھر جي اَڱڻَ ۾
گھڙي پل ويهي
ننڍپڻ جي يادن کي واپس ورائي
ٻه ٽي لُڙڪ لاڙي
هليو پوءِ ويندس.
مگر گھر جي درَ کي لڳل لوهي تالي
مُرڪي ڪئي ڄَڻُ ته مون تي ٺٺولي
۽ منهنجي اکين جا
ٿيا عڪس ڌنڌلا
گھٽيءَ منجھه مُونکي سُڃاتو نه ڪنهن
اباڻي شهر جا سڀئي گَسَ ڌاريا.