آدم جو اولاد
نڪو ماڳ آهي نه منزل اسان جي
ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو ته انسان آهيون،
اسان جو دنيا ۾ اچڻ جو آ مقصد
اوهان جي درن تي ڳڀي لئه صدائُون
اسان جون هي سکڻيون صدائون ۽ دانهون
اوهان جي درن تي ائين پيئيون گُونجن
جيئن ڪنهن خاموش بيابان ۾
بارڊر جي لوهي ڪنڊن منجھه ڪوئي
پکي پنهنجو هڪ پَرُ ڦاسائي لٽڪي
ڏاڍي درد مان ڪي ڪري ڪُوڪراٽيون.
سندس ڪُوڪراٽيون بيابان ۾
پڙاڏا پڙاڏا ٿيو ٿيون وڃن
اهي ئي پڙاڏا پوءِ واپس وريو،
پکيءَ جي ڪنن ساڻُ ٽڪرائجن
ائين ئي اسان جون هي جھيڻيُون صدائُون
بنگلن اوهان جي ۽ اوچين پُختين
سُهڻين ڀتين ساڻُ ٽڪرائجي
واپس اسان ڏي وريو ٿيو اچن.
اوهان ئي وري پوءِ آڏو اسان جي
ڌرمن جا دستُور ساڳيا پکيڙي
جڏهن جوشَ مان هيءُ هوڪو هڻو ٿا:
”اسين سَڀُ آدم جي اولاد آهيون“
تڏهن پوءِ اسان کي ائين ٿو لڳي ڄَڻُ
اوهان جنهن آدم جي اولاد آهيو
اُهو هو ڪو آدم سُکيو ۽ سَتابو
وٽس جامُ ڏوڪڙ ها بنگلا ۽ ڪارون
اُنهيءَ آدم جي ڪنڌَ ۾
لڳل هو ڪِلو ڪو
اوهين بي رحم آدم جو اولاد آهيو
اسين جنهن آدم جو اولاد آهيون
اهو هو ڪو آدم سُڃيو ۽ بُکيو
لُولو ۽ لنگڙو، اکين کان انڌو
بيوس ۽ مجبور لاچار هو ڪو
پنهنجي پيٽ خاطر
هُو شايد سڄو ڏينهن
گھر گھر جي دَرَ تي ڏيندو صَدا هو.